04/02/2013

ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ - رکيل مورائي


نامياري عالم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جو ڪتاب
”پهاڪن جي پاڙ“
رکيل مورائي
لوڪ ادب جي صنف پهاڪن جي تشريح ۽ ڇنڊ ڇاڻ بابت هيءُ هڪ اهم ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ جي شروعاتي ڪتابن مان آهي، جيڪو سنڌيءَ جي نامياري عالم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جو لکيل آهي. ڪتاب جو هيءُ ستون ڇاپو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1990ع ۾ ڇپيو هو. ڪتاب جي وڪري مان ڪتاب جي اهميت جو اندازو لڳائڻ ڏکيو نه آهي. تحقيق جي حوالي ۾ ڪم ڪندڙ عالمن ۽ اسڪالرن لاءِ هيءُ ڪتاب مختلف وقتن تي گهڻو مددگار رهيو آهي. ساڳئي وقت اسان جي عالمن جو هيءُ پورهيو ڏسي اڄ اسان کي فخر ٿيڻ لڳي ٿو ۽ پويان ايندڙ نوجوانن مان گهٽجندڙ محنت بابت مايوسي به ٿئي ٿي، پوءِ به هيءُ ڪتاب ڏسي شايد اڄ جي نوجوانن ۾ تحقيق لاءِ اتساهه وڌي ٿو. جڏهن اڄ زندگي ڏاڍي سولي ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته وسيلن جي اڻاٺ نه آهي، فقط جذبي جي اڻاٺ آهي، جيڪا هر ٻئي ڏينهن وڌي رهي آهي. ان ماحول ۾ بورڊ پاران هيءُ ڪتاب وري وري اچڻ سٺو سنوڻ آهي. 110 صفحن تي ٻڌل هيءُ خوبصورت پني تي ڇپيل ۽ پڪي خوبصورت جلد ۽ اکين کي وڻندڙ ٽائيٽل سان هن ڪتاب جو ملهه 110 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment