04/02/2013

ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ”ڊاڪٽر بلوچ نمبر“ - رکيل مورائي


ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ”ڊاڪٽر بلوچ نمبر“
رکيل مورائي
۽ ائين سنڌي ادبي بورڊ پاران وڏي عرصي کان پوءِ هڪ عالم تي ’مهراڻ‘ جو خاص نمبر شايع ڪري پنهنجي پراڻي روايت ورجائي آهي. تازو ئي اسان کان جڳ مشهور سنڌي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وڇڙي ويو آهي، جنهن بابت ’مهراڻ‘ جو هڪ خاص ۽ شاندار نمبر بورڊ پاران شايع ڪيو ويو آهي ۽ هيءُ نمبر بورڊ پاران ڊاڪٽر بلوچ جي انهن خدمتن جي اعتراف ۾ آهي، جيڪي هن مجموعي طور سنڌي ادب لاءِ ڪيون ۽ خاص طور سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڪيون.

ٻيءَ طرح هن نمبر جيترا چار پنج نمبر به سندس اعزاز ۾ شايع ڪيا وڃن تڏهن به سندس احسان لاهي نه سگهبو، پر بورڊ هيءُ نمبر شايع ڪرائي، هڪ ڀيٽا جي شروعات ضرور ڪئي آهي، جيڪا بلوچ صاحب کي ڪنهن به صورت ۾ ملڻ گهرجي. 500 جي لڳ ڀڳ هن سانڍڻ جهڙي دستاويزي نمبر ۾ ڊاڪٽر صاحب بابت پنجاهه مضمون ۽ مقالا آهن، جنهن بعد 7 ننڍا تاثر آهن، جن ۾ ڪجهه سندن اولاد جا آهن، چار تاريخي انٽرويو آهن ۽ ڏهاڪو کن منظوم ڀيٽائون آهن. ائين هن تاريخي دستاويز ۾ بلوچ صاحب جي علم، تحقيق ۽ شخصيت جا ڪجهه پهلو محفوظ ٿي سگهيا آهن ۽ انهن کي محفوظ ڪندڙ سنڌ جا وڏا عالم ۽ اسڪالر ته آهن پر ڪجهه نوجوان ليکڪ پڻ شامل آهن، ڪجهه يادگار تصويرون ۽ ڪي اهم خط هن خاص پرچي جو سينگار بڻيل آهن، جن بابت جاکوڙ لاءِ بورڊ جو سيڪريٽري الهڏتو وگهيو صاحب ته جس لهڻي ئي پر گڏوگڏ اسان جو دوست دين محمد ڪلهوڙو به مڃتا لهڻي، جنهن هن سانڍڻ جهڙي پرچي کي مرتب ڪيو آهي. مهراڻ جي روايت جي ابتڙ هن پرچي کي پڪي جلد ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي، جيڪا سٺي شروعات آهي. ٽائيٽل تي بلوچ صاحب جي مرڪندڙ تصوير وارو هيءُ پرچو مارڪيٽ ۾ 400 رپين ۾ دستياب آهي.

No comments:

Post a Comment