08/02/2013

ڪتاب ”ھليو آ ھليو آ ملائيشيا“ جو پيش لفظ - قاضي اعجاز


الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب
”ھليو آ ھليو آ ملائيشيا“ جو پيش لفظ
قاضي اعجاز
اڄ جڏهن محترم الطاف شيخ صاحب جن پنهنجي هن ڪتاب جي ”پيش لفظ“ لکڻ جو چيو ته مون کي ٽيهه سال پهرين جي ڪا ڳالهه ياد اچي وئي. ها آئون پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ماڊل اسڪول گاڏي کاتي ۾ يارهون درجو پڙهي رهيو هوس. سال 82-1981ع هوندو. مون سائين الطاف شيخ جن کي خط لکيو، پاڻ تڏهن ڪنهن جهاز تي هئا. خط ۾ سندس ان وقت تائين جي لکيل سفرنامن جي تعريف ۽ تبصرو ڪيو هوم ۽ ٻُڌايو هئومان ته مون کي به دنيا ڏسڻ جو شوق آهي پر آئون Pre Medical پيو پڙهان سو منهنجي نصيب ۾ مرچنٽ نيوي يا شپنگ ڪارپوريشن جي نوڪري ڪانهي. پاڻ جواب موڪليو هئائون، شايد سنگاپور مان، هڪ عدد فوٽو سان گڏ. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ورهيه گذري ويا. سال 1988ع ۾ ايم بي بي ايس جو امتحان ڏيندي CSS ۾ ويهڻ جو خيال آيو. بنا ڪنهن سيريس مُوڊ جي فقط ’وزن جو پتو ته پوي‘ واري حساب ۾ پيپر ڏئي آيس. خبر پئي ته 1989ع ۾ مون کي پهرين چوائس يعني Foreign service of Pakistan لاءِ چونڊيو ويو آهي. ڏاڍي حيرت ۽ خوشي ٿي. بابا جن ايترو چيو ته ”سٺو آهي جو ڪسٽم گروپ يا پوليس وغيره هيٺان رکئي پنهنجي گروپ جي تربيت ۾ کاتو تمام سٺو آهي. بس رڳو اهو آهي ته تون جيڪو هميشھ اسان سان گڏ گهر ۾ رهڻ وارو، ٻين ڀائرن وانگر نه LMC جي هاسٽل ۾ رهئين، نه حافظ اعجاز يا محفوظ (ٻه منهنجا ننڍا ڀائر MUET جا گريجوئيٽ) وانگر مهراڻ جي هاسٽل ۾ رهئين سو اسان کان پري ضرور ٿي ويندين.“

07/02/2013

ڳوڙهن ڳاڙهو ويس - مٺل جسڪاڻي


ڳوڙهن ڳاڙهو ويس
مٺل جسڪاڻي
پاڻ وٽ سنڌي ڪتابن جي ڇپائي ۽ وڪرو وڏو مسئلو رهيو آهي. هڪڙا ته پنهنجي اضافي دولت مان غير معياري ڪتاب ڇپرائي ورهائيندا آهن، ٻين جو معياري مواد وسيلا نه هجڻ ڪري ڇپجڻ کان رهجي ويندو آهي. ڪي وري سنگت ساٿ جي همٿ همراهي سان ڪتاب شايع ته ڪرائي ويندا آهن، پر پوءِ مُور حاصل ڪري قرض لاهڻ به سندن وس ۾ نه هوندو آهي.
عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي جعفر جاني جي شاعري پڙهيم، وڻي، ته سندس وڌيڪ شاعري پڙهڻ جي آس وڌي، جنهن تي ڳولا ڪندي خبر پئي يا هڪ ڏينهن پاڻ ڄاڻ عالمي اوطاق معرفت معلوم ٿيو ته جعفر جاني جي شاعري جو مجموعو ”ڳوڙهن ڳاڙهو ويس“ شايع ٿيو آهي. ان کان پوءِ ٽنڊوڄام، حيدرآباد ۽ ٽنڊوالهه يار ۾ مختلف ڪتاب گهرن تي لوڻا هيم، ڳولا ڪيم، ناڪام ٿيس، ته مجبوري ۾ ٺُل مان گهرايم. ڪتاب تي قيمت شايع نه ٿيل هجڻ ڪري، پڇا ڪيم ته خبر پئي 100 رپيا.

05/02/2013

سنڌي ٻوليءَ جي وڌندڙ بِگاڙ جو تدارُڪ ڪيئن ڪجي؟ - سحر گل


سنڌي ٻوليءَ جي وڌندڙ بِگاڙ جو تدارُڪ ڪيئن ڪجي؟
سحر گل
سنڌ ۾ اڄُڪلهه سنڌ جي وَحدتَ، سنڌ جي حقن، وسيلن، سنڌ جي شهرن ۽ سنڌ واسين جي تحفظ جي حوالي کان سنڌي قوم هڪ پاسي اڏول ٽَڪَر جيان گڏجي، يڪراءِ ٿي بيٺي آهي، ته اُن وقت سنڌي ٻوليءَ جي مسئلي کي قومي ۽ سياسي مسئلو ڪري نه کڻڻ يا اُن جي اهميت کي نظر انداز ڪرڻ قومي ڪوتاهه نظري کان گھٽ نه هوندو. منهنجي خِيالَ ۾، ٻين مسئلن سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جي مسئلي کي به وڏي پئماني تي کڻڻ جي ضرورت آهي. مون هن سال جي شروع ۾ به ٻه مضمون اِن ئي موضوع تي لکيا هئا، جن جو تَتُ اِهو هو ته ڳالهائي ويندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ وڏي تبديلي اچي رهي آهي، ان جو نِج-پڻو ختم ٿي رهيو آهي.

04/02/2013

ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ - رکيل مورائي


ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“
رکيل مورائي
سنڌي ادب ۾ نهايت اعليٰ مقام رکندڙ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي آتم ڪٿا تي ٻڌل هيءُ گهڻو پڙهيو ويندڙ ۽ سنڌي ادبي حلقن ۾ گهڻي ناماچاري رکندڙ ڪتاب آهي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ پاران چوٿون ڀيرو ڇپايو ويو آهي. هيءُ ڪتاب ڪنهن گهڻي تعارف جو محتاج ته بنهه ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ بار بار پڙهيو ويو آهي ۽ سڄاڻ پڙهندڙ سڀ هن ڪتاب جي اهميت کان واقف آهن. البت هن ڇاپي کي بورڊ نهايت اعليٰ نموني ۽ اعليٰ پني تي پڪي جلد ۽ اکين کي وڻندڙ ٽائيٽل سان ڇاپي، ڪتاب جي مرتبي جو خيال به رکيو آهي ته ليکڪ جي مرتبي جو به، جنهن لاءِ اداري جا سربراهه جس لهڻن.
هيءُ اهم ترين ڪتاب هاڻوڪي ڇاپي ۾ 246 صفحا ٿي بيٺو آهي ۽ آخر ۾ 20 صفحن تي ٻڌل شمس العلماءِ جي حسب نسب جو شجرو شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ پهرئين صفحن ۾ مرزا صاحب جي زندگيءَ جي الڳ الڳ دور جون ڪي يادگار تصويرون پڻ ڪتاب جي سونهن وڌائين ٿيون. ائين 266 صفحن جو هي اهم ڪتاب 250 رپين جي ملهه سان موجود آهي.

ڪتاب ”ڪجهه ڏئي وينداسين“ - رکيل مورائي


ڪتاب ”ڪجهه ڏئي وينداسين“
رکيل مورائي
هن انٿالاجيءَ جو مرتب اسان جو دوست يوسف سنڌي آهي. سچ ته اهو آهي ته هيءُ اهڙو ڪم آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ سميت اسان جي ٻين ادبي ادارن کي به ڪرڻ کپي ها! پر دير سان ئي سهي، سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي عالمن ۽ اديبن کي هن طرح مانُ ڏنو آهي، جيڪو واکاڻ لائق آهي. مان ڀايان ٿو سنڌي ڪنهن به اديب بابت هيءُ پهرين انٿالاجي آهي ڪنهن سرڪاري اداري پاران ۽ اهو اعزاز بورڊ کي ڏيڻ کپي. مرتب يوسف سنڌيءَ هن انٿالاجيءَ تي جوڳي محنت ڪئي آهي، جنهن ڪري هو به جس جو ڀاڳي آهي. هن انٿالاجيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ بابت مواد آهي، جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر صاحب جون پنهنجيون لکڻيون آهن ۽ آخر ۾ سندس لکڻين جو وچور ڏنل آهي. نهايت خوبصورت پني تي، پڪي جلد سان لڳ ڀڳ 600 صفحن تي ٻڌل هيءَ انٿالاجي سانڍڻ جهڙي آهي، جنهن جو ملهه 460 رپيا نهايت مناسب آهي.

ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ”ڊاڪٽر بلوچ نمبر“ - رکيل مورائي


ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ”ڊاڪٽر بلوچ نمبر“
رکيل مورائي
۽ ائين سنڌي ادبي بورڊ پاران وڏي عرصي کان پوءِ هڪ عالم تي ’مهراڻ‘ جو خاص نمبر شايع ڪري پنهنجي پراڻي روايت ورجائي آهي. تازو ئي اسان کان جڳ مشهور سنڌي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وڇڙي ويو آهي، جنهن بابت ’مهراڻ‘ جو هڪ خاص ۽ شاندار نمبر بورڊ پاران شايع ڪيو ويو آهي ۽ هيءُ نمبر بورڊ پاران ڊاڪٽر بلوچ جي انهن خدمتن جي اعتراف ۾ آهي، جيڪي هن مجموعي طور سنڌي ادب لاءِ ڪيون ۽ خاص طور سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڪيون.

ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ - رکيل مورائي


نامياري عالم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جو ڪتاب
”پهاڪن جي پاڙ“
رکيل مورائي
لوڪ ادب جي صنف پهاڪن جي تشريح ۽ ڇنڊ ڇاڻ بابت هيءُ هڪ اهم ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ جي شروعاتي ڪتابن مان آهي، جيڪو سنڌيءَ جي نامياري عالم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جو لکيل آهي. ڪتاب جو هيءُ ستون ڇاپو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1990ع ۾ ڇپيو هو. ڪتاب جي وڪري مان ڪتاب جي اهميت جو اندازو لڳائڻ ڏکيو نه آهي. تحقيق جي حوالي ۾ ڪم ڪندڙ عالمن ۽ اسڪالرن لاءِ هيءُ ڪتاب مختلف وقتن تي گهڻو مددگار رهيو آهي. ساڳئي وقت اسان جي عالمن جو هيءُ پورهيو ڏسي اڄ اسان کي فخر ٿيڻ لڳي ٿو ۽ پويان ايندڙ نوجوانن مان گهٽجندڙ محنت بابت مايوسي به ٿئي ٿي، پوءِ به هيءُ ڪتاب ڏسي شايد اڄ جي نوجوانن ۾ تحقيق لاءِ اتساهه وڌي ٿو. جڏهن اڄ زندگي ڏاڍي سولي ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته وسيلن جي اڻاٺ نه آهي، فقط جذبي جي اڻاٺ آهي، جيڪا هر ٻئي ڏينهن وڌي رهي آهي. ان ماحول ۾ بورڊ پاران هيءُ ڪتاب وري وري اچڻ سٺو سنوڻ آهي. 110 صفحن تي ٻڌل هيءُ خوبصورت پني تي ڇپيل ۽ پڪي خوبصورت جلد ۽ اکين کي وڻندڙ ٽائيٽل سان هن ڪتاب جو ملهه 110 رپيا آهي.

سنڌي-نج ٻولي! - آفتاب ابڙو


سنڌي-نج ٻولي!
آفتاب ابڙو
 نِجُ نبار ٻوليءَ جي استعمال جو موضوع تقريباً سڀني ٻولين ۾ اهميت جوڳو رهيو آهي. ٻوليءَ جي ماهرن ان ڏس ۾ بچاءَ طور ڪيئي گس به گهڙيا آهن، جن تي ورهين کان عمل ٿيندو رهيو آهي. البت حد کان وڌيڪ پابندين مڙهڻ جا نتيجا اگرا نڪتا آهن. قديم دور (۸۰۰ ق-م) ۾ برهمڻن هيٺين ذاتين تي پابندي لاڳو ڪئي ته اُهي سنسڪرت ٻولي استعمال نٿا ڪري سگهن. نتيجو اهو نڪتو جو اها پنڊتن ۽ برهمڻنِ تائين محدود ٿي، ويدن ۾ محفوظ ٿي رهجي ويئي. ساڳي حالت عبرانيءَ سان ڪئي وئي. اڄ ان جا ڳالهائيندڙ هزارن تائين محدود آهن. ڪنهن دور ۾ ڪن عالمن عربيءَ کي صرف قرآن تائين محدود رکڻ ٿي گهريو، پر پوءِ عربن جي اقتصادي سرگرمين عربي زبان کي وسعت ڏني. اڄ عربيءَ ۾ سوَن جي انگ ۾ انگريزي ۽ فرانسيسي ٻولين جا لفظ استعمال ٿين ٿا. اسان کي به ساڳي واٽ وٺڻي پوندي. نج ٻوليءَ جي استعمال بابت محترمه ’سحر گل‘ جا چار کن مضمون شايع ٿيا آهن، جنهن جي پٺڀرائيءَ ۾ تاج جويي ۽ محمد قاسم سوڍر خط لکيا آهن. سڀ کان پهريائين ڏسون ته نج ٻولي ڪهڙي آهي؟ ۽ ڌاريا لفظ ڪنهن ٻوليءَ ۾ ڪيئن ٿا داخل ٿين! موضوع تمام گهرو ۽ ڊگهي بحث جو گهرجائو آهي.

01/02/2013

محمد ابراهم جويي ڏانهن خط شيخ اياز


محمد ابراهم جويي ڏانهن خط
شيخ اياز
ڪئينس روڊ، سکر ۱۹۵۵ع
پيارا ادا ابراهيم!
هاڻي سُر ”يمن ڪلياڻ“ جي پنجين داستان جي آخري وائي، اردو گيت ۾ ترجمو ڪئي اٿم. رات جا ٽي لڳا آهن، ڪتيون ڪر موڙڻ لڳيون آهن ۽ ڪائنات جا نيڻ ننڊاکڙا آهن. وائيءَ جي هيٺين سِٽَ روح ۾ رقت جون لهرون اُڀاري رهي آهي:
جيڏيون جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ!

شيخ اياز جي شعري مجموعي ”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“ جو مهاڳ - محمد ابراهيم جويو


شيخ اياز جي شعري مجموعي
”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“ جو مهاڳ
محمد ابراهيم جويو
اياز جي اڳئين شعري مجموعي ’راج گهاٽ تي چنڊ‘ جي پيش لفظ لکندي، منهنجو خيال هو ته ان جي هڪ نظم- چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان، ڄڻ تون هئينءَ‘ (ص - ۱۸۳) جو هڪ مطالعو آخر ۾ ڏيندس. پر ڏيندي ڏيندي، ڪنهن طرح اهو رهجي ويو، جنهن لاءِ افسوس اٿم. هتي ان جي پورائي طور، ڳالهه جي سلسلي جا ٻه لفظ لائق پڙهندڙن جي آڏو رکڻ ضروري ٿو سمجهان. اهو سڄو نظم هيئن آهي:
چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان،
ڄڻ تون هئينءَ.
يا سُڳنڌن ۾ ڀريل ڪنهن واءُ جي جهوٽي جيان،
ڄڻ تون هئينءَ.
کير ٿر تان گڊ ڪو نئن گاج تي جيئين جهُڪي،
تئن مان هيس.
رڻ ۾ ڪوئي هرڻ پاڻي ڏسي ڏاڍو ڊُڪي،
تئن مان هيس.
تون ملينءَ مون کي ته سارو جڳ مليو، ٻيو ڇا کپي!
منهنجي سکي!