پنهنجي دور جو وڏو شاعر
ميرا جِي
س ب کوسو
سندس شخصيت جي جيڪڏهن تصوير ٺاهجي ته ميرا جِي ساڌو واري ويس ۾ نظر ايندو. هٿن ۾ مالا، وڏا وار، ڪنن ۾ والا، ڪلهي
تي هڪ ٿيلهو جنهن ۾ پنا ئي پنا ۽ پنن تي لکيل سندس نظم. ميرا جِي جڏهن ادبي ميدان
۾ لٿو ته ان وقت ڪيترائي ناليوار شاعر اديب اڳ ۾ موجود هئا. انهن ۾ فيض احمد فيض، ن
م راشد ۽ ٻيا شامل آهن. فيض احمد فيض به اردو ۾ شاعري ڪندو هو. ميرا جِي پنهنجي اسلوب
۽ خوبصورت خيالن ۽ منفرد انداز جي ڪري پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي. فيض احمد فيض چئي ٿو
”ميرا جِي جا ترجمه شاندار تخليقي ڪارنامه آهن، ميرا جِي جنهن انداز سان عالمي ادب
جا حسين نمونا اسان تائين پهچايا آهن، سي رڳو ترجمه نه پر ايجاد آهن.“