30/08/2015

سلطانا وقاصي جو ڪالم ڪتاب - محمد سليمان وساڻ (Mohammad Suleman Wasan)

سلطانا وقاصي جو ڪالم ڪتاب
ڳالهيون پيٽ ورن ۾
تبصرو: محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي نامور ليکڪا سلطانا وقاصي جي ڪالمن جو ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ٻن جُلدن ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. سلطانا وقاصيءَ جو نالو سنڌ جي انهن چند عورت ليکڪائن مان هڪ آهي جن پنهنجي قلم جي نوڪ ذريعي معاشري جي نا انصافين، ڏاڍاين ۽ نامناسب حالتن تي بي باڪي ۽ بهادريءَ سان لکيو آهي. سلطانا وقاصي سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊي آدم شهر جي هڪ زميندار گهراڻي سان رهيو آهي ۽ لاڏ ڪوڏ سان پڙهي آهي، سندس گهر ۾ ادبي ماحول رهيو ۽ سڀ ڪتاب کيس دستياب مليا. ڳوٺ ۾ رهندي به هن علم حاصل ڪيو جنهن جو سهرو سندس والد خانصاحب عبدالحق وَڪي ڏانهن وڃي ٿو جيڪو پنهنجي دور جو ادب دوست، ترقي پسند انسان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هيو. سلطانا وقاصي جي ناناڻي خاندان جو سنڌ جي ادبي حلقي ۾ وڏو نالو رهيو آهي. ناميارو عالم علامه علي خان ابڙو سندس نانو ۽ جديد سنڌي افساني جو مشهور ليکڪ جمال ابڙو سندس مامو آهي. اهڙي سکيي ستابي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سلطانه وقاصي اڳتي هلي زندگيءَ جا ڪيئي ڏک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ اڪيلي ئي انهن جو مقابلو به ڪيو ۽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ جڏهن لساني فساد چوٽ چڙهيل هيا تڏهن به هن اڪيلي سر اتي ويهي حالتن سان مهاڏو اٽڪايو. سندس ڪردار ۽ تحريڪ ٻين عورتن لاءَ به اتساهه جو سبب بڻي ۽ اهڙي وقت ۾ هن قلم ذريعي ان وقت جي حالتن، ماضي ۽ مستقبل بابت سنڌي اخبارن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. هو هڪ جذباتي ۽ بهادر عورت آهي ۽ جذباتي عورتون هر جاءِ تي مصلحت پسندي کان ڪم ڪونه وٺنديون آهن. اهوئي سبب آهي جو سندس لکڻيون ڪيترن ادبي ۽ سياسي شخصيتن کي نه وڻيون. 

20/08/2015

فضل سليمان قاضيءَ جو قانون تي لکيل لاجواب ڪتاب - اسحاق سومرو (Ishaq Soomro)

فضل سليمان قاضيءَ جو قانون تي لکيل لاجواب ڪتاب
اسحاق سومرو
سنڌ ۾ دانشوري به نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ حرفت طور استعمال ڪئي ٿي وڃي. اسان جا ڪيترائي دوست، مها ڏاها، دانشور، صحافي ۽ اديب پنهنجي قلم کي قوم دوست بجاءِ خود دوست رکڻ ۾ سرهائي محسوس ڪندا آهن. اسان جا ساڳيا دوست قلم جي نوڪ مان نڪتل ڏاهپ کي سماجي چڱ ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي پاڻ کي ڪو سياسي فائدو ڏيارڻ يا سماجي رتبو مٿڀرو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. هيءَ صورتحال اهڙن معاشرن جي عڪاسي ڪري ٿي، جتي جي رهواسين وٽ ضمير ۽ قومي سوچ نالي ڪو وکر نه هجي ٿو ۽ هو هڪ اهڙي ميڙ جي شڪل اختيار ڪندا ويندا آهن، جتي هرڪو ماڻهو ذاتيات جي ڪيمسٽريءَ ۾ ڦاٿل نظر ايندو آهي. سندن سياسيات، سماجيات، معيشت ۽ زندگيءَ جا ڪلي ونهوار وکريل هوندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اسان جي قومي وحدت ۽ فڪر جي اجتماعي سگهه ۽ وجود جي باقي رهڻ جو سوال، اسان جي خالي دماغن مٿان لامار ڏيندو رهي ٿو.

15/08/2015

ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا! - مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)

ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا!
مبارڪ علي لاشاري
سماجي، سياسي ۽ مذهبي انتشار پوسٽ ماڊرن حقيقت ۽ صورتحال جو اهو نمونو آهي جيڪو کيس ماڊرن ۽ نيو ڪلاسيڪل روايتن مان مليو آهي. پوسٽ ماڊرن صورتحال انهي مظهر کي پڻ پنهنجي فلسفي ۽ فڪر جي جوهر ۾ سمائي افسوس بجاءِ مثبت ترقي سڏيو آهي جيڪو ڪافي حد تائين تاريخ جو سبق ۽ ارتقا جو ڏاڪو آهي. ارتقا جي انهي ڏاڪي تي پهچندي پوسٽ ماڊرن سوچ ۽ فلسفي جتي ميٽا نئريٽوز تي تنقيد ڪئي آهي اتي اضافيت جي پرچار ڪري ڄڻ کاٻي ڌر جي انتهاپسندي کي پڻ للڪاريو آهي. پوسٽ ماڊرن صورتحال جتي ڪيترائي فڪري لاڙا پاڻ ۾ سمايا آهن ۽ انهن مان نوان لاڙا ۽ گس پڻ ڪڍيا آهن پر پوءِ به وقت جي سماجي سائنسدانن هيل تائين انهي سوچ کي ڪو مضبوط لاڙو، نظريو يا فڪر نه سڏيو آهي، منهنجي نظر ۾ شايد ان جو اهو سبب به هجي جو پوسٽ ماڊرن صورتحال اڃا پوري طرح ڪٿي سهيڙجي ڪنهن جامع تجزيي يا فڪري تڪ تور ۾ نه اچي سگهي آهي جو ان جي باري ۾ ڪجهه حتمي چئي سگهجي ڇوته هي صورتحال پنهنجي فڪر، جوهر ۽ ڦهلاءَ ۾ ايڏو وسيع ۽ ڳنڀير آهي جو ان کي ايتري مختصر عرصي ۾ سهيڙڻ ممڪن نه هجي. تمام گهڻين پيچيدگين جي باوجود هي فڪر پنهنجي دامن ۾ ڪائناتي سماج جي هر قوت ۽ سوچ کي پاڻ ۾ سمايو آهي. ان لاءِ هن فڪر جي ڪنهن به حتي الامڪان گهٽ ۽ گهيڙ جو ڪو ڪاٿو نه آهي. ان پسمنظر ۾ ڪرسٽوفر بٽلر 2003ع جو تجزيو آهي ته پوسٽ ماڊرنزم “a loosely constituted and quarrelsome political party.”” هڪ ڍلي طرح اڻيل ۽ هڪ جهڳڙالي سياسي تنظيم وانگر آهي. يعني ان جي اڻت سخت قاعدن ۽ قانون بجاءِ کليل قاعدن وانگر ۽ دنيا و سماج جي هر فڪر سان مهاڏو اٽڪائيندڙ سياسي تنظيم وانگر آهي.

03/08/2015

تاريخ مظهر شاهجهاني - مختيار احمد ملاح (Mukhtiar Ahmed Malah)

يوسف ميرڪ جو ڪتاب
تاريخ مظهر شاهجهاني
مختيار احمد ملاح
سنڌ جي تاريخ جا اوائلي ماخذ گهڻو ڪري عربي ۽ فارسي ۾ دستياب آهن. عربي ۾ لکيل اڪثر ماخذ عربن جي سفر نامن ۽ تذڪرن ۽ حوالن ۾ ملن ٿا. فارسيءَ ۾ لکيل تاريخون درٻاري مورخن ۽ ليکڪن جون لکيل آهن. انهن ۾ گهڻو ڪري بادشاهن جو احوال، اميرن جو بيان، لڙاين جا قصا ۽ ۽ ملڪ گيريءَ جا داستان ڏنل هوندوا آهن. عوامي خوشحالي يا تنگدلي جو احوال بنهه گهٽ ڏنل هوندو آهي يا هوندو ئي نه آهي. اهڙيون تاريخون، محض آقائن يا حڪمرانن کي خوش ڪرڻ لاءِ انعام ۽ اڪرام حاصل ڪرڻ لاءِ لکيون وينديون آ  هن. پر مظهر شاهجهانيءَ جي نالي سان، سنڌ جي مغل دور حڪومت بابت هيءَ تاريخ فارسيءَ ۾ يوسف ميرڪ لکي، جنهن ۾ دهليءَ جي مغل سلطنت پاران سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ نوابن جي زيادتين ۽ ظلمن جو ڪچو ڄٺو ڏنل آهي.