30/11/2012

سنڌ جي زندهه تاريخ جو تخليقي سفر - همسفر گاڏهي


امرجليل:
سنڌ جي زندهه تاريخ جو تخليقي سفر
همسفر گاڏهي
امر جليل
اڄ ملڪ ۾ آپگهاتي حملن جو زور آهي ۽ ڪوبه شريف ماڻهو جيڪو پنهنجي آزاد راءِ رکي ٿو، اهو محفوظ ناهي. جڏهن ته حق سچ جي ڳالهه چوڻ تي گستاخِ رسول جي تُهمت ٺهي ٺُڪي پئي آهي، جنهن وسيلي انتهاپسند سماج جي ڪنهن به فضيلت ڀرئي ماڻهو جو سر کڻي سگهن ٿا. تڏهن آءٌ ان بزرگ سامهون چانهه جي سِپ ڀريندي سوچيان ٿو ته هي اهو ئي شخص آهي، جنهن اڄ کان ڪيئي ورهيه اڳ مذهبي متڀيد، ڪٽرپڻي ۽ نفرت جوشڪار ٿيل هڪ هندو ڪٽنب جي پيڙا کي پنهنجي ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ جو موضوع بڻايو ۽ پوءِ پاڻ اهڙي متڀيد جو شڪار بڻيو جو سندس لاءِ جهڙوڪر ڌرتي سوڙهي ڪئي وئي هئي. اهو شخص ٻيو ڪو نه پر سائين امر جليل آهي، جيڪو اڄ عمر جي آخري حصي ۾ به ان مذهبي ڪروڌ خلاف ساڳي ئي اسپرٽ سان جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ اُن تان تر جيتروبه پٺتي ناهي هٽيو. هو جسماني طرح ڏٻرو ضرور ٿيو آهي، پر سندس خيال اڄ به ”ٿي تند وڙهي تلوارن سان“ وانگر سگهارا آهن.

شاعري دل جو آواز آهي - ڪريم لغاري


شاعري دل جو آواز آهي
ڪريم لغاري
الائجي ڇو مون کي شاعري انساني ذهن جي هڪڙي عجيب ڪيفيت جو اڪيلو آواز محسوس ٿيندي آهي، ڇو جو شاعري بيگانگي جو اظهار آهي! سچ آهي بغاوت آهي، انقلاب جو رستو آهي.
آئون هن عهد ۾ شاعريءَ جي حق ۾ آهيان، ڇو جو عظيم شاعرن جنگن جي، بربادين جي، ظلم جي، استحصال جي ۽ تاريخي جبر جي مخالفت ڪئي آهي! ۽ ٻئي پاسي کان شاعري محبوب جذبن جو اظهار به رهي آهي.
نرودا ۽ چلي جي ڊڪٽيٽر پنوشي جي وچ ۾ ڪو مال تي جهيڙو ڪونه هو. نرودا مظلومن جي ڌُر هُيو ۽ پنوشي ظالمن جي.
ڀلا محمود درويش عرب ۽ سامراجي حڪمرانن جي ڪا چوري ته ڪانه ڪئي هُئي.

29/11/2012

ڪتاب ”ڪينرو ڪيسين وڄايان“ - محمد سليمان وساڻ


مشتاق سعيد جي شاعريءَ جو ڪتاب ”ڪينرو ڪيسين وڄايان“
محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي لاڙ پٽ واري علائقي سجاول سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر مشتاق سعيد جي شاعريءَ جو نڪور ڪتاب ”ڪينرو ڪيسين وڄايان“ منهنجي هٿن ۾ آهي. سوچي رهيو آهيان ته مشتاق ايڏو تيزي سان لکي رهيو آهي، جو هڪ ئي سال ۾ سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آهن، جڏهن ته سندس شاعريءَ جو چوٿون ڪتاب به ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي. هن کان اڳ سندس شاعريءَ جا ڪتاب ”ڌيمي وهڪ درياء جي“ ۽ ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو“ هن ئي سال 2012 ۾ ڇپيا آهن.

ڪتاب ”ياد گهر“ جو ”اڌورو“ جائزو - پروفيسر نذير احمد سومرو


ڪوثر ٻرڙي جي ڪتاب ”ياد گهر“
جو ”اڌورو“ جائزو
پروفيسر نذير احمد سومرو
ادب جي دنيا ۾ خطن کي وڏي اهميت حاصل آهي. ڪو زمانو هو جڏهن ڪبوتر خطن پهچائڻ جو ڪم ڪندا هيا، پر جڏهن پرنٽ ۽ پبليڪشن جو دور آيو ته ذاتي، شخصي هڪ هنڌ گڏ ٿيل، لڪيل ۽ گڏ يا محفوظ ٿيل خط ورقن جي ور چڙهيا، جو خط و ڪتابت باقائدي هڪ فن جي صورت اختيار ڪئي. مغربي ادب ۾ ته Epistle writing هڪ مستند ادبي شيءِ سمجهي وڃي ٿي. انگريزي زبان جو لفظ Epistle  يوناني لفظ Episteme مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ ڄاڻ يا علم آهي (انگريزي زبان ۾ Epistolary انهيءَ ڪتاب کي چئبو آهي، جيڪو خطن جي مجموعي تي مشتمل هجي).

سفرنامو ”فارس جو مسافر“ - اظهار سولنگي


نور خان محمد حسني جو سفرنامو
”فارس جو مسافر“
اظهار سولنگي
ادب ۾ سفر نامي کي اهم حيثيت حاصل آهي، اسان جا اديب ۽ سياح سفرنامن کي پڙهي اهم معلومات حاصل ڪن ٿا ۽ منجهن مختلف ملڪن جي سير ڪرڻ جو چاهه پيدا ٿئي ٿو. سفرنامن ۾ اسان جا سياح جن جن ملڪن جا دورا ڪندا آهن، انهن ملڪن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، تهذيب، ثقافت، تاريخ، جاگرافي ۽ قديم آثارن کي ڏسي پنهنجي سفرنامن کي اسان تائين پهچائيندا آهن. اسان انهن مان ڪافي معلومات حاصل ڪئي آهي ۽ ڪندا رهون ٿا.

28/11/2012

سعيد سومري جي ”اڌ خيال جي خاڪ“ - رکيل مورائي


نوجوان شاعر سعيد سومري جي ”اڌ خيال جي خاڪ“
رکيل مورائي
ادب ۾ سدائين تجربن جي لاءِ رستو کليل رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو قبول ڪيو ويو آهي ته ورجاءَ کان نواڻ بهتر آهي، ذڪر هيٺ آيل ڪتاب لاءِ به ليکڪ پاران اهو ڄاڻايو ويو آهي ته هن ڪتاب ۾ هڪ تجربو ڪيل آهي، اُهو هيءُ ته هن ڪتاب ۾ هڪ سَو غزل آهن ۽ اُهي هڪ ئي بحر وزن تي لکيل آهن.
هن ڪتاب جو نالو ”اڌ خيال جي خاڪ“ آهي ۽ هن جو تخليڪار اسان جو دوست ۽ خوبصورت شاعر سعيد سومرو آهي. سعيد پڪ سان تخليقي دنيا جو شخص ته آهي ئي، پر سندس ٻي ۽ اهم سڃاڻپ اها به آهي ته هو سنڌ جو هڪ اهڙو پبلشر آهي جنهن نئين ٽهيءَ جي هڪ وڏي انگ کي صاحب ڪتاب بڻايو آهي. جڏهن اسان جا ادارا زوال ڏانهن وڃي رهيا آهن اتي سعيد سومري جي ’ڪنول پبليڪيشن‘ پاران مسلسل، لڳ ڀڳ هر مهيني ڪتاب اچڻ سنڌي ادب لاءِ ڀاڳ ڀري ڳالھه آهي. هاڻ سعيد جي ڪتاب ”اڌ خيال جي خاڪ“ بابت ڪجھه!

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا وفات کان پوءِ ڇپيل 12-ڪتاب - احسان دانش


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا وفات کان پوءِ ڇپيل 12-ڪتاب
هڪ جائزو
احسان دانش
زندگي به ڄڻ ڪا عجيب ڳجهارت آهي يا وري ڪو منجهيل سُٽ، جنهن کي ماڻهو جيترو سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي اوترو ئي الجهندي ئي ويندي آهي. جيوَن جي ان ڳـٺ جوڙ ۽ ڊُڪ ڊوڙ ۾ ڪي ٿورا ماڻهو هوندا آهن جي وقت جي سيما پار ڪري سڦلتا ماڻي سگهندا آهن، باقي اڪثر ماڻهن جو درد ئي مقدر بڻبو آهي. درد جيڪو دل جي ديوارن کي ڌوڏي ڇڏيندو آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن وجود کي ريت جي ذرن جيان وکيري ڇڏيندو آهي. ٿورا ماڻهو هوندا آهن جن کي حياتيءَ ۾ محبت جا ڪي اهڙا پل ملي ويندا ويندا آهن جيڪي جيون جو اڻ کٽ سرمايو بڻجي ويندا آهن. هونءَ ته محبت هڪ احساس آهي جيڪو من جي آڳر تي مسرت جا گل مهڪائي ٿو، پر جڏهن اهو ساڳيو احساس ڪو وجود بڻجي اڳيان اچي، ته اهو محبت ٻرڙي کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ٿو ٿي سگهي....

وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لِنڪ تي ٽڙڪ ڪيو:

نجم عباسي جي فلسفي جي چيرڦاڙ - پروفيسر نذير احمد سومرو


نجم عباسي جي فلسفي جي چيرڦاڙ
پروفيسر نذير احمد سومرو
نجم عباسي
هر انسان ۾ فطري طور نالي، شهرت ۽ نانءُ نيڪي ڪڍرائڻ جي بُک هر وقت ۽ هر عمر ۾ موجود رهي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان قسم جي بُک ڪِن ۾ ٿوري ۽ ڪِن ۾ گهڻي ٿئي ٿي. ڪجهه ماڻهو، ان بک جو پورائو ڪرڻ خاطر اهڙيون ته نازيبا حرڪتون ڪندا آهن جو نه رڳو پنهنجي ملڪ ۽ پرڳڻي ۾ مشهور يا بدنام ٿي ويندا آهن پر سندن بدناموسي يا بدنامي، ملڪي سرحدون به ٽپي ٻين ملڪن تائين پهچي ويندي آهي، جنهن کي اردو جي هڪ ضرب المثل شعري سٽ؛ ”بدنام هوئي تو ڪيا نام نه هوگا؟“ وانگر، پنھنجي ”هاڪ“ سمجهندا آهن.
اهڙن نام- ڪٺين يا بدنام ماڻهن جي، هڪ اڻ کُٽ فهرست اسان جي سنڌ سڳوريءَ ۾ موجود آهي. هتي ”خرار مان نموني جي مُٺ“ طور هڪ اڌ مثال، غير ملڪين جي، ڏيڻ تي اڪتفا ڪجي ٿي. انڊيا ۽ برطانيه جي ٻِٽي شهريت رکندڙ، شيطاني ذهن، جنوني ۽ ناقص العقل پر پنهنجي پَرِ ۾ پاڻ کي عقلِ ڪُل سمجهڻ  واري سلمان رشديءَ جو شمار اهڙن نام- ڪٺين يا بدنامِ زمانه ماڻهن ۾ ٿئي ٿو. سندس زندگي، سندس لاءِ ڪيڏي نه ڏکي ٿي وئي آهي جو الله پاڪ جي هيڏي وڏي ۽ وسيع ڌرتي به سندس لاءِ تنگ ۽ سوڙهي ٿي وئي آهي. ايتري تائين جو برطانيه جهڙي ملڪ ۾ به اشتهاري مجرمن وانگر جايون بدلائي لڪندو وتي ٿو. گذريل سال وري جڏهن هندستان ويو ته ڪنهن به ادبي تقريب ۽ مشاعري ۾، ڪوٺ جي باوجود، وڃي نه سگهيو. هڪڙي رات ۾، سواءِ ڪنهن کي ٻڌائڻ جي، ڀوپال مان جهاز رستي، دڳَ مٽائيندو، ڪلڪتي کان ٿيندو، چورن وانگر انڊيا مان ائين ڀڳو جو لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي تي به ساهه پٽڻ جي مهلت ڪونه مليس!

27/11/2012

ادب ۽ صحافت جو جائزو - معمور يوسفاڻي

ادب ۽ صحافت جو جائزو
معمور يوسفاڻي
خوش نصيب آهي ٿرپارڪر جي ڌرتي، جنهن جي پاتال يا پاتار شهر کان، سنڌي ادب جي تاريخ شروع ٿئي ٿي، جيڪا ان دور کان وٺي تيرهن صدي عيسوي تائين به هن ضلعي جي ڌرتي مان ٻاهر نه ٿي نڪري، ماتنگ فقير، سمنگ چارڻ، ماموين جو ٽولو، منڌرو شاعر وغيره سڀئي هن ئي ڌرتيءَ سان لاڳاپيل هئا ۽ سومرا دَور جو ڀاڳو ڀان، بدين توڙي ٿرپارڪر، ٻنهي ضلعن جي زمينن سان وابسته هو. اهڙيءَ طرح سما دور ۾ سمنگ ثاني، ارغون ترخان دور ۾ پيراڻو ڀنڀرو، مغل دور ۾ اويڙ فقير، ڪلهوڙا دور جا عبن فقير، رحيم ڏنو فقير، ميهار فقير، علامه مهرو، حڪيم ۽ مهراڻ ٻڍاڻي پڻ ڄاتل سڃاتل شاعر هئا، جن مان رحيم ڏنو ۽ ميهار فقير، حضرت ڀٽ ڌڻيءَ﷣ جي خاص دوستن مان هئا ۽ علامه مهرو وقت جو وڏو عالم ۽ مفسر پڻ هو.

روسي هيئت پسندي ۽ نئين تنقيد - اڪبر لغاري



روسي هيئت پسندي ۽ نئين تنقيد
(Russian Formalism & New Criticism)
اڪبر لغاري
روسي هيئت پسندي
ادبي تنقيد ۾ ادبي فن پاري جي تفهيم، تجزيي ۽ ادبي حيثيت متعين ڪرڻ لاءِ مختلف نقادن مختلف ماڻ ۽ ماپا مقرر ڪيا آهن، جن ۾ هيٺين ٽن پاسن جي خصوصي اهميت آهي:
۱. هيئت (Form)
۲. مواد (Content)
۳. آڳو پيڇويا سياق و سباق (Context)
اڄ کان اٽڪل هڪ صدي اڳ، ۱۹۱۶ع ڌاري روسي اديبن ۽ نقادن جي ٻن گروهن ادبي تنقيد کي ڪنهن قدر نئين سوچ ڏني، جنهن ۾ هنن سڄو زور هيئت ۽ ان جي تجزيي تي ڏنو ۽ مواد ۽ سياق و سباق کي ثانوي حيثيت ڏني.

26/11/2012

سنڌي شاعريءَ ۾ وطن دوستي - ڊاڪٽر هدايت پريم


سنڌي شاعريءَ ۾ وطن دوستي
ون يونٽ وارو دَور (1971-1955)
ڊاڪٽر هدايت پريم
وطن دوستيءَ جو اظهار حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ موجود آهي. لطيف سائين سنڌ کي ۽ ساري عالم کي آباد ڪرڻ جون دعائون گهريون آهن. سُر مارئي، سر سارنگ وطن دوستيءَ جا بيمثال مظهر آهن. شاهه لطيف کان آخوند گل تائين قديم شاعرن سنڌ وطن کي نه وساريو آهي. خليفي گل کان شيخ اياز تائين ۽ اياز کان اياز گل تائين، جديد شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ وطن پرستي ۽ سنڌ دوستيءَ جا جذبات بخوبي بيان ڪيا آهن. ون يونٽ جي دور۾ (1955ع کان 1971ع) تائين، جڏهن سنڌ تي ڏکيا ڏينهن آيا ته سنڌي شاعريءَ ۾ قوميت جو لاڙو نهايت پرجوش نموني اڀريو. هونئن ته سنڌي شاعري ويهين صديءَ جي فڪري لاڙن کان متاثر ٿيندي رهي آهي، جن ۾ مکيه طور سوشلزم، ڪميونزم، ماڊرن ازم، وجوديت، تجريديت، ترقي پسندي، حقيقت پسندي (ريئلزم) سر ريئلزم وغيره وارا لاڙا ڳڻي سگهجن ٿا.

25/11/2012

سعيد سومري جي ڪتاب ”دعا مان ڪِريل لفظ“ بابت تاثر - ولي رام ولڀ



نامور شاعر سعيد سومري جي ڪتاب ”دعا مان ڪِريل لفظ“ بابت تاثر
آدرشن جا آستانا
ولي رام ولڀ
آئون سعيد سومري کي هڪ شاعر جي حيثيت سان  سڃاڻان. سندس شاعري مختلف صنفن جي صورت ۾ رسالن ۾ پڙهندو رهيو آهيان. تازو سندس غزلن جو مجموعو ’سرءُ جي اداس سانجهه‘ (2000) ۽ شاعريءَ جي مختلف صنفن تي ٻڌل ٻيو مجموعو ’درد جي باک‘ (2001) هڪ ٻئي پٺيان پڙهڻ جو موقعو مليو ته سندس اندر جي اڇل جي اثر پذيري، جذبن جي ڪوملتا ۽ احساس جي گهرائي منهنجي من کي پائي ويئي.

اسان جي ٻولي ۽ ڪلچر ڪيڏانھن پيو وڃي - عابد حسين شر



اسان جي ٻولي ۽ ڪلچر ڪيڏانھن پيو وڃي
عابد حسين شر
گھڻو عرصو اڳ جڏھن سنڌي ٽي وي چئنل اسان وٽ نه ھيا ۽ سنڌي پروگرام صرف پي ٽي وي ذريعي ڏسڻ نصيب ٿيندا ھيا تنھن زماني ۾ سنڌي پروگرام ھفتي ۾ ھڪ دفعو ايندو ھيو ته پروگرام شروع ٿيڻ کان ڪجھ گھڙيون اڳ ٽي وي اسڪرين جي اڳيان ڪنھن سئنيما گھر جھڙي رش ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. پروگرام شروع ٿيڻ بعد وچ ۾ ماڻھن جا ڳالھايا ويندڙ لفظ اھي عام ھوندا ھيا ته بابا ٿورو مٿو ھيٺ ڪر ٻانھن پاسي تي ڪر نظر نه ٿو اچي. سچ پچ ته تنھن دَور جو ته مزو ئي پنھنجو ھوندو ھو. تڏھن ڊرامن ۾ ڏيکاريون ويندڙ ڪھاڻيون به دل سان لڳنديون ھيون ۽ ھر ماڻھو پنھنجي ڪٽنب سان اھي پروگرام گڏ ڏسڻ ۾ ڪين ڪيٻائيندو ھو.

24/11/2012

ڪتاب ”مارو جي ملير جا“ تي هڪ اتاڇري نظر - نذير احمد سومرو



خادم حسين چانڊئي جي ڪتاب
مارو جي ملير جا“ تي هڪ اتاڇري نظر

پروفيسر نذير احمد سومرو

خاڪا، سوانح عمريون يا وڏن ناميارن ماڻهن بابت تعارفي ڪتاب ڏاڍي شوق ۽ وڏي دلچسپيءَ سان پڙهيا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڪنهن جڙتو ۽ چور شاعر وانگر، پرايون سٽون ۽ پراوا خيال چورائي لکيل ڪونه هوندا آهن. بلڪ اهي سنئين سڌي نموني ۾ اهڙن شخصيتن جي باري ۾ لکيا ويندا آهن، جن پنهنجي دَور ۾ وڏو نالو ڪمايو هو ۽ ڪن شخصيتن کي ته سنڌ ۾ محاوري/پهاڪي/ورجيس جهڙي حيثيت ملي وئي. مثال طور؛ تون ڪهڙو گامون سچار آن؟ يا ڀڳت ڪنور رام وارو ٽولو يا تون ڪهڙو ڄام ڪانڀو خان آن؟ وغيره. ماضيءَ ۾ سائين جي ايم سيد، وفائي، غلام رباني آگرو، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ علي احمد بروهي جا مختلف نالن سان سنڌ جي مشهور، ڪجهه گمنام پر پنهنجي دَور جي اهم ۽ منفرد ماڻهن بابت لکيل ڪتاب وڏي مڃتا ماڻي چڪا آهن. ان کان سواءِ ضلعي جيڪب آباد جي شخصيتن بابت ڊاڪٽر داد محمد ”خادم“ بروهي جو تعارفي ڪتاب ”مٺڙا ماڻهو“ جي نالي سان ۲۰۰۲ع ۾ شايع ٿيو، ته ان جي ڪڍ هڪ ٻئي اديب محترم ”خادم“ چانڊئي جو سنڌ جي اديبن، شاعرن، ڳائڻن، گوين، سياستدانن بابت هڪ تعارفي ڪتاب ”مارو ملير جا“ نالي سان، گنج بخش ڪتاب گهر طرفان شايع ٿيو آهي.

ڪتاب ”تقدير ملي نه ملي“ تي تبصرو - منير چانڊيو



سادگيءَ کي ڇڏيو کڻي هاڻي!
ڪتاب ”تقدير ملي نه ملي“ تي تبصرو
منير چانڊيو
سنڌيءَ ۾ هر سال ڪيترا ئي ڪتاب ڇپجن ٿا، جن ۾ اڪثريت اهڙن ڪتابن جي هوندي آهي، جن کي ڪتابن واري ڪٻٽ ۾ رکڻ به فقط جاءِ سيڙائڻ ئي ٿيندو، پر انهن ۾ ڪي ڪتاب اهڙا به هوندا آهن، جن کي ساهه ۾ سانڍي رکڻ لاءِ دل چوندي آهي. اهڙو ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو ڪتاب ”تقدير ملي نه ملي“ وليج شاد آباد ويلفيئر آرگنائيزيشن جوهيءَ پاران ڇپايو ويو آهي، جنهن جو شاعر لياقت عليلياقت“ آهي. هيءُ ڪتاب هر ان ماڻهوءَ کي ضرور پڙهڻ گهرجي، جنهن جون سنڌي شاعريءَ جي مستقبل ۾ ڪي بهتر اُميدون نه آهن. مون کي پڪ آهي ته لياقت عليلياقت“ جي شاعري پڙهي، هن جو سنڌي شاعريءَ جي بهتر مستقبل ۾ ويساهه پختو ٿي ويندو.

23/11/2012

بيوس محرم مغيريءَ جي ڪهاڻي-ڪتاب ”اوجاڳن جو سوڳ“ جو مهاڳ - محمد صديق منگيو



بيوس محرم مغيريءَ جي ڪهاڻي-ڪتاب ”اوجاڳن جو سوڳ“ جو مهاڳ
ادب زندگيءَ جو ٽمپريچر آهي
محمد صديق منگيو
سعادت حسين منٽو چواڻي، ته ”ادب، زندگيءَ جو ٽمپريچر آهي“ ان ڪري، ته ادب کي زندگيءَ کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. جيون جي رنگن کان وانجهيل، ٻُسي ادب جو مثال، اُڏامڻ جي سگهه وڃايل ان پوپٽ جيان آهي، جنهن وٽ رنگن جي سونهن ته سلامت هجي، پر کنڀڙاٽيون ڀڳل هجن.
ادبُ، جيڪو زندگيءَ جي اڻ کٽ نظرئي سان سلهاڙجي، پنهنجو جوهر ڏيکاري، ته اهو ادبُ انساني زندگيءَ جي سنوار ۽ سکيا جو اصل مقصد به بڻجي ٿو پوي، ته انسان ذات جي رهنمائي ۽ ڏکن ۽ سکن، جذبن ۽ احساسن جي ترجمانيءَ جو سڻائو ۽ دڳائتو سِهو به بڻجي پوي ٿو.

22/11/2012

”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ٽنبيل ڪمزور ۽ اڻ پُورا ڪردار - پروفيسر نذير سومرو

”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ٽنبيل ڪمزور ۽ اڻ پُورا ڪردار
پروفيسر نذير احمد سومرو
”سنڌ جي ادبي تاريخ“ نالي وارو ڪتاب، خانبهادر الحاج محمد صديق ميمڻ پنهنجي نالي ڀائي ۽ سندس دور جي هڪ وڏي اديب ۽ شاعر محمد صديق مسافر جي مدد سان ۱۹۳۷ع ڌاري لکڻ شروع ڪيو. هن ڪتاب جي پهرين اشاعت، ٻي جنگ عظيم جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ختم ٿي وئي. ۱۹۵۴ع تائين هن ڪتاب جو ٻيو ۽ ٽيون ڇاپو پڌرو ٿيو، جنهن جو ذڪر ڪتاب جي لائق مصنف خانبهادر محمد صديق ميمڻ هن طرح ڪيو هو:
”ٽيون ڇاپو ۱۹۵۴ع، ادبي تاريخ جي پهرين اشاعت ۱۹۴۴ع ۾ ختم ٿي. ستن سالن جي اندر پهرين ۽ ٻي اشاعت ختم ٿي.“ ساڳئي ڪتاب جو سال ۲۰۰۲ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان جيڪو ڇاپو آيو، ان ۾ سنڌالاجيءَ وارن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو لکيو. عجب جهڙي ڳالهه هي آهي ته خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي هن ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ کي مهراڻ اڪيڊميءَ شڪارپور طرفان، سن ۲۰۰۳ع ۾ نئين سر سنواري سينگاري شايع ڪري ڪتاب جو ٽيون ڇاپو قرار ڏنو ويو آهي! جڏهن ته ۱۹۶۸ع واري سال ۾ ان ڪتاب جو چوٿون ڇاپو[1] به ڇپجي چڪو آهي.

ڪتاب ”گهڙيون گذاريم جن سين“ جو تنقيدي جائزو - پروفيسر نذير احمد سومرو

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڪتاب
گهڙيون گذاريم جن سين“ جو تنقيدي جائزو
پروفيسر نذير احمد سومرو
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
زيتونن، ٻيرن ۽ انبن جي وڻن سان جنجهيل شهر لاڙڪاڻو، پنج هزار سال قديم تهذيبي اهڃاڻ موئن جو دڙو ۽ بين الاقوامي شخصيت قائد عوام ذوالفقار علي ڀُٽي جي حوالي سان، سڄي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. انھي سان گڏوگڏ، لاڙڪاڻي جو سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ پڻ ججهو حصو رهيو آهي. تازو کسڪي ويندڙ وِيهين صديءَ جي پوئين اڌ واري حصي ۾، مرحوم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو نالو به، سنڌي ادب جي حوالي سان چڱو گونجيو. اهو اتفاق چئجي يا ٻيو ڪجهه، ته گذريل ويهين صديءَ ۾، لاڙڪاڻي جي حوالي سان جن غير لاڙڪاڻوين شهرت ماڻي،انھن ٻنهي جا نالا عبدالمجيد هئا ۽ ٻئي پاڻ کي سنڌي سڏرائيندا هئا. منجھانئن هڪُ، تحريڪ پاڪستان جو اهم نالو، شيخ عبدالمجيد سنڌي هو. ھُو اصل ۾ حيدرآباد سنڌ جو رهاڪو هو. برصغير جي نامور ليڊر، اديب ۽ فلاسافر سائين جي. ايم. سيد جي چوڻ تي، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ، اسيمبلي جي سيٽ لاءِ، لاڙڪاڻو ۽ رتوديرو تڪ مان، سر شاهنواز ڀُٽي جي مقابلي ۾ فارم ڀريو هئائين. ڪن مخصوص سببن جي ڪري ھو ڪامياب به ٿي ويو هو.  ٻيو آھي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. ھو اصل ۾، سنڌ جي ثقافتي شهر شڪارپور کان ٽن ميلن جي فاصلي تي هڪ ڳوٺ ماڙيءَ جو رهاڪو هو. شروعاتي ۽ ڪجهه سيڪنڊري تعليم، شڪارپور شھر جي مشهور نيو ارا اسڪول مان ورتي ھئائين، جنھن بعد لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ ديرو ڄمايائين ۽ حياتيءَ جا پويان پساهه به اتي پورا ڪيائين.

21/11/2012

الطاف شيخ جي ڪتاب ”رٺي آھي گھوٽ سان“ جو مهاڳ - ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو



الطاف شيخ جي ڪتاب ”رٺي آھي گھوٽ سان“ جو مهاڳ
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو
ڪنهن ڪتاب جو مهاڳ/پيش لفظ يا تعارف لکڻ جي به هڪ عجيب روايت آهي. ڪيترن عالمن جو چوڻ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪتاب پاڻ ڪجهه نه هوندو آهي پر ان کي مهاڳ اهم بڻائيندو آهي. ڪيترن جو خيال آهي؛ مهاڳ جو مقصد پڙهندڙ کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ اتساھ ڏيارڻ هوندو آهي. يا وري ليکڪ، ڪنهن وڏي عالم يا نقاد کان پنهنجي ڪم جي باري ۾ مهاڳ جي صورت ۾ سَند وٺندو آهي. سنڌيءَ ۾ مختلف ڪتابن جي لکيل مهاڳن يا تعارفن کي وڏي اهميت حاصل آهي. شيخ اياز جي ڪتابن تي ابراهيم جويي ۽ رشيد ڀٽيءَ جا مهاڳ، جيڪي نه رڳو سندس ڪم ۽ ذات جو مڪمل ۽ سگهارو تعارف آهن پر جنهن دور ۾ اها شاعري ۽ ٻيون لکڻيون سِرجيون، تن جو پڻ سياسي، سماجي ۽ ادبي تحريڪن جي حوالي سان احاطو ڪندڙ آهن. اهڙي طرح لوڪ ادب اسڪيم جي ڇپيل مختلف ڪتابن تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا لکيل تعارف، لوڪ ادب جي مختلف صنفن بابت ڄاڻ ۽ فڪر جو اهم خزانو آهي.

20/11/2012

حسن درس جو رسالو ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ - حميد سبزوئي



حسن درس جو رسالو ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“
حميد سبزوئي
سنڌي شاعريءَ جي پهراڻ تي چنڊ- ستارن جي جڙاوت ڪندڙ ۽ سنڌ جي درد، بيوسي ۽ پيڙا کي معجزاڻي انداز ۾ چٽي روشنيءَ وانگر عيان ڪندڙ سنڌ جو نرالو شاعر حسن درس ڪهڙي تعارف جو گهرجائو آهي. هن جي ڪمهلي وڇوڙي کي ڪجهه مهينا ضرور ٿيا آهن، پر اڃا تائين هو سنڌ جي چهري تي ڳوڙهي جي لار وانگر موجود آهي. چوڻ لاءِ ته غالب به چيو هو ته ”غالب خسته ڪي بغير کون سي کام بند هين“ زندگي جو عجب چرخو ۽ وقت جو ڪانٽو ته رڪڻو ناهي، غم روزگار ۾ هر ڪو صبح کي شام ۾ بدلائي ڇڏي ٿو، سڄي ڏينهن جي هڻ وٺ، ٿَڪ ۽ پگهر ۾ شل ٿي هر ڪو اچي بستري جي ٻانهن ۾ هٿيڪو ٿئي ٿو پر ڪير چوندو ته اميد ۽ خوشيءَ جي احساس جهڙو هي شاعر، هوا جي جهوٽي وانگر لمحي جي ڪنهن ڀاڱي ۾ ياد نه آيو هو- ها واقعي هو ”شاعريءَ جي ديس جو البيلو شهزادو هو“.

نثري نظم ۽ نئين ڪوتا جو ارتقائي سفر - رکيل مورائي



نثري نظم ۽ نئين ڪوتا جو ارتقائي سفر
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جو هڪ اهم اڀياس
رکيل مورائي
اڳوڻي خيرپور رياست ۽ هاڻوڪي کجين واري خيرپور جي ڀر ۾ سورهيه بادشاهه جي شهر پير ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جو نالو وٺندي دل ۾ هڪ احترام جاڳي ٿو، جيڪو ڪنهن به عالم، اسڪالر جي نالي وٺڻ سان جاڳڻ کپي. سنڌين جي شهر الهاس نگر ۾ رهندڙ ۽ سنڌي ادب کي ٻه درجنن کن ڪتابن کان وڌيڪ ادب ڏيندڙ ڊاڪٽر لڇاڻي اڄ ڪلهه ڪل وقتي لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ رڌل آهي. هن تازو ئي ٻن شخصيتن تي مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ جي اسائنمينٽ تي ڪتاب لکيا آهن: هڪ موهن ڪلپنا تي ۽ هڪ لعل پشپُ تي. ان کان اڳ هُن پنهنجي طور تي هڪ نهايت اهم تنقيدي اڀياس، سنڌي ٻوليءَ جي حسين ۽ جديد شاعر ايم ڪمل تي لکيو آهي، جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هونئن ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جيڪو سنڌي ادب تي احسان ڪيو آهي اهو شايد اسان لاهي نه سگهون. اهو آهي عاجز بيديءَ سان گڏجي شاهه سائين تي وڊيو اسڪرپٽ لکڻ، جيڪو ڪجهه سال اڳ ”نيڻين ننڊ حرام“ جي نالي سان ڇپيو هُئو، جنهن کي کڻي اڄ جي تاريخ تائين هند توڻي سنڌ ۾ شاهه سائينءَ تي هڪ اعليٰ وڊيو فلم جوڙي سگهي ٿي، جيڪو ڪم سنڌ جي ثقافت کاتي کي ڪرڻ کپي ۽ سچ پچ جيڪڏهن اها فلم ٺهي پوي ته هڪ يادگار ڪم ٿي پوي.

ضياء شاهه جون ساروڻيون ... - پروفيسر نذير سومرو

ضياء شاهه جون ساروڻيون .......
پروفيسر نذير احمد سومرو
دُنيا جي هر ٻوليءَ جي ادب ۾ آتم ڪٿا جي وڏي اهميت رهي آهي. آتم ڪٿا ادب جي واحد صنف آهي، جيڪا هر پڙهندڙ لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته هي به داستان ۽ افساني جو هڪ قسم آهي، پر داستان يا افسانو هڪ خيال آهي ۽ هيءَ هڪ حقيقت. ”انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا ۾ آتم ڪھاڻيءَ جي وصف هن طرح بيان ڪيل آهي: ”آتم ڪٿا غير افسانوي ادب جو هڪ قسم آهي، جنھن جو موضوع فرد جي حياتي هوندي آهي.“
آتم ڪٿا ڇا آهي؟ ان لاءِ مشھور برطانوي ناول نگار بينجامن ڊسرائيلي (۱۸۸۱-۱۸۰۴) لکي ٿو:
“Read No history, nothing but biography for that is Life without theory”
(نه تاريخ پڙهو، نه ٻيو ڪجهه، رڳو سوانح عمري پڙهو، ڇاڪاڻ ته اها ڪنھن ٿيوري/نظرئي يا فارمولا هيٺ نٿي لکي وڃي.)

19/11/2012

اياب سرڪش سنڌيءَ جو ڪليات - رکيل مورائي



مون ۾آهين تون
ناياب سرڪش سنڌيءَ جو ڪليات
رکيل مورائي
سرڪش سنڌي، سنڌ جي ادب ۽ شاعريءَ ۾ هڪ اهم نالو آهي، ساڳئي وقت سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ پڻ هُن جو جوڳو ڪردار رهيو آهي. انهن سڀني اهم حوالن کان سواءِ سندس جيڪو ٽيون حوالو آهي اهو هي ته هن سنڌ جي قبائلي ۽ جاگيرداري جي ماحول ۾ رهندي، پنهنجي نياڻين کي جيڪا تعليم ڏياري اها نه رڳو سنڌ لاءِ پر سنڌي ادب لاءِ لاڀائتي ثابت ٿي آهي. هن پنهنجي نياڻن کي قومي تحريڪ جو حصو به بڻايو، ته سنڌي ادب ۾ به هن جي نياڻيءَ جو هڪ ننڍو حصو رهندو، جيڪو ڪتاب ”مون ۾ آهين تون“ جي نالي سان ڳڻيو ويندو. هيءُ ڪتاب ناياب سرڪش سنڌيءَ جي مڙني شعري توڻي نثري لکڻين جو گڏيل مجموعو آهي. ناياب سڄي عرصي ۾ نه رڳو شاعري ڪري رهي آهي پر الڳ الڳ موقعن تي هُن الڳ الڳ حوالن ۾ مضمون، مقالا ۽ ٻيا ليک به لکيا آهن ته ڪن اخبارن ۾ مشتمل ڪالم لکيا آهن، جن کي گڏي هيءُ ڪليات ترتيب ڏنو ويو آهي.

ڪاميابيءَ جا سونهري اصول - رکيل مورائي



ڪاميابيءَ جا سونهري اصول
هڪ علمي ڪتاب
رکيل مورائي
انساني علمن ۾ ڪي اهڙا علم به آهن جيڪي انسان جي شخصي، سماجي ۽ معاشي حالتن کي سوارڻ ۾ مددگار ٿيندا آهن، اڄ جي دنيا جنهن کي علمي دنيا ڪوٺجي ٿو ان ۾ ڪيئي اهڙا ڪتاب به لکيا ويا آهن، جن جو سڌو واسطو انسان جي سماجي ۽ معاشي ڪاميابين سان آهي.
ڪاميابي جا سونهري اصول“ ڪتاب دنيا جي انهن اهم ڪتابن مان هڪ آهي، جن ڪتابن جي مطالعي مان اڄ جو انسان گهڻو ئي ڪجھه پرائي ۽ عملي طور حاصل ڪري سگهي ٿو.

18/11/2012

ڳوڙهن ڳاڙهو ويس - مبارڪ علي لاشاري



ڳوڙهن ڳاڙهو ويس
مبارڪ علي لاشاري
سنڌي ٻولي شاعري جي وسعتن سان پنهنجو دامن مضبوط پڪڙي تاريخ جي ورن وڪڙن مان پئي گذرندي آئي آهي ۽ اڄ به پئي گذري. هونئن ته دنيا جي تقريبن سمورين ٻولين جي ادب جي شروعات شاعري سان ٿي آهي، انگريزي کان وٺي يوناني، سنسڪرت، فارسي، توڙي سنڌي ٻولين پنهنجي پنهنجي اوائل ۾ اوسر شاعري سان ئي ڪئي آهي پر پوءِ انهن ٻولين اڳتي هلي مضبوط ۽ گهرو نثري مواد پيدا ڪيو ۽ اسري اڳتي وڌيو، پر سنڌي ٻولي ۾ نثر اها جاءِ اڄ به ناهي والاري سگهيو. ناول کان وٺي ڪهاڻيءَ تائين، مضمون نگاريءَ کان وٺي تنقيدنگاريءَ تائين ڪنهن به نثر جو نمونو سنڌي قوم جي رهنمائي يا مضبوط بنيادن جو سبب نه بڻيو آهي. انهن سڀني لکڻين جي نمونن جي گهرائيءَ جا بنياد نثري فلسفي ۾ هوندا  آهن، پر سنڌي ۾ فلسفي تي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب به ناهن. محمد ابراهيم جوئي جي ترتيب ڏنل ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ کان وٺي ڊاڪٽر سڪندر مغل جي ”ڏاهپ جو اڀياس“ تائين فلسفي جو مواد اڪثر سياسي، مارڪسي يا مادي فلسفي تي آهي جيڪو خالص يعني پيور فلسفي ۾ اچي ٿو، ان کي به نڄاڻان ڪيترن ماڻهن پڙهيو ۽ ڪيترا پڙهن ٿا؟ پر ان کان علاوه سماجي، ثقافتي، زباني (ٻولي جو فلسفو) نفسياتي ۽ انساني اوسر (انٿروپولاجي)  جا فلسفا نه ته اسان جي سوچ جو حصو بڻجي سگهيا آهن، نه ئي اسان جي قوم انهن مان پرائڻ يا سکڻ کي ضروري سمجهيو آهي، قوم ته پري جي ڳالهه آهي، اسان جو پڙهيل لکيل ادبي لڏو به ان کان وئون پيو وڃي.

مان امن جو نشان آهيان - خالد چانڊيو



مان امن جو نشان آهيان

علي زاهد جي شاعري

خالد چانڊيو

سنڌي شاعريءَ جي ڪاڪ محل ۾ ڪيترائي ”راڻا“ پيش ٿيا آهن، ڪيترن ئي راڻن ڪاڪ محل جي جادوگريءَ کي سمجهي به ورتو ته ڪيترائي راڻا انهيءَ شاعراڻي ڪاڪ محل ۾ ويڳاڻن وانگر رُلندا رهيا. ڪتاب ”ناچڻي“ جو سرجڻهار علي زاهد اهڙو ئي راڻو آهي، جنهن نه صرف شاعريءَ کي سمجهيو آهي، بلڪ شاعري به کيس چڱي ريت سُڃاڻي ٿي. علي زاهد شاعريءَ جون رولاڪيون اختيار ڪيون آهن يا رولاڪين کيس شاعريءَ جي ڪاڪ محل ۾ اُڇلايو آهي؟ انهيءَ سوال جو جواب علي زاهد پاڻ ئي ڏئي سگهي ٿو.