ناشاد شوڪت شنباڻي
ڪتاب ”ساڻيهه سندي سڪ“ جو اڀياس!
ناشاد شوڪت شنباڻي
ڪتاب ”ساڻيهه سندي سڪ“ جو اڀياس!
امين جويو
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي ڪتاب
”سمن جي سلطنت“ جو مختصر اڀياس
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو هي بهترين تواريخي دستاويز سَمن جي حڪومتي دور تي ٻڌل آهي. هن ڪتابَ جو پهريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو وارن سن 1987ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪِتابَ کان اڳ ۾”سما دور“ تي ڪو به ننڍو يا وڏو ڪتاب ڇپيل ڪو نه هو. ڪتاب جي ليکڪ مطابق؛ ”هن کان اڳ ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ، سڀ کان پهريان ڊاڪٽر رياض الاسلام، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ايم. ايڇ پنهور ۽ سيد حسام الدين راشديءَ سَمن جي دور تي نمايان ڪم ڪيو.“
مٺل جسڪاڻي
اوھان ”شنڪر ڀيل“ جي شاعري
پڙھي آھي؟
شنڪر ڀيل کي مون سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو الھيار جي دستوري گڏجاڻين ۾ ڏٺو. سندس شاعري، سندس زباني ٻُڌي. کيس گهڻو نہ سڃاڻان. جڏھن کان سنڌي ادبي سنگت بہ عام رواجي سياسي سنگت مثل ٿي، ڌڙابندي ٿي، تہ گڏجاڻين ۾ منھنجو نہ برابر وڃڻ ٿيو، نہ وڃڻ جھڙو ٿيو. جڏھن کان ٽنڊو الھيار ۾ بہ ٻہ ڌار ڌار گڏجاڻيون ٿيڻ شروع ٿيون آھن، تہ بلڪل بہ وڃڻ نہ ٿيو آھي. سڀني سان تہ فاصلاتي رابطو ڪڏھن رھيو ئي نہ آھي، جن سان بہ ھو، انھن سان بہ ڄڻ تہ ھاڻي رابطو نہ آھي. شنڪر ڀيل سان سڌو رابطو نہ ھو، نہ آھي، پر اڄ اوچتو ذھن تي تري آيو، تہ ”ڪجهہ تہ ھيو“ رديف سان سندس ھي غزل ذھن تي تري آيو، ڳولا ڪيم، تہ سڄو پڙھي ورتم. اوھان بہ پڙھو: