محمد ابراهم جويي ڏانهن خط
شيخ اياز
ڪئينس روڊ، سکر ۱۹۵۵ع
پيارا ادا ابراهيم!
هاڻي سُر ”يمن ڪلياڻ“ جي پنجين داستان جي آخري وائي، اردو گيت ۾ ترجمو
ڪئي اٿم. رات جا ٽي لڳا آهن، ڪتيون ڪر موڙڻ لڳيون آهن ۽ ڪائنات جا نيڻ ننڊاکڙا آهن.
وائيءَ جي هيٺين سِٽَ روح ۾ رقت جون لهرون اُڀاري رهي آهي:
جيڏيون جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ!
اڄ اها سٽ منهنجي آس نراس جي آرسي آهي، منهنجي ساريءَ روحاني ڪشمڪشن جي
آئينه دار آهي. گويا اها سٽ هڪ هندورو آهي، جنهن ۾ منهنجو هِينئون جُهولي رهيو آهي.
ڪهڙي نه ڳوڙهن ڀري ڳوڙهائي آهي. اُن ۾ ڪهڙو نه معنيٰ ڀريو ميٺاج! ”ننڊ نه هيريو نيڻ....!“
منهنجو تصور اُڏاڻو، صديون سميٽ جي ويون ۽ مون اُنهيءَ ازلي مست کي ڀٽ تي، ستارن جي
ڇانوَ هيٺان ڏٺو. مون ڏٺو ته لطيف پنهنجيءَ لات ۾ سراپا محو هو. هن جي اکين اڳيان لفظ
ڪتين وانگر جهرمر لڳائي بيٺا هئا، ۽ هُو اُنهن مان سِتارا ڇِنندو، پوئيندو ٿي ويو.
چوڌاريءَ جهر جهنگ راتڙيءَ جي گود ۾ آرامي هو. پَسون پکي سُتا پيا هئا، ليڪن ڀٽ ڌڻيءَ
جي اکڙين ۾ ازلي اوجاڳو هو، گويا آتشين شراب سندس روح ۾ رچي رهيو هو، گويا رمزون ۽
راز اُن جي مڌ ڀرئي هڳاءَ وانگر ڦهلجي رهيا هئا. هن تنبور کڻي تار ڇيڙي. لوهه جي لڱن
مان سيسڙاٽ اُڀري ويا، تند وڄڻ لڳي، رڳون رباب ٿينديون ويون، هن جي ساهه ۾ ابدي نغما
سميٽبا سمائبا ويا. راڳ مان ويراڳ وسڻ لڳو.
وسارج
مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
لوٺيون
سهن لوڪ جا، وهاڻيءَ ٿيون ويڻ!
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
اصل اَ سارن جا، سُتي ويڙاسيڻ!
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
جيڏيون، جي مان وَسهو، ننڊ نه هيريو
نيڻ!
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
راتڙيون جاڳن جي، سي آءٌ ڪندڙي
سيڻ!
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!
آڌيءَ رات اُٿي ڪري، جهل تون ننڊان
نيڻ!
جوڀن
ٻه ٽي ڏينهڙا!
هر سٽ ۾ روحاني اضطراب آهي، هڪ مسلسل ڪيفيت آهي، جنهن جو جيئن پوءِ تيئن
تاثر گهرو ٿيندو پيو وڃي. اُنهن ۾ زندگيءَ جي تخليقي دور جي بي ثباتيءَ ۽ زندگيءَ جي
تخليق جي ثبات جو اهڙو حسين تضاد پيدا ڪيو ويو آهي، جو هر سٽ کي چُمي اکين تي رکي،
روح جي رحل ۾ ويڙهي رکجي!
مٿينءَ وائيءَ جي گهرائي اُهو ئي محسوس ٿو ڪري سگهي، جنهن جي اکڙين جي
اوجاڳن سان ياراڻي هجي، جنهن ساريون ساريون راتيون ستارن جي سنگ گذاريون هجن، جنهن
جا شعر سندس نيڻن جي ننڊ مان جڙن، جا جاڳي، جلي، لوچي ۽ لهي.
ادا، هن دفعي مون لطيف سائينءَ کي ڪافي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي، ۽ پهريون
دفعو صحيح معنيٰ ۾ هن جي فن جي عظمت محسوس ڪئي آهي. ترجمي ڪرڻ وقت مان هر بيت کي ڪيئي
ڀيرا پڙهندو آهيان. ڪائي ازلي مستي وير وانگر وڌندي ايندي آهي، جا منهنجي روح کي ڇولين
جي ڇوهه ۾ چوٽيءَ چاڙهي ڇڏيندي آهي، جتان مان سمنڊ جي سيني ۾ گهوري ڏسندو آهيان ۽ منهنجو
روح پاتار ۾ پيهي، سپون سُونجهڻ لاءِ مضطرب هوندو آهي. رسالي جو اردو نظم ۾ ترجمو منهنجي
بهترين عبادت آهي. شال، مان اهو ڪم توڙ تائين سر انجام ڏيئي سگهان!
تنهنجو پنهنجو اياز
No comments:
Post a Comment