اياز لطيف پليجي جي سفرنامي
“دنيا پنهنجي ديس پرايا” جو مهاڳ
ماهتاب محبوب
برسات جي هڪ سرد صبح جو اياز لطيف پليجو جي ڪتاب تي مهاڳ لکڻ ويٺس ته
منهنجون آڱريون ۽ انهن ۾ جهليل اسڪول جي زماني واري ايٽيڪ پين ٺري برف ٿي ويا ۽ ڪجھه لکي نه پي سگھيس..... ايئن ٿي لڳو
ڄڻ مان خود به برف مان ٺهيل ڪا Snow
woman هجان..... پر جيئن ته سيارو منهنجي انتهائي من پسند مند آهي تنهنڪري نه هيٽر جو سهارو وٺان، نه ئي گهر ۾ رکڻ پسند ڪريان .... هونءَ به هيٽر جي عجيب نموني واري گرمائش ماحول کي مريضاڻو ٽچ ڏيو ڇڏي، ان کان ته مچ جي موج چڱي.... پر هتي ته اهو به خير ڪو هو .... ۽ ان کان اڳ جو منهنجون سوچون به فريز ٿي وڃن، سيءَ ۾ سڪ ٿيندي مان پنهنجي سموري قوت اراديءَ سان ٻه اکر لکڻ جي ڪوشش جاري ٿي رکان ....
woman هجان..... پر جيئن ته سيارو منهنجي انتهائي من پسند مند آهي تنهنڪري نه هيٽر جو سهارو وٺان، نه ئي گهر ۾ رکڻ پسند ڪريان .... هونءَ به هيٽر جي عجيب نموني واري گرمائش ماحول کي مريضاڻو ٽچ ڏيو ڇڏي، ان کان ته مچ جي موج چڱي.... پر هتي ته اهو به خير ڪو هو .... ۽ ان کان اڳ جو منهنجون سوچون به فريز ٿي وڃن، سيءَ ۾ سڪ ٿيندي مان پنهنجي سموري قوت اراديءَ سان ٻه اکر لکڻ جي ڪوشش جاري ٿي رکان ....
ڪتابن تي مهاڳ ڏيڻ
هڪ پراڻي پر اڄ ڏينهن تائين زنده رهندڙ مقبول روايت آهي ۽ منهنجي خيال ۾ ته ڪنهن
جي ڪتاب تي مهاڳ لکڻ يا لکرائڻ ٻنهي صورتن ۾ هڪ ٻئي کي مانُ ڏيڻ جي برابر آهي، ان
سان نه ڪو چوٽ چڙهي ويندو نه ئي لهي پوندو. ڪو ليکڪ جي پنهنجي ڪتاب تي مهاڳ نٿو
لکرائڻ چاهي يا رڳو پنهنجي پاران ئي ٻه لفظ لکي اها رسم ٿو نڀائي ته ان لاءِ بي شڪ
هو پنهنجي مرضيءَ جو مختيار آهي پر انهيءَ سان گڏ اِهو ٽانءِ ڀريو تاثر به ڏيندو
هلي ته کيس ڪنهن کان مهاڳ لکرائڻ واري سرٽيفڪيٽ جي ڪا ضرورت ناهي، ته اها تڪبر
واري ڳالهه سنئين سڌي ٻين ليکڪن کي پاڻ کان گھٽ ڪرڻ جي دعويداريءَ واري زمريَ ۾
اچي ٿي. وسيع نظريءَ سان ڏسجي ته حقيقت ۾ ليکڪ کي پسند يا نا پسند ڪرڻ جو صحيح ۽
سچو سرٽيفڪيٽ issue ڪرڻ
وارا ڪي ٻيا نه پر سندس پڙهندڙ ئي ٿيندا آهن ۽ اُهي ليکڪ جيڪي احساس برتريءَ ۾
مبتلا ٿي ڪنهن اهڙي سرٽيفڪيٽ کان پاڻ کي بالاتر ٿا سمجھن، سي به ان عوامي
سرٽيفيڪيٽ ملڻ کان پوءِ ئي پنهنجو وجود ادب ۾ قائم رکي سگھيا آهن. هونءَ مهاڳ جي
واقعي ڪنهن لاءِ سرٽيفڪيٽ هجي ها ته پوءِ مان نٿي سمجهان ته مهان شاعر شيخ اياز کي
ڪو منهنجي سرٽييفڪيٽ جي ضرورت هئي يا ذهين ليکڪ اياز لطيف پليجو کي به منهنجي
سرٽيفڪيٽ جي ضرورت آهي. نئين ٽهي جي ڪنهن باصلاحيت ليکڪ کي پڙهندي مون کي اڪثر
ڪرشن کٽواڻي جا حيرانيءِ مان چيل اهي لفظ ياد ايندا آهن، جيڪي هن سنڌ جي نوجوانن
کي ڏسندي چيا هئا ته “ڪيڏا نه خوش نصيب آهيو اوهين سنڌ وارا، جن وٽ هيترا سارا
نئين ٽهيءَ جا ليکڪ ۽ سنڌيت جو جذبو رکندڙ نوجوان موجود آهن”.... تڏهن مون کي سنڌي
ادب جي خوشقسمتي تي ناز ٿيڻ سان گڏ ادب جو سمورو آسمان ادبي ستارن سان جرڪندو
محسوس ٿيندو آهي.... لاشڪ ته ٽمڪندڙ ستارن جا اهي پل پل وڌندڙ جھرمٽ، سنڌي ادب
روشن مستقبل جي شاهدي آهن، جن مان اسان جو نوجوان ۽ باصلاحيت ليکڪ اياز لطيف پليجو
به هڪ آهي.
خوشنصيب آهن اُهي
ماءُ پيءُ جن اياز جي روپ ۾ سنڌ کي پنهنجو ورثو ڏيئي ڄڻ جيئري ئي ٻيو جنم ورتو
آهي. ان خوشنصيبيءَ جي سنگم، اياز کي مون پهريون ڀيرو اوچتو ئي برک سياستدان ۽
دانشور رسول بخش پليجي جي جيل مان ڇٽڻ واري موقعي تي ويڊيو تان تقرير ڪندي ڏٺو هو
.... ان کان اڳ مون کي سندس وجود جي ڪا خبر ئي نه هئي.... سنڌي لباس تي اجرڪ
اوڍيل، هن کلڻي ملڻي خوش شڪل نوجوان جون شعله بيانيون ۽ پرجوش انداز ڏسي صفا دنگ
رهجي وئي هئس ته مار! هن وهيءَ ۾ ئي ايڏا دم خم اٿس ته پيءُ واري عمر کي رسي الائي
ڪهڙا قهر ڪندو.... هڪ ڀيرو ساڻس فون تي به ڳالهه ٻول ٿي هئي، جنهن ۾ هن جي گفتار
جي شيريني ڪافي متاثر ڪيو، تنهن بعد جيڪي به روبرو گڏجاڻيون ٿيون، تن مان سندس
حيادار ۽ ادب اخلاق واري طبيعت جي پڻ قائل ٿيس.
سياسي يادگيرين تي
مشتمل، جڏهن سندس پهريون ڪتاب منهنجي نظرن مان گذريو تڏهن مون دل جي سموري سچائيءَ
سان چاهيو ته ڪاش هو هميشه لاءِ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپي ڇڏي.....
خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته اياز پنهنجي ادبي ذميداريءَ کي جيجل سنڌ جي هڪ فرمانبردار پٽ جيان سنڀالي ورتو آهي..
خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته اياز پنهنجي ادبي ذميداريءَ کي جيجل سنڌ جي هڪ فرمانبردار پٽ جيان سنڀالي ورتو آهي..
“دنيا پنهنجي ديس پرايا” جيڪو نالي مان ئي آرٽسٽڪ ذوق ۽ حساس جذبن جو ترجمان
آهي، تنهن جي شروعات ۾ اياز لطيف کي آمريڪا لاءِ ڇهن مهينن جي ويزا لڳي ملڻ جو
پڙهي ڀانيم ته سفرنامو به سڄي ساري اڌ سال جي احوالن سان سٿيو پيو هوندو.... ڇاڪاڻ
ته جن کي ڇڙو ٽن مهينن جي ويزا ٿي ملي سي به ان جي هڪ هڪ ڏينهن جو رت ست ڏُهي پوءِ
وڃي ڪا وطن ڏي واڳ ورائيندا آهن، پر اياز ته دير ئي نه ڪئي، جھٽ ۾ موٽي ماڳ پهتو ۽
مختصر عرصي ۾ ماڻيل مشاهدي کي پنهنجي نفيس خيالن ۽ گھري احساس سان قلم بند ڪري
سنڌي ادب کي “دنيا پنهجي ديس پرايا” جھڙي خوبصورت تخليق ڏيڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي
آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته
وقت حالتن سان گڏ سوچن جا انداز ۽ اظهار بدلجندا رهن ٿا. اڄ جي تيز رفتار ڪمپرٽر
ايج ۾ تصوراتي ڪهاڻين يا علامتي افساني کان وڌيڪ Live ادب جي وڏي گھرج آهي، جنهن ۾ سفرنامي جي صنف سرفهرست ٿي
اچي. ان ۾ ليکڪ جي ذات ائين جڙيل ٿي رهي جئين سُر سان سنگيت ........ جسم سان روح
يا سپ سان موتي.........
ڪو وقت جو سنڌي سفرنامن
جو ڇيهه رڳو الطاف شيخ جي ڪتابن تي ٿيندو هو پر هاڻ ان ڏس ۾ ٻيا به ڪيترائي ليکڪ
اڳتي وڌي آيا آهن. اياز لطيف جو هي ڪتاب، ان زنده سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن ۾ هن
بنا رکت يا وڌاءُ جي نهايت سچائي سان پنهنجا خيال ۽ مشاهدا دوستاڻي انداز ۾
پڙهندڙن سان Share ڪيا آهن.
اياز جي تحريرن ۾
سنجيدگي، شوخي ۽ شگفته مزاجيءِ کي هڪ جيتري اهميت حاصل آهي، ٺاهوڪين تشبيهن سان
سينگاريل سندس هن سفرنامي ۾، ملڪ ماڳ ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ جا عڪس ذهن جي اسڪرين
تي اُجاگر ٿيڻ سان گڏ، ليکڪ جي پنهنجي همگير شخصيت پڻ هڪ وڻندڙ ڪردار جيان اڀري
پڙهندڙ جي سامهون ٿي اچي. جتي هن جون ذهانت ڀريون ڳالهيون ۽ پنهنجي ماڻهن ڏانهن
ڪميٽڊ هئڻ وارا گڻ، سندس تحرير جي آئيني مان پرکي سگھجن ٿا اتي سندس جوشيلي طبيعت
۽ لاجواب ڪرڻ واري انداز جون ڪي جھلڪيون جھٽڻ جو به وجھه ملي ٿو........ مثال طور
هيٿرو ايئر پورٽ جي لائونج ۾ عمران خان سان ڳالهه ٻول مهل هڪ پناهه گير ڇوڪري جي
وچ ۾ ٽپي پوڻ تي کيس ڇڙٻڻ، چيني دڪاندار سان چرچ ڪري کيس مڇرائڻ، SANA جي ڪانفرنس ۾ اڳوڻي
اسپيڪر کي آڏين پڇائن سان منجھائي لاجواب ڪرڻ. ساڳي ريت فرانس جي سفر ۾ پنهنجي
همسفر ليجار کان فرانس جي فن ۽ ادب جي حوالي سان ڦونڊ ڀريل گفتا ٻڌي کيس ٺهه پهه
چئي ڏيڻ ته، “اڄ ڪلهه جنگ به هڪ فن آهي پوءِ نيپولين لاءِ توهان جا ٿورا مڃجن يا
نه؟” پر اڳيان ليجار به ڪنهن نِنجا کان گھٽ نه هئي، ٽوڪ کي سمجھندي به هر ڳالهه جو
وٽس هڪيو تڪيو جواب هو. هونءَ اسان جو اياز به هار مڃڻ وارو نه هو، پر ليجار جئين
زال ذات ٿي پئي هئي ۽ اها به سدا ملوڪ، تنهن سان ڪهڙو ويهي مهاڏو اٽڪائي
ها......... ان ڪري ڪج بحثيءَ ۾ وڃڻ بدران “مسڪي” وارو نسخو آزمائي نيٺ هڻي هنڌ
ڪڍيائين.
سفرنامي مان اها
ڳالهه واضح ٿيو وڃي ته اياز جي آمريڪا اچڻ جو مکيه مقصد تفريح بدران SANA جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ هو، ان ڪري ئي هن اتي جي خاص جاين
جڳهين يا تفريحي مقامن جا تفصيلي احوال ڏيڻ بدران SANA جي ڪانفرنس ۾ هلندڙ اهم ڊسڪشنس کان پنهنجي پڙهندڙن کي
واقف ڪرايو آهي، ته گڏ اتي جي ساٿين سنگتين سان بحثن مباحثن ۾ پاڪستان جي سياسي
صورتحال کان ويندي سنڌ جي ٻرندڙ حالتن تي پنهنجا خيال ظاهر ڪري، سياسي شعور جي
پختگيءِ جو ثبوت ڏنو آهي.
گفتگو هجي يا تحرير
بحث مباحثا هجن يا تقريرون.......... اياز کي اجائي ڊيگهه ڪرڻ بدران To the point ڳالهه ڪرڻ توڙي لکڻ جو ڏانءُ آهي..... اسان وٽ ته
ڪيتريون ئي ڄاڻائو ۽ جھان ديده شخصيتون اهڙي فن کان وانجھيل ملنديون، جن سان بحث
ڪرڻ ته هڪ پاسي ڪا خير اصلى جي ڳالهه به ڪبي ته ڄڻ ککر ۾ کڙو لڳيو وڃي.....
ان سفر ۾ سنڌ جي
اُمِ ڪلثوم جيجيءِ زرينه بلوچ رڳو آمريڪا ۽ لنڊن تائين اياز جو ساٿ ڏنو، ان کان پوءِ
“مور کان وياج مٺو” واري چواڻي جيان، ڏهٽاڻي پوٽاڻي اولاد جي سڪ ۽ ولايتن کي به
تڏي سنجھيئي وڃي ٻچڙن ڀيڙي ٿي، نه ته ان ڪتابي سفر ۾ سندس هر دلعزيز شخصيت جا به
ڪيترائي رنگ ڏسڻ جو وجھه ملي ها.
حسن جي پرک ۽ ان کي Define ڪرڻ واري ڀرپور حِس رکندڙ اياز، آمريڪا لنڊن ۽ فرانس
جھڙي رومينٽڪ ملڪن ۾ حسن پرستيءِ واري حق کي فراخدليءِ سان نڀائيندي ۽ پنهنجي
طبيعت جي نفاست پسنديءَ آڏو ان مهل بنهه بي وس لڳم، جڏهن هڪ حسينا کي بي تڪليفي
سان نڪ ۾ ڏوئي گھمائيندي ڏسي ساڻس ٻه ٻول ڳالهائڻ تان ئي ارواح کڄي وڃيس.....
“بنيادي ضرورتن” تي تالا لڳڻ جي حوالي سان
“ايمرجنسي” “بُري مهل” وغيره جهڙا معنى خيز لفظ ۽ “آمريڪا نه ٿي عذاب ٿيو” جھڙيون
زنده دليءَ واريون ڳالهيون پڙهندي اياز جي طبيعت جون مڙئي شوخيون پڙهندڙ مٿان ڄڻ
پلٽجو وڃن....۽ هو انهن لفظن جي گھرائيءَ کي محسوس ڪندي صدق دل سان پنهنجي ملڪ جي
“اهميت” کي مڃڻ تي مجبور ٿيو پئي. مطلب ته ٻيو سک هجي نه هجي “مومن” جي بنيادي
ضرورتن جا حق ۽ واسطا اسان وٽ محفوظ آهن، شايد ته ان ئي سک کي آڏو رکي جھان جا
مومن اسان جي مسڪين ملڪ ڏي ڪاهي پيا آهن. آمريڪا ۾ ابراهام لنڪن جي مجسمي کي
پروقار انداز ۾ ويٺل ڏسي اياز جي اها سوچ دل ڇهندڙ لڳي ته ڇا آمريڪا واقعي اهو سڀ
ڪجھه حاصل ڪري ورتو آهي جيڪو لنڪن چاهيو ٿي؟..... اياز جي ذهن ۾ ايندڙ اهڙا ڪيئي
ٻيا سوال دنيا جي هن ترقي يافته معاشري جو تضاد وارو رخ ڏيکارين ٿا. شيرين
فاروقيءَ جي دعوت ۾ پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ اياز جون هي سِٽون پڙهي ته “سنڌ جي اها
ضرورت آهي ته ستن سالن جو ٻار به پنهنجا سڄڻ توڙي دشمن سڃاڻي سگھي”....مون بي
اختيار آمين چوندي اهو سوچيو ته ڪاش اهڙي سوچ سنڌ جي هر ننڍي ۽ وڏي جي به هجي، جن
الڳ الڳ پليٽ فارم ۽ جھنڊن هيٺان ورهائجي پنهنجي نا اتفاقين سان دشمنن کي تهائين
اڳتي وڌڻ جا وجھه پئي ڏنا آهن.
پرائيٽن جي مشهور سامونڊي بيچ جو مشاهدو
ماڻيندي، اياز جون ان وقت واريون فيلنگس پڙهي مون رڳو اهو سوچيو ته ڇا ان جاءِ تي
پهچي ڪنهن ٻئي به هُن جيان ايئن سوچيو هوندو؟ شايد ته، نه ... ڪنهن به، نه....
مجموعي طرح اياز لطيف پليجي جو هي سفرنامو
سندس عمر، تجربي، تيز، مشاهدي ۽ سياسي سوچ جي حوالي سان اسان جي Expectations کان به گھڻو گھڻو
وڌيڪ آهي، جنهن لاءِ لاشڪ ته هو گھڻي گھڻي جس لهڻي. آخر ۾ منهنجي دعا آهي ته نئين
ٽهيءَ جو هي سند باد سيلر، کوڙ سارا ملڪ گھمي اهڙا ڪيئي قدر لائق ڪتاب لکي، پنهنجي
منفرد سوچن سان سينگاري، پڙهندڙن جي ادبي اُڃ اجھائي ثواب ڪمائيندو رهي.
No comments:
Post a Comment