ڳوڙهن ڳاڙهو ويس
مٺل جسڪاڻي
پاڻ وٽ سنڌي ڪتابن جي ڇپائي ۽ وڪرو وڏو مسئلو رهيو آهي. هڪڙا ته پنهنجي
اضافي دولت مان غير معياري ڪتاب ڇپرائي ورهائيندا آهن، ٻين جو معياري مواد وسيلا نه
هجڻ ڪري ڇپجڻ کان رهجي ويندو آهي. ڪي وري سنگت ساٿ جي همٿ همراهي سان ڪتاب شايع ته
ڪرائي ويندا آهن، پر پوءِ مُور حاصل ڪري قرض لاهڻ به سندن وس ۾ نه هوندو آهي.
عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي جعفر جاني
جي شاعري پڙهيم، وڻي، ته سندس وڌيڪ شاعري پڙهڻ جي آس وڌي، جنهن تي ڳولا ڪندي خبر پئي
يا هڪ ڏينهن پاڻ ڄاڻ عالمي اوطاق معرفت معلوم ٿيو ته جعفر جاني جي شاعري جو مجموعو
”ڳوڙهن ڳاڙهو ويس“ شايع ٿيو آهي. ان کان پوءِ ٽنڊوڄام، حيدرآباد ۽ ٽنڊوالهه
يار ۾ مختلف ڪتاب گهرن تي لوڻا هيم، ڳولا ڪيم، ناڪام ٿيس، ته مجبوري ۾ ٺُل مان گهرايم.
ڪتاب تي قيمت شايع نه ٿيل هجڻ ڪري، پڇا ڪيم ته خبر پئي 100 رپيا.
’جعفر جاني‘ جي شاعري جو مجموعو
”ڳوڙهن ڳاڙهو ويس“، ملڻ کان پوءِ مون ٻه ٽي ڀيرا پڙهيو آهي، هر ڀيري وڻيو، دل کي ڇهندڙ
لڳو...
هي ٻه اکر لکڻ کان اڳ، جنهن ويل اهو مجموعو وري پڙهيم، ان وقت منهنجي
ڪيفيت ڇا هئي؟ جاني جي شاعري مون کي ڪيئن لڳي؟ ان حوالي سان مون پنهنجي راءِ پاڻ وٽ
لکي رکي ته سهي، پر پوءِ رهيو نه ٿيو! جاني سان ڪيم سچي. کيس موبائيل ايس ايم ايس وسيلي
لکيم ته ”برداشت ڪري سگهو ته رايو موڪليان؟“ هن جواب ڏنو ”موڪليو، برداشت ڪري ويندس“.
ان کان پوءِ مون، پنهنجو رايو ايس ايم ايس ڪري موڪلي ڇڏيو.
منهنجي اُن راءِ، کي ’جاني‘برداشت ڪيو يا نه، منهنجي دل ٿي گهري، ته اوهان
به منهنجو اهو رايو پڙهو. منهنجو خيال آهي ته:
ڳوڙهن
کي ڳاڙهو ويس پارائيندڙ جاني،
تون
جاني نه، جاني دشمن آهين!
جاني
ڪو تو جهڙا ٿيندا آهن؟!
تون
ته حساس دلين جو قاتل آهين!
قاتل
ته بس قاتل هوندو آهي،
پوءِ
اهو ڇو نه لفظن جا هٿيار ٺاهي قتل ڪري!
جيئن
جاني تو،
لفظ
پوئي،
ساهه،
ويساهه، چاهه ڏيڻ بدران،
اڻ
گهڙئي ڪاٺ سان تون،
ساهه
ڦُرين ٿو،
جان
وٺين ٿو،
جاني
نه آهين تون،
وڏو
ڪو زورآور،
ظالم
۽ قاتل آهين،
تون
جاني ناهين،
تون جاني ناهين!
اضافو: جاني جي شعري مجموعي جو آخري حصو، طويل نظمن، نثري نظمن تي مشتمل
آهي. هي نظم ته آهن ئي آهن، پر هي جيئريون جاڳنديون، نظم ڪهاڻيون آهن. هن دور جي چٽي
عڪاسي ڪندڙ اهڙيون حقيقتون آهن، جيڪي ايندڙن لاءِ سچي تاريخ جو درجو رکن ٿيون.
”ٻوڏ“، ”ماسي حاجل“، ”پريمي جوڙو“
کان ويندي ”رام ڪهاڻي“ نظم ۾ ’ڏاڏي ۽ پوٽي‘ جو شهر وڃڻ، رانديڪو نه وٺي سگهڻ، اهي سڀ
هن دور جو ڪڙو سچ آهن.
هن مجموعي ۾ 7 وايون، 7 پنڪڙا، 49 غزل ۽ 13 نظم شامل ڪيا ويا آهن. جن
مان هر هڪ وائي، پنجڪڙو، غزل توڙي نظم پڙهڻ، پروڙڻ جهڙو آهي، پر منهنجي دل ٿي چئي هيءَ
وائي ضرور پڙهو:
ڏاهپ
ڏنا ڏنڀ
ڏڏ هئڻ جي ڏوهه ۾.
آئون
اُڏامان ڪيترو
کسي
پيا ٿم کنڀ
ڏاهپ ڏنا ڏنڀ.
ٻوڙو
ڏيهه ٻڌي نه ٿو
رڙيون
ڪوڪون رنڀ
ڏاهپ ڏنا ڏنڀ.
سج
نه گهرندو آ ميان
ٽيڪون،
ٿوڻيون، ٿنڀ
ڏاهپ
ڏنا ڏنڀ.
ياد رهي ته ”ڳوڙهن ڳاڙهو ويس“ جي شاعر ’جعفر جاني‘، سندس هي پهريون مجموعو
”سنڌ جي قومي، عوامي ۽ انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائي
جي نانءِ“ ارپيو آهي. ”مهڙيون پنو“ جي عنوان سان شاعر جو تعارف ۽ مجموعي جي اشاعت بابت
آگاهي تي ٻه صفحا سنگت جي ڄاڻايل شاخ جي تڏهوڪي سيڪريٽري جاويد ساغر
جي قلم مان نڪتل آهن. جڏهن ته ”ڳوڙهن ڳاڙهو ويس... (جعفر جاني جو فن)“ جي عنوان سان
”مهاڳ“ ۾ تاج بلوچ شاعر ۽ سندس شاعري جي حوالي سان 10 صفحن تي مشتمل
تمام ڪارائتو مواد قلمبند ڪيو آهي. مجموعي جي بئڪ ٽائيٽل تي لطيف نوناري جي شاعر ۽ ان جي شاعري تي مختصر پر جامع راءِ شايع ڪئي وئي آهي. لي آئوٽ
۽ چئن رنگن جو خوبصورت ٽائيٽل فهيم
سولنگي (سب ايڊيٽر سوجهرو) جي ڪاوش
آهي. هن مجموعي جو پهريون ڇاپو آگسٽ 2011 ۾، سنڌي ادبي سنگت، ٺُل (ضلع جيڪب آباد) پاران،
ماهنامه سوجهرو ڪراچي جي سهڪار سان شايع ڪرايو ويو آهي ۽ ڊيمي سائيز جي 128 صفحن تي
مشتمل آهي.
No comments:
Post a Comment