ڪنهن سَرءُ جي شام ۾ چيريءَ جو وڻ
امداد سومرو
ڪو وقت ٿيو جو اسان وٽ نظرياتي ادب جي حوالي کان صحتمند بحث پڄاڻيءَ
پهتا ۽ صرف ذاتي عناد ۽ شخصي پسند ناپسند وارا بحث هلي رهيا آهن. اياز آخري سالن ۾ جيڪا شاعري ڪئي ۽ نظرياتي ادب جي حوالي کان هن جي
نظرياتي ۽ ادبي فڪر ۾ جيڪا تبديلي آئي،
جڏهن ان تي هن (اياز) جي اسٽينڊرڊ موجب بحث نه ٿيا ته هن مجبورن پوين سمورن ڪتابن
جا مهاڳ پاڻ لکيا ۽ اهي مهاڳ گهٽ، پر اياز جي اڌ صديءَ کان مٿي ادبي تجربن،
نظرياتي تبديلين ۽ ذاتي تجربن تي ٻڌل ڳوڙهيون تحريرون آهن. اياز جي انهن شعري ۽
نثري مجموعن جا مهاڳ اياز جي گوناگون ادبي مصروفيتن، اڪيلائيءَ ۽ ڏات وارا تجربا
آهن، جن تي هونئن ڪنهن اهڙي نقاد کي لکڻ گهربو هو، جنهن جو ادبي مطالعو اياز جي
پائي جو هجي ها. اهو ڏڪار ڏسي اياز پوين سالن ۾ پنهنجن سمورن شاعري ۽ نثري ڪتابن ۾
پنهنجي ادبي تجربن جو ذڪر ڪيو آهي. پوين سالن ۾ هن تفصيلي انداز ۾ انهيءَ ڪيفيت تي
به لکيو آهي، ته شاعري ڇو ۽ ڪيئن ٿي نازل ٿئي. آخر ۾ هن کي شاعري شعور نه، پر تحت
الشعور ۽ لاشعور جي پيداوار لڳي. بقول اياز جي هن اها شاعري ڪولرج جي قبلائي خان
وانگر نيم غنودگيءَ ۾ ڪئي هئي.
۹۰ع جي ابتدائي سالن (۱۹۹۳ع) ۾ شيخ اياز جو ۱۹۷
نظمن تي مشتمل مجموعو ”ڇوليون
ٻوليون سمنڊ جون“ ڇپيو، جنهن
کي اياز جي نظمن واري صنف ۾ معراج سان ڀيٽي سگهجي ٿو. اياز جي اها lyrical شاعري اصل ۾ نظمن واري صنف ۾ اياز جي سڀ کان
مٿاهين چوٽي هئي، حالانڪ اياز جا نظم اڳ به بينظير آهن ۽ ”چنڊ چنبيلي ول“، ”رڻ تي رم
جهم“، ”وڄون وسڻ آيون“ ۾ لازوال نظم آهن.
مان اڳ به اها ڳالهه لکي چڪو آهيان ته، اياز جي انهيءَ رومانٽڪ ۽
مستقل قدرن واري شاعريءَ کي اهميت ڏيڻ بجاءِ هن جي سياسي/نظرياتي/انقلابي شاعريءَ
کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي. اياز جا ”رڻ
تي رم جهم“ وارا نظم پڙهو ۽ فيصلو
ڪيو ته اها ڪهڙي پائي جي شاعري آهي. سنڌ ۾ ان قسم جي شاعري ذري گهٽ اڻلڀ آهي.
هتي مان اياز جي ”ڇوليون
ٻوليون سمنڊ جون“ واري نظمن
جي مجموعي جو ذڪر ڪرڻ گهران ٿو. حالانڪ اياز ان مجموعي جي مهاڳ ۾ تفصيلي انداز ۾
لکيو آهي ۽ آخر ۾ ڪليم جو اهو فارسي شعر ڏئي مهاڳ پورو ڪيو آهي. ”اسان جهان جي آغاز ۽ انجام کان بي خبر آهيون. هن
پراڻي ڪتاب جو پهريون ۽ پويون پنو ڦاٽي ويو آهي.“
اياز ڄاڻي ۽ اياز جو پنهنجو ادبي نظريو. اسان لاءِ اياز جا اهي نظم
واقعي به اسان جي مستقبل جي نسلن لاءِ فخر ڪرڻ جوڳو ورثو آهن.
واقعي به اياز جا اهي ۱۹۷
نظم سمونڊ جي ڇولين وانگر ٻوليون ڪندڙ آهن ۽ عمر جي ان حصي ۾ ڪيل شاعريءَ جو
پهريون نظم ئي اهو آهي:
اوءِ گهوڙي سوار،
تنهنجي منزل ڪٿي آ اڃا؟
(اياز جي زندگيءَ جي پهرين شعري مجموعي ”ڀؤنر ڀري آڪاس“
جو پهريون بيت آهي: ”اڃا اوت شراب، اٿم اڃ ازل جي/ سندم روح رباب، سڪي پيو ڪنهن
سُر لئه.“)
۽ اڳتي اهو نظم آهي:
راس آئي نه توکي ڪٿي ڪا سراءِ،
سيءَ جي سانجهه ۾ هي اُتر جي هواءِ،
ڄڻ ڪٽي ٿي ڪٽارَ!
اوءِ گهوڙي سوار
تنهنجي منزل ڪٿي آ اڃا؟
واڳ روڪي نه تو ڪنهن گهڙي گهاٽ تي
لاٽ تي لاٽ ٻرندي ڏٺئه واٽ تي
ڪا ڪتين جي قطار،
تنهنجي منزل ڪٿي آ اڃا!
پير ڌرتيءَ تي لٿو ناهي تنهنجو اڃا؟
هَنج ڪنهن جي مَٿو ناهي تنهنجو اڃا!
روڪ هاڻي اُڏار،
تنهنجي منزل ڪٿي آ اڃا!
اوءِ گهوڙي سوارَ،
اوءِ گهوڙي سوارَ!
هاڻي ان نظم جو اندروني ترنم ڏسو ۽ Content. ڪنهن سراءِ جو راس نه اچڻ،
سيءَ جي سانجهه، اتر جي هوا، ڪٽيندڙ ڪٽار، گهڙيءَ گهاٽ جو واڳ جو رڪجي نه سگهڻ،
ڪتين جي قطار جي واٽ تي ٻرندڙ لاٽ، ڌرتيءَ تي پير جو نه لهڻ ۽ گهوڙي سوار جي منزل
اڃا اڳتي.
۽ اياز جا انهيءَ مجموعي ۾ سمورا نظم اندروني ترنم جو شاهڪار نمونو
آهن. پڇاڙي ۾ اياز ادب براءِ ادب واري نظرئي جو قائل ٿي ويو ۽ هن ادب براءِ
زندگيءَ واري نظريي کي اسٽالن جي دؤر جو اصطلاح ڪوٺيو هو.
ڪنهن سرءُ جي شام ۾ چيريءَ جو وڻ،
تو ڏٺو اُن جو لڏڻ
۽ اُلهندي جي هوا ڌُوڻيو پئي تنهن کي جڏهن
تو ڏٺو ساٿي تڏهن،
گل انهيءَ جا ڦهلجي
صحن ساري ۾ ويا،
تو سرءُ جا سانگ ڪي تن ۾ ڏٺا؟
ڪابه شيءِ اهڙي نه آ،
جا بچي ٿي موت کان،
موت، جو آهي خزان
موت، جو آهي مرڻ کان پوءِ ڄمڻ؛
تو ڏٺو چيريءَ جو وڻ
ڪنهن سرءُ جي شام ۾،
۽ شفق جي جام ۾؟
(هاڻوڪي دنيا ۾ بين الاقوامي معيار واري شاعريءَ انهيءَ پرک هيٺ ڪئي
وڃي ٿي.)
حالانڪه هن محدود اسپيس ۾ مڪمل نظم ڏيڻ جي گنجائش ناهي، پر اياز جو
هيءَ نظم اياز جي انهيءَ سڄي مجموعي جو مرڪزي ٿيم آهي:
سدائين سمنڊ ۾ آهيان
ڪڏهن مون پيرُ ڌرتيءَ تي رکيو آهي؟
هزارين کيکڙا آهن ڪناري تي،
انهن هن سمنڊ جي سوداءُ ساري کي
چکيو ناهي،
مڃان ٿو ريت جو ذرڙو، ستارن جيئن ساري مُنڊ ۾
آهيان
’هئڻ‘ جي ڏنڊ ۾ آهيان،
مگر ڇوليون الوليون روز لوليون ٿيون ڏين مون کي،
پروليون ٿيون ڏين مون کي
”ڪڏهن آڪاس ڇو توسان
ٻکيو ناهي؟
ڪڏهن هو سج ڇو تو ۾
بَکيو ناهي؟
سدائين سمنڊ ۾ آهين،
ڪڏهن تو پير ڌرتي تي رکيو آهي؟“
ڀلا مان ڇا چوان تن کي؟
الا مان ڇا چوان تن کي؟
تقريبن ۱۸ سال اڳ مون اهو ڪتاب
پڙهيو هو ۽ اڄ جڏهن اهي ارڙهن سال زندگيءَ جي طوفان ۾ ڪک پن وانگر ڇڻي ويا آهن،
مون اياز جي انهيءَ مجموعي کي ٻيهر پڙهي ڏٺو ته اُهو واقعي منهنجي روح کي ول جيان
وڪوڙي ويو آهي:
ڪالهه نِم جي ڏار تي
ڪجهه نموڙيون ٿي ٽُڪيون نوريئڙي،
ڦهه ڪري هو اوچتو،
هيٺ ڌرتيءَ تي ڪريو،
مون ڏٺو ان کي مُئو،
اڌ نموري وات ۾.
اياز جو اهو نظم آهي يا جپاني هائڪو. ڇا ته شاعري آهي! اياز نعريباز
شاعريءَ کي ان مجموعي ۾ هيئن رد ڪيو:
”سو شاعر ڪهڙو شاعر آ
جو آگ ڏئي پيٽرول مٿان
جيئن ڌرتي ۽ آڪاس جلي
۽ شعلا نڪرن ٻوليءَ مان؟“
اياز جي اها شاعري سندس اڳوڻي شاعري ”هي گيت به ڄڻ گوريلا، جي ويريءَ تي وار ڪرن ٿا“ جو رد هئي.
اياز جي زندگيءَ جو پويون عرصو سندس نظم ”تنها، تنها، تنها جيئن بُرهم پترا آ تنها“ وانگر هو. اهو شاعر جي اڪيلائي جو عرصو هئي، اهو ئي سبب هو ته اياز
رڳو پنهنجي دوستيءَ ۽ زندگيءَ جي ڪار ڪرت ۾ ئي فرق نه آندو هو، پر پنهنجي شاعريءَ
۾ پڻ ڦيرو آندو هو. شاعريءَ جي ٻنهي رخن ۾ هن جي فن ۾ ڪمال ساڳيو هو، ان ۾ وقت
ڪوبه ڦير آڻي نه سگهيو هو.
اياز جي ان مجموعي ۾ لاتعداد نظم آهن، جيڪي هتي ڏيڻ جهڙا آهن، پر اهي
ڏئي نه ٿا سگهجن، پر هن ئي مجموعي ۾ هن پنهنجي نظرياتي ۽ ادبي رفيق ۽ جوانيءَ جي
دوست حَشو ڪيولراماڻيءَ تي نظم لکيو هو، جيڪو ننڍي کنڊ جي پوري تاريخ تي
ڪنهن گهري ضرب مثل آهي:
الهاس نگر جي تيز هوا،
ڪنهن وقت حَشوءَ کي ڳولي ٿي
الهاس نديءَ ۾ ڦولي ٿي،
هو ڪير هيو جو سپنو هو،
جو قيد ڪڙن ۾ ساڀيان جي
هئن ڦاٿو هو؟
تاريخ هئي طوفان جيان
مان ان ۾ تحريرون هن جون،
ڪنهن جاءِ ڏسان؟
هي حَشو جيڪو سنڌ هيو،
انسان هيو، ارمان هيو،
نادان هيو،
هُن ڪونه ڪيو ڪو سمجهوتو،
اي ڪاش!
انهيءَ جو مان جوتو،
ڪنهن وقت کڻان،
اي ڪاش! سمئه جي ٺوڙهه مٿان ايڏو ته هَڻان،
ايڏو ته هڻان...
ايڏو ته هڻان...
سنڌ ۾ ايتري هُجت ۽ تاريخ تي ايتري شاعراڻي ضرب ۽ ميار صرف اياز ئي
ڪري سگهيو ٿي.
No comments:
Post a Comment