ڪارونجهر جا ڪولهي، راسوڙا ۽ حسن درس جي شاعري
دولت رام
کتري/مٺي
ادب جي
دنيا ۾ شاعري هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو انسان جي سڀ کان عظيم تخليق تصور ڪيو وڃي ٿو.
شاعري رڳو لفظن جي سٽاءُ جو نالو ناهي، پر شاعري دل جو آواز آهي، سجاڳيءَ جو پيغام
آهي، پنهنجي دل جي آواز کي، سماجي حالتن کي
اظهارڻ ۽ انهن کي لفظن جي مالا ۾ پروئڻ جو ٻيو نالو شاعري آهي. شاعر معاشري جو
حساس ذهن رکندڙ ڪردار هجي ٿو، تنهنڪري فطري طور هُو سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ تضادن
تي گهرائيءَ سان سوچي ٿو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻائي
ٿو.
شاعر
قومن جا سفير هجن ٿا، جيڪي پنهنجي قومن جي بقا جي جنگ وڙهن ٿا. پنهنجي تاريخي ورثي
۾ تهذيبي مورچن کي بچائڻ لاءِ هڪ شاعر پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾
شيخ اياز جي شاعري جديد سنڌي شاعريءَ جو بڙ بنياد (بڻ
بنياد) آهي. شيخ اياز کان پوءِ استاد بخاري، اياز گل، بردو سنڌي، تنوير عباسي،
تاجل بيوس، ادل سومرو، وفا ناٿن شاهي، سائينداد ساند، حليم باغي، امداد حسيني،
ابراهيم مُنشي جديد سنڌي شاعرن ۾ اهڙا نالا آهن، جن جديد سنڌي شاعريءَ جي تخيل ۽
جدت کي نوان رنگ ڏنا. ويجهي ماضيءَ ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان نئين ٽهيءَ ۾
ڪجهه اهڙا نالا به آهن، جن جي شاعري سنڌ جي نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب بڻي آهي.
حسن درس، ايوب کوسو، سعيد ميمڻ، اشرف پلي، حاجي ساند، فراق هاليپوٽو، خليل ڪنڀر،
اقبال رند، بخشل باغي ۽ ٻيا ڪيترا ئي اهڙا شاعر آهن، جن جديد سنڌي شاعريءَ ۾ مقام
جوڙيو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي کيتر ۾ حسن درس، ايوب کوسو، فراق هاليپوٽو، اشرف
پلي ۽ خليل ڪنڀر اهڙا نالا آهن، جن جي شاعريءَ کي سنڌ جي گهڻ پڙهي ادبي لڏي ۾ تمام
گهڻو پڙهيو ويو ۽ پسند ڪيو ويو. انهن شاعرن جي نثري نظمن توڙي غزلن ۾ ايتري ته
سگهه آهي جو انهن نئين ٽهيءَ جي نوجوانن ۾ پنهنجو سگهارو مقام جوڙيو آهي. اهڙي
ساڳيءَ ريت سنڌ جي محبوب شاعريءَ ۾ خوبصورتيءَ جا سمورا رنگ سمايل آهن.
حسن درس سنڌ جو
محبوب شاعر هو، جنهن پنهنجي شاعريءَ ذريعي ادب جي دنيا ۾ پنهنجو هڪ نرالو مقام
جوڙيو. جڏهن سنڌ جي محبوب شاعر حسن درس جي موت جي خبر پئي ته سموري سنڌ سڏڪي پئي،
حيدرآباد جون هوائون سوڳوار بڻجي ويون، ڪارونجهر روئي ڏنو ۽ سنڌ جي سورج مکين
پنهنجا ڳاٽَ جهڪائي ڇڏيا. جديد سنڌي شاعريءَ جي هن شهزادي شاعر لاءِ سموري سنڌ
سوڳوار بڻجي وئي هئي. مشائخ هوٿي جي هن محبوب ماڙهو (ماڻهو) پنهنجي ننڍي عمر ۾
جيڪا مڃتا ماڻي، هن قسم جي محبت ۽ مڃتا ڪنهن ورلي ماڻهو کي ئي ملندي آهي. هو ته
سنڌ جي نوجوانن جي دلين جي دڙڪن هو. هن جي شاعري ايتري پختي آهي، جو سنڌ جو عام
نوجوان پڻ پنهنجي دوستن کي حسن درس جا شعر SMS جي صورت ۾ موڪليندو رهي ٿو. هو ته سنڌ جي ادبي لڏي توڙي عام
نوجوان ۾ پڻ مقبول شاعر هو. سنڌ جي علمي ادبي لڏي جا ماڻهو هونئن به هن سان بي
انتها محبت ڪندا هئا. پنهنجي صوفياڻي مزاج سبب هن دوستن جو هڪ وڏو حلقو ٺاهيو هو. حسن
درس اسان سڀني سنڌ واسين کي الوداع چئي، ان
پار ڏانهن لڙي ويو آهي، جتان ڪوبه موٽي ناهي آيو، پر هُن گيت ۽ هُن جي ڏات جا ڏيئا
ڪڏهن به اجهامي نٿا سگهن. حسن درس فطرت جو عاشق شاعر هو. سندس شاعري جا سمورا رنگ
فطرت جي خوبصورت منظرن جي عڪاسي ڪن ٿا.
اُڏاڻيون
ڏور پئي آڙيون، سَمو ڪنهن سارَ وانگي هو،
لڙيو
پئي لاڙ تان سورج، مهاڻي ٻار وانگي هو.
وڻن
تي ڪانگ ها ويٺل، ڳليءَ مان ڳئون پئي آيون،
پراڻو
ڳوٺ هو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگي هو.
حسن درس
ٿر به گهميو هو. ٿر جي فطرت جا خوبصورت منظر، صادق فقير جي خوبصورت آواز ۾ جڏهن هن
پنهنجي شاعري ٻڌي، ته هن کي ڄڻ نئين زندگي ملي وئي هئي، پر افسوس جو هن موچاري
ماڙهوءَ سان زندگي وفا نه ڪئي ۽ هن ۱۶ جون ۲۰۱۱ع تي پونم پئٽرول پمپ جي سامهون واري چوڪ تي پنهنجا پساهه پورا ڪيا.
حسن درس جديد سنڌي شاعريءَ کي نوان گس ڏنا. هن سنڌي شاعريءَ کي نئين جدت ڏني. هو
سنڌ جي نئين ٽهيءَ جو نمائنده شاعر هو. هن جا گيت آمرن جون ننڊون حرام ڪندا هئا.
آمر ضياءَ کي للڪارڻ، هن جي مزاحمتي شاعري جو عڪس آهي. جيتوڻيڪ جديد سنڌي شاعريءَ
۾ هر شاعر جو پنهنجو هڪ نرالو رنگ ۽ ڍنگ آهي، پر حسن درس جي شاعريءَ جو رنگ ڪولهين
جي راسوڙن جهڙو آهي. ڪارونجهر جي ڪولهين ۽ ڪولهين جي لوڪ راسوڙن سان عشق ڪندڙ حسن
درس هڪ هنڌ چوي ٿو ته،
ڪولهين
سان گڏ ڪولهي ٿيان،
ها ها
آئون هولي ٿيان!
تنهنجو
اُڊڙيل عشق هجان،
وڏڙن
جو مان ورثو ٿيان،
ٻارن
جي مان ٻولي ٿيان.
تمام بھتري سائين اَھيو خال ڪڏھن به ڀرجي نٿو سگھجي.
ReplyDelete