منظور ٿهيم جو ناول ــ گذري وئي برسات
فياض لطيف
سنڌي
ادب ۾ 80 ۽ 90 وارا ڏهاڪا، تحريڪ،
تخليق ۽ فڪري سجاڳي جي حوالي سان پنهنجي هڪ منفرد حيثيت ۽ سڃاڻپ رکن ٿا. هن دور ۾
نه فقط جديد سنڌي شاعري ۾ مزاحمتي، قومي ۽ ترقي پسند رجحانن جنم ورتو ۽ اها پنهنجي
فني ۽ فڪري اوج تي رَسي، پر سنڌي فڪشن، خاص ڪري ڪهاڻيءَ ۾ نجم عباسي، ماڻڪ، سراج،
امر جليل، نورالهدى شاهه، خيرالنسا جعفري، طارق اشرف، رسول ميمڻ، بدر ابڙو
۽ ٻين ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن چڱو پاڻ ملهايو. ناول، جنهن
جي شروع کان سنڌي ادب ۾ اَڻاٺ رهي آهي، اهو پڻ هن دور ۾ ڪَرُ کڻي اڳتي وڌيو ۽ انهي سلسلي ۾ سراج الحق ميمڻ، غلام نبي
مغل، ماڻڪ، آغا سليم، علي بابا، حليم بروهي ۽
ڪجهه ٻين ليکڪن زندگيءَ جي سچائين ۽ سماجي ناانصافين کي پنهنجي اظهار جو موضوع
بڻايو. قومي تحريڪن سان گڏوگڏ کاٻي ڌر جي سياست پڻ انهيءَ دور ۾ سرگرمِ عمل رهي ۽
ان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. انهن تحريڪن ۽ آدرشي تنظيمن ئي شعوري سجاڳي ۽
سياسي بيداري پيدا ڪري، ماڻهن کي پنهنجن بنيادي حقن کان نه رڳو آشنا ڪيو، پر انهن
کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ عملي طور سياسي سٿ سان سلهاڙي ساڻ کنيو. سياسي ۽
سماجي محاذن تي سجاڳي کان علاوه علمي ۽ ادبي ميدان ۾ پڻ ولولي ۽ وويڪ جو ماحول هو.
اهو
سچ ته عجيب رومانس جو دور هو. ڪمينٽمينٽ ۽
پاڻ ارپنا، ان دور جا اهم گُڻ هئا. موقعي پرستي، معيوب ۽ سچ تي سِرُ ڏيڻ ان دور جي
سُنت ۽ شناخت هئي، اهو ئي سبب هو، جو جوڌان ۽ جوان دار جي سَڏَ تي به سرهائي ۽
ثابت قدمي سان ڪُڏندا ويندا هئا. نجي توڙي اجتماعي محفلن جو موضوع علم، شعور ۽
سماجي بهبود هو. ڪوڙ کان ڪرهت ۽ سچ سان ساٿ، ايتري تائين هو، جو ڪيترن ئي جونجهارن
وڃي سلاخن پويان جوانيون وڃايون، پر ڪڏهن به پڇتايو ۽ پويون پير نه ڪيو. ان دور سچ
ته پنهنجو هڪ مثالي ۽ ڪرداري اتهاس قائم ڪيو.
وقت
پلٽو کاڌو، سچ ۽ ڪوڙ جا معيار بدليا. سماج ۽ سياست هڪ نئين رنگ ۽ روپ سان سامهون
آئي. زندگيءَ جو چرخو هلندڙ آهي ۽ هلي پيو، پر.........
’نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پَسو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي. (شاهه)
منظور
ٿهيم جو ناول مٿئين مثالي ڪمينٽمينٽ، ڪردار ۽ سياسي رومانس جي دور جي اتهاس جو هڪ
عڪس ۽ احساس آهي.
منظور
ٿهيم، بنيادي طور تي خاموش طبع، کِلمُک، بُردبار، سُچيت ۽ سدائين متحرڪ رهندڙ
قلمڪار ۽ سياسي ڪارڪن آهي. هن جو تعلق دادو ضلعي جي انتهائي سجاڳ ۽ سُلجهيل سمجهيو
ويندڙ ماڻهن جي شهر، جوهيءَ سان آهي. جوهي، جيڪو سهڻي شاعر احمد خان مدهوش، عزيز
ڪنگراڻي، ڊاڪٽر حميد سومرو، خادم ٿهيم ۽ ٻين انيڪ اديبن، سِرجڻهارن، سماجي ۽ سياسي
ڪارڪنن جو شهر آهي. منظور مختلف اخبارن ۾ وقت بوقت ڪالم به لکندو رهيو آهي، ته
عملي طور سياست سان به سلهاڙيل رهيو آهي. خاص طور کاٻي ڌر جي سياست سان هن جو سنڱ
۽ سياپو ڪافي پراڻو آهي. هن ابتدا ۾ ٿوري نثري شاعري به ڪئي، پر اڳتي هلي هن
پنهنجي اظهار جو ذريعو فقط نثر کي بڻايو.
منظور
ٿهيم جو ناول ،گذري وئي برسات‘ سندس پهريون ناول آهي. هن کان اڳ نه مون هن جي ڪا
ئي ڪهاڻي پڙهي آهي، نه ئي ٻي ڪا فڪشن سان لاڳاپيل لکڻي منهنجي نظر مان گذري آهي،
انهيءَ ڪري منهنجي خيال ۾ منظور جو ناول ۾ هي پهريون تجربو آهي، جيڪو بنامبالغي جي،
ڀرپور ۽ پنهنجي مڙني فني ۽ فڪري خوبين سميت موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي.
منظور
جو هي ناول، هڪ دور جي آدرشي جدوجهد ۽ درد ڪٿا جو منظرنامو پيش ڪري ٿو. اهو دور،
جنهن ۾ فردي غرض بدران اجتماعي مفاد کي اهميت ۽ اوليت هجڻ سان گڏوگڏ جياپي کي
بامعنى تڏهن ڄاتو وڃي ٿو، جڏهن اهو سماجي آزادي ۽ آجپي سان سلهاڙيل آهي. ناول جا
مُک ڪردار اُرميل، سنگهار، تيرٿ ۽ شهه مريد، اهڙا ڪردار آهن، جيڪي ذاتي زندگيءَ جي
آسائش ۽ بهتريءَ بدران سماجي زندگيءَ جي بهتري ۽ سڦلتا لاءِ هر لمحو پاڻ پتوڙن ٿا.
هو ذات پات جي ويڇي ۽ مت ڀيد بنا امن ۽ يڪسان معاشي ۽ سماجي خوشحالي جا اکين ۾
سندر خواب کڻي، ماڻهن ۾ شعوري بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ جو جهر جهنگ ڀٽڪن ۽ انهن اَٻوجهه
ماروئڙن جي دردن جو دارون بنجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جن جو ڌرمي، جاگيرداري ۽ رياستي
ڄورن، مختلف بهانن سان وڏي عرصي تائين
رَتُ پئي پيتو آهي.
ناول
جو تاڃي پيٽو مختلف ڪردارن ۽ موضوعن سان اهڙيءِ ريت اُڻيو ويو آهي، جو اهو سمورو
مانڊاڻ هڪٻئي جو اَٽوٽ حصو محسوس ٿئي ٿو. انهن جا آدرش، اوليتون، جدوجهد، جياپو،
ايتري تائين جو ڏک سک جو رشتو به ساڳيو ٿو لڳي، پر استحصالي قوتن جو استبداد ۽
جبري ٽڪساٽ کين ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏي ٿو، هو ڪنهن ٽٽل مالها وانگر وقت جي طوفان ۾ ڪک ڪک
ٿي وکري وڃن ٿا. سمورو ناول، سماجي جستجو، آدرشي ڪردارن، رياستي ڏاڍ، انسان جي
داخلي ڪيفيتن ۽ اجتماعي احساس جي منظرڪشيءَ تي محيط آهي
ان
کان علاوه ناول ۾ ٻيا ڪيئي فڪري، فلسفياڻا ۽ بحث طلب نقطا ملن ٿا، جن تي سوچڻ ۽
ويچارڻ جي ضرورت محسوس ٿئي. ناول ۾ ڪيترين ئي جاين تي اهڙا منظر ۽ اظهار جو پاورفل
انداز ملي ٿو، جيڪو من کي نپوڙي ڇڏي ٿو. ڪيترا ئي جملا جيءَ کي آٿت ڏين ٿا.
ڪيتريون ئي سِٽون ڦَٽن تي مرهم جيان محسوس ٿين ٿيون. ناول جو مهاڳ ڊاڪٽر تيرٿ
مالهي لکيو آهي، جنهن ۾ ناول ۽ ناول نگار بابت معلومات ڏنل آهي. شروعاتي نوٽ ليکڪ
پاڻ لکيو آهي، جيڪو ناول جي پسمنظر تي چڱي روشني وجهي ٿو، جڏهن ته بيڪ پيج نثار
احمد شيخ جو لکيل آهي ۽ هي ناول روشنائي پبليڪيشن حيدرآباد ڇپايو آهي، ان جي قيمت
200 روپيا آهي.
هي ناول ڪنهن ٽرين يا ڪار ۾ سفر دوران وقت گذاري
۽ تفريح طور پڙهڻ جو نه، پر سچ ته سانتيڪائي ۾ ويهي پڙهڻ، پروڙڻ ۽ هنئين سان
هنڊائڻ جھڙو آهي.
No comments:
Post a Comment