”سنڌي“: دنيا
جي قديم ۽ منفرد زبان
شبنم گل
دنيا ۾ ڪيتريون ٻوليون تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن. ٻوليءَ
۾ وقت سان گڏ نوان لفظ مُروج ٿيندا رهن ٿا. دنيا ۾ مُروج مختلف ٻولين جي لفظن ۾
ڪٿي هڪ جهڙائي به محسوس ٿئي ٿي. سنڌي زبان ۾ به عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين
جا لفظ پڻ شامل آهن. انگريزي، لاطيني، جرمن، سلوويڪ ۽ ٻين مغربي زبانن ۾ پڻ سنسڪرت
جا لفظ ملن ٿا. سنڌي زبان لاءِ چيو وڃي ٿو ته، اها سنسڪرت کان به قديم آهي. جڏهن
يورپ ۾ ماڻهو اڃا غارن ۾ رهندا هئا، ته سنڌوءَ ڪناري آباد ماڻهن وٽ پنهنجي ٻولي
لکت ۾ موجود هئي. اهي ماڻهو ٻه ماڙ گهرن ۾ رهندا هئا. هنن وٽ ڪشاده روڊ رستا ۽
بهترين ڊرينيج جو نطام هو.
سنڌي ٻولي خاصيت ۽ گهرائيءَ ۾ وسعت رکي ٿي. ٻولي قومن جي رُوح
جو عڪس ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ تشبيهون، محاورا ۽ نوان استعارا ملن ٿا. لهجي ۾
سٻاجهائي ۽ اظهار ۾ رواني محسوس ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي انفراديت لوڪ ادب جي
سُونهن آهي. لوڪ ڪهاڻيون دلچسپ ۽ سبق آموز آهن. اهي لوڪ ڪهاڻيون نسل در نسل منتقل
ٿينديون رهيون آهن، جيڪي نثري نظم جا حصا لڳن ٿيون. لوڪ ادب مُحاورن، ڳُجهارتن ۽
انيڪ پرولين سان مالا مال آهي. مختلف علائقن جا منفرد لهجا آهن، هر لهجو خالص ۽
ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. سنڌي لهجي ۾ اُنسيت، پنهنجائپ ۽ رابطي جي سَگهه موجود آهي.
جيڪا خوبي ٻين زبانن ۾ اڻلڀ آهي، سنڌي لهجي ۾ ڌرتيءَ جو هڳاءُ پڻ محسوس ٿئي ٿو.
لفظ ارتقائي منزلون طئي ڪندي اڳتي وڌندا رهن ٿا. مختلف تهذيبن
جي ميلاپ سان سُهڻا لفظ ۽ اعلى خيال جنم وٺن ٿا. هڪ ٻئي جي رهڻي ڪهڻي ۽ رسم رواج
به مُنتقل ٿين ٿا، لفظ اُڌارا ورتا وڃن ٿا، جنهن کي
انگريزي ٻوليءَ جا ماهر Loan Words (اُڌارا ورتل
لفظ) سَڏين ٿا. دُنيا جي مختلف ٻولين جي لفظن جو جائزو وٺجي ٿو ته، دلچسپ حقيقتون
سامهون اچن ٿيون. دُنيا جون ڪجهه زبانون اهڙيون آهن، جن جو اثر ايشيا جي مختلف
ٻولين تي پيو آهي. اهي ٻوليون نه صرف قديم آهن، بلڪه وسيع پڻ آهن. انهن ۾ چِيني،
سنسڪرت، عربي، يوناني ۽ لاطيني ٻوليون شامل آهن. نوآبادياتي نظام سبب انگريزيءَ جو
گهرو اثر ايشيا ۽ آفريقا جي ملڪن تي ڇانيل آهي. جن ملڪن ۾ جنگيون لڳيون، اُتي حملا
آور پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت پڻ کڻي اچن ٿا. مختلف ٻولين جي لفظن جي پاڻ ۾ ڏي وٺ ٿئي
ٿي. مثال طور سنسڪرت ۾ مرچ کي پپالي (Pipali) ته جرمن ۾ پيپري (Piperi) سَڏجي ٿو. اهو ساڳيو لفظ انگريزيءَ ۾ پيپر
Pepper ٿيو پوي. نس کي سنسڪرت ۾ نارا ۽ لاطيني
زبان ۾ نووس ۽ انگريزي زبان ۾ نَروِ (Nerve) سڏجي ٿو. ناس بنيادي طور تي سنسڪرت جو لفظ آهي، جيڪو لاطيني
زبان ۾ ناسس
(Nasus) ۽ انگريزيءَ ۾ نوز (Nose) وڃي ٿو بيهي. ساڳِيءَ ريت سنسڪرت ۾ ناما (نالو)، لاطيني زبان ۾
نومين (Nomen)
۽ انگريزيءَ ۾ نيم Name چَورائي ٿو. اهي هڪ ٻئي کان اُڌارا ورتل لفظ آهن. سنسڪرت
جو اثر نه صرف ڪيترين مغربي ٻولين تي نظر اچي ٿو، پر هندستان جي قديم ويدڪ مذهب جا
لاڙا پڻ مغربي ثقافت ۾ محسوس ڪري سگهجن ٿا. منهنجي سلوويڪ ڳالهائيندڙ عزيزه مطابق
ته، سندن ٻوليءَ ۾ نه فقط سنسڪرت جا لفظ شامل آهن، بلڪه هنن جا عقيده پڻ مشرق سان
ملن ٿا. سلوويڪ زبان ٻڌڻ ۾ سنڌي مزاج جي ويجهو لڳي ٿي. اهڙيءَ ريت سلوويڪ لوڪ ادب
به مشرقي تهذيب سان ملي ٿو. سندن ثقافت، رسم رواج، لاڙا ۽ توهم پرستيءَ جو انداز
به سنڌي ماحول جو حصو لڳي ٿو. جنهن مان ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته، ٻولي ثقافت
جي ترجماني ڪري ٿي. جڏهن مختلف ٻولين جا لفظ پاڻ ۾ ملن ٿا، ته انهن ٻولين جي تهذيب
۽ ثقافت پڻ ٻين تهذيبن ۾ جذب ٿيندي رهي ٿي.
اهي علائقا جتي گهڻيون قومون رهن ٿيون، اُتي ٻولي تڪڙي بلدجي
ٿي. جيئن آمريڪا ۾ مختلف قوميتن جا ماڻهو رهن ٿا، ان ڪري آمريڪي انگريزي تبديليءَ
جي اثر هيٺ رهي آهي، جتي ٻوليءَ ۾ اختصار پيدا ٿيندو پيو وڃي. ساڳيءَ ريت سنڌ به
مختلف دورن ۾ حمله آورن جو ڳڙهه رهي آهي، ان ڪري سنڌي ٻولي به مستقل تبديليءَ هيٺ
رهي آهي. مادري ٻولي جڏهن ته اظهار جو اهم ذريعو آهي، جنهن سان نفسياتي ۽ روحاني
تعلق محسوس ٿيندو رهي ٿو. اها ٻولي جيڪا ڪو ٻار ماءُ جي وات مان ٻڌي ٿو يا ماءُ
جنهن زبان ۾ کيس لوري ڏيئي ٿي، ته ان وقت ئي هو پنهنجي مادري زبان جي سونهن کي
محسوس ڪري ٿو. ٻار اڃا گرڀ ۾ آهي ۽ جيئن هو چُرپر ڪرڻ لڳي ٿو ته، ان وقت ئي ماءُ
جون سوچون (هُوءَ جنهن زبان ۾ سوچي ٿي) ٻار تي اثر انداز ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿيون.
ٻار جي ڄم کان ٽن سالن تائين هن جي شخصيت جي مڪمل تشڪيل ٿي وڃي ٿي. ان دوران ئي هو
ڳالهائڻ ۽ اظهار ڪرڻ جو ڏانءُ سِکي ٿو. توڙي جو چيو وڃي ٿو ته، Bilingual (ٻه زبانون ڳالهائيندڙ) ٻار وڌيڪ ذهين ٿئي ٿو. پر ان جي باوجود به
نفسياتي ماهر اهو چون ٿا ته، ٻار کي مختلف زبانن ۾ مُنجهائڻ بدران کيس هڪ ئي زبان
سيکارڻ گهرجي. ڇو ته ان عمر ۾ جڏهن ٻار اڃا ماءُ جي هنج ۾ آهي. هو ان وقت کان
والدين جي ڳالهين کي ٻُڌي ۽ محسوس ڪري ٿو.ان دور ۾ هو لفظن جو اُچار غور سان ٻڌي
ٿو ۽ پنهنجي تاثرات وسيلي اظهار پڻ ڪري ٿو.
ٻار جي شخصيت جي تعمير جي شروعاتي ڏينهن ۾ مادري زبان اهم
ڪردار ادا ڪري ٿي. جيڪا ٻولي ٻار ٻُڌي ٿو، اها نه فقط رابطي جي زبان آهي، بلڪه
سِکيا جو عمل به ان زبان سان وابسته ٿئي ٿو. ٻولي ۽ سِکيا جي ان عمل کي مختلف پس
منظر ۾ پڙهي سگهجي ٿو. ان ۾ تنقيدي، سماجي، ثقافتي ۽ شخصي اوسر جا سمورا پهلو شامل
آهن. ٻولي ثقافت جو اڻٽر حصو رهجي وڃي ٿي. اها ڄاڻ جيڪا ٻار تائين پهچي ٿي، اها
ثقافتي رابطي جي ڪَڙي آهي. ان ڪري ٻوليءَ کي ثقافت کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. ڇو ته
ٻوليءَ جي بقا جي سوال سان ثقافت جي وجود جو جواز لاڳاپيل آهي. ٻوليءَ جو نقصان در
حقيقت ثقافت جو نقصان آهي. ٻوليءَ سان پيار ۽ ان جي اهميت جو اندازو جيڪڏهن ڪنهن
قوم کي نه آهي، ته اها جلد پنهنجو اصلي پڻو وڃائي ويهي ٿي. هڪ ٻار جيڪو پنهنجي
مادري زبان ۾ علم حاصل ڪري ٿو، ته اهو ٻوليءَ جي اهميت، لوڪ ورثي ۽ ثقافت جي ويجهو
پاڻ کي محسوس ڪري ٿو. پر انگريزي ميڊيم اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارَ جا پنهنجا الڳ مسئلا
ٿين ٿا. شروعاتي دور ۾ ٻار کي ڌارئين زبان ۾ سِکيا حاصل ڪرڻ ۾ مشڪل پيش اچي ٿي، ڇو
ته هو انگريزي زبان گهر ۾ نه ٿو ٻڌي. ڪي ٻار سُست سِکيا حاصل ڪندڙ آهن. اهي ڌارئين
ٻوليءَ ۾ تصور يا خيال سولائيءَ سان نه ٿا سمجهي سگهن. انگريزي زبان کان اڻ واقف
والدين سِکيا جي حوالي سان ٻار سان سهڪار ڪرڻ کان قاصر رهن ٿا.
ٻار جيڪا زبان سکي ۽ ان ۾ علم حاصل ڪري ٿو، هو ان زبان جي
ثقافت سان وڌيڪ ويجهو رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته انگريزي ميڊيم جي ٻار ۽ والدين جي
وچ ۾ پراڻي ۽ جديد سوچ جو ٽڪراءُ وڌي وڃي ٿو. اسان ڪيترن والدين کي پنهنجي ٻارن کي
پرائيويٽ اسڪولن مان ڪڍي سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ داخل ڪرائيندي ڏٺو، جنهن جو سبب انهن
اهو ڄاڻايو ته، هڪ طرف ٻارن کي سکڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هئي ۽ ٻئي طرف
هنن ٻارن ۾ احساسِ ڪمتري جو رجحان وڌنڌي ڏٺو. اڄ انگريزي ميڊيم اسڪول تعليم جي
بهتر معيار کان وڌيڪ اعلى طبقي جي تمثيل بڻيل آهن، جنهن جو واحد حل اهو
ٿي سگهي ٿو ته، سنڌي مضمون کي نصاب ۾ شروع کان شامل ڪيو وڃي. جيئن ٻار انگريزي
زبان سان گڏ پنهنجي مادري زبان پڻ سِکي سگهي. لوڪ ادب سنڌي ٻوليءَ جو اهم حصو آهي.
جيڪو هڪ ٻار کي مضبوط تصوراتي سگهه عطا ڪري ٿو، جنهن کان جديد دور جو ٻار اڻ واقف
آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ اردو ۽ انگريزيءَ جا استعمال ٿين
ٿا. جيڪي اڪثر اوپرا ۽ غير موزون لڳن ٿا. ارتقائي مرحلن ۾ ڪيترين ٻولين جا لفظ
سنڌي ٻوليءَ ۾ جذب ٿي ويا پر جڏهن ٻوليءَ جو معيار مقدر ٿي ويو،
ان کانپوءِ ان کي برقرار رهڻ جو سوال پيدا ٿي وڃي ٿو. ٻوليءَ جو معيار ان وقت
برقرار رهي سگهجي ٿو، جڏهن ان جو نج پڻو ۽ خالص تت قائم رهي. هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾
نون لفظن جي Coinage (نون لفظن جي تشڪيل) ٿي رهي آهي، اها
غير ضروري آهي. مثال طور مٿئين جملي ۾ مون لفظ Coinage استعمال ڪيو
آهي. اهڙا ڪيترا لفظ لکت ۽ گفتگوءَ ۾ عام استعمال مٿي رهيا آهن. ان سان ٻولي وسيع
۽ جديد ڏيک ڏئي ٿي، جنهن سان تعليم يافته پڙهندڙ ته متاثر ٿئي ٿو پر گهٽ پڙهيل
ماڻهو مُنجهي پوي ٿو. سنڌي ٻوليءَ کي انگريزيءَ جي غير ضروري استعمال کان بچائي
سگهجي ٿو. سواءِ انهن لفظن جي، جن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو نٿو ٿي سگهي. جيئن جديد دور ۾
رهڻي ڪهڻي ۽ لباس ۾ جدت آئي آهي، جيڪا اعلى مان ۽ مرتبي جي عڪاسي ڪري ٿي، ائين
انگريزي ٻولي به اعلى طبقي جي نمائندگي ڪندڙ زبان آهي. ٻٽي معيار ۾ ورهايل سنڌي
سماج هر اهو طريقو پسند ڪري ٿو، جيڪو بناوٽ يا ڏيکاءُ جو مظهر آهي، جنهن سان سماج
ان لباس، رهڻي ڪهڻي يا زبان کي پسنديدگيءَ جي منظوري ڏيئي سگهي. سنڌي زبان به ان
رجحان جي نذر ٿي رهي آهي. ٺيڪ آهي جيڪڏهن ٻار انگريزي ميڊيم ۾ سنڌي زبان نه ٿو
سکي، ته والدين کيس ذاتي طور تي پنهنجي زبان سيکارڻ ۾ ڪيتري دلچسپي وٺن ٿا. گهر ۾
ڪيترا سنڌي ڪتاب خريد ڪيا وڃن ٿا. اڄ صورتحال اها آهي ته، سنڌي ٻولي جيڪا لکي يا
ڳالهائي وڃي ٿي، ان ۾ گرامر جون غلطيون عام آهن. انگريزي لفظن جي ڀرمار آهي.
ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڪيترا ماڻهو گهرن ۾ سنڌيءَ بدران اردو ڳالهائين ٿا. ٻاهرين ملڪن ۾
رهندڙ سنڌي به يا ته انگريزيءَ ۾ ڳالهائين ٿا يا اردو انهن لاءِ رابطي جي زبان
آهي. ڪٿي ڪٿي ته ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ماڻهو سنڌي زبان ڳالهائيندي ڦِڪائي محسوس ڪندا
هجن. پنج هزار سالن جي ورثي جا مالڪ جيڪڏهن پنهنجي اندر اها قديم ڇِڪ ۽ سگهه محسوس
نه ٿا ڪري سگهن، ته پوءِ جديدت سندن اندر ۾ هڪ ڏينهن اونهو خلا پيدا ڪري ڇڏيندي.
ڇو ته ٻوليءَ جو زمين سان هڪ گهرو تعلق ٿئي ٿو، جيڪو ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ کان پري
آهي، اهو ڄڻ ته پنهنجي زمين جي ڪشش کان پري آهي. اها دوري ائين آهي ڄڻ جسم روح بنا
هجي!
No comments:
Post a Comment