04/02/2013

ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ - رکيل مورائي


ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“
رکيل مورائي
سنڌي ادب ۾ نهايت اعليٰ مقام رکندڙ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي آتم ڪٿا تي ٻڌل هيءُ گهڻو پڙهيو ويندڙ ۽ سنڌي ادبي حلقن ۾ گهڻي ناماچاري رکندڙ ڪتاب آهي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ پاران چوٿون ڀيرو ڇپايو ويو آهي. هيءُ ڪتاب ڪنهن گهڻي تعارف جو محتاج ته بنهه ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ بار بار پڙهيو ويو آهي ۽ سڄاڻ پڙهندڙ سڀ هن ڪتاب جي اهميت کان واقف آهن. البت هن ڇاپي کي بورڊ نهايت اعليٰ نموني ۽ اعليٰ پني تي پڪي جلد ۽ اکين کي وڻندڙ ٽائيٽل سان ڇاپي، ڪتاب جي مرتبي جو خيال به رکيو آهي ته ليکڪ جي مرتبي جو به، جنهن لاءِ اداري جا سربراهه جس لهڻن.
هيءُ اهم ترين ڪتاب هاڻوڪي ڇاپي ۾ 246 صفحا ٿي بيٺو آهي ۽ آخر ۾ 20 صفحن تي ٻڌل شمس العلماءِ جي حسب نسب جو شجرو شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ پهرئين صفحن ۾ مرزا صاحب جي زندگيءَ جي الڳ الڳ دور جون ڪي يادگار تصويرون پڻ ڪتاب جي سونهن وڌائين ٿيون. ائين 266 صفحن جو هي اهم ڪتاب 250 رپين جي ملهه سان موجود آهي.

No comments:

Post a Comment