امداد حسيني ۽ سندس شاعري
سحر امداد
امداد جي شاعريءَ بابت مان جڏهن جڏهن به لکڻ ويهندي آهيان، تڏهن تڏهن
واقعن ۽ ڳالهين جو هڪ سمونڊ پنهنجي تيز تکين ڇولين سان مون ڏانهن ڊوڙندو ايندو آهي
۽ پنهنجي تيز تکي وهڪري ۾ مون کي لوڙهي ويندو آهي. امداد پنهنجي سِٽ سِٽ کي ڪيڏي پيار
۽ پاٻوهه مان لساريو آهي. پٽ- ڪِيئين جيان پنهنجي ئي Cocoon ۾ پٽَ-سِٽ کي پنهنجي ئي وجود تي ويڙهيندو ويو آهي.
هن لاءِ هن جي سموري ڪائنات سميٽجي ان Cocoon ۾ اچي وئي آهي.