08/02/2013

ڪتاب ”ھليو آ ھليو آ ملائيشيا“ جو پيش لفظ - قاضي اعجاز


الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب
”ھليو آ ھليو آ ملائيشيا“ جو پيش لفظ
قاضي اعجاز
اڄ جڏهن محترم الطاف شيخ صاحب جن پنهنجي هن ڪتاب جي ”پيش لفظ“ لکڻ جو چيو ته مون کي ٽيهه سال پهرين جي ڪا ڳالهه ياد اچي وئي. ها آئون پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ماڊل اسڪول گاڏي کاتي ۾ يارهون درجو پڙهي رهيو هوس. سال 82-1981ع هوندو. مون سائين الطاف شيخ جن کي خط لکيو، پاڻ تڏهن ڪنهن جهاز تي هئا. خط ۾ سندس ان وقت تائين جي لکيل سفرنامن جي تعريف ۽ تبصرو ڪيو هوم ۽ ٻُڌايو هئومان ته مون کي به دنيا ڏسڻ جو شوق آهي پر آئون Pre Medical پيو پڙهان سو منهنجي نصيب ۾ مرچنٽ نيوي يا شپنگ ڪارپوريشن جي نوڪري ڪانهي. پاڻ جواب موڪليو هئائون، شايد سنگاپور مان، هڪ عدد فوٽو سان گڏ. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ورهيه گذري ويا. سال 1988ع ۾ ايم بي بي ايس جو امتحان ڏيندي CSS ۾ ويهڻ جو خيال آيو. بنا ڪنهن سيريس مُوڊ جي فقط ’وزن جو پتو ته پوي‘ واري حساب ۾ پيپر ڏئي آيس. خبر پئي ته 1989ع ۾ مون کي پهرين چوائس يعني Foreign service of Pakistan لاءِ چونڊيو ويو آهي. ڏاڍي حيرت ۽ خوشي ٿي. بابا جن ايترو چيو ته ”سٺو آهي جو ڪسٽم گروپ يا پوليس وغيره هيٺان رکئي پنهنجي گروپ جي تربيت ۾ کاتو تمام سٺو آهي. بس رڳو اهو آهي ته تون جيڪو هميشھ اسان سان گڏ گهر ۾ رهڻ وارو، ٻين ڀائرن وانگر نه LMC جي هاسٽل ۾ رهئين، نه حافظ اعجاز يا محفوظ (ٻه منهنجا ننڍا ڀائر MUET جا گريجوئيٽ) وانگر مهراڻ جي هاسٽل ۾ رهئين سو اسان کان پري ضرور ٿي ويندين.“

اڄ جڏهن دنيا جا پنجاهه کن ملڪ ڏسي چڪو آهيان، گذريل 22-23 سالن ۾، جن مان اڌ درجن ملڪن جي پاڪستاني سفارتخانن ۾ نوڪري به ڪري چڪو آهيان، الحمدلله سفير ٿيڻ واري مرحلي ۾ به اچي ويو آهيان ته وري به سائين الطاف شيخ جو همٿائيندڙ واقعو ياد ٿو اچيم. پاڻ ڏيپلي واري ڊاڪٽر صالح ميمڻ جو انٽرويو ورتو هئائون بالٽيمور ۾. ڊاڪٽر صاحب کي سندن استاد ڀريل کير جي گلاس ۾ جڳهه نه هوندي به مٿان گل رکي سمجهايو هو ته محنت ڪندو رهجانءِ There is always a place on the top.
سو سائين ڳالهه آهي ته نه رڳو آئون پر ڪجهه ٻيا به سنڌي آفيسر، جن جا تبصرا مون Face book تي پڙهيا آهن، تن جو اعليٰ سول سروس ۾ اچڻ يا دنيا ڏسڻ جو سڌي يا اڻ سڌي طرح ضرور سهرو سائين الطاف شيخ جن جي سر آهي. الله سائين کين وڏي ڄمار ۽ تندرست سان نوازيندو رهي، جو اسان جي قوم جي رهنمائي ڪندا رهن ۽ ڄاڻ ڏيندا رهن.
ملائيشيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ آئي مون کي اڍائي سال ٿي ويا آهن، ٻه سال مِنسٽر (پوليٽيڪل) ۽ ڊپٽي هاءِ ڪمشنر طور ڪم ڪيو اٿم جن مان به سال کن هاءِ ڪمشنر (سفير) جي سيٽ خالي هئڻ ڪري ايڪٽنگ هاءِ ڪمشنر (وقتي سفير) طور به ڪم ڪيم. پڙهندڙن کي ٻڌائيندو هلان ته ڪامن ويلٿ جي 55 کن ملڪن ۾ اسان جي سفارتخانن کي هاءِ ڪميشن ۽ سفير کي هاءِ ڪمشنر جو خطاب هوندو آهي.
سفارتڪاريءَ جي نوڪريءَ دوران ڪئين ماڻهن، ثقافتي ۽ ٻولين سان واسطو پيو آهي. سيني ۾ ڪئين سرڪاري ميٽنگن ۽ دعوتن جا راز هوندا جن کي نوڪريءَ جي مجبورين تحت ظاهر نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان جي ٽن وزيرِ خارجه (پرڏيهي وزيرن) جو ڊائريڪٽر/ اسٽاف آفيسر ٿي رهڻ جو موقعو مليو جنهن ۾ ڪيوبا جي ڪنڊ تائين تقريباً سڀني کنڊن جا کوڙ سارا ملڪ ڏسڻ جو اتفاق ٿيو پر جڏهن ملائيشيا اچي رهيو هوس ته الطاف شيخ جا ڊزن کن ملائيشيا بابت لکيل ڪتاب ڳولي هٿ ڪري کڻي پوءِ هتي آيس، انهن ۾ جيڪو خزانو، تاريخي، جاگرافيائي، ثقافتي، لساني توڙي انساني رشتن ۽ احساسن جو (People to people contacts) جمع ٿيل آهي، اهو اڄ به پوري سچائيءَ سان هڪ دليل طور واضح آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ جيڪي تبديليون آيون آهن اهي هي ڪتاب پوريون ڪري وٺندو.
ذاتي طور مون کي ته هن ڪتاب ۾ ملائيشيا جو سمنڊ هڪ ’ڪوزي‘ ۾ بند ٿيل نظر اچي ٿو، ڪئين لمحن تي الطاف شيخ ياد آيو. ياد اٿم اپريل 2011ع ۾ ايڪٽنگ هاءِ ڪمشنر طور، ملاڪا شهر ۾ چيف منسٽر رستم محمد علي صاحب سڀ سفير گهرايا هئا، UNESCO طرفان ملاڪا ۽ پينانگ کي World Heritage ۾ شامل ڪرڻ جي سالگره جي موقعي تي. جڏهن مون تقرير جو وارو اچڻ تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته جذبات ۾ شيخ صاحب جو به حوالو ڏنو، سندن خدمات جو مئرين اڪيڊمي LAUT لاءِ. ملاڪا تي ڳالهائيندي، مڪلي ۽ ٺٽي جي تاريخي حيثيتن جو تقابلي جائزو وٺندي مون الاءِ ڇا ڇا پئي چيو. جڏهن مون الطاف جا لکيل اهڃاڻ ڏنا Malacca Straits جي باري ۾ ته ڪيئن ’ڏکڻ چيني سمنڊ‘ جي لهرن ۽ لوڏن کان بچي جڏهن سيلاني ملاڪا نار ۾ گهڙندا آهن ته سڪون ۽ شانت اچي ويندي آهي، ڄڻ ماءُ جي گود ۾ اچي سُک جو ساهه پٽيو هجين. ڪانفرنس هال ۾ ڄڻ چپ لڳي وئي. منهنجي تقرير کان پوءِ چيف مِنسٽر اُٿي اچي مون سان خاص مليو ۽ رات جو سرڪاري ڊنر تي به ويجهو ويهاري ڪافي خبرچار ڪندو رهيو، جنهن ۾ ڪلچرل شو به هليو پئي ــــ پورچوگالي، ڊَچ، انگريز، ملئي، چيني ۽ برِصيغر جي گانن ۽ ثقافتن جو.
اڄ جڏهن پنهنجي ’هيمپشائر ريزيڊنس‘ اپارٽمينٽ جي 31 منزل واري گهر مان جنهن جي ڪمرن جون سڀ ديوارون وال ٽو وال شيشي جون آهن ۽ روڊ جي سامهون پيٽروناس جا جاڙا ٽاور اسان جي بلڊنگ جي جاڙن بلاڪن B ۽ A کي پتڪڙو ثابت ڪرڻ جو پڪو ڏيکاءُ ڏئي رهيا آهن، هي اکر لکندي مون کي اڄ خبر پئي آهي الطاف جي هن ڪتاب مان ته منهنجي گهر جي پٺيان واري گهٽي ’جالان ياپ ڪوان‘ جنهن چينا جي نالي تي آهي اهو هتي جو هڪ هيرو هو. هن گهٽيءَ مان آفيس 5 منٽ ۾ پهچي ويندو آهي، بجاءِ جالان اَمپنگ جي، جيڪو شاهراهه فيصل جو متبادل کڻي چئجي پر هاڻ هاءِ- رائز بلڊنگن جي ڪري نيويارڪ جو مئن هٽن تي پيو آهي.
الطاف ذڪر ڪيو آهي پيران پير سيدنا غوث الاعظم عبدالقادر جيلانيؒ جن جي پڙپوٽي سيدنا عفيف الدين گيلاني جو، جن سان هتي رهڻ دوران ڪيئن دفعا سندن مهرباني ۽ زيارتون نصيب ٿيون. جولاءِ 2011ع ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري صاحب جن ٽرانزٽ ۾ ملائيشيا آيا ته پئرس وارين ملاقاتن وانگر منهنجو پڇيائون ۽ تقريباً ٻه ٽي ڏينهن گڏ رهيا. سائين عفيف الدين وٽ ويا، انهن جي والد سيدنا عبدالقادر بن منصورؒ  جن جو جون 2011ع ۾ (7 مهينا کن اڳ) وصال ٿي ويو هو ان جي تعزيت ڪيائون. ڊاڪٽر صاحب سيدنا عضيف الدين جي چاچي سيدنا علاءُ الدينؒ جا متعقد هئا. ڊسمبر 2011ع جي آخري هفتي ۾ مون کي وري Setia Bangsa ۾ سيدنا سان ملاقات نصيب ٿي، جو وزيراعظم پاڪستان جو خيرسگالي ۽ پاڪستان اچڻ لاءِ دعوت جو خط کڻي ساڻن ملاقات ڪيم. ڪافي ديني ڪتاب ڏنائون، هڪ عدد شال ڏنائون ۽ چاڪليٽن بدران هن دفعي مديني اطهر جي عَجوَه کجين سان پذيرائي ڪيائون.
الطاف جو هي سفرنامو پڙهندي ڪئين اهڙن موڙن ۽ گلين مان گذريو آهيان جن جو مشاهدو الطاف ڪيو ۽ ائين ڪيو جو اسان لاءِ معلومات ۽ تفريح جو سامان ٺهي پيو. الطاف کي هتان جو PJK خطاب مليل آهي. مون به هر سال ملائيشيا بادشاهه جي ڄم ڏينهن جي موقعي تي ٿيندڙ قومي ايوارڊن جون تقريبون ٻين سفيرن ۽ هتي جي اميرن، وزيرن سان گڏ اٽينڊ ڪيون آهن جيڪي بادشاهه نوازيندو آهي. مون کي خوشي تڏهن به ٿي جڏهن پاڪستان جي خاتون قاري قرآن سميه حنان جولاءِ 2010ع ۾ هتان جي بادشاهه کان پهريون انعام وصول ڪيو، جنهن تقريب ۾ آئون به شريڪ هوس، پنج هزار ماڻهن سان گڏ. هفتي جي مدت لاءِ هلندڙ هي سالانه مقابلو 52 سالن کان لاڳيتو هلندو اچي ۽ هن سال 74 ملڪن جا قاري (مرد توڙي عورتون) شريڪ ٿيا هئا. کين سابق بادشاهه ترنگانو جي سلطان ميزان زين العابدين ڏهه هزار آمريڪي ڊالر، شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنو. ان موقعي تي راڻي نور ظهيره به گڏ هئي. پترا ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾ ٿيندڙ هن تقريب ۾ منهنجو سڀني سفيرن ۾ ڳاٽ اوچو ٿي ويو جو پاڪستان پهريون دفعو 52 سالن ۾ ڪو انعام کٽيو هو سو به فرسٽ پوزيشن، ڪنهن نياڻيءَ جي هٿان. پڙهندڙن کي ٻُڌائيندو هلان ته ملائيشيا جو 13هون بادشاهه ميزان زين العابدين 10 ڊسمبر تي هتي جي بادشاهه لاءِ ٺهيل نئين محل Istana Negara ۾ الوداعي ضيافت ڪئي جنهن ۾ سڀني رياستن جا بادشاهه، موجود ۽ پراڻا وزراء اعظم، سفير ۽ اعليٰ عملدار شريڪ هئا. مون کي به ان تاريخي محل ۾ وڃڻ جو شرف مليو. ٻه ڏينهن پوءِ پارليامينٽ هائوس مان ايڪيهه توبن جي سلامي وٺي اسان سان هٿ ملائي بادشاهه ۽ راڻي 12 بجي ايئرپورٽ KLIA جي VIP لائونج بنگارايا ڪمپليڪس (Bunga Raya Complex) مان پنهنجي اباڻي رياست جي گادي ڪئالا ترنگانو روانا ٿي ويا. سچ ته دل ڏاڍو اُداس ٿي. هن بردبار ۽ خانداني انسان سان ملڻ جا ڪئين واقعا ياد آيا. هتي جي شفيع نظاماڻي صاحب واري تمام مشهور يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا، شاهه عالم Convocations دوران ملڻ جا جنهنجو پاڻ چانسلر هو، پارليامينٽ جي سالاني افتتاحي وقت خطاب دوران ٿيل رسمي ملاقاتن جا، سفير صاحب جڏهن صدرِ پاڪستان جا ڪاغذ پيش ڪيا، بادشاهه کي سفير ٿيڻ جي Credentials جا يا ڪئين محلاتي ضيافتن جا. بادشاهه ته مون به ڪئين ڏٺا آهن، خليجي رياستن جي ڪئين بادشاهن جون ضيافتون پاڪستاني سربراهن جي دورن دوران کاڌيون آهن، جن ۾ سعودي عرب جو شاهه عبدالله، UAE جو مرحوم شيخ زيد الخيان ۽ قطر واري امير شيخ حمد بن خليفه الثاني جي محل ۾ ته ڪئين دفعا ضيافتون اٽينڊ ڪيون (دوحا ۾ به ڪافي عرصو مون سفارتخاني کي Head of Mission طور هلايو 2005ع-2007ع ۾)، ڪڏهن سندن ولي عهدن جي شاديءَ جون، ڪڏهن State visits جون ته ڪڏهن رمضان جي افطار ۽ عيد جي ڏينهن واري لازمي رسمي ملاقاتن جون)، هر هنڌ جا پنهنجا انداز اطوار آهن پر ملائيشيا جي Rotary Kingship واقعي نرالي آهي. 13 ڊسمبر 2011ع کان 14هون بادشاهه سلطان عبدالحليم معظم شاهه واڳون وٺي چڪو آهي، پنجن سالن لاءِ. پاڻ ملائيشيا جي 9 رياستن (13 مان 9 ۾ سلطان آهن باقي 4 ۾ گورنر) جي سلطانن ۾ پهريون شخص آهي، جيڪو 1970ع کان 1974ع تائين بادشاهه رهي چڪو آهي ۽ هينئر 84 سالن جي ڄمار ۾ جڏهن وري سندن اُترائين رياست Kedah جو وارو آيو آهي ته Council of Rulers کيس 5 سالن لاءِ سلطان مقرر ڪيو آهي. نرينو اولاد نه هئڻ ڪري سندس رياست جي واڳ سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻ تي مشتمل Regency Council هلائيندي. پاڻ 1974ع ۾ پاڪستان جو دورو به ڪري چڪو آهي جنهن دوران کيس نشانِ پاڪستان جو خطاب به مرحوم ڀٽي صاحب عطا ڪيو هو.
ها سائين، الطاف جي ڪنهن پراڻي سفرنامي ۾ ذڪر پڙهيو هوم، گلوب سلڪ اسٽور جي مالڪ ڪِشو تيرٿراءِ جو، سندس زال مونا جو ۽ خاندان جي جاکوڙ جو. پَرسال حيرت ٿي جڏهن سندن فون آيو ته پاڪستان جو جيڪو به سفير هوندو آهي منهنجي غريب خاني تي ضرور ايندو آهي، سو توهان جي مانَ ۾ گهر تي دعوت رکي اٿم جنهن ۾ سڀ سنڌي بزنيس مين توڙي سنگاپور جا به ڪجهه گهرايا اٿم، گهرن وارن سان گڏ توهان حامي ڀريو ۽ تاريخ به ڏيو. واقعي ڏاڍو مزو آيو ملائيشين کاڌن کان علاوه سنگاپور مان آيل گوار، ساڳ ۽ آچارن ته سنڌ ياد ڏياري ڇڏي. ڪچهري به ڏاڍي سٺي ٿي. پاڻ هاڻ گلوب سلڪ ڇڏي/ وڪڻي چُڪو آهي ۽ وزيراعظم جو اسڪندر پروجيڪٽ (سنگاپور سان گڏ اربين ڊآلرن جو سيڙپڪاري منصوبو جيڪو جوهر رياست ۾ اڏجي رهيو آهي) صلاحڪار آهي. اڪثر پاڻ ۽ زال ڊپلوميٽڪ ۽ ٻين دعوتن ۾ گڏبا رهندا آهيون. اڳئين هفتي جپاني سفارتخاني ۾ بادشاهه جي جنم ڏينهن جي (قومي ڏينهن) واري موقعي تي ٻُڌايائين ته احمد آباد ۾ تازو سنڌين جو سالانو ”سميلن“ ٿيو هو جنهن مان سڄي دنيا جا ٻاهر سيٽلڊ سرنديءَ وارا سنڌي آيا هئا، سؤ ڄڻن تي مشتمل نان انڊين سنڌين جو هڪ وفد جلد سنڌ وڃي رهيو آهي ۽ ٻوڏ جي ستايلن جي امداد لاءِ به عطيا ڏيندو. ٻوڏن کان ياد آيو ته آڪٽوبر 2011ع جي پهرئين هفتي ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا صاحبه اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا صاحب به ڪوالالمپور آيا هئا ۽ هتي جي ڪميونٽي سفارتخاني جي سڏ تي لبيڪ چئي دل کولي هن ڪارِخير ۾ مدد ڪئي.
الطاف جو سڄو سفرنامو پڙهي دل خوش ٿي. گهڻيون تڻيون ڳالهيون، جڳهيون ۽ ماڻهو مشاهدي ۾ رهيا آهن سو پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ دل تي اُترڻ لڳيون ۽ وڌيڪ تفصيل سان انهن جي ڄاڻ پئي سندن احوال پڙهڻ کان پوءِ. مثال طور: حاني غلام علي سولنگي نه صرف الطاف جو ميزبان ۽ دوست آهي پر مون سان به سٺي واقفيت ۽ دُعا سلام اٿس. پاڻ هر سال 12 ربيع الاول جي موقعي تي مون کي ’محفلِ ميلاد‘ ۾ وٺي ايندو آهي ۽ اسٽيج تي جتي سيدنا عفيف الدين سائين جهڙا عالم دين ۽ تقويٰ وارا انسان ويٺل هوندا آهن انهن جي پاسي ۾ مون کي به زوريءَ ويهاري وٺندو آهي ۽ باوجود سخت منع ڪرڻ جي هن گنهگار کي به ڪجهه لمحا مائيڪ جي سامهون ڪري ڇڏيندو آهي. سچ ته ڏاڍو شرم ايندو آهي، سو اهڙي بردبار همراهه سان سٺو تعلق هوندي به ايتري خبر نه هئي ته ڇا ايڊوينچرس داستان رکي ٿو ۽ هيڏن خطرن ۽ مامرن کان پوءِ هتي هن منزل تي آهي. الله سائين اڃا وڌائيس ۽ خوش رکيس تمام ڀلوڙ انسان آهي ۽ وڏي نوڙت ۽ بزرگن سان عقيدت ۽ محبت رکڻ وارو.
ها! هڪڙي ڳالهه جي ڪمي محسوس ٿيم، الطاف اگر برو نه محسوس ڪري ته اسان جي سفارتخاني جي تاريخي عمارت بابت ٻه اکر ضرور لکان. هيءَ خوبصورت پر جهوني عمارت پيٽروناس ٽاور کان 3-4 منٽن جي پنڌ تي آهي، جالان امپنگ تي (گولڊن ٽرينگل ۾) ڪالونيل اڏاوت، باقي ٻه يا ٽي ڊبل اسٽوري بلڊنگس بچيون آهن هن مئن هٽن جهڙي علائقي ۾. هڪڙي ٽُوئرزم وارن جي آفيس MATIC جيڪا سفارتخاني جي سامهون ۽ هڪ چائينز اسڪول آهي. اڄ به ٻاهران کان ايڏي خوبصورت جو ماڻهو پيٽروناس ٽاور جو فوٽو ڪڍي وري پٺيان مُنهن ڪري اسان جي سفارتخاني جي façade جي سامهون فوٽو ڪڍائيندا آهن ۽ ڪئين گورا شام جو اسان کي ڊيوٽي ختم ڪري ٻاهر نڪرڻ مهل ڏسي رشڪ ڪندا آهن ته هيڏي خوبصورت عمارت ۾ ڪم ڪرڻ وارا خوشنصيب آهن. سو سائين هي عمارت 20هين صدي جي بلڪل اوائل ۾ هڪڙي چيني Chin Yim ٺهرائي هئي. پاڻ 19 صديءَ جي آخري سالن ۾ چين کان برٽس ملايا آيو پنهنجي زال ۽ ڌيءَ سان گڏ فقط ٻه ڊالر کڻي، ڪجهه سال ٽن ۽ ربڙ جي فارمن تي مزدور طور ڪم ڪندي، محنت ۽ اورچائيءَ سان وڃي لک پتي ٿيو، پوءِ هي گهر اڏايائين. تنهن وچ ۾ پهرين زال ڇڏي ويئي. پاڻ پهرين گهر مان آندل ڌيءَ، ٻي زال ۽ ان جي چئن ٻارن (ٻه پٽ، ٻه ڌيئن) سان گڏ رهڻ لڳو هڪڙو پٽ Adopt به ڪيائين. خدا جي قدرت، ٻئي سڳا پٽ نوجوانيءَ ۾ فوت ٿي ويا. پاڻ به 1930ع واري ڏهاڪي ۾ گذاري ويو ۽ ملڪيت اڳي پٽ ۽ پوٽن ۾ ورهائجي وئي. پوءِ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جپانين قبضو ڪيو ۽ هن جڳهه کي تفتيشي ڪيمپ به ٺاهيو. Chin Yim جو خاندان واپس رٻڙ جي فارمن تي هليو ويو هو، جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ 1950ع تائين هي گهر خالي رهيو جو 1951ع ۾ ملائيشيا آزادي ورتي، 1958ع ۾ پاڪستان جا ملائيشيا سان سفارتي تعلقات جُڙيا ۽ 1959ع ۾ Chin جي اَڳي پٽ کان هي گهر پاڪستان جي پهرئين سفير ميجر جنرل شير علي خان خريد ڪيو ۽ ساڳئي وقت ايتري ئي سائيز يعني اڍائي هيڪٽرن تي مشتمل پاڪستان هائوس (سفير جي سرڪاري رهائشگاهه) به جالان اسٽونر تي خريد ڪئي. اڄ هي ٻئي عمارتون اربن ڊالرن جي ملڪيت آهن ۽ حڪومتِ پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي. ميجر جنرل شيرعلي خان ڀارتي اداڪار سيف علي خان جو شايد چاچو ٿئي. پاڻ هيڏانهن لڏي آيا هئا، ورهاڱي کان پوءِ. پر سال سندن بيواهه ملڻ آئي ته ٻئي جڳهيون ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين. ڪئين يادون تازيون ڪيائون ته ڪيئن ملائيشيا جو پهريون وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان اڪثر سندن گهر دعوتن تي ايندو هو ۽ مهاتير محمد ان وقت صرف عام MNA هو جيڪو دعوت ۾ پريان ويٺو هوندو هو، وڌيڪ ٻُڌايائين ته اڳوڻي يوگوسلاويه ۾ به سفارتخاني جي عمارت سندس گهر واري جنرل شير علي خان مارشل ٽيٽو کي عرض ڪري ڀڳڙن مٺ خريد ڪئي هئي، پنهنجي ٻي سفارت دوران. اها به اڄ هڪ تمام قيمتي اثاثو آهي. اڳ ذڪر هيٺ آيل سيٺ ڪِشوتيرٿ راءِ به ڪئين اهڙا فوٽو ڏيکاريا جن ۾ تنڪو عبدالرحمان سندن گهر ۾ سياسي ليڊرن سان گڏجي اچي ميٽنگون ڪندو هو ۽ سندن والد کي پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو.
لڳي ٿو ته هڪ ئي ساهيءَ ۾ لکندي لکندي ڪافي ڳالهيون لکي ويو آهيان پر لکڻي اهڙي بيٺي آهي جو ”لکي لکاڏنو پڙهي الهڏنو“ سو آئون ته پنهنجي آنگ لاهيان پيو ۽ موڪليان ٿو الطاف سائين کي هي ڪاڳر (جيڪي مون ڦاڙيا آهن پنهنجي چيني زبان سکڻ واري نوٽ بڪ مان، جنهن ۾ آئون مشق ڪندو آهيان چيني Kanji Characters جي) موڪلي رهيو آهيان. وڌيڪ سندس اختياري آهي هي اکر ڇَپائين، ردوبدل ڪن يا مرڳو ئي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ وجهي ڇڏين، جيڪڏهن ڪنهن باقاعده اديب ليکڪ جو مواد ملي ويو هجين هن ڪتاب لاءِ. باقي آئون اعتراف ٿو ڪيان ته سفرنامو آئون ڪونه لکي سگهندس، هيڏي مصروف ڪِرت ۾ ۽ نوڪريءَ جي مجبوريءَ جي ڪري. سو هنن صفحن ۾ دل جي ڀڙاس خوب ڪڍي اٿم، ليکڪ Pseudo بڻجڻ جي. مهربان پڙهندڙن کي عرض آهي ته وڌيڪ ٽائيم ضايع نه ڪن ۽ پنو ورائي ڪم جي ڳالهين ۾ لڳن، يعني بنا ٽڪيٽ ويزا ملائيشيا هليا اچن.

No comments:

Post a Comment