اسين رھون نه رھون، سنڌ سدائين رھڻي آھي
رکيل مورائي
ورهاڱو سنڌ لاءِ هونئن ته ڪيترائي عذاب کڻي آيو، پر اُن سنڌ کي جيترو
عملي ۽ ادبي نقصان ڏنو ان جو پوراءُ سنڌ اڄ تائين نه ڪري سگهي آهي. مثال طور اسان وٽ
سنڌي ادب ۾ ڪوبه لاجواب تنقيدي ڪتاب اڄ تائين نه اچي سگهيو آهي. ويهين صديءَ جي آخري
ڏهاڪي ۾ مس سنڌي ڪهاڻي وڏيري جي اوطان مان نڪتي، ڪوبه جديد ناول سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ تائين
اڻ لڀ آهي. شاعري ۾ ورهين کان ساڳيا ساز ۽ ساڳيا راڳ آهن ڪو نئون ويچار سنڌي شاعري
نه ڏيئي آهي. پوين ويهن سالن ۾ ٻن هٿن جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نوجوان شاعر پنهنجي نئين
ويچار سان سنڌ ۾ موجود آهن. جيتوڻيڪ سنڌي نوجوان مشاعرن جي فهرست هڪ ٿيسز ۾ سموهڻ جيتري
آهي. ايئن نيئن تحقيق وغيره به ساڳين پيچرن تي هلي رهي ته تخليق به جنهن ۾ سنڌي ناٽڪ
اڄ اسان وٽ ڳوليو نٿو لڀي. انهن سڀني ڳالهين جي چوڻ جو مقصد اهو بنهه نه آهي ته ورهاڱي
کان پوءِ سنڌ ۾ اوندهه ٿي وئي آهي. پر گهٽ ۾ گهٽ ورهاڱي کان پوءِ ان وقت لکندڙ نسل
جي پڄاڻيءَ تي خاص طور ايڪيهين صديءَ ۾ سنڌ پنهنجي ادبي حوالي ۾ ڪاغير معمولي لکڻي
ڏني آهي، اهڙو ڪجهه به نه آهي. ڪهاڻي، ناول، تنقيد ۽ تحقيق ۾ اهڙو ڪوبه مثالي ڪتاب
جنهن کي اڄ جي حوالي ۾ اسين مثال ڪري پيش ڪيون مان نٿو ڀايان ته ايڪهين صديءَ ۾ لکندڙ
نسل ڏيئي سگهيو آهي، ان باوجود به اسهمتي جا سڀ رستا لکيل آهن ۽ وڌيڪ خوشي سنڌ توڻي
هند جي سنڌي ادب کي تڏهن ٿيندي جڏهن ڪوبه نوجوان اهڙو چئلينج کڻي ڪابه غير معمولي لکڻي
ادب کي ڏئي وجهي، تخليقي طور نه به سهي، تحقيقي ۽ تنقيدي طور ته ڏئي سگهي ٿو.