لطيف شناسي: ڀٽائي عظيم ڇو آهي؟
جامي چانڊيو
هونئن ته لطيف جي عظمت جا ڳُڻَ سنڌ ۾ هر ڪو ڳائي ٿو، ويندي
اُهي به، جن اڄ تائين سندس هڪ به بيت شعوري طور پڙهيو ۽ پروڙيو نه آهي. الميو ته
اِهو آهي ته پوڻا ٽي سئو سال گذري وڃڻ کان پوءِ به اسان جي سماج جي اڪثريت کيس ڪو
مفڪر، فيلسوف، عظيم شاعر، غيرمعمولي آرٽسٽ ۽ ڏاهو نه پر هڪ ”اولياءَ” يا ”بزرگ”
سمجهي ٿي، جتي ماڻهو باسُون باسڻ وڃن ٿا، هن کان ڌيئرون ۽ پُٽَ گهُرن ٿا يا
پنهنجون مختلف مُرادون پوريون ڪرڻ لاءِ هن آڏو آسُن جا جهول جهلين ٿا ۽ اهڙا شعور
۽ لطيف جي حقيقي شناس کان وانجهيل ماڻهو اِهو نه ٿا ڄاڻن ته هو هڪ سماجي ڏاهو ۽
عظيم مفڪر شاعر هو. هو ماڻهن کي اُهي عظيم تخليقي ۽ سَگهارا خيال، تصور، آدرش،
احساس، رويا، خواب ۽ روحاني جُرئتون ڏئي ٿو، جن جو ڪو مُلهه ٿي سگهي ئي نه ٿو.
هر پسمانده ۽ فڪري طور پُٺتي پيل سماج جو الميو اِهو هوندو آهي
ته ان سماج جي قطعي گهڻائي نه رڳو تخليقي ۽ تنقيدي شعور کان وانجهيل هوندي آهي پر
اُها فطرت، زندگيءَ ۽ سماجَ جا حَسين راز پروڙي نه سگهندي آهي ۽ اِهو ئي سبب آهي،
جو پُٺتي پيل سماجن جي گهڻائي پنهنجي بي شعوريءَ، اڻڄاڻائيءَ ۽ ادراڪ جي کوٽ سبب
عقيده پرستيءَ، توهم پرستي ۽ تقليد پرستيءَ جي ڌُٻڻ ۾ وڃي ڪِرندي آهي. سنڌي سماج
سان به صدين کان اِها ويڌن آهي ۽ اِهو ئي سبب آهي، جو اسان جي گهڻائي گذريل پوڻن
ٽن سئو سالن کان لطيف شناسيءَ کان محروم رهي آهي ۽ اڄوڪي 21 هين صديءَ ۾ به اُها
ايئن ئي محروم آهي، جيئن اُها سوين نسلن کان رهي آهي. افسوس ته اِهو آهي ته اِها
فطرت ۽ سماج جي ادراڪ ۽ شعور کان وانجهيل خلقَ ان ڏاهي ۽ ويڄَ لطيف جي قوم جي آهي،
جنهن وٽ جيڪڏهن انسان لاءِ ڪو طعنو هو ته بس اِهو ئي هو ته:
محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مُئا،
چِڙيءَ جيئن چنهبَ هڻي، لڏيائون لُئا،
حباب ئي هئا، انهيءَ واريءَ وچ ۾.
سوال اِهو آهي ته لطيف جي نظر ۾ اِها ”محرومي“ ڪهڙي آهي؟ اِها
ادراڪ، ڏاهپ ۽ تخليقي ۽ تنقيدي شعور جي محرومي آهي، اُونهيءَ خيال، لطيف احساس،
تفڪر ۽ تخيل جي محرومي آهي ۽ ان کان به وڏي ڳالهه ته اِها انهن غيرمعمولي روين،
وِکُن، پنڌَ ۽ اورچ حوصلي جي محرومي آهي، جنهن کان سواءِ انسان هڪ حقيقي انسان ۽
اڃان به اڳتي هڪ عظيم انسان جو درجو نه ٿو ماڻي سگهي. اهڙي ”محروم“ انسان ۽ جانور
۾ بس ٿورو ئي فرق هوندو آهي. ٻيو سوال ته جي لطيف وٽ محروميءَ جو تصور اهڙو انوکو
۽ حيرت انگيز آهي ته پوءِ هو جنهن ”مهارت“ جي ڳالهه ٿو ڪري، اُها ڪهڙي مهارت آهي؟
لطيف جي ڏسيل ”مهارت“ فقط سکڻي ڪِرت واري ته ٿي نه ٿي سگهي. دراصل لطيف انسان جي ان
داخلي درجي کي ”مهارت“ سڏي ٿو، جتي انسان پنهنجي تفڪر، تخيل، احساس ۽ ادراڪ سبب پنهنجي
اندر ۾ آجپو ماڻي ٿو ۽ ڄڻ ته هو ڪائنات، فطرت ۽ زندگيءَ جو ”جُز“ نه پر پاڻ سموري
ڪائنات ۾ بدلجي وڃي ٿو. لطيف ان منزل کي ”مهارت“ ٿو سڏي، جنهن لاءِ پنهنجي سُرَ
کاهوڙيءَ ۾ چوي ٿو:
جِتِ نه پکيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪيءَ کَير ريءَ.
ان جو مطلب ته لطيف جي دنيا ۾ رڳو اندر ۾ پُورَ پچائڻ، حسرتون
ڪرڻ ۽ اڃا به وڏي ڳالهه ته ”کاهوڙي“ ٿيڻ کانسواءِ نه ته ماڻهو ”ماهر“ ٿي سگهي ٿو ۽
نه وري ادراڪ جي اُتاهين منزلن ۽ زندگيءَ جي شناس ۽ حُسناڪين جي لاهوت لامڪان جي
بلندين تي وڃي ڏاهپ جي ”باهڙي“ ٽِمڪائي سگهي ٿو. اهو وڏو غيرمعمولي سوال آهي ته
لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ”ڪُويڄن“ کان پري رهڻ جي تلقين بار بار ڇو ڪئي آهي؟ ۽ اِهي
ڪُويڄَ ڪير آهن؟ لطيف وٽ جهالت، توهم پرستي، عقيده پرستي، تقليد پرستي ۽ فڪري
بزدلي (جيڪو شڪ ۽ سوال نه ڪري سگهي) ڪُويڄائپ آهي، جن نه رڳو سنڌ پر سموري
انسانذات جي گهڻائيءَ جي سوين ته ڇا هزارين نسلن جا روح، ذهن، خميرَ ڳاري ۽ ساڙي
ڇڏيا. لطيف انهن لاءِ چوي ٿو:
ڪُٺيس ڪُويڄن، تَنَ طبيبَ نه گڏيا،
ڏيئي ڏنڀَ ڏَڏَن، پاڻان ڏِيلُ ڏکوئيو.
جهالتن ۽ توهم پرستيءَ جا امينَ اهو ئي ڪري سگهن ٿا ته اڳ ئي
فڪري ۽ روحاني طور ڪمزور، جڏن ۽ ”محرومن“ کي رجعت پسند خيالن جا فڪري ۽ احساساتي
ڏنڀَ ڏئي، رڳو سندن جسم نه پر سندن روح ڏکوئين. لطيف اهڙن ڪُويڄن کي انهيءَ ڪري
ڌِڪاري ٿو، ڇاڪاڻ ته اُهي فڪري طور مَڄُو هوندا آهن، صدين جي جهالتن جي سفر جا
امين بڻبا آهن ۽ جن جي محبت ماڻهوءَ کان هڪ باشعور تخليقي انسان هئڻ جو درجو کسي
وٺي ٿي، انهيءَ ڪري ته لطيف انهن لاءِ چوي ٿو:
اوريائين آڻين ميڙيو، معلم خبرون،
سا تان سُڌ نه ڏين، جتي وَههَ ويڌن ڪري.
حقيقت ۾ ذهني، فڪري ۽ احساساتي طور غلام ماڻهو ڪڏهن به زندگيءَ
جا راز پروڙي نه ٿو سگهي، نه ان جي ڏکن، المين ۽ هاڃن جي گهرائيءَ ۾ وڃي سگهي ٿو ۽
نه وري ان جي اڻ ڳڻين ۽ ويندي اڻ ڏٺل ۽ رڳو محسوس ڪيل حُسناڪين جا راز پنهنجيءَ
زندگيءَ تي آشڪار ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته توهم پرست ۽ ذهني يا فڪري طور غلام ماڻهن
جا ذهن، ضمير ۽ روح آزاد نه هوندا آهن، اُهي مخصوص دائرن کان ٻاهر نهاري به نه
سگهندا آهن، روايتن کان بغاوت ته پري جي ڳالهه آهي. رڳو فڪري ڪنڌ ڌوڻي ”ها“ ڪرڻ
وارو ماڻهو ڇا ماڻيندو هن وشال ڪائنات مان؟ اُهو ته لطيف جي ٻوليءَ ۾ چِڙيءَ وانگر
چنهبَ ۾ ”لُئا“ کڻي ئي لڏي سگهي ٿو. حقيقت اِها آهي ته هن ڪائنات، فطرت، سماج ۽
زندگيءَ کي تقليد پسند ”ها“ نه پر تخليقي ۽ تنقيدي ”انڪار“ پروڙيو آهي، ڇاڪاڻ ته
هن ڪائنات ۽ ان جي سمورن لقائن سان انسان شعور، تجربي، تخيل، ڳولا، احساس ۽ تفڪر
ذريعي ئي پنهنجو حقيقي رشتو جوڙي سگهي ٿو. تقليد پسند ۽ توهم پرست يا ذهني ۽ فڪري
طور غلام ماڻهو پنهنجي ذات سان به ناتو نٿو جوڙي سگهي، هيءَ ڪائنات جي تسخيرَ ته
هن لاءِ لاحاصل ئي ٿي سگهي ٿي. اِهو ئي ته سبب آهي جو لطيف ”انڪار“ ڪندڙ عزازيل کي
عاشق ۽ ٻين کي رڳو ”سَڌڙيو“ سڏي ٿو. لطيف سائين چوي ٿو ته اِهو درجو ايئن نه ٿو
ملي، هو چوي ٿو:
سِرُ سانداڻ ڪري، پڇج گهرُ لوهارَ جو،
ڌَڪن هيٺ ڌَرَي، مانَ گڏنئي رُڪ سين.
اِهو درجو ڪلياڻ ۾ مقصد جي وحدت ۽ پاڻ وڃائي ڪلياڻ ماڻڻ سان
مِلي ٿو، يمن ڪلياڻ ۾ سُونهين ۽ محبوب جي معرفت ملي ٿو، کُنڀات ۾ حُسن شناسيءَ سان
ملي ٿو، سريراڳ ۽ سامونڊيءَ ۾ مسلسل ڳولا ۽ سفر سان، سهڻيءَ ۾ بي لوث قربانيءَ
سان، سسئيءَ جي پنجن سُرن (سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حُسيني) ۾
اورچائيءَ سان، ڪاموڏ ۾ عاشقيءَ ۾ بادشاهيون ۽ تخت ڦِٽي ڪرڻ سان، گهاتوءَ ۾ حڪمت
عمليءَ ۽ ڏاهپ سان، آسا ۾ خودشناسيءَ سان، ڏهر ۾ خودڪلاميءَ سان، رامڪلي ۽
کاهوڙيءَ ۾ پنهنجي اندر ۾ حقيقي آزادي ماڻڻ سان، ڪارايل ۾ هنج جون خصلتون اختيار
ڪرڻ سان ۽ پرڀاتيءَ ۾ رهزن چالاڪيءَ بدران ”بظاهر نظر ايندڙ ڏَڏُ“
ٿيڻ سان ۽ مارئيءَ ۾ سون تي سَيڻَ نه مَٽائڻ سان ملي ٿو.
هاڻي تصور ڪري سگهجي ٿو ته لطيف جي معيار تي پورو لهڻ وارو
انسان ٿيڻ ڪيڏو نه اوکو پنڌ ۽ زندگيءَ جو معراج آهي. مون دنيا جي تاريخ ۾ ڪنهن به
مفڪر، فيلسوف، شاعر، اديب ۽ ڏاهي وٽ انسان جو اهڙو خاڪو نه ڏٺو آهي، جهڙو لطيف جو
آهي. علامه آءِ آءِ قاضي مغربي نقاد ڪارلائل جي ٻُڌايل معيارن موجب کڻي لطيف کي
دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر ڪري پيش ڪيو پر منهنجيءَ نظر ۾ اُهي معيار غيرمعمولي ناهن
۽ اڪثر مغربي ادبي نقادن جا معيار غيرمعمولي ناهن. لطيف ڪارلائل جي ٻُڌايل مخصوص ۽
محدود معيارن مطابق عظيم نه پر اهو دراصل ان ڪري عظيم آهي، جو هو جنهن انسان جو
تصور ٿو پيش ڪري ۽ ان ۾ جيڪي خوبيون ۽ ڳُڻَ ٿو ڏسي، اهڙو انسان دنيا ۾ هڪ آدرش آهي
۽ اسان حقيقي معنيٰ ۾ اندر ۾ آزاد ٿي ان کي رَسي سگهون ٿا. سر بروو سنڌيءَ ۾ هو
چوي ٿو:
ماڻهو گهُرن مال، آئون سڀ ڏينهن گهران سُپرين،
دنيا تنهن دوست تان، فدا ڪريان في الحال،
ڪيس نامَ نهالُ، پَسڻ تان پَري ٿيو.
هن دنيا جو هر ”سياڻو ماڻهو“ رڳو ”مال“ ٿو گهري ۽ هر ”قيمت“ تي
مال ٿو گهري پر لطيف جي تصور جو تخليق ڪيل ڪردار سڀ ڏينهن ”سپرين“ ٿو گهري. اِهو
سپرين ڪير آهي؟ ڇا اهو سپرين ڪو ماس ۽ هڏن جو ٺهيل سپرين آهي؟ يا اهو ڪا ٻي شئي
آهي؟ اِهو سپرين لطيف جهڙي غيرمعمولي مفڪر شاعر وٽ ڪو هڪ فرد ٿي نه ٿو سگهي، جو
فرد مان ماڻهو نيٺ ٿڪجي پوندو پر سپرين دراصل انسان جي حقيقي آزاد حيثيت جو اُهو
درجو آهي، جتي ماڻهو ڪڏهن به ٿڪجي نه ٿو، ورچي نه ٿو، هن جي دل نه ٿي ڀرجي، هو
بيزار نه ٿو ٿئي، هو رڳو ڏيڻ ۽ وٺڻ وارو نه ٿو هجي پر هو اُهو ماڻهو هجي ٿو، جنهن
وٽ ڏاهپ پنڌ ڪري پاڻ هلي اچي ٿي، جنهن جو ڪائنات، فطرت ۽ زندگيءَ سان تقليدي نه پر
تخليقي رشتو جُڙي ٿو، جنهن جي اندر ۾ ڪائنات سموئجي وڃي ٿي ۽ جيڪو سسئيءَ جي
زبانيءَ پاڻ ئي پنهون ٿي وڃي ٿو. اِهو اُهو درجو آهي، جتي انسان پنهنجي اندر ۾
حقيقي آزادي ماڻي ۽ عقُلي شناسائيءَ جا گس ڳولي هڪ حقيقي آزاد انسان جو درجو ماڻي
ٿو. اِهو ئي سبب آهي، جو زندگيءَ جا درد ۽ روڳ سهڻ پنهنجي جاءِ تي پر ان جي
حُسناڪين کي ماڻي به اُهو ماڻهو ٿو. سريراڳ ۾ لطيف سائين چوي ٿو:
ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائَو ڏيئي،
تن سِپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي،
پسندا سي ئي، اَمُلَ اکڙين سين.
اڳتي هلي چوي ٿو:
سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،
چِلر جي چوئين، تن سانکوٽا ۽ سُتيون.
اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته لطيف جي جهان ۾ اِهو ”سمنڊ“ ۽ ”کارو“
ڇا آهي؟ جن کي جيڪو کيڙڻ جو ساهس ساري ٿو، اُهو مٿي مٺو ڪري موٽي ٿو ۽ اهي ”چِلرَ“
ڇا آهن؟ سمنڊ دراصل جستجو، ڳولا، وُسعت، تخيل، تلاطم ۽ تيز وَهَڪَ جو اهڃاڻ آهي،
جيڪو انسان جو تخليقي ۽ تنقيدي شعور ئي ٿي سگهي ٿو ۽ اِهي سمنڊ جي ڪنارن تي پيل
بدبودار چِلر دراصل صدين جي جهالت آهي، توهم پرستي، ۽ تقليد پرستي آهي، جنهن سان
سلهاڙجي ماڻهو پنهنجو فڪري طور مَڄُو ڪنڌ ته ڌوڻي سگهي ٿو پر شعور، تفڪر ۽ ادراڪ
جا ڪَرَ کڻي ڪائنات کي تسخير ڪرڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي.
اسان کي لطيف جي حقيقي عظمت جي پروڙ تڏهن پوندي، جڏهن اسان وٽ
لطيف شناسيءَ جو سفر فڪري، عقُلي ۽ فني بلوغت تي ويندو، جڏهن پورب پڌرو ٿيندو ۽
لطيف پنهنجي حقيقي فڪري ۽ فني جمال سان اُڀري اسان جي تنقيدي ۽ تخليقي ادراڪ جي
اڱڻ تي اچي بيهندو. لطيف دراصل بظاهر مختلف ڪردارن جي صورت ۾ هڪ ئي ڪردار جي ڳالهه
ڪئي آهي. مان سمجهان ٿو ته لطيف جا سمورا سُرَ ۽ ڪردار، شعور ۽ رويا هن جي هڪ ئي
تخليق ڪيل ڪردار جون خوبيون ۽ ڳڻ آهن. فرق رڳو ڪٿائن، صورتحال، محرڪن ۽ ماحول جو
آهي پر انهن جو وَڙُ، زندگيءَ ڏانهن رويو، اورچائي، پنڌ ۽ ڏاهپ جو درجو، قربانيءَ
۽ سورهيائيءَ جو مقام ۽ مجموعي طور ڪردار جو جوهر ساڳيو آهي ۽ انهن سمورن ڪردارن ۾
هڪ نظر نه ايندڙ ”وحدت“ آهي. اُها وحدت، جيڪا نه رڳو مختلف خوبين، ڳڻن، سوچن،
احساسن ۽ روين يا واٽن کي هڪ محرڪ ۽ تحرڪ ۾ سموئي ٿي پر اُها وحدت، جيڪا انسان کي
فطرت، ڪائنات، زندگيءَ ۽ سماج سان ڳوتي هڪ ئي وجود ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿي. اِهو اُهو
درجو آهي، جتي سسئيءَ جو سڄو ”وجود“ ئي ”وڻڪار“ ٿي پوي ٿو، ۽ جيڪي رڳو جهنگ ۾
کٿوريءَ جي ڳولا ۾ نٿا وڃن پر جن جي اندر ۾ ”سَرکنڊ“ ساڻ ٿو هلي. مون کي انساني
تاريخ جو ٻيو ڪوبه مفڪر، اديب ۽ شاعر نه سُجهي، جنهن جو ڪردار ڏاهو به هجي، عاشق
به هجي، اندر ۾ آزاد ۽ بي نياز به هجي، سورهيه ۽ اورچ به هجي، حساسيت جي لطافت جي
بلند مقام تي پهتل به هجي، جيڪو هر وقت متحرڪ سنسار ۾ سرگردان به هجي، جيڪو پنهنجي
ذات جي نفيءَ جو قائل به هجي، جيڪو غيرروايتي ۽ باغي به هجي، جيڪو وطن جو عاشق هئڻ
سان گڏ مارن ۽ سڄي عالم جي امن جو طالب به هجي، جيڪو منزل جو محتاج نه هجي، جيڪو
حاصل ڪري نه پر وڃائي خوش ٿئي ۽ جيڪو بابو هجي ۽ بيکاري ٿي خوش ٿئي، جيڪو تماچي
سمون ڄام هجي ۽ ککيءَ هاڻين کارين ڀرسان اُڀو بيٺو هجي. فلسفي ان کي چئبو آهي،
جيڪو سچ جي ڳولا ڪري ۽ ڏاهپ سان پيار ڪري پر هيءَ ته اڃا ٻي ۽ اتاهين منزل آهي،
جتي اِهو ڪردار سراپا ڏاهپ ۽ سچ ٿيو پوي. اسان جو عظيم ۽ حقيقي رهبر
لطيف انهيءَ ڪري چوي ٿو:
ڏوٿِي سا ڏورين، جا جُوءِ سُئي نه ٻڌي،
پاسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين،
وڄا اُتِ ووڙين، جت نهايت ناهه ڪا.
پر ان منزل لاءِ سڀ کان اول اندر جو اُونهو ۽ ڊگهو ”پنڌُ“
گهرجي ۽ پوءِ لطيف اهو راز کولي ٿو ٻُڌائي ته جيڪي ”هِتان کڻي هُتِ رکندا“، اُهي
ئي ان منزل کي رَسندا ۽ اُها منزل اُها آهي، جتي زندگيءَ جون سڀ کان حَسين شيون
يعني ساجَنُ، سونهنَ ۽ سُرتِ وِکان ئي ويجهو ٿيو پون ۽ اها منزل ڪنهن کي به رڳو
سَڌون ڪرڻ سان نه ٿي ملي سگهي، ان لاءِ لطيف جي ٻوليءَ ۾ بابوءَ مان بيکاري ٿيڻو
پوندو.
No comments:
Post a Comment