سنڌي ادب ۽ عقيده پرستيءَ جو سوال!
جامي چانڊيو
سنڌي سماج جي تاريخي طور اڳتي نه وڌي سگهڻ جا
سبب گهڻا آهن پر اُنهن مان هڪ اسان جي سماج ۾توهم پرستي ۽ عقيدي پرستي به آهي.
عقليت، سائنسيت، حقيقت پسنديءَ ۽ فلسفيانه سوچ اڃا هن سماج ۾ پيرَ نه کوڙي سگهي
آهي. اها روِش جتي اسان جي ٻين شعبن تي لاڳو ٿئي ٿي، اُتي سنڌي ادب ۾ به اسان جو
حال ٿُلهي ليکي ساڳيو ئي آهي. پسمانده ۽ عقيده پرست سماج نون خيالن، تنقيدي شعورَ،
سوالن ۽ شَڪَ کان وَنءُ ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي تنقيدي شعور ۽ تبديليءَ کان خوف
ٿيندو آهي. جڏهن ته آزاد سماج تنقيدي شعور، سوچ ۽ اظهار جي آزاديءَ تي ٻڌل هوندا
آهن. جنهن سماج مان تنقيدي شعور موڪلائي ويندو، اُتي علم ۽ عقل داخل ٿي نه ٿو
سگهي. تقليد تخليق جي نفي آهي ۽ عقيده پرستي انساني عقل ۽ شعور جي نفي آهي. زندهه
۽ اڳتي وڌندڙ سماجن کي تقليد، توهمات ۽ عقيده پرستي نه پر عقلي ۽ سائنسي توڙي
کُليل سوچ گهرجي.