16/04/2014

ٻئي جهان مان لڏي آيل ماڻهو! - مدد علي سنڌي (Madad Ali Sindhi)



ٻئي جهان مان لڏي آيل ماڻهو!
مدد علي سنڌي
ڪو وقت هو، جڏهن سنڌ ۾ ڪچهرين جو رواج عام هوندو هو. سياري جي مند ۾ اوطاقن اندر مچن تي ڪچهريون ٿينديون هيون، ڏور، ڳيچ، پهاڪا ۽ اوڙي پاڙي جون ڳالهيون ٿينديون هيون. اونهاري ۾ وري اهي ڪچهريون کليل آسمان هيٺان ڪيون وينديون هيون، پر وقت بدليو، نه اهي واندڪائي جا زمانا قائم رهيا. نه اهي محبتون ۽ قربتون رهيون، هڻ هڻان جي دؤر ۾ قصن ڪهاڻين ۽ داستانن ٻڌائڻ جو سلسلو به ماضيءَ جي هڪ وسريل باب ۾ تبديل ٿي ويو. خبر ناهي ته هاڻ سنڌ ۾ دودي چنيسر جي ڳالهه چوڻ وارا فنڪار زندهه آهن يا ڀڳت ڳائڻ جي فن سان اهي ڪلاڪار به باقي نه رهيا آهن.

سچ پچ ته اسان جي زندگين ۾ هن جديد دؤر جي تيز رفتار گلوبلائيزيشن ۽ ميڊيا جي يلغار اهي سمورا سلسلا ختم ڪري ڇڏيا. ويندي قصن ٻڌائڻ جو خوبصورت فن به وڃي پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.
ننڍي کنڊ ۾ لوڪ داستانن، قصا آکاڻيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي روايت ڏاڍي قديم آهي. اهوئي سلسلو هو، جنهن جي ذريعي قديم داستان نسل درنسل منتقل ٿيندا رهيا آهن. اڄ جي دؤر ۾ قصن ٻڌائڻ جو فن ته ختم ٿي ويو، پر ڪتاب ذريعي داستان ٻڌائڻ جو سلسلو ضرور قائم آهي. آٽو بايو گرافي/ خط/ بايو گرافي-ادب جو هڪ مکيه ڀاڱو آهي. مغربي ادب ۾ هاڻ انهن لکڻين کي وڏي اهميت حاصل ٿي وئي آهي.
سنڌ ۾ ورهاڱي کان پوءِ، يادگيرن لکڻ جو رواج محترم شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين وڌو. پير حسام الدين چوندو هو، ”اسان کي پنهنجو روزنامچو لکڻ گهرجي.“ سائين جي ايم سيد به پنهنجي ذاتي ۽ سياسي واقعن کي روزاني ڊائري جي شڪل ۾ لکيو آهي. ورهاڱي کان اڳ ۾ ساڌو هيرانند، نولراءِ، پرڀداس آڏواڻي، ڏيارام ڄيٺمل، ڏيارام گدو مل، ديوان ڪوڙو مل، چندنمل کلناڻيءَ جون بايوگرافيز لکيون ويون. ۱۹۴۷ع کانپوءِ هند ۾ وري وشنو شرما، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻيءَ جي بايوگرافي، نارائڻ داس ملڪاڻيءَ آهنجي آتم ڪٿا، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي استادن ۽ دوستن جا خاڪا لکيا. هند ۾ اهو سلسلو به جاري آهي. لالچند امر ڏنو مل، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ڪشنچند بيوس، موهن ڪلپنا جون بايو گرافيز لکيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ اتان جي سرڪاري اداري ساهتيه اڪيڊميءَ جو انهن ليکڪن کي مالي سهڪار ضرور حاصل رهيو آهي.
بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اهو رواج موجود ڪونهي. اسان جي محترم دوست ۽ ليکڪ قاضي خادم کي جس هجي هُن پنهنجي يادگيرين جا ۴ ڪتاب لکيا آهن. اهي سنڌي ادب ۾ بي بها واڌارو آهي.
هر انسان جي زندگي، پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو داستان آهي. طويل قصو آهي. ان ڊگهي طويل داستان جا ڪيترائي باب ٿين ٿا. هر باب جو هڪ هڪ پنو، هڪ هڪ لفظ هڪ هڪ گذري ويل لمحو، خوءِ ۽ خنڪيءَ سان گذريل هڪ هڪ سيڪنڊ جو پل هن جو ڏٺل وقت، ڏاڍا املهه هوندا آهن. سندس اکين سان ڏٺل بهار جي رت، خزان جو موسم، آسمان ۾ اڀرندڙ ۽ لهندڙ سج، تارا ۽ ڪتيون، ٽيڙو ۽ چنڊ، اماوس جون اونداهيون راتيون ۽ چانڊوڪيءَ ۾ پکڙيل رات، هوا ۾ جهومندڙ وڻ، خوبصورت چهرا، اپسرائون ۽ پرين- هُن جا پنهنجا ٿين ٿا. سانوڻ جي مند ۾ وسندڙ مينهن ۽ جهُڙ، ڪڪرن جون ڪاهون، وڄن جا وراڪا، خاموشي ۽ گوڙ گهمسان، سڀ جدا جدا رنگن جا هوندا آهن.
محترم قاضي خادم جو داستان به هن جو پنهنجو آهي. هن منهنجي ۽ پنهنجي شهر حيدرآباد کي ڪيئن ڏٺو آهي، ان گذري ويل دؤر کي، ڪيئن ويهي پرکيو آهي ته اها ڳالهه سندس ڪتابن ۾ موجود آهي.
ڇاڪاڻ ته سندس والد محترم، مختيارڪار جي حيثيت ۾، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهيو. ان ڪري سندس يادگيرين ۾ سيوهڻ جو به ذڪر آهي. ٿر جون به يادگيريون آهن. پنهنجي اباڻي شهر هالا جو به ذڪر آهي. ٺٽي جي به ساروڻي آهي. سجاول کي ياد ڪيو اٿس، ڏوڪري، اوٻاوڙي کي به ڪونه وساريو اٿس، ٺٽي ۽ سجاول جي وچ ۾ سنڌو درياهه ۾ هلندڙ اسٽيمر جو سفر به هن کي ياد بيٺو آهي. درياهه جي پتڻ تي، سندس والد جي آڱر هٿ ۾ جهلي، سپت سنڌو درياهه کي پار ڪندڙ قاضي خادم اڄ سنڌي ادب جو هڪ تمام وڏو نالو آهي.
سندس والد محترم قاضي محمد لائق مون به ڏٺو هو. اسان جي پاڙي، الهندي ڪچي ۾، محمد يوسف قريشي مرحوم سٽي سرويئر جي جاءِ هوندي هئي. ان جي هيٺان حيدرآباد پرنٽنگ پريس اچي کولي هئائون. اتي سامهون طارق اشرف جو گهر هوندو هو ۽ پرڀرو منهنجو دوست امتياز قاضي رهندو هو. امتياز قاضي، رٽائرڊ ڪليڪٽر محترم قاضي سچيڏني جو فرزند، قاضي سچيڏنو سنڌ جو هڪ ايماندار آفيسر ٿي گذريو آهي. امتياز جا ٻيا ڀائر اشفاق قاضي، اعجاز قاضي، ابرار قاضي ۽ ارشاد قاضي به اتي رهندا هئا. منهنجا ڏينهن ۾ ۱۰ چڪر امتياز وٽ لڳندا هئا. ايندي ۽ وندي مان قاضي خادم جي والد محترم کي ڏسندو هوس، ڪڏهن ڪڏهن کيس سلام به ڪندو هوس. هو ماٺ ڪيو ويٺو هوندو هو. اهو دؤر قاضي صاحب جي زندگيءَ جو تڪليف وارو دؤر هو. هونئن ته مختيارڪار، صوبيدار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر، رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ به لکن ۾ پيا کيڏندا هئا، پر ڇاڪاڻ ته منهنجي سامهون خود منهنجي والد مرحوم، رٽائرڊ پوليس آفيسر، قاضي سچيڏني، عبدالله چنا، الله بخش سرشار عقيلي، رٽائرڊ ڪليڪٽرن ۽ قاضي محمد لائق رٽائرڊ مختيار ۽ ميرزا ناصر پوليس انسپيڪٽر جهڙن ڪيترن ايماندار آفيسرن جا مثال سامهون هئا، ان ڪري تعجب هرگز نه ٿيندو هو. خود بابي مرحوم جا پرموٽ ٿيل ايس ايڇ او، لکن جا مالڪ ٿيا، پر بابا مرحوم ڪراچيءَ ۾ ۴۰ ورهيه گذارڻ کانپوءِ پنهنجو ذاتي گهر به ان شهر ۾ نه ٺاهي سگهيو. گارڊن ايسٽ جي جنهن گهر ۾ رهندو هو. اهو هڪ پارسياڻي جو هو. ۱۹۷۲ع ۾ جڏهن ڪراچي ڇڏيائين، ته اهو گهر مالڪن جي حوالي ڪري آيو. ڪنهن دوست چيس: ”پڳڙي وٺي اهو گهر ٻئي ڪنهن کي ڏيئي ڇڏ“ يڪدم چوڻ لڳو: ”اهو ڪم هرگز نه ڪندس“ ۽ پوءِ هن گهر واپس ڪري ڇڏيو. قاضي سچيڏنو، رٽائرڊ ڪليڪٽر، پنهنجو ذاتي گهر نه ٺاهي سگهيو. رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ گهر الهندي ڪچي ۾ مسواڙي گهر ۾ اچي رهيو. عبدالله چنا رٽائرڊ ڪليڪٽر هومسٽينڊ هال جي سامهون گنگا نواس ماڙيءَ ۾ مسواڙي رهندو هو. جيجي زينت سندس زال هوندي هئي بعد ۾ ميرن جي قبن وٽ ڊاڪٽرز ڪالونيءَ ۾ ننڍڙو بنگلو مس ٺهرائي سگهيا. قاضي محمد لائق، مختيارڪاري تان لهڻ کانپوءِ اچي حيدرآباد پريس کولي، جنهن ۾ سندس هڪ پٽ ڪمپوزنگ به پاڻ ڪندو هو.
اهو زمانو ڪو ٻيو هو. اهي ماڻهو به ڪي ٻيا هئا، ڪنهن ٻئي عجيب جهان مان لڏي هت آيا هئا. رهڻي ڪهڻي سادي کاڌو پيتو سادو نه طعم جي لالچ، نه انعام جي ڪائي خواهش! ڄڻ جهڙا آيا، جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي، رهي نالو الله جو. اهڙا سچا، کرا ۽ الله لوڪ ماڻهو هاڻ ڪٿي! اڄ هانءُ ٿو کائڻ اچي:
وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،
دهلين دمامين، نفرين، پر ۾ پئي پڇياس،
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾! (شاهه)
حيدرآباد شهر سان منهنجو سنٻنڌ ۳۰۰ سالن جو آهي. ۳۰۰ ورهيه ان ڪري ٿو چوان جو اسان جا وڏا حيدرآباد ۾ تڏهن اچي ويٺا، جڏهن ميان غلام شاهه ۱۷۷۹ع ۾ حيدرآباد شهر اڏي رهيو هو. اکيون پٽم، هوش آيم ته حيدرآباد سامهون ڏٺم، اهو حيدرآباد ٻيو هو. نه اڄوڪو گوڙ ۽ گهمسان، نه وري تنگي ۽ سوڙهه جو ماڻهوءَ جو حال پريشان ٿيو وڃي، ڇا نظارا هئا، ڪهڙا نه سٺا سٺا ماڻهو منجهس رهندا هئا. صبح بنارس ۽ شام اوڌ وانگر حيدرآباد شهر ۾ وڻن ۽ پارڪن جي گهڻائي هوندي هئي. ٽنڊي آغا وڃبو هو ته حسن علي آفندي جو باغ، ڦليليءَ وٽ شاهمراد پارڪ، هيرآباد ۾ ليڊيز پارڪ! ۽ سول اسپتال جي ڀرسان ساڌو هيرانند پارڪ، انجي ڀر ۾ شاهي اڱڻ سان برهمو سماج جو مندر ۽ ان ۾ بيٺل وڻ! تلڪ چاڙهي تان هيٺ لهي اچو ته گورنمينٽ هاءِ اسڪول، رسالا روڊ تي سامهون وڏو پارڪ ۽ ان ۾ بيٺل پپر ۽ بڙ جا اوچا اوچا وڻ (اتي هاڻ گول بلڊنگ بيٺل آهي)، حيدر چوڪ تي وڏو پارڪ، ان ۾ ٺهيل سنگ مرمر جو ڦوارو، وري اڳتي هلو ته پريم پارڪ ان ۾ بيٺل وڻ، گل ٻوٽا، اڃا اڳتي هلو ته راڻي باغ ۽ اسٽيشن جي سامهون مير گارڊن:
هي شهر به ڪڏهن شهر هو، هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!
سڄي شهر ۾ پپر ۽ بڙ جا وڻ جن جون چوٽيون پيون آسمان سان ڳالهيون ڪنديون هيون. رات جو هوا هلندي هئي ته ان ۾ ڀرپاسي جي باغن ۾ بيٺل گلن جي مهڪار چوپاسي کان ڇائنجي ويندي هئي.ڊي سي هائوس ۽ ٿڌي سڙڪ، سول لائينس ۽ اسٽيشن روڊ، تي، تلڪ چارهيءَ کان وٺي اسٽيشن تائين وڻن جي قطار، گاڏي کاتي ۾ ڀائي خان جي چارهي تي ٻنهي پاسن کان بيٺل وڏا باغ، اهي سڀ ڪيڏانهن ويا. حيدرآباد ۾ هوائن ۾ گل مهر ۽ سريل جي گلن جي خوشبو اڏامي ويئي. وڻ وڍجي ويا، ڄڻ هن شهر کي ڪائي سائي وڪوڙي ويئي! شهر ۾ رت جي بوءِ اچي پاسو ڏنو. اهو حيدرآباد ڪاڏي ويو ۽ رات جون سئنيمائن جي آخري شو مان موٽندڙ وڪٽوريا گاڏين ۽ ٽانگن جون قطارون، گهوڙن جي ٽاپن جا اواز، سڀ دونهين ۾ گم ٿي ويا.
پر قاضي خادم جون يادگيريون پڙهندي اهو حيدرآباد ياد اچي ٿو وڃي. نور محمد هاءِ اسڪول، ايراني هوٽل، شيزان، يونٽي، ڪيفي ڪارونيشن، ڪيفي خارج، ڪيفي مهربان، آزاد بوڪ ڊيپو، ادبيات بوڪ اسٽال، فردوس، نشاط نيو ميجسٽڪ، ڪوهنور، نور محل، قيصر، اوڍين، راحت، شمس، ايلائيٽ ۽ ٻيون ٽاڪيز. اهي ماڻهو ٿا ياد اچن، جيڪي هن شهر جي رستن تي هلندا هئا. نيوميجسٽڪ ۽ فردوس ۾ مارننگ شوز ڏسڻ ايندا هئا. سلطان هوٽل، ڪراچي هوٽل، سيفي ريسٽورنٽ، ڇوٽڪي گهٽيءَ وٽ ڊي پئرس هوٽل، فقير جي پڙ ۾ بمبئي هوٽل ۽ نان پاون جي پشوريءَ جي هوٽل، ڪورين جي پڙ ۾ رمون جي جهوپڙا هوٽل، گلشن هوٽل، جيمس هوٽل ۽ خود شاهي بازار، جنهن ۾ وڏي اوچي ڳاٽ سان هلندا هئاسين. سري گهاٽ کان قلعي تائين جو سفر منٽن ۾ طئي ٿيندو هو. شاهي بازار ۾ هلندي ڪونه ڪو سڃاڻو ضرور ملندو هو.
اهو سڀ يادگيرين جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويو ۽ هاڻ:
ڪز ديو د ملولم، انسانم آرزوست! (مولانا رومي)
(ديون جهڙا منهن ڏسي ڪڪ ٿي پيو آهيان، ماڻهو ڏسڻ چاهيان ٿو)
پر ماڻهو ڪٿان اچن؟ چون ٿا ته هڪڙو يوناني فلاسفر، ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ بتي کنيو پيو گهمندو هو، پر ماڻهو ڪٿان ٿو هٿ اچي؟
اهي ماڻهو ۽ انهن مان ڪجهه موچارا منهن اسان کي قاضي خادم جي يادگيرين ۾ ضرور ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مثال طور مشهور محقق ۽ اديب پروفيسر محرم خان، اهو صاحب اسان به ڏٺو. ذاتي ڏيٺ ويٺ سلام کان اڳتي نه وڌي سگهي، پر سندس شاندار مضمن پڙهي سندس معتقد ضرور ٿياسين، قاضي خادم صاحب لکي ٿو ته: ”جڏهن هنن حيدرآباد پريس کولي ته محرم خان ان ڪري به هرو ڀرو پنهنجا ڪارڊ ڇپرايا، ته جيئن اسان جي مالي مدد ٿي سگهي!“
بهرحال اهڙا ڪيترا قصا ۽ ساروڻيون سندس چئني ڪتابن ۾ موجود آهن. حيدرآباد جي ٿڌڙين هيرن، سرمئي شامن، رات جي راڻي، سريل، گلاب ۽ متئي جي مهڪار سان واسيل راتين ۽ کير جهڙي سوجهڙي جهڙين صبحن وارو حيدرآباد، يادن جي دونهين ۾ وڪوڙيل اسان جي سامهون اچي بيهي ٿو:
دل فسرد ۾ ڦر ڌڙڪنون ڪا شور هوا
يه بيٺي بيٺي مجهي ڪن دنون ڪي ياد آئي
(ناصر ڪاظمي)
حيدرآباد شهر سدائين اسان جي خوابن جو شهر رهيو آهي. قاضي خادم جون ساروڻيون پڙهي گذريل ڀيري حيدرآباد ويس، مارڪيٽ ۾ لهي اڪيلو اڪيلو شاهي بازار نڪري پيس امير شاهه گهٽي، سائين ڇٽن شاهه جو پڙ، ڪاسائين جو پڙ، کدو شاهه جو پڙ، قاضي سيدن جا گهر، پشوري پاڙو، کنهاٽي گهٽي، فقير جو پڙ، گلندازن جو پاڙو، واڍن جو پڙ، رمون جي هوٽل، گلشن هوٽل، جمن شاهه جو پڙ، ٺاٺارن جو پاڙو، نعلبدن جو پڙ، ايلي ڪاٽ جو پڙ، ڀڙڀانگ قلعو، ريشم گهٽي ۽ پوءِ پکي واري پير جي چاڙهي لهي اچي بيٺس، پنهنجي پراڻي گهر جي ماڙيءَ تي! ڏيڍيءَ ۾ هليو ويس. مٿي ڪاٺ جي ڏاڪڻ اها ئي ساڳي هئي. دل چاهي ته اتان امڙ کي سڏ ڏجي. مون ڪجهه سڏ ڏنا، جيڪي هوائن ۽ فضائن ۾ قائم ٿي ويا ۽ پوءِ موٽي آيس رستي تي- جتي تيز رفتار گاڏين جي شور ۽ هجوم کانسواءِ ڪجهه به نه هو:
هنڌ اهي ئي ماڳ، پر جت نه پسان جوءِ ۾! (شاهه)

No comments:

Post a Comment