چٺيون چندن جو واس ڏينديون آهن
بخشل باغي
روس جي مشهور ۽ خوبصورت شاعر ۽ داغستان جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ رسول حمزه
توف پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ۽ نثر جي اعليٰ شاهڪار ”منهنجو داغستان“
۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”تون اگر ماضيءَ کي پِستول جو نيشانو بڻائيندين ته مُستقبل تو
کي توپ جو نيشانو بڻائي ڇڏيندو.“ اِن ڳالهه جي تناظر ۾ مان جڏهن سائين علي محمد شاھ
جي خطن جي هِن ڪتاب ”چِٺيون چندن
واسُ“ ۾ ڏنل خطن کي پڙهان ٿو ته
هي خط مون کي ماضيءَ جي پُر وقار، طاقتور ۽ سنڌ جي نِرالي تاريخ ڀاسن ٿا، ڇاڪاڻ جو
هر دور پنهنجو پاڻ ۾ پنهنجو ئي چِٽو آئينو هوندو آهي، جنهن ۾ ماضيءَ جي تاريخ جون للڪارون،
مُستقبل کي ڄڻينديون آهن.
سائين علي محمد شاھ
لڪياريءَ ڏانهن مُختلف نظرياتي ساٿين
جا جيل ۾ لکيل خط ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي جي سياسي توڙي سماجي صورتحال جي اُجري
آرسي آهن، ڇاڪاڻ جو وقت کي ته هر صورت ۾ حال مان گُذري ماضيءَ جو روپ وٺڻو ئي آهي.
پر وقت جي وهڪري تي ڪا يادگار مُهر ثبت ڪرڻ لاءِ تحرير جي تُرهي تي چڙهي هُن ڀر پُهچڻ
وارا ئي وقت کي پنهنجي وس ۾ آڻي، رت جي مَس سان، قلم جي نوڪ مان فڪر ۽ فهم جا ڪيترا
ئي سج اُڀاري، مُستقبل جي ماڻهن لاءِ ڪيئي تجربا، احساس، ڏُک، درد، موسمن جا رنگ ۽
مزاج، آزادي يا قيد ۽ بند جا اکرن جي آرسيءَ ۾ اُتساهيندڙ عڪس چِٽي ڇڏيندا آهن، جن
جي آڌار تي ايندڙ وقت جا ماڻهو نظرياتي توڙي فڪري حوالن سان پنهنجون راهون تخليق ڪندا
آهن. بقول اياز جي ته
اُوندھ اُجاربي نه اڳوڻي چراغ سان،
نيزي مٿان اُڀار نئون سِج نوڪ ۾.
اهڙو نئون سِج اُڀارڻ لاءِ وقت جي تيز ڌارا جو رُ خ موڙڻ ۽ پنهنجي خون
سان ڪڪورڻ انتهائي لازمي آهي. اُن لاءِ غلام قومن جي باشعور فردن تي اِها ذميواري عائد
ٿي ٿئي ته هُو پنهنجي غلام قوم جي بي شعور ۽ غلاميءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ ماڻهن لاءِ
ڪو اُتساھ ڀريو ادب/ تحرير، تخليق ڪن. جنهن کي پڙهي ۽ ٻُڌي هيڻن ماڻهن ۾ ظلم سان اٽڪڻ
جي همت ۽ جُستجو پيدا ٿي سگهي. ”چِٺيون چندن واسُ“ ۾ آيل سڀئي خط، هڪ دور جي ڪشمڪش،
زبانن تي تالا بندي، ظلم ۽ جبر، حق ۽ سچ لاءِ آواز اُٿاريندڙن لاءِ ڦاهيون، ڦٽڪا،
سزائون، قيد ۽ بند جون عقوبتون سهڻ ۽ اهڙين ٻين ڪٺن حالتن ۾ ڌرتيءَ جي جوڌن جا بُلند
حوصله ۽ ڪارونجهر جهڙي اَڏولتا جي ڀرپور عڪاسي ڪندي، پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي اڄ جي ٽڪي
ٽڪي تي وڪامجندڙ دور ۾ حوصلو، همت، اَڏولتا ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو درس ڏين
ٿا. هُونءَ به سنڌ جي سڄي تاريخ ۽ خاص طور تي ستيتاليهه کان پوءِ واري سياسي، سماجي
۽ ادبي صورتحال، سنڌي ماڻهن لاءِ هڪ اهڙو حوصلو ۽ سبق آهي جيڪو غلام قومن جي لاءِ آزاديءَ
جا رستا هموار ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي خط پڙهندي اکين ۾ لُڙڪ به تري اچن ٿا
ته روح کي هڪ قوت ۽ سگهه به عطا ٿئي ٿي. اهڙي ئي هڪ خط ۾ سنڌ جي ناليواري دانشور،
اديب، قوم پرست سياستدان، سائين عبدالواحد آريسر، نارا جيل مان ۳ ڊسمبر۱۹۸۰ع تي لکيو آهي ته:
”اوهان جيڪا ڪيفيت پنهنجي والد صاحب جي اچڻ جي لکي آهي سا پڙهي مون
کي سچ پچ ته روئڻ اچي ويو. هڪ ته اهو روئڻهارڪو منظر ۽ ٻيو وري اوهان جهڙي پياري ۽
پنهنجي ماڻهوءَ سان. توهان وڌيڪ اندازو لڳائي سگهو ٿا ته منهنجي ڪهڙي ڪيفيت ٿي هوندي.
اها ڪيفيت ۽ حالت ڏسي هڪ اديب سُٺي ڪهاڻي يا شعر لکي سگهي ٿو، پر اُنهن حالتن کي تبديل
ڪرڻ لاءِ مَنجهس حوصلو ۽ ولولو پيدا نه ٿي سگهندوآهي. اُن ڪري آ چوندو آهيان ته هڪ
انقلابي ڪارڪُن دنيا جو حساس ترين انسان هوندو آهي، سندس اکين ۾ ڳوڙها ۽ دل ۾ گندي
ماحول کي ساڙڻ لاءِ ٽانڊا هوندا آهن. اهڙو ماڻهو جڏهن قلم کڻندو آهي ته گورڪي،
ناظم حڪمت، ٽالسٽاءِ، هيمنگوي، لورڪا، ۽ مايا ڪو وسڪي ٿي ويندو آهي. يا اسان جي مُستقبل
جا لورڪا ۽ مايا ڪو وسڪي، راشد مورائي ۽ تاج جويو جهڙا اديب ۽ شاعر ثابت ٿيندا آهن.
سچ پچ هن دور ۾ اوهان جنهن عزم ۽ استقلال سان گُگهه اُونداهيءَ ۾ روشن ۽ شاندار مُستقبل
لاءِ حالتن جو مُقابلو ڪري رهيا آهيو، جن کي ڏسندي مون جهڙو ڪمزور ماڻهو به پنهنجي
اندر ۾ شينهن جي دل محسوس ڪندو آهي. فرق صرف سوچ جو آهي، جڏهن هڪ انسان پنهنجي هيڻي
حالت تي نظر وجهندو آهي، ان وقت کيس رڳو اهو سوچڻ گهُرجي ته هن، ملڪ ۽ ديس ۾ اهڙي حالت
لکن، ڪروڙن ماڻهن جي آهي ۽ اها حالت تبديل ڪرڻ لاءِ هن ڌرتيءَ جي تاريخ اسان جي مٿان
هڪ اهم ذميواري ۽ فرض عائد ڪيو آهي، ۽ اسان کي اهو فرض هر حالت ۾ پورو ڪرڻو آهي. جڏهن
سوچ جي رُخ ۾ اها تبديلي آئي ته اُن ماڻهوءَ جي وفاداري جي سرحد تمام وسيع ٿي ويندي
۽ هُو پوري قوم سان اهڙو وفادار ٿي پوندو جهڙو پيءُ زال ۽ ٻار سان.“
يا هڪ ٻئي خط ۾ سائين عبدالواحد آريسر لکيوآهي ته، ”آ سمجهان ٿو ته منهنجي
اندر ۾ ڪائي ازل جي اُڃ آهي، جيڪا ڪيترين ئي صورتن ۽ مورتن ڏسڻ سان به نٿي اُجهامي.
اُنهيءَ اُڃ اُجهائڻ لاءِ مون اَجهاڳ سفر ڪيو آهي، ايترو اَجهاڳ جو هن وقت جڏهن پوئتي
مُڙي ڏسان ٿو ته مون کي سندم سمورو پيچرو رت هاڻو ٿو نظر اچي، ۽ اهو سمورو رت منهنجي
پيرن جي ڦٽن ۽ ڦلوڪڻن جو آهي. اُها اُڃ ۽ تئونس صرف اوهان دوستن جي ويجهڙائي ۽ رفاقت
سان ئي اُجهامي سگهندي آهي. پر افسوس رُڳو اِهو اٿم ته جيل ۾ رهندي به آ توهان جهڙن
دوستن جي رفاقت جي آب حيات مان ٻه ٽي سُرڪيون ئي مس ڀريندو آهيان ته وقت جو ظالم وهڪرو
اسان کي جسماني طرح هڪ ٻئي کان جُدا ڪري ڇڏيندو آهي. جيل جون سختيون منهنجي لاءِ نئين
ڳالهه نه آهن، سچ پُڇو ته جيل جو حقيقي لُطف ئي هاڻي اچي رهيو آهي. مون کي اِنتهائي
فخر آهي ته هن دور ۾ يعني اُن وقت جڏهن هي سرزمين پنهنجي فرزندن لاءِ صنوبر جي بدران
ڪوڙا پيدا ڪري رهي آهي. سنڌ ۽ بنگال جي انسانن سان محبت جي جُرم ۾ آ ڪوڙن لاءِ مُنتخب
ٿيو آهيان. جيتوڻيڪ اِتي ڪجهه ماڻهو پروپيگنڊا پيا ڪن ته آريسر ڏاڍو ڊنل هوندو، پر
مون کي اُن ماءُ جي هنج جو قسم جنهن ۾ مخدوم بلاول کيڏيو، ته سزا ٻُڌڻ وقت توڻي مون
کي اڄ، تِر جيترو به فرق ناهي، ۽ انهيءَ ڳالهه تي آءٌ پاڻ پريشان آهيان.
”آريسر صاحب جي ايڏي بهادري، همت، جُرئت ۽ هوش مندي اڄ جي جُهريل سنڌي
قوم لاءِ هڪ وڏو حوصلو ۽ اُتساھ آهي. انهن خطن ۾ سنڌ جي ارڏي، بي ڊپي، کري ۽ قومي شاعر
سائين راشد مورائي، موري مان ۳۰ سيپٽمبر۱۹۸۰ع تي هڪ خط ۾ سائين علي محمد شاھ لڪياريءَ کي ڇِينڀ
ڪڍيندي لکيو آهي ته، ”اوهان جيل ۾ ويهي مکڻ ۽ کوپري جو تيل گُهري رهيا آهيو. جڏهن ته
اسان ٻاهر وارن کي به مکڻ ۽ رُڳو سرنهن جو تيل نجو به مُيسر ناهي. هي لکت ۾ خاندانن
جهڙيون فرمائشون اوهان جي ڪردار لاءِ داغ آهن. پر اوهان کي ڪير سمجهائي، توهان نه ته
منهنجي غُربت تي سوچڻ لاءِ تيار آهيو ۽ نه وري ذهني طور جيل کي قبول ڪيو اَٿوَ.
اوهان ته جيل ۾ آهيو پر ٻاهر رهڻ دوران به انسان کي صرف اُنهن شين جي ضرورت محسوس ڪرڻ
گُهرجي جن کان سواءِ جيڪر جيئرو رهي نه سگهجي. ڇا سمجهو ٿا ته اوهان جا ههڙا خط مون
کي خوشي بخشيندا هوندا؟ ڇا مکڻ کان سواءِ جيئرا رهي نه ٿا سگهو؟ ميان! ڪجهه ڪردار کي
بُلند رک، ۽ پاڻ کي تڪليفن تي هيراءِ! اسان تنهنجي عيش واري زندگيءَ ۾ ساٿ نه ٿا ڏئي
سگهون. سرنهن جو تيل ۽ ضرورت آهر ڊالڊا گيهه گُهرجئي ته وٺي موڪلجي. باقي عيش جي سامان
جي مون مان توقع نه رک! ڇو ته مان ڪڏهن به اهو نه چاهيندس ته تنهنجي ڪردار کي بِگڙيل
ڏسان. روبرو هُجين ته توکي زندگي گُذارڻ جو طريقو سيکاريان، ۽ ٻين جي غُربت جو احساس
به چڱي نموني ڏياريان،پر پري ٿي پيو آهين. ڀلي ايئن پنهنجي ڪردار کي لوڙھ. پر ياد رکجان
متان پوءِ ڪڏهن چوين ته، ’وڃڻ تِت پيوم، جِت حاجت ناھ حُسن ري‘“.
هُونءَ به خط جي صنف سنڌي ادب ۾ هڪ خاص جاءِ ولاري ٿي. اهڙن خطن جي حوالي
۾ سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، علامه آءِ آءِ قاضي، پير علي محمد راشدي، محمد
ابراهيم جويي، شيخ اياز، محمد امين کوسي ۽ ٻين جا خط سنڌي ادب جا شاهڪار هُجڻ سان گڏ،
پنهنجي دور جي نرالي ۽ خوبصورت تاريخ پڻ آهن. اهڙن خطن جو مُطالعو هر پڙهندر توڙي ٻُڌندڙ
جي ذهن تي ڏاڍا پُختا ۽ مُثبت اثر ڇڏي، سندن ذهنن
تان بي شعوريءَ جو زنگ ۽ زنجير لاهي ڦِٽو ڪري ٿو. ڏٺو وڃي ته اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي
جي دور ۾ سائنس جون تڪڙيون سهولتون ڪتاب پڙهڻ ۽ خط لکڻ جهڙي رومانٽڪ ۽ دلرُبا عمل تي
اثر انداز ضرور ٿيون آهن، پر ڪمپيوٽر توڙي موبائل هن رومانوي ۽ راحت بخشيندڙ، صدين
جو تسلسل رکندڙ عمل تي مُڪمل طور حاوي نه ٿي سگهيا آهن. ”چِٺيون چندن واسُ“ جي خطن
۾ سائين علي محمد شاھ جي قومي، نظرياتي ۽ فڪري وابستگي، ارادن جي اڏولتا ۽ ان وقت جي
عملي جدوجهد جي ڀرپور معلومات ملي ٿي. هي اڄ جو اجرڪ جي پٽڪي وارو صحافي، صوفي منش
۽ هٿ جوڙ ڪرڻ وارو ماڻهو، ڪالهوڪي قومي تحريڪ جو هڪ با عمل ۽ سچو سپاهي به هو ۽ سندس
ڪلهه ۽ اڄ وارو دور هڪ شخص سان لاڳاپجي سچل سائين جي هن شعر جي حقيقي تصوير بڻجي پيا
آهن ته؛
ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهُن،
سرتيون سارو ڏينهُن، هينئڙو هنڌ نه هيڪڙي.
اهڙين ڪيفيتن جي انگاس تي ٽنگيل اڄ جي هِن شخص کي ماضيءَ ۾ ڀٽائيءَ جي
پارکو، شاعر۽ اديب حافظ محمد بخش خاصخيلي، ۱۷
جنوري ۱۹۸۰ع تي نوان جتوئي مان هڪ خط ۾ هن ريت مُخاطب ٿيو آهي
ته، ”لڪڌڻي! ڏاڍو شرمسار آهيان، معافي لائق به ناهيان. بس اِن راز جي ڪَل ٻروچ کي آهي،
جو گهڻِي ڪوشش هوندي به ملي نه سگهيس. اها به مهرباني جو خط ذريعي ملون پيا. اوهان
مون کي هر خط ۾ ياد فرمايو آهي. جنهن لاءِ احسان. آ ته اُهي ٿورا ڪڏهن به لاهي نه
سگهندُس. هُونءَ به اسان جو بار اوهان ئي کنيو آهي. سنڌ جي مارئي به اِها رسم ڀوڳي
آهي. اُن جي نِيهُن، نيئر کي اُجاري اَڇو ڪيو. اُميد ته اوهان جو نِيهُن به هِن نِيئر
کي نِهوڙي نِيندو، نه ته ڇا لڪياري شاھ ۽ ڇا جيل ياترا. اهي ڳالهيون سبب کان سوا ڪو
نه بڻبيون آهن. دُٻي جو پاڻي سُڪي ويندو آهي. جُهڙ، جَهمر، جهانءِ ٿيندا، ۽ جهوڪ جِهمندي
۽ ٿيندا جِهم، جهالار! اوهان جون تڪليفون اَجايون ڪونهن مِٺا! اسان بلڪل ننڊ آهيون.
اوهان کي ئي جاڳڻو آهي. ڪم اوهان کي ڪرڻو آهي. ستار ڏيندو سوڀ. جڏهن مارئي آزاد ٿيندي
۽ ظالم عمر جو ڪوٽ ڪِرندو، ايسيتائين جملي ملير جا مارو مُونجهه ۾ ملُول ويٺا هوندا.
توهان جي چِٺي اسان جي لئه آخرت جو توشو ۽ هِن دنيا جو تحفو آهي. ويتر جو چڱي ڪم سان
ترم ياترا، تي آهيو، تنهن ته ويتر عظيم ڪري ڇڏيو اَٿوَ.“
اهڙو خوبصورت خط، جنهن جي دل آويز ٻولي، انداز، ترڪيب، تشبيهه ۽ تمثيل،
علامت نگاري توڙي فڪر ۽ فهم پڙهندي روح کي سوگهو ڪري ڇڏي، تنهن کي سنڌي ادب جي خوبصورت
خطن ۾ شُمار ڪري سگهجي ٿو. اهڙا ئي ٻين دوستن تاج جويي، حفيظ قُريشي (جونيئر)،
غلام نبي سومرو، مِٺل حيدري، شهيد غلام رسول مستانو، شهيد مُجيب الرحمان، ناز لطيفي،
ولڻ ملاح، محمد عمر سيال، رسول بخش ٿيٻو ۽ ٻين جا به خوبصورت خط ”چِٺيون چندن واسُ“
۾ موجود ملن ٿا. جن کي پڙهي ڪيفيتن جي دنيا رنگ برنگي احساسن سان جرڪي پوي ٿي. ڇو ته
ڪيفيتن جي موسمن جا رنگ مَٽبا رهن ٿا، پر اُنهن سڀني رنگن تي هڪ ئي رنگ غالب رهي ٿو،
۽ اُهو آزادي پسند، غلام قومن جي شعوري پالنا ڪري سندن سرشت ۾ اهڙو ته گهرو لهي، جڙون
پڪڙي ٿو جو ماڻهو وقت ۽ حالتن جي طوفانن ۾ ڪٿي به ڪک، پن ٿي وڃي پر اهو ميخون ڪري ويل
جذبو، احساس ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سائين علي محمد شاھ
لڪياري، اڄ به پنهنجي روح ۾ رچيل ۽ بسيل آزاديءَ جي خواب ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪري شعور جي مٽن مان پيتل
مَڌُ جي خُمارن کي پنهنجي رت ۾ سنڀالي رکيو
آهي جنهن مَڌُ لاءِ لطيف سائينءَ به فرمايو آهي ته،
مَڌُ پيئندي مون، ساڄن سهي سُڃاتو.
No comments:
Post a Comment