ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
وِيھين ۽ ايڪوِيھين صديءَ جي سنگم جو
نمائنده شاعر آڪاش انصاري
جنوري 1990ع ۾ سنڌي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ڏاڍي خوبصورتيءَ سان
۽ ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ تي پھريون ڀيرو ڇپجي پڌرو ٿيو هو، ته سنڌي ادبي دنيا ۾ بيحد
سھڻو ڪتاب ڇپجڻ تي وهه واهه ٿي وئي هئي. حقيقت ۾ اهو ڪتاب صرف پنھنجي ظاهري سونھن
سبب ئي پسند نه پئي ڪيو ويو، پر ان جي سچي سونھن ۽ حقيقي حسناڪي، ان جي نظمن ۽ غزلن
۾ ئي سمايل، سموهيل ۽ سينگاريل جذبن، احساسن، اُڌمن ۽ اُمنگن ڪارڻ هئي، جيڪي جيءَ
اندر ٿانيڪين لھرن کي اوچا اُڀار ڏئي رھيا ھئا. اهو ڪتابُ ڪو ٻيو نه، پر ”ڪيئن
رهان جلاوطن“ هو، جنھن جو شاعر آڪاش انصاري هو.
ڀٽڪي پنھنجو دڳ
وڃي، جيئن ڪو پکيئڙو منجهه گگن،
نه جنھن جو ڪوئي
آهيرو، نه آشيانو ۽ چمن،
مان به پنھنجي
ديس ۾، آهيان اڪيلو اوپرو،
جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن. (نظم ”جلاوطن“/ڪيئن رهان جلاوطن، 2008/39)