04/02/2013

ڪتاب ”ڪجهه ڏئي وينداسين“ - رکيل مورائي


ڪتاب ”ڪجهه ڏئي وينداسين“
رکيل مورائي
هن انٿالاجيءَ جو مرتب اسان جو دوست يوسف سنڌي آهي. سچ ته اهو آهي ته هيءُ اهڙو ڪم آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ سميت اسان جي ٻين ادبي ادارن کي به ڪرڻ کپي ها! پر دير سان ئي سهي، سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي عالمن ۽ اديبن کي هن طرح مانُ ڏنو آهي، جيڪو واکاڻ لائق آهي. مان ڀايان ٿو سنڌي ڪنهن به اديب بابت هيءُ پهرين انٿالاجي آهي ڪنهن سرڪاري اداري پاران ۽ اهو اعزاز بورڊ کي ڏيڻ کپي. مرتب يوسف سنڌيءَ هن انٿالاجيءَ تي جوڳي محنت ڪئي آهي، جنهن ڪري هو به جس جو ڀاڳي آهي. هن انٿالاجيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ بابت مواد آهي، جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر صاحب جون پنهنجيون لکڻيون آهن ۽ آخر ۾ سندس لکڻين جو وچور ڏنل آهي. نهايت خوبصورت پني تي، پڪي جلد سان لڳ ڀڳ 600 صفحن تي ٻڌل هيءَ انٿالاجي سانڍڻ جهڙي آهي، جنهن جو ملهه 460 رپيا نهايت مناسب آهي.

No comments:

Post a Comment