18/02/2014

سنڌي ٻولي: تاريخ جي سفر ۾ - آسي اختر ڀٽو (Aasi Akhtar Bhutto)


سنڌي ٻولي: تاريخ جي سفر ۾
آسي اختر ڀٽو
هن ڪائنات جي ڪروڙين سالن جي آئيني ۾ تاريخ واضح ۽ چٽي طرح اهو ٻڌائي رهي آهي ته جيئن ئي هن ڪائناتي گولي جو وجود آيو آهي ۽ جيئن ئي ان تي اشرف المخلوقات پنهنجو پير پاتو آهي تيئن ئي انهن جي وچ ۾ رابطي يا لهه وچڙ لاءِ دنيا جي هر خطي ۾ ٻولي هڪ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪري رهي آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته انهن ماڻهن ٻوليءَ کي استعمال ڪرڻ جا مختلف طريقا استعمال ڪيا، پوءِ انهن پاڻ ۾ ڪڏهن اشارن سان ڳالهايو ته وري ڪنهن دؤر ۾ مٽيءَ تي ڪجهه لکي ان جي مدد سان ڳالهايو. ڪڏهن وري مختلف اولڊ ڪوڊس استعمال ڪري ٻولي جو استعمال ڪيو. پوءِ جڏهن انسان ۾ ماضيءَ جي نسبت سان ڪجهه شعور وڌيو ته انهن هڪٻئي سان ڳالهائڻ به شروع ڪيو ۽ انهن کي ٻوليءَ جي باري ۾ ان جي اهميت جي به ڪافي حد تائين خبر پئي. تاريخ ۾ قديم تهذيبن مان اهو مڪمل طور تي ثابت ٿيو ته ڪنهن به قوم جي بناوٽ يا سڃاڻپ ۾ مڪمل طور ٻولي هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ايتريقدر جو جيئن ڪنهن انسان لاءِ سڃاڻپ ڊوميسائيل، سڃاڻپ ڪارڊ جي اهميت هوندي آهي. تيئن ڪنهن به قوم لاءِ ٻولي ايتري حد تائين اهميت رکي ٿي. آئون ته چٽيءَ طرح اهو چوندس ته جنهن به قوم کي پنهنجي خالص ۽ مڪمل طور ٻولي نه آهي، ان کي آئون مڪمل طور قوم تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان!؟ اهڙيءَ طرح اسان ڪجهه ٻولين جي تاريخي سفرنامي تي مختصر نظر وجهون ٿا.

(1) دنيا ۾ ٽوٽل 7600 ٻوليون آهن.
(2) تازي رپورٽ موجب دنيا ۾ هر مهيني مختلف کنڊن يا ملڪن مان ٻه ٻوليون ميسارجي ختم ٿي رهيون آهن.
(3) دنيا ۾ جيڪي هر مهيني ٻه ٻوليون ختم ٿي رهيون آهن، انهن جو سبب واضح طور اهو آيو آهي ته ان ٻوليءَ سان لاڳاپيل قوم ٻي ٻوليءَ کي هر وقت ۽ هر جڳهه تي استعمال ڪرڻ ۽ پنهنجي مادري ٻوليءَ کي اهميت نه ڏيڻ ۽ ان کان پوءِ اتي موجود ٻين قومن يا اتي جي حڪومت جون ان ٻوليءَ خلاف مختلف سازشون ان کي هر طريقي ۽ هر جڳهه تان ختم ڪرڻ به هڪ اهم سبب واضح آيو آهي.
(4) 1953ع ۾ دنيا جي هڪ عالمي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته هر ٻار کي تعليمي ادارن ۾ پنهنجي بنيادي قومي ٻولي پڙهائي وڃي يا ويندي.
(5) ڪافي وقت پهريان هڪ يو اين او جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اتفاق راءِ سان اهو منظور ڪيو ويو ته هر ٻار کي پنهنجي مادري ٻولي پڙهائڻ سان گڏوگڏ جنهن علائقي ۾ ٻار رهندڙ آهي ان علائقي جي ٻوليءَ جي لهجي مطابق پڙهايو وڃي ته جيئن اهو ٻار آسانيءَ سان پڙهي، لکي، سمجهي ۽ ڳالهائي سگهي.
(6) سياسي مهاجرن ۽ ثقافتي مهاجرن کي سمجهڻ ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ فرق رکڻ گهرجي.
(7) دنيا ۾ هڪ سروي مطابق اهو واضح ٿي چڪو آهي ته دنيا جي ڪهڙي به ۽ ڪٿي جي به ٻولي سکڻ ۽ ڳالهائڻ تمام سٺي ڳالهه آهي، ڇو ته ڪهڙي به ٻولي سکڻ سان انسان جي ذهانت سوچ ۾ اضافو ٿيندو آهي، پر اها ٻولي ان شرط تي نه سکجي ته پنهنجي مادري ٻوليءَ کي وساري ڇڏجي، اهو بلڪل غلط آهي.
(8) دنيا ۾ ٻولين جي ماهرن اها تجويز يا صلاح ڏني آهي. دنيا جي مختلف قومن کي ته جيڪڏهن اهي پنهنجي ٻولين کي زنده رکڻ چاهين ٿا ته ٻوليءَءُ جي اوسر ڪرڻ به گهرن ٿا ته اهي مادري ٻوليءَ ۾ مختلف ميگزين، رسالا، ڪتاب، اخبار، ناول، پمفليٽ شايع ڪرائڻ تي زور ڏين ۽ وقت بوقت ٻوليءَ جي ماهرن کان اتي جي عوام ۽ خاص ڪري نوجوانن ۾ ليڪچر ڏيارين ته جين انهن جي دماغ تان ڪٽ ميسارجي وڃي.
(9) وقت بوقت مادري ٻوليءَ جي باري ۾ تقريبن سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو پوري قوم گڏجي مادري ٻوليءَ جي حوالي سان هڪ ثقافتي ڏهاڙو ملهائي، جنهن ۾ مادري ٻوليءَ بابت هڪ سٺي انداز ۾ ثقافتي ٽيبلو پيش ڪيو وڃي ته جيئن نئين نسل ۾ مادري ٻوليءَ بابت شعور، جوش، جذبو ۽ پيار پيدا ٿئي.
(10) ٻولي جي اوسر يا ميسارجي وڃڻ ۾ اتي جي حڪومت توڙي رياست جو وڏو هٿ آهي، ڇو ته اهو ان ڪري ته ان ملڪ ۾ جيڪڏهن چار وڏيون قومون رهن ٿيون. مثال طور ته اتي انهن جيئن وڏين قومن جي مادرين ٻولين بدران اتي بنا اڪثريت (مينارٽي) ۾ شامل ڪابه ٻولي ان ملڪ ۾ انهن قومن مٿان نافذ ڪئي وڃي، جنهن ٻوليءَ جي نه ڪا خاص تاريخ، تهذيب ۽ اوهي واهي هجي ته ان ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو اتي جي حڪومت ڏيئي ته پوءِ ان جو ردعمل ڇا ٿو ٿي سگهي؟ جنهن کي توهان به باآسانيءَ سان سمجهي سگهو ٿا؟ اهڙي طرح دنيا ۾ جيڪي به تقريبن سيڪيولر يا اسريل ملڪ آهن، اتي هر ڪنهن قوم کي ان ئي ملڪ ۾ هر مادري ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو حڪومت طرفان ڏنل هوندو آهي.
(11) جنهن جو توهان ۽ اسان جي سامهون سکڻ لاءِ هڪ وڏو ۽ انمول مثال ٻيو آهي؟ دنيا جو ايٿوپيا هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن جي فقط ئي فقط 25 لک آبادي آهي، پر اتي جي وڏي ۾ وڏي ڳالهه اها آهي ته اتي جي حڪومت قومن ۽ ٻولين کي ايتري حد تائين اهميت ڏيئي ٿي، جو اتي رهندڙ فقط 25 لک ماڻهن لاءِ سرڪاري طور 78 ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنل آهي. پر افسوس اسلامي جمهوريه پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ ۽ فيڊريشن ملڪ سڏائيندي به 18 ڪروڙ عوام کي فقط ئي فقط چئن يا پنجن کي قومي ٻولين جو درجو نه ڏئي سگهيو آهي، جيڪي هر قوم جو هڪ بنيادي حق آهي، جيڪو ڪنهن ملڪ ۾ رهندڙ اتي جي عوام کي حڪومت طرفان نه چاهيندي به ڏيڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان ملڪ ۾ رهندڙ مختلف قومن جي وچ ۾ پيدا ٿيل نفرتون ۽ غلط فهميون منهنجي خيال مطابق ڪافي حد تائين ختم ٿي سگهن ٿيون. هن سڄي ڪهاڻيءَ کي مدنظر رکندي موٽي اچون ٿا پنهنجي اڄوڪي موضوع جي تاريخ تي سنڌيءَ ٻوليءَ جو مختصر احوال جنهن تي اسان جيترو به لکيون ۽ ڳالهايون اهو گهٽ آهي پر پوءِ به اسان ان تي مختصر طور ڳالهايون ٿا.
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي پسمنظر ۾ ڏسجي ٿو ته سنڌي ٻولي برصغير جي قديم ٻولين مان هڪ آهي. هن شاهوڪار ٻوليءَ جو پڻ بڻياد ساخت ۽ سٽاءَ جي اڀياس ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي ماهرن خاص دلچسپي پئي ورتي آهي. حقيقت ۾ ڏسجي ته ڪنهن به قوم جي تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ ان قوم جي ملڪ يا وري خطي جي قديم آثارن مان مليل مواد کان سواءِ ان قوم جي ٻوليءَ تي اسٽڊي ڪرڻ نهايت ضروري آهي. ان لحاظ کان سنڌ جي ماڻهن خاص ڪري هتي جي قديم ۽ اصلوڪن رهاڪن جي تهذيب ۽ تمدن جي ابتدا ۽ تاريخي ارتقا جي مطالعي لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا جو اڀياس ڪرڻ بيحد ضروري سمجهان ٿو. ان سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي ٿوري نظر وجهڻ به اهم سمجهان ٿو. ماضيءَ جي حوالي سان سنڌو تهذيب جي ڌار ڌار پهلوئن مان ڪيترائي اهم پهلو اهو ظاهر ڪن ٿا ته هن تهذيب ۾ رائج ٻولي سندس شروعاتي زماني کان وٺي ختم بلڪل به نه ٿي آهي، پر ان ۾ يقينن اهو چئي سگهجي ٿو ته وقت بوقت تسلسل قائم رهندو آيو آهي. هن تهذيب جو تسلسل عام ماڻهن جي ڪرت، ڌنڌن، هنرن، راڳ ۽ مذهبي ڏڻن ۽ ٻين به ڪيترن ئي پهلوئن ۾ اڄ به قائم ۽ دائم آهي. اسان کي ٻوليءَ جي حوالي سان ان ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي ته ڪن به ٻولين جي هڪ جهڙي هجڻ يا هڪ ئي فيملي مان هجڻ واري راءِ جي خيال کي سمجهڻ لاءِ ڪي اصول سمجهجن؟
صوتي هڪجهڙايون، (2) لفظن جي ڌاتن ۾ هڪجهڙائي، (3) ڪردنتن جي بناوٽ جا هڪ جهڙا اصول، اسمن ۽ فعلن ۾ هڪجهڙائي (5) ڪردنتن جي بناوٽ جا ڍنگ ملندڙ جلندر هجن، (6) ضميرن ۽ حرفن ۽ حرف جي استعمال ۾ هڪجهڙايون. مطلب ته ڪن به ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ٻولين ۾ اهي سڀ هڪجهڙايون موجود هجن ته پوءِ هڪ ٻولي ٻي ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتي آهي يا ٻه يا ان کان وڌيڪ ٻوليون ڪنهن هڪ ئي بڻياد جون شاخون آهن، يا هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن. ڪافي ماهرن جي تحقيق مان جيڪي مختلف نظريا مليا آهن ته ان مان اهو واضح ٿي آيو آهي ته، سنڌي ٻولي سنسڪرت جي بلڪل به شاخ نه آهي، پر ان حوالي سان منهنجي خيال مطابق ته اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي سنسڪرت ۽ امندا ٽنهي جي اصل پيڙهه قديم پراڪرت جي هڪ ڍنگ يعني لهجي جو هڪ محاورو، ورچنڊ اپڀرنش آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان هرگز ڪين نڪتل آهي، (2) سنڌي هڪ خودمختيار سنڌو پراڪرت آهي، جيڪا سنڌو ماٿر ۾ ڳالهائي ويندي هئي، (3) سنڌي، سنسڪرت، وراچڊ ۽ ڀئڻا جي دراوڙي ٻولين جي ماءُ مطلب ته تحقيقن اهو ثابت ڪيو آهي ته چار ئي ٻولين جو هڪ ئي ٿـڙ آهي يعني هن جو بنياد هڪ ئي آهي. اسان کي اهو به معلوم هئڻ گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ کي ڪهڙي نالي سان سڏيو ويندو هو. دنيا جو مشهور مفڪر البيروني پنهنجي تحقيق ۾ ٻڌائي ٿو ته ڏکڻ سنڌ ۾ کاري واري خطي تائين Malwashy نالي جيڪو رسم الخط ڪم ايندو آهي، ان کي مالواڙي به چئبو آهي. المنصوره ۾ سنڌو رسم الخط ڪم ايندو هو. لاڙي خط لاڙ ۾ ڪم ايندو هو. ارڌنا نگري رسم الخط ڀاٽيا ۽ سنڌ جي ڪن حصن ۾ لکيو ويندو هو. هن ڳالهه مان اسان اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته سنڌو ملڪ جي ٻوليءَ کي پهرين سنئدئي ۽ وقت بدلجڻ کان پوءِ سنئڌو جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جنهن جي اُچار به ڪجهه فرق آيو ۽ سنئڌئي ٿيو پوءِ اڳتي هلي سنڌيءَ جي نالي سان سڏجڻ لڳو.
سنڌو ماٿري جي قديم سئنڌو ئي ۽ ان جون شاخون جن مان ڪجهه شاخون بيان ڪجن ٿيون: (1) قديم دراوڙي، (2) برهوئي، (3) اتر اوڀر واري شاخ جنهن مان ڪانگڙا، سيواني، برج، پهاڙي، ٻولي، هماچل پرديش جي ٻولي، هريانه جي ٻولي (بانگرو)، باگڙي/ ڊوگڙي ٻوليون ورتل آهن. (4) ڏکڻ اوڀر واري شاخ جنهن مان سنڌ جي اوڀر طرف راجپوتانه ٻوليون وجود ۾ آيون، (5) اڀرندين شاخ جنهن مان ڍنڍاري (جهاڙ شاهه)، هڙوئي، ميواڙي، راگڙ، (5) مارواڙي ٻوليون نڪرن ٿيون. (6) ڪشميري، (7) ڪشميري اتر- اولهه واري شاخ جنهن مان هي داردي ٻوليون نڪرن ٿيون. داردي، ڊوگري، شيا، ڪافر قبيلي جون ٻوليون، ڪوهستاني ٻوليون جنهن مان ڪشتياني، توروالي، مائيان، گاوي اگاروي جي چلاس، ڪالامي، ٿل لمينتي، وسيلي سنئڌوديش جي ٻولي جنهن مان ڪنڍيالي، مالوئي، ماجهي، راني، پوادي، دو آبي (رچنا دو آبي جي ٻولي) ڀٽيالي، کمي ٻوليون نڪرن ٿيون. (9) لهندي شاخ جنهن مان تنولي، ڪاڇڙي، گمڀبي، اعواڻي، شاهپور، ڪلي، ڌني، پوٽوهاري، هندڪو دا هندڪي (10) سرائڪي، ملتاني ٻوليون نڪرن ٿيون. ڏاکڻي شاخ سئنڌوئي سووير ديش جي ٻوليءَ مان نڪتل  ڏاکڻي، اوڀرندي شاخ جنهن مان ڪيتي ڍاٽڪي، پارڪري، ٿريلي، وچولي شاخ، اترين شاخ جنهن مان ماڇڪو، اڀسجي، سريلي ٻوليون نڪرن ٿيون. الهندي شاخ جنهن مان کيڪراني، جعفرڪي، فراڪي، جدگالي، لاسي، ڪوهستاني ٻوليون نڪرن ٿيون. هن مختصر تاريخ مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ مان ننڍيون وڏيون شاخون منهنجي خيال مطابق ته تقريبن 95 ٻوليون نڪرن ٿيون. هن سڄي ڪهاڻيءَ ۾ مختلف مفڪرن جي تحقيق مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته آرين جي اچڻ کان اڳ برصغير ۾ سئنڌو ٻولي ۽ ان جون ننڍڙيون وڏيون شاخون چالون هيون. ان آڌار چئي سگهجي ٿو ته، موهن جي دڙي واري تهذيب واري اها قديم ٻولي سنڌ ملڪ ۽ ان جي سينڌو سنڌو درياءُ جي نالي پٺيان سئنڌو ئي سڏبي هئي. سنڌو ماٿر واري قديم تهذيب، تمدن ۽ قديم ٻوليءَ سنڌو ئي ٻولي) ۾ قديم دراوڙي تهذيب ۽ دراوڙي ٻولي يا ٻولين جا نشان اڃا به موجود آهن. ڊاڪٽر ڪاليڊويل جي راءِ مطابق دراوڙي ٻوليون سٺين ٻولين معرفت نوراني خاندان جي ٻولين سان هڪجهڙائي رکن ٿيون ۽ پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو. دراوڙي ٻولين جو بنياد يا پيڙهه سنڌو ساگر موهن جو دڙو ۽ هڙاپا واري ٻولي سنڌو ماٿر جي ٻولي جو نوراني ٻوليءَ سان تهذيبي ۽ تمدني واسطو رهيو آهي. ان ڪري سنڌي لمندي ڀرندي درواوڙي شاخ وارين ٻولين ۾ نوراني ٻوليءَ جا اثر ۽ شيون ملن ٿا، جن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هنن جي وچ ۾ تعلق ته تمام پراڻو ۽ قديم آهي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته سمنڊ ۽ دريائن سان سنڌ واسين جو تمام پراڻو ۽ گهرو رشتو آهي. پراچين قديم سمي جي سنڌين لاءِ سمنڊ جياپي ۽ آجپي جو هڪ وڏو ذريعو پڻ رهيو آهي. اهو سمنڊ خوشحاليءَ، ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ سان گڏوگڏ دنيا جي مختلف ملڪن سان وڻج واپار، لاڳاپي ۽ رابطي جو پڻ وڏو وسيلو رهيو آهي. پنج هزارن سالن کان به وڌيڪ اڳ سنڌي لوڪن نت نوان شهر اڏڻ، صنعتي مرڪز قائم ڪرڻ، دنيا سان وڻج واپار ۽ لاڳاپن خاطر ٻيڙا جوڙڻ ۽ اهي سمنڊ ۾ واڪارڻ سان گڏ انهن جي لاءِ سِڙهه پڻ ايجاد ڪري ورتائون. اها سندن هڪ وڏي ايجاد ثابت ٿي، جنهن جي ڪري Oceanجي ڪنارن سان ڪيترائي ننڍا وڏا قدرتي بندر پڻ هيا. انهيءَ دؤر ۾ پڻ سنڌو سلطنت جي دارلحڪومت موهن جو دڙو هئي، جيڪا دنيا جي وڏن ترقي يافته شهرن ۾ لکي ويندي هئي. جتي فڪر، فهم، ادب، علم، ثقافت ۽ هنر جا اڻ کٽ خزانا پيل هئا، جنهن جا اڃا تائين چٽا ثبوت موجود آهن. هن سڄي ڪهاڻيءَ کي مدنظر رکندي اسان ۽ توهان کي هڪ سنڌي هجڻ ۽ اهڙي ناياب ۽ انمول سنڌي ٻوليءَ جو مالڪ هجڻ مان تقريبن 95 ٻيون ٻوليون نڪرن ٿيون، جنهن جي شاهد تاريخ آهي. ان کان پوءِ اسان جي سنڌو تهذيب جيڪڏهن سالن کان پراڻي آهي ۽ اسان ان جا مالڪ آهيون، جنهن تي اسان کي دنيا آڏو فخر ڪرڻ گهرجي، پر ان سان گڏوگڏ اسان جي سياستدانن، قومپرستن، شاعرن، اديبن، ليکڪن، ميڊيا ۽ هر عام ۽ خاص ماڻهو کي پاڻ تي ڪجهه افسوس ڪري اهو سوچڻ گهرجي ته ڇا اسان هڪ سنڌي ۽ سنڌو تهذيب، سنڌو درياءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مالڪيءَ جي ناتي سان انهن جي سارسنڀال ۽ ترقيءَ لاءِ اسان ڇا ڪيو آهي ۽ ڇا ڪري رهيا آهيون ۽ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن اسان ۾ هڪ ڍنڍ مان هڪ گهڙي جيتري به ڪا سٺي سوچ هوندي ته اسان کي پنهنجي ڌرتي، تهذيب ۽ ٻولي ۽ وسيلن جي لاءِ سوچڻ ۽ لوچڻ تي مجبور ڪندي ۽ جيڪڏهن اسان اڃا به ننڊ ۾ رهياسين ته سنڌ ۽ سنڌين جا ويري اسان جي هر شئي تي قابض ٿي رهيا آهن ۽ ٿي وڃڻ جا آثار به نظر اچي رهيا آهن. تنهن ڪري اسان ۽ توهان کي دولهه دريا خان ۽ شاهه عنايت ٿي وني ۽ ٻنيءَ جي حفاظت پاڻ ڪرڻي آهي.
(ريفرنس ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد، 11 تحقيقي جنرل سنڌي ٻولي)

No comments:

Post a Comment