اسين رھون نه رھون، سنڌ سدائين رھڻي آھي
رکيل مورائي
ورهاڱو سنڌ لاءِ هونئن ته ڪيترائي عذاب کڻي آيو، پر اُن سنڌ کي جيترو
عملي ۽ ادبي نقصان ڏنو ان جو پوراءُ سنڌ اڄ تائين نه ڪري سگهي آهي. مثال طور اسان وٽ
سنڌي ادب ۾ ڪوبه لاجواب تنقيدي ڪتاب اڄ تائين نه اچي سگهيو آهي. ويهين صديءَ جي آخري
ڏهاڪي ۾ مس سنڌي ڪهاڻي وڏيري جي اوطان مان نڪتي، ڪوبه جديد ناول سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ تائين
اڻ لڀ آهي. شاعري ۾ ورهين کان ساڳيا ساز ۽ ساڳيا راڳ آهن ڪو نئون ويچار سنڌي شاعري
نه ڏيئي آهي. پوين ويهن سالن ۾ ٻن هٿن جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نوجوان شاعر پنهنجي نئين
ويچار سان سنڌ ۾ موجود آهن. جيتوڻيڪ سنڌي نوجوان مشاعرن جي فهرست هڪ ٿيسز ۾ سموهڻ جيتري
آهي. ايئن نيئن تحقيق وغيره به ساڳين پيچرن تي هلي رهي ته تخليق به جنهن ۾ سنڌي ناٽڪ
اڄ اسان وٽ ڳوليو نٿو لڀي. انهن سڀني ڳالهين جي چوڻ جو مقصد اهو بنهه نه آهي ته ورهاڱي
کان پوءِ سنڌ ۾ اوندهه ٿي وئي آهي. پر گهٽ ۾ گهٽ ورهاڱي کان پوءِ ان وقت لکندڙ نسل
جي پڄاڻيءَ تي خاص طور ايڪيهين صديءَ ۾ سنڌ پنهنجي ادبي حوالي ۾ ڪاغير معمولي لکڻي
ڏني آهي، اهڙو ڪجهه به نه آهي. ڪهاڻي، ناول، تنقيد ۽ تحقيق ۾ اهڙو ڪوبه مثالي ڪتاب
جنهن کي اڄ جي حوالي ۾ اسين مثال ڪري پيش ڪيون مان نٿو ڀايان ته ايڪهين صديءَ ۾ لکندڙ
نسل ڏيئي سگهيو آهي، ان باوجود به اسهمتي جا سڀ رستا لکيل آهن ۽ وڌيڪ خوشي سنڌ توڻي
هند جي سنڌي ادب کي تڏهن ٿيندي جڏهن ڪوبه نوجوان اهڙو چئلينج کڻي ڪابه غير معمولي لکڻي
ادب کي ڏئي وجهي، تخليقي طور نه به سهي، تحقيقي ۽ تنقيدي طور ته ڏئي سگهي ٿو.
۽ هاڻ ورهاڱي کان پوءِ هنڌ لڏي ويندڙ سنڌين سنڌ کان پري رهي جيڪو ڪم
ڪيو آهي، اهو به ڏسڻ گهرجي ۽ جڏهن اسان ايمانداريءَ سان جانچ ڪنداسون ته شايد پنهنجي
حوالي ۾ مايوس ٿيون ۽ هند جي حوالي ۾ وڌيڪ خوش ٿيون جنهن جو فقط هڪ مثال ڏيندي مان
اڳتي ڪجهه چوڻ چاهيندس اهو آهي ”قاضي
قاضن جو ڪلام“ اڍائي سئو ورهين تائين سنڌي
ٻوليءَ جي پهرئين مڪمل شاعر (اديب ۾ قبول ڪيل) جي ستن بيتن کي سنڌي شاعراڻي ادب جي
املهه ميراث سمجهندا رهياسين ۽ ڪڏهن به اهڙي تحقيق نه ڪئي سين ته سنڌ جي اهم ترين هن
شاعر ۽ اعليٰ منصب تي رهندڙ عالم قاضي قاضن بابت ڪجهه وڌيڪ سوچيون ۽ جڏهن قاضي صاحب
جا هڪ سئو ٻارهن بيت دهليءَ مان شايع ٿيا ته سنڌي شاعراڻي ادب لاءِ هڪ اهم انڪشاف هُئو
۽ اهڙو ڪارنامو سنڌي ٻوليءَ جي عالم هيري ٺڪر ڪري ڏيکاريو. ايئن اسان جي شاعراڻي ادب
جي تاريخ جو رخ بدلجي ويو. ساڳي طرح قاضي قاضن ۽ شاهه لطيف جي وچ واري اهم شاعراڻي
ڪڙي سوامي پراڻ ناٿ جي سنڌي
واڻي، جيڪا اسان جي تصور ۾ به
نه هُئي اها ڀوپال ۾ رهندڙ اسانجي دوست اديب جهمون ڇڳاڻيءَ ٽن جلدن ۾ ڀوپال مان ڇپائي
پڌري ڪئي، تازو آديبور سنڌ الاجيءَ جي سرواڻ لکمي کلاڻي اسان جي هڪ ٻئي اديب گوپال
ٺڪر پاران جوڙيل ڪتاب شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ صوفي دلپت جو ڪلام آهي، جيتوڻيڪ هيءُ شاعر
شاهه سائين کان پوءِ جو آهي پر اسان جي اکين کان وانجهيل هُئو، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪتاب جي
صورت ۾ سندس ڪلام سنڌ مان شايع ٿيڻ گهرجي ها!
ائين سنڌي ناول جيڪو اعزاز هند ۾ ماڻيو آهي اهڙو اعزاز سنڌ ۾ هن لاءِ
اڃا وڌيڪ پنجاهه سال گهرندو. سنڌي تنقيد جو ته اڃا شايد سنڌ ۾ رواج ئي نه پيو آهي.
ها! البت هڪ رواج تنقيد جي نالي ۾ ضرور آهي ته ڪنهن به ڪتاب کي توڻي لکندڙ کي، يا ته
تعريف جا هار پارايا ويندا، يا گارين جا گل نڇاور ڪيا ويندا، جنهن حوالي ۾ هند اندر
هريش واسواڻي، هيرو شيو ڪاڻي، آنند کيماڻي ۽ ٻيا گهڻئي نالا ملي سگهندا، ايئن سنڌي
ادب کي هند ۾ پنهنجي ڌرتي توڻي ماحول نه هوندي به هڪ ڪاميابي ملي آهي، جيڪا ممڪن آهي
ته اڳتي وڌي نه سگهي پر سنڌ ۾ اهو سڀ ڪجهه موجوده آهي، جيڪو ليکڪ کي گهربل هوندو آهي ۽ سنڌ جيئن ته اسان سڀني لاءِ
اهم آهي ۽ ساڳئي وقت محور به آهي ان ڪري سنڌ توڻي هند ۾ سرجيل ادب سنڌ لاءِ ٻنهي پاسي
جو ساڳي اهميت رکي ٿو.
سنڌي اديبن جي اچ وڃ جي وچ ۾ ورهاڱي کان پوءِ جيڪي تڪليفون رهيون آهن.
اهو سچ آهي ته اردو توڻي پنجابي اديبن جي وچ ۾ نه رهيون آهن. هن ملڪ ۾ رهندڙ توڻي هُن
ملڪ ۾ رهندڙ سنڌي، پاڻ ۾ جڙڻ لاءِ جيڪا جدوجهد جاري رکيو اچن اها زاتي طور به جاري
آهي ته ادبي طور به جاري آهي ۽ ٻنهي پاسي جا اديب خاص طور هڪ ٻئي سان ملڻ لاءِ سدائين
اتاولا رهيا آهن. پر ياد رکڻ گهرجي ته اديبن جي اُن ادبي جدوجهد جي علامت اول ۽ آخر
اياز صاحب جو هيءُ نظم ئي آهي.
هيءُ سنگهرام!
سامهون آ نارائڻ شيام،
هُن جا منهنجا ٻول به ساڳيا
قول به ساڳيا،
ڍٽُ به ساڳيو، ڍول به ساڳيا،
هُن تي ڪيئن بندوق کڻان مان
هُن کي گولي ڪيئن هڻان مان
ڪيئن هڻان مان
ڪيئن هڻان مان...
نظم اڻ پورو آهي، مون ان جو مقصد ڏيڻ چاهيو آهي، اڄ اسان ايئن ئي محسوس
ڪريون ٿا ته سرحد جي هِنَ پار توڻي سرحد جي هُن پار اسين سنڌي اديب هڪ ٻئي جي آمهون
سامهون آهيون پر هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائڻ لاءِ ۽ هڪ ڀيرو وري هيري ٺڪر ۽ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ
کي ڀاڪر پائڻ جو ڀرپور موقعو تڏهن مليو، جڏهن هُو ٻئي سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ۲۶۹هين عرس مبارڪ تي سنڌ حڪومت
جي ثقافت واري کاتي پاران ڪوٺايل شاهه لطيف انٽرنيشنل ڪانفرنس جي موقعي تي سنڌ پهتا
۽ قرب ڪري هنن سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اخبار عوامي آواز کي ڪي گهڙيون ڏيڻ جي دعوت قبول
ڪئي ۽ نئين سال جي پهرين ڏينهن تي هنن اخبار ۾ اچي جيڪا ڪچهري ڪئي اُها ڪجهه هن طرح
هئي، جيتوڻيڪ اها رسمي نه هئي، البت گهڻ رُخي هُئي، جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي نامياري عالم
هيري ٺڪر ٻڌايو ته سنڌ مان تازو جيڪي سنڌي هندو لڏي هندستان پهتا آهن، انهن جا اُتي
خيال ڪجهه وڌيڪ انتهاپسنديءَ وارا آهن. جيتوڻيڪ ۱۹۴۷ع واري تلخي هاڻ اتان جي سنڌين مان ختم ٿي آهي، پر پنهنجي ڌرتيءَ ڇڏڻ
واري درد کي محسوس ڪندي، تازن آيلن جو اهو ڏک ته اسان کي محسوس ٿئي ٿو ته ڪوبه پنهنجو
گهر خوشيءَ مان نه ڇڏيندو آهي، هن چيو ته هاڻ جڏهن اسان ۶۵
سالن ۾ پنهنجا اجها نه رڳو
اڏي ورتا آهن پر مضبوط به ڪيا آهن تڏهن اسان جو اهو نسل جيڪو اسان جي ان جدوجهد وقت
وڌيو وڏو ٿيو ۽ سنڌ کان ڪٽجي ويو هو. ان ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي پاڙن کي تلاش ڪرڻ
شروع ڪيو آهي. جيڪو عمل اسان کي خوشي ڏئي ٿو، ٻوليءَ بابت سندس چوڻ هُئو ته اسان سنڌي
آهيون ۽ سنڌ اسان جي ماءُ آهي، پر اسان جي نسلن کي جئين ته عربي لپي پڙهڻ جي سهولت
گهٽ هئي ان ڪري اهي سنڌي ديونا گري لپيءَ ۾ پڙهيا آهن ۽ ديوناگري هنديءَ کي بنهه ويجهو
آهي ان ڪري هنن لاءِ سمجهڻ ڏکي نه آهي. اسين چاهيو ٿا ان لباس پارائڻ باوجود به سنڌي
ٻوليءَ برقرار رهي. جنهن ڪري اسين پنهنجي ڪتابن کي ٻنهي لپين ۾ ڇپائي رهيا آهيون ته
جيئن ايندڙ نسل سنڌيءَ سان به لاڳاپيل رهي ۽ اسين سنڌ سان به جڙيل رهون.
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اسڪالر ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ساهتي پرڳڻي جي شهر
ڪنڊياري جو ڄاول آهي ۽ هاڻ هو گجرات جي راڄڌاني احمد آباد ۾ رهائش اختيار ڪري ويٺو
آهي، ڪڇ بابت جاکوڙي رهيو آهي ۽ ڪڇ جي هڪ پرڳڻي ٻني جي لوڪ گيتن تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري
ورتي اٿائين ۽ ڪيترن ادارن جو سربراهه پڻ رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪڇ جو علائقو اهڙو
آهي، جتي اڄ به مسلمان سنڌي گهڻائي ۾ آهن ۽ اهي ٻن اڍائي سئو سالن کان اتي ئي رهن ٿا،
سنڌي ڳالهائين ٿا، سنڌي ريتون رسمون اڃا تائين انهن وٽ سلامت آهن، ڳوٺاڻيون ڪچهريون
۽ ٻيو سمورو ڪلچر نج سنڌي ڳوٺاڻو آهي. ۽وڏي ڳالهه ته ڪچ ۾ جيترو شاهه سائين کي ڳايو
وڃي ٿو، ان جو مثال ٻئي هنڌ نه ملي سگهندو. اسان هاڻ انهن جي ريتن رسمن ۽ راڳ کي محفوظ
ڪري رهيا آهيون ۽ ايئن ڪري اسين ڄڻ سنڌي ڪلچر کي محفوظ ڪري رهيا آهيون. اسان جو نئون
نسل جڏهن انهن جون ريتون رسمون ڏسي ٿو ته خوش ٿئي ٿو، اسين اهو به چاهيون ٿا ته جيڪڏهن
اسان جو نئون نسل ادب وسيلي سنڌيت جي ويجهو نه اچي سگهيو آهي ته ان کي ڪلچر جي معرفت
ويجهو آڻيون. اڄ اسان جو نوجوان جڏهن سنڌ جا قومي گيت ٻڌي ٿو ته خوش ٿئي ٿو هُن ۾ جذبو
جاڳي ٿو، هو انهن تي نچڻ لڳي ٿو ۽ سوچڻ لڳي ٿو، جيڪڏهن راڳن ۽ ثقافت ۾ ايترا رنگ آهن
ته پوءِ هندستان ۾ رهندڙ ٻين قومن کان اسين ڇا ۾ گهٽ آهيون؟
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي انهيءَ ڳالهه تي سرهائي ڏيکاري ته اسان جو نسل سنڌ
ڏانهن واجهائي ٿو ۽ چئي ٿو ته اسان کي سنڌ وٺي هلو.
هيري ٺڪر، ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي ۽ عوامي جي ايگيزيڪيوٽر ايڊيٽر جي اين مغل،
مئنيجنگ ايڊيٽر ڊاڪٽر خير محمد جوڻي، ڊپٽي ايڊيٽر قاسم راڄپر، نيوز ايڊيٽر اسد چانڊئي،
ڊاڪٽر بدر اڄڻ ۽ رکيل مورائي گڏيل خيالن جي ڏي وٺ ۾ ڪيتريون ئي ڳاهيون ڪيون ۽ خاص طور
هند جي دوستن جي ان جهدوجهد جي حوالي ۾ جنهن جي نتيجي ۾ هن سال شاهه لطيف جي تصوير
سان پوسٽ جي ٽڪلي جاري ڪئي پئي وڃي، جتوڻيڪ هندسرڪار اڳ ئي اهڙيون اڌ درجن ٽڪليون سنڌين
جي نالن سان جاري ڪري چڪي آهي.
جي اين مغل چٽن لفظن ۾ چيو ته جيئن ته سنڌي هندن کي زوريءَ لڏايو ويو
هو، ان ڪري ان زوراوريءَ کي مائگريشن چئي نٿو سگهجي، ان ڪري ٿيڻ ائين گهرجي ته جيڪڏهن
انهن زوري لڏايلن مان ڪو به واپس اچڻ چاهي ته قانوني طور ان کي اهڙو حق ڏنو وڃي، نه
رڳو قانوني طور ائين ٿيڻ گهرجي پر سڀ سنڌ دوست ڌريون به ان عمل لاءِ صوبائي توڙي قومي
اسيمبليءَ ۾ اهڙو ٺهراءُ پاس ڪرائين ۽ ان کان اڳتي وڌي ڪنهن عالمي ادارن ۾ پڻ اهڙو
آواز اٿارين.
جي اين مغل صاحب سراج ميمڻ صاحب جو حوالو ڏيندي اهو به چيو ته سنڌ ۽ هنڌ
کان الڳ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ ڪا اهڙي سنڌي ٻوليءَ ۽ لپي به هجڻ گهرجي، جيڪا
عربي لپي ۽ ديوناگيري لپيءَ کان سواءِ هجي
۽ جنهن کي اسين رومن اسڪريٽ چئون، جنهن تي اهو قبول ڪيو ويو ته سنڌ ۽ هند مان
ٻولين جي ماهرن کي ترت ۽ جلدي جلدي گڏجاڻيون ڪري اهڙو ڪو فيصلو ڪرڻ گهرجي، گڏجڻ واري
عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ هنن ٻنهي ملڪ جي ويزا پالسين کي نظر ۾ رکندي، دبئي کي مرڪز
بڻائڻ گهرجي، جيئن ملڻ سولو ٿئي، پر لڳو ائين ته اهڙي جڳهه فقط سنڌ آهي، جتان ان عمل
جي شروعات ٿيڻ گهرجي ائين خوشگوار ڳالهين وچ ۾ گهڻو ئي وقت گذري ويو ۽ مهمانن جي خاطر
تواضع ڪئي وئي، جنهن بعد مهمانن کي اخبار جي الڳ الڳ شعبن جو دورو ڪرايو ويو ۽ ايئن
چئي کين الوداع چيو ويو ته سنڌي سدائين گڏ!
No comments:
Post a Comment