04/02/2013

سنڌي-نج ٻولي! - آفتاب ابڙو


سنڌي-نج ٻولي!
آفتاب ابڙو
 نِجُ نبار ٻوليءَ جي استعمال جو موضوع تقريباً سڀني ٻولين ۾ اهميت جوڳو رهيو آهي. ٻوليءَ جي ماهرن ان ڏس ۾ بچاءَ طور ڪيئي گس به گهڙيا آهن، جن تي ورهين کان عمل ٿيندو رهيو آهي. البت حد کان وڌيڪ پابندين مڙهڻ جا نتيجا اگرا نڪتا آهن. قديم دور (۸۰۰ ق-م) ۾ برهمڻن هيٺين ذاتين تي پابندي لاڳو ڪئي ته اُهي سنسڪرت ٻولي استعمال نٿا ڪري سگهن. نتيجو اهو نڪتو جو اها پنڊتن ۽ برهمڻنِ تائين محدود ٿي، ويدن ۾ محفوظ ٿي رهجي ويئي. ساڳي حالت عبرانيءَ سان ڪئي وئي. اڄ ان جا ڳالهائيندڙ هزارن تائين محدود آهن. ڪنهن دور ۾ ڪن عالمن عربيءَ کي صرف قرآن تائين محدود رکڻ ٿي گهريو، پر پوءِ عربن جي اقتصادي سرگرمين عربي زبان کي وسعت ڏني. اڄ عربيءَ ۾ سوَن جي انگ ۾ انگريزي ۽ فرانسيسي ٻولين جا لفظ استعمال ٿين ٿا. اسان کي به ساڳي واٽ وٺڻي پوندي. نج ٻوليءَ جي استعمال بابت محترمه ’سحر گل‘ جا چار کن مضمون شايع ٿيا آهن، جنهن جي پٺڀرائيءَ ۾ تاج جويي ۽ محمد قاسم سوڍر خط لکيا آهن. سڀ کان پهريائين ڏسون ته نج ٻولي ڪهڙي آهي؟ ۽ ڌاريا لفظ ڪنهن ٻوليءَ ۾ ڪيئن ٿا داخل ٿين! موضوع تمام گهرو ۽ ڊگهي بحث جو گهرجائو آهي.

هتي اسان مختصر طور ذڪر ڪنداسين.
هر ٻولي پنهنجي مڪاني ماحول مان جڙندي آهي. ماحول زرعي هوندو ته لفظ به اهي ئي اسرندا، جي صنعتي هوندو ته لفظ ۽ اصطلاح ان ريت جڙندا. اسان جو ماحول بنيادي طور زرعي آهي. ان ڪري اسان وٽ هزارين نه پر لکين لفظ ۽ محاورا ان نوعيت جا آهن. جن ماڻهن اهو ماحول ويجهي کان نه ڏٺو آهي، انهن لاءِ اهڙا لفظ ۽ محاورا اوکا آهن. جن پنهنجي ڄمار ۾ اَڪُ نه ڏٺو سي ’اَڪ مڪڙ ڇا سمجهندا‘، ”اڪ جي ماکي“ ۽ ”زمين کري ته اڪ ڪري“ ڪيئن سمجهندا! مڪاني ماحول تي ٻين ٻولين جا جيڪي اثر ٿين ٿا سي ٿلهي ليکي هن ريت آهن: (۱) ڌارين جي والار، (۲) دين ڌرم، (۳) سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپا، (۴) ايجادون وغيره. ڌيان سان ڏسنداسين ته سموري وارتا سمجهه ۾ اچي ويندي. ڌارين جي والار جي مڪاني ٻوليءَ تي اثر جي مثالن سان هونئن ته پوري تاريخ ڀريل آهي پر هتي نموني طور هڪ مثال پيش ڪجي ٿو ته: ايران تي عرب والار کان پوءِ موجوده فارسي زبان ۾، پنهنجي اصلي ٻولي - زند، اوستا ۽ پهلويءَ جا گهٽ پر عربي، عبراني ۽ يوناني ٻولين جا لفظ وڌيڪ نظر ايندا.
اهو به هڪ قدرتي قانون آهي ته جيئن هوا ۽ پاڻي تي ضابطو آڻڻ گهڻو  ڏکيو آهي، (پاڻيءَ جي مٿان جهل ڪبي ته هيٺان جر وسيلي وهي ويندو) اهڙي طرح لفظن کي به سنگهر وجهي نٿا سگهجن. اهي زماني جي وهنوار سان گڏ هلندا رهندا آهن. البت انهن جي داخلا جا به ڪي قاعدا قانون مقرر آهن. انهن مطابق لفظ پنهنجي صورت ۽ هِجي مٽائيندا آهن. جيئن عربي لفظ آقا = سردار، وڏو. فارسي ۾ ’آغا‘، پشتو ۾ ’آڪا‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’آگا‘ ٿيو آهي. شاهه سائين فرمايو آهي ته ”آگي ڪيا اڳهين، نسورو ئي نور“.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ استادن جو چوڻ آهي ته ”جيڪي لفظ شاهه جي رسالي ۾ آيل آهن، اُهي سنڌيءَ جا لفظ آهن، ڇاڪاڻ ته شاهه سائين سنڌي ٻوليءَ جي جامعيت لاءِ شعوري ڪوششون ورتيون هيون. شاهه سائين لاڙ، لس، وچولي، اتر، ڪوهستان، ٿر، بر ۽ بحر ۾ رهندڙ قبيلن ۽ هنروندن جي لهجن کي انتهائي سچيتائي سان سموهي سنڌي ٻوليءَ جي اوجار ڪئي آهي. سائين پنهنجي رسالي ۾ لفظ: ”جهاز“ استعمال ڪيو آهي ته ”جهاج“ به: ”جوڙي جنگ جهاز کي ڪوڏ هڻائج ڪيرَ“ ۽ ”ساٿي سفر هليا ڀري جنگ جهاج“ اهي ٻئي لفظ هاڻي سنڌي لغت جو حصو آهن ۽ ٻئي صحيح آهن. ان اصول هيٺ: مسجد - مسيت، بانگ - ٻانگ، وضو - بضو، قئنچي - ڪينچي، بندوق - دنبوق، قاطع - ڪاتي، وغيره اسانجي ٻوليءَ جا لفظ آهن. شاهه سائين ڌارين لفظن ۾ جيڪا ڦير گهير ڪئي آهي، سا بنهه لساني اصولن هيٺ ڪئي آهي. مکيه لساني خاصيتون هن ريت آهن: خاصيت ادغام (Assimilation)، خاصيت حذف (Elision)، خاصيت بدل (Mutation)، خاصيت قلب (Metathesis)، خاصيت ترخيم (Apocope)، خاصيت تجنيس (Analogy)، خاصيت داخل (Intrusion)، اڳاڙيون (Prefixes)، وچاڙيون (Infixes)، پڇاڙيون (Suffixes) وغيره. شاهه سائين هڪ هنڌ فرمايو آهي ته ”ڪثرت آهي قرب ۾، ادغام ۾ اعراب“ يعني خاصيت ادغام جو اظهار پاڻ ڪيو اٿن. مٿين خاصيتن ۽ اصولن کي سامهون رکندي، راقم هڪ ڪتاب جوڙيو آهي ”شاهه جي ٻولي.“ ان ۾ شاهه سائين جي حوالي سان مڪمل قاعدا ۽ اصول ڄاڻايا ويا آهن. استادن جو اهو به چوڻ آهي ته اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن: قاضي قاضن، شاهه ڪريم، دادو ديال، شاهه عنات، سچل، سامي، لطف الله قادري، مخدوم محمد زمان لنواري، عبدالرحيم گرهوڙي وغيره جيڪا ٻولي پنهنجي شاعري  ۾ ڪتب آندي آهي، اها اسان جي ميراث آهي. جڏهن ۱۹۵۱ع ڌاري ’جامع  سنڌي لغات‘ جي رٿا تيار ڪئي ويئي هئي ته ان جي بنيادي خاڪي ۾ مٿي ذڪر ڪيل شاعرن جي لفظن کي شامل ڪرڻو هو، پر پوءِ ڪن سببن ڪري ان تي عمل نه ٿي سگهيو، ايتريقدر جو شاهه سائين جا ڪجهه لفظ ئي ان ۾ اچي سگهيا.
ڌارين لفظن کي سمجهڻ جو هڪ اصول اهو به آهي ته انهن تي سنڌي گرامر جا قاعدا لاڳو ڪري ڏسجن، جيڪڏهن اهي ضابطي ۾ اچن ٿا ته انهن کي پنهنجو سمجهڻ گهرجي. مثلاً انگريزي لفظ Glass يعني شيشو. جيئن ته انگريزن جي دور ۾ اسان وٽ داخل ٿيو ۽ ٽڀي جي جاءِ تي ڏسڻ ۽ واپرائڻ ۾ سهڻو ٿي لڳو ته ان جي جاءِ ورتائين. هاڻي اهو لفظ سنڌي لغت ۾ شامل ٿي ويو آهي. گلاس جو جمع ٿيندو گلاسَ، ’گلاسن‘ ۽ انگريزي ۾ ’Glasses‘ پر ’Sky‘ يا ’Sky lab‘ پڻ ڪنهن دور ۾ اسان وٽ گهڻو استعمال ٿيو. جيئن ته ان جي جمع يا حالتن - جري، ظرفي ۾ ڪا ڦيرڦار نه ٿي ٿئي، ان ڪري اهو لفظ سنڌي ٻولي ۾ شامل نه آهي. عربي، فارسي، سنسڪرت، هندي، ترڪي جا ڪيئي لفظ ساڳي صورت ۽ هجي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿين ٿا. ان سان ڪو فرق نٿو پئي. انهن کي پنهنجو سمجهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان اهي پنهنجو ڪارج ادا ڪن ٿا ۽ ورهين کان استعمال هيٺ آهن. هتي اسان انهن لفظن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، جيڪي عام ماڻهو به سمجهن ٿا. جيڪي لفظ عام ماڻهو نه ٿو سمجهي ۽ خاص طبقو سمجهي ٿو ته اهو عام لغت ۾ داخل نه ٿيندو. جيئن ’مستعار‘، ’مهجور‘ ’بسمل‘ وغيره.
لسانيات جا ٻه اهم جزا: علم اشتقاق (Etymology) ۽ لفظن جي تاريخي ڄاڻ (Philology) ٿين ٿا. انهن ذريعي به خبر پئي ٿي ته ڪهڙا لفظ ڪهڙي ٻوليءَ مان آيا آهن. انهن مطابق پيرو کڻنداسين ته عربي، فارسي، هندي، سنسڪرت، پالي ۽ ٻين ٻولين ۾ سوين لفظ سنڌيءَ جا نظر ايندا، جن لاءِ تاريخي ثابتيون پڻ موجود آهن ته ڪهڙن دورن ۾ اهي لفظ مٿين ٻولين ۾ شامل ٿيا. ٻوليءَ جي استعمال وقت خاص طور لکت يا ٽيليويزن تي ڳالهائڻ مهل ضرور سوچڻ گهرجي. لکاري يا سڄاڻ فرد جي حيثيت ۾ اسان مٿان ذميواري لاڳو ٿي ٿئي ته پنهنجن وسيلن (ٻولي به هڪ اهم وسيلو آهي،) جو پورو پورو خيال رکون. روانيءَ ۾ ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن عام ماڻهو سؤلائيءَ سمجهي ٿو ته ڪنهن حد تائين اهو روا آهي، پر ٻوليءَ جي بنيادي جوڙجڪ سان هٿ چراند نه ڪرڻ گهرجي، جيئن: دل، موسم، اخبار مونث آهن ۽ ڪتاب، ڪباب، دڪان، آواز، روح، شراب مذڪر آهن. انهن کي ساڳي حالت ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي. اسان جا سنڌي چينل ان طرف جوڳو ڌيان نه ٿا ڏين.
ادي سحر گل عربي ٻوليءَ جي لفظ ’عورت‘ تي عجب کائيندي، ان تي چڱو بحث ڪيو آهي. اصل ۾ سحر کان اهو وسري ويو آهي ته لفظ ٻي ٻوليءَ ۾ ايندي ڪڏهن رنگ روپ ته ڪڏهن وري معنيٰ به بدلائيندا آهن. عربي ٻوليءَ ۾’عورت‘ جي لفظي معنيٰ ’منهن اُگهاڙي‘ آهي، جنهن جو ضد ’مستور‘ ستر واري يا ڍڪيل آهي. ’ستر‘ مان سنڌي لفظ ’سٿر‘ نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: دن کان گوڏن تائين ڍڪيل. سحر گل جو چوڻ آهي ته عورت لاءِ ’ناري‘ لفظ ڪتب آڻجي. ناري لفظ جا ٻه الڳ بنياد آهن. هڪ سنڌي نار= جاري، وهڪرو اهڙيءَ ريت ’هاري ناري‘ يعني هر ۽ نار هلائيندڙ. قديم زماني کان پوکيءَ لاءِ مرد هر هلائيندا هئا، جڏهن ته عورتون ’نار‘ هلائينديون هيون. نالي واري محقق ايم ايڇ پنهور مطابق سنڌ ۾ نار جو استعمال ۳۰۰۰ قبل مسيح کان آهي. ٻيو لفظ عربي مان ورتل آهي: نار= باهه، لال، اهو لفظ خاص طور نوجوان نياڻي جنهن جي عمر ۱۶ کان ۲۲ سال هجي، جوانيءَ سبب سندس منهن تي لالاڻ هوندي آهي، ان کي ’ناري‘ چئبو آهي، جڏهن ته ننڍي ڄمار واريءَ کي ڇوڪري ۽ وڏي ڄمار واري کي ’ڏوڪري‘ چئبو آهي. ٻين ٻولين کان متاثر ٿيڻ جي ماجرا لڳ ڀڳ سڀني ٻولين سان لاڳو آهي. مثال طور ”هندو“  لفظ هندي يا سنسڪرت نه پر فارسيءَ جو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي: نوڪر، غلام (اسٽئن گاس: فارسي - انگريزي ڊڪشنري ص ۱۵۱۴) پر ننڍي کنڊ ۾ ان جي معنيٰ ڪهڙي ورتي وڃي ٿي! عربي لفظ ’زبيده‘ جي معنيٰ آهي ’مانڌاڻي‘ پر اسان نياڻين تي اهو نالو شوق سان رکندا آهيون. ’حادثو‘ عربيءَ ۾ خوشگوار لمحي کي چوندا آهن، پر اسان وٽ ان جي معنيٰ ’ الميو‘ آهي. عربي لفظ ’زحمت‘ اردؤَ  ۾ ’تڪليف‘ پر سنڌيءَ ۾ ان جي معنيٰ ’ڏمر ۽ موت‘ آهي. ساڳي ٻوليءَ جو لفظ ’هلاڪ‘= موت، ڪوس آهي، جنهن مان سنڌي لفظ ’هلاکي‘ جڙيو آهي، جنهن جي معنيٰ ٿيندي ’خفو‘. عربي ’شربت‘ ۽ سنڌي ’شربت‘ ۾ وڏو فرق آهي. عربي لفظ ’برابر‘ جي سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ معنيٰ مختلف آهي. ڪيترا ئي عربي مذڪر لفظ اردوءَ ۾ مؤنث ۽ سنڌيءَ ۾ مذڪر آهن. جيئن: روح، شراب، وحي وغيره.
سحر گل پنهنجي مضمون: ”بس ڳالهه به ايتري!“ ۾ سنڌي چينلن ۾ ميزبان طرفان ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ جا ڪي مثال ڏنا آهن. ان لاءِ چينلن جي مالڪن کي گهرجي ته هو پنهنجو قومي فرض سمجهي ٻوليءَ جو ٻيڙو نه ٻوڙين. ڪجهه خدا ترسي به ڪن! قوم آڏو جوابداري محسوس ڪن. سحر ڪجهه انگريزي لفظن جا ترجما به ڏنا آهن ۽ ’بريڪ فاسٽ‘ جو ترجمو ’ناشتو‘ ڪيو اٿائين. ته پوءِ ’نيرن‘ ڪير ڪندو! ’مانجهاندو ۽ سانجهاندو‘ ڪير چوندو! سحر هڪ ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪئي آهي ته اڳ ۾ مسئلي جي سولي ڀاڱي کي وٺجي، پوءِ ڏکئي ڀاڱي تي ويچار ڪجي. ان حوالي سان هڪ تجويز آهي ته ’سنڌي ادبي بورڊ‘ يا ’سنڌي لينگويج اٿارٽي‘ خابرو ادارن ۾ ڪم ڪندڙ صحافين لاءِ وڏي انگ ۾ ”صحافتي لغت“ ڇپائي پڌري ڪن يا اهڙو ڪو ڪمپيوٽر سافٽ ويئر متعارف ڪرائين، جنهن وسيلي انگريزي ۽ اردو لفظن جي ڀيٽ ۾ سولا سنڌي لفظ ۽ اصطلاح سندن سامهون هجن. ان سان اڌ مسئلو آسان ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڌارين لفظن جي لوڌ ميڊيا وسيلي اچي رهي آهي، جنهن ۾ شامل ٿيندڙ نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت جو ڪو مناسب بندوبست ٿيل نه آهي. ٻيو ڪم آهي درسي ڪتابن جي ٻوليءَ جي سڌاري جو، ان سان ننڍي ڄمار وارن ٻارن جي بنيادي ٻولي ۽ لفظن جي جوڙجڪ وارو اوکو ڪم سوکو ٿي ويندو ۽ ڊگهي وهي تائين اُهي لفظ صحيح ترڪيب ۾ استعمال پيا ڪندا. سڌريل قومن جو اهو گڻ رهيو آهي ته هو پنهنجي نصابي ٻوليءَ تي جوڳو ڌيان ڏيندا آهن.

No comments:

Post a Comment