27/05/2015

ماڻڪ ملاح گيت جو فطري شاعر - وسيم سومرو (Waseem Soomro)

ماڻڪ ملاح گيت جو فطري شاعر
وسيم سومرو
منهنجي نظر ۾ شاعري خوبصورت فطرت جيان آهي ۽ شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ گيت اداس ڪويل جي ڪوڪ جيان آهي. شاعريءَ جي تنقيدي ڇيدن ۾ هڪڙو منهنجي پسند جو ڇيد هي آهي. ته ڪابه تخليق پڙهندڙ جي آڏو زيرو معنيٰ رکندي آهي. هاڻ پڙهندڙ جي پنهنجي تصور جي سگهه ان کي معنيٰ بخشيندي آهي.
منهنجي نظر ۾ جيئن جو تيئن AS IT IS اظهار ڪڏهن به شاعري ناهي هوندي. مون ڪجهه هفتا اڳ گلزار جو ڪتاب ”رات پشميني ڪِي“ پئي پڙهيو، ان ۾ هڪڙو نظم ”آرسي“ جي عنوان سان هو، جنهن جي پهرين سٽ آهي:
آئيني هاڻ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي.

هيءَ شاعراڻي سٽ ڪنهن کي به غير رواجي سوچڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي.  جيتوڻيڪ ان سٽ جي هڪ عام سطح به آهي، ايئن شاعري جيڪڏهن پنهجي عام سطح رکندي، پنهنجي اندر ۾ هڪ عميق گهرائي به رکي ٿي ته اها شاعري هڪ عام رواجي پڙهندڙ کان وٺي هڪ غير رواجي پڙهندڙ تائين پنهنجي مڃتا ماڻي سگهي ٿي.
هي منهنجي سامهون سنڌي ٻوليءَ جي سانوري گيتڪار ماڻڪ ملاح جو پهريون گيتن جو ڇپيل ڪتاب پيو آهي. ۽ مون کي لفظ بهانا تان بار بار استاد بخاريءَ جو منظور سخيراڻيءَ جي سريلي آواز ۾ ڳايل هڪ گيت، ”روز بهانا نوان نوان، ماريو تنهنجيءَ نمان نمان“ ياد اچي ويو آهي. استاد بخاري جنهن ماڻڪ ملاح جي لاءِ لکيو هو ته ”ماڻڪ! تنهنجو شاعراڻي نموني جو خوبصورت اکرن وارو خط پھتو، خط مون کي بهار جي بادل وانگر محسوس ٿيو“. هڪ عام خط ۾ هڪ خاص شاعر هڪ شاعراڻو تصور ”بهار جو بادل“ تخليق ڪري وڃي ٿو، جيئن گلزار جي نظم ۾ آئينو ڳالهائڻ شروع ٿي وڃي ٿو. شاعريءَ ۽ متشاعريءَ ۾ اهو ئي فرق آهي. ته شاعري پنهنجي تمثيل، اهڃاڻن ۽ تصورن سان مخاطب ٿيندي آهي، ورنه شاعري، شاعري نه نثر جي تُڪبندي هوندي آهي.
ايئن ماڻڪ پنهنجي گيتن ۾ جيڪا شاعراڻي ٻولي تخليق ڪئي آهي. پهرين مان ان تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو.
ڇڪي ڇوليءَ جي ساڙهيءَ کي،
نچي جا لهرجي ڌارا،
روئان ٿي قافلي وارا.

ويو آ جيئن جانيئڙو، وڇوڙي ڪئي چري آهيان،
انگن ۾ لاٿ اهڙي ٿي، برف وانگر ڳري آهيان.
هنن مثالن ۾ ڇوليءَ کي ساڙهي سڏڻ، تارن جو ٽم ٽم ڪندي چنڊ سان ڳالهائڻ، ماءُ وانگر واءُ جو لوليون ڏيڻ، يادن کي ڦڙڪندڙ سڙهه سڏڻ، سپنن تي ٻيڙيءَ سان ڀيٽ ڏيڻ يا انگن ۾ لاٿ اچڻ تي برف وانگر ڳرڻ چوڻ شاعريءَ جا انتهائي اعليٰ تصور آهن، جن تي پڙهي ذهن ۾ مختلف حسناڪين جا منظر هِڪ هِڪ ٿي درين وانگر کلڻ شروع ٿين ٿا. ماڻڪ پنهنجا گهڻا گيت علم عروض سان گڏ، گهڻا ماترڪ ڇند تي به لکيا آهن. هونئن به گيت هنديءَ مان سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿيو آهي.
سنڌ ۾ اڳ ئي بيت ۽ وائي ماترڪ ڇند تي لکيا ويا آهن. ان ڪري سنڌ جي گهڻن شاعرن بيت ۽ وائي وانگر، دوهي ۽ گيت کي به جلد پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻائي، ان کي عروج بخشيو آهي. جيئن پياري ماڻڪ جا گيت آهن. سنڌ جي اعليٰ لکيل گيتن ۾ ماڻڪ جا گيت به شامل ڪري سگهجن ٿا. ماڻڪ جي گيتن جي نرمي ۽ موضوعاتي دنيا سنڌ جي نرم مٽيءَ جهڙي آهي. جنهن مان خوبصورت کٽڻهار ٽڙندا آهن، ۽ جنهن تي جڏهن سانوڻ جا مينهن اوڙڪون ڪري برسندا آهن ته اها خوشبوءِ ۾ بدلجي ويندي آهي.
ماڻڪ تي جڏهن به شاعريءَ جي ڏات سانوڻ جي مينهن وانگر برسي آهي تڏهن هن، موهن جي مرليءَ مان نڪرندڙ سونن سرن جهڙا گيت لکي، هر ڀيري سنڌي ٻوليءَ کي زرخير ڪيو آهي. هن جا گيت رڳو پڙهڻ لاءِ ناهن، بلڪه اهي پڙهي جهونگارڻ جهڙا آهن. مون ڪالهه کان جڏهن ماڻڪ جي گيتن کي پڙهيو پئي ته پنهنجي روح ۾ هڪ ٿڌي مٺي آبشار کي وهندي به محسوس پئي ڪيو. مون محسوس پئي ڪيو ته مان ڄڻ پئي ٻيلي جي هڪ پيچري مان گذري رهيو آهيان. جيڪو پيچرو مختلف پکين جي خوبصورت ٻولين ۾ ڄڻ ماڻڪ جا گيت ئي جهونگاري رهيو آهي.
ماڻڪ ملاح جي گيتن جي سرل ۽ ڳوٺاڻي نج ٻولي ڏسو ته ڪيئن نه سنڌوءَ جي ڌارا وانگر وهي رهي آهي.
روز ٿي ٻاريان ڏيئا،
روز ٿي پايان ليئا،
چارئي طرف نهاريان تو لئه،
اڃ اکين ۾ اوتي،
مٺڙا،
ڪڪر ڪارونڀار هوا ۾ ڦڙڪيا ٿي،
چپڙا ڇانهيءَ ڦار هوا ۾ ڦڙڪيا ٿي.
۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي گيت ڄڻ سنگيت جو سريلو پڙلاءُ آهن. اهي چپن تي ايندي احساسن ۾ جلترنگ وڄڻ شروع ٿي وڃن ٿا. ماڻڪ پنهنجي گيتن کي نظمن جيان عنوان به ڏنا آهن، پيارا پيارا عنوان اهي عنوان فهرست ۾ ترتيب وارا اچڻ کپن ها، جيئن پسند جو عنوان چونڊي گهربل پني تي پهچڻ ۾ دير نه لڳي ها، ماڻڪ جا گيت نظمن وانگر طويل به آهن، پر منجهن پڙهڻ جو اتساهه آخري سٽ تائين قائم رهي  ٿو. ايئن لڳي ٿو ته هن هي گيت ڪنهن خاص ڪوشش بجاءِ جذبي جي اڇل سان لکيا آهن، جنهن ڪري اهي پنهنجي اظهار ۾ ڏاڍا فطري آهن.
منهنجو چريو چاهه ڙي جيڏا تنهنجو ٻک لهي ٿو،
وڏڙن سچ چيو آ جاني، ڪک به لک لهي ٿو،
مرليءَ منهن ۾ جيئن مروڙيل،
ڪوڪي ٿو ڪنگور،
دل ۾،
اڇلون اڇلي سور!
مون ۾ جيڪا رت ڦڙي آ،
تنهن مان جيڪا مک جڙي آ،
ان مان تشبيهن کي ٺاهي تنهنجا لکندس گيت

جيڪي لکندس گيت!

No comments:

Post a Comment