26/10/2015

ناول ”گذري وئي برسات“ - امر لغاري (Amar Lighari)

منظور ٿهيم جو ناول ”گذري وئي برسات“
سنڌ جي تاريخ سان مڪالمو
امر لغاري
Novelists are forever trying to distance themselves from politics, but the novel itself closes in on politics. Novelists are so concerned with “man’s fate” that they tend to lose sight of their own fate. Therein lies their tragedy. —Joseph Stalin      
جوزف اسٽالن جي نالي سان مٿئين ڪوٽيشن خبر ناهي ته اسٽالن جي آهي به يا نه، پر اها ڪوٽيشن جڏهن مون چيني ناولنگار مويان جي ناول Garlic Ballads جي شروعات ۾ پڙهي ته مون کي ياد آيو ته اسان جي ليکڪن جي گھڻائي وانگر دنيا جا اڪثر ليکڪ پڻ ان بحث ۾ مٿو کپائيندي نظر ايندا آهن ته ادب جو سياست ۾ ڇا وڃي! پر جڏهن مُڙي ادب ڏانهن ڏسجي ٿو ته دنيا ۾ سٺي ۾ سٺو ادب اهوئي نظر اچي ٿو جنهن ۾ سياست هڪ اهم جُز طور شامل هوندي آهي. ڪافي ماڻهو سياست اصل ۾ سياسي پارٽين، سياسي نظرين ۽ سياسي جدوجهد کي سمجھن ٿا. پر حقيقت هيءَ آهي ته سياست اتان ئي شروع ٿئي ٿي، جتان توهان ڪنهن سان ڪنهن ڳالهه تي اختلاف رکو ٿا يا سهمت ٿيو ٿا، يا ان اختلاف ۽ سهمتگيءَ جي حق ۾ پنهنجي راءِ حقيقتن ۽ ثبوتن آڌار دليلن سان پيش ڪيو ٿا. جنهن بعد نقطئه نظر وجود ۾ اچي ٿو. سياست ڪنهن به ڳالهه کي سمجھڻ، سمجھائڻ، سلجھائڻ، حالتن کي تبديل ڪرڻ جو مکيه هٿيار هجي ٿي. خاندان، قبيلن، ذاتين، قومن، سماجن ۽ رياستن جي تنظيم جو بنياد به سياست تي رکيل هوندو آهي. ان ڪري ادب مان سياست ڪڍي ڇڏڻ ايئن آهي، جيئن ڪنهن تلاءُ يا ڍنڍ ۾ تازو پاڻي ڇڏڻ بند ڪري ڇڏجي. انڪري مٿئين ڪوٽيشن ۾ اها ڳالهه برحق ٿي لڳي ته دنيا ۾ ناولسٽن جي گھڻائي جيترو پنهنجي پاڻ کي سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، اوترو ئي انهن جون لکڻيون ان ۾ وڪوڙيل نظر اچن ٿيون. مويان کان ويندي، اورحان پامڪ، ڪامو، سارتر، اسٽئينبيڪ، ٽامس مان، سولزي نٽسن، پاسترناڪ، جيمس جوائس، ٽالسٽاءِ، نارمن ميلر، ڪٽزي، بين اوڪڙي، وي ايس نائپال، ڊي ايڇ لارينس، مارگريٽ ايٽووڊ، جيڪ لنڊن، سنڪليئر ليوس، ڊورس ليسنگ، هرٽا مولر، ميلان ڪُنڊيرا، نجيب محفوظ، جارج آرويل، جون گالزوردي، ولادمير نوبڪوف، چنوئي اچيبي، اي ايم فوسٽر، هيمنگوي، ڪادري، ڪاپوشينسڪي، شولوخوف، گورڪي، خوشونت سنگھه، ڪپلنگ ۽ سوين ٻيا پنهنجي لکڻين مان سياست کي ٻاهر نه ڪڍي سگھيا، بلڪه انهن مان ڪيترائي سياسي لکڻين ڪري مشهور ٿيا. انڪ ري اهو چوڻ ته نظرين جي ناولن ۾ ڪا گنجائش ناهي پنهنجي پاڻ کي ڌوڪو ڏيڻ جي برابر آهي.

سنڌي ادب ۾ افسانوي ادب جو چڱو خاصو حصو سنڌي سماج جي سياسي ۽ سماجي ڌارائن تي لکيل آهي. خاص ڪري طبقاتي ۽ قومي جبر بابت. مثال طور، 1925ع کان 1947ع تائين ترقي پسند ادب جي اثر هيٺ، ۽ ورهاڱي کان 1971ع تائين ترقي پسندي، سنڌ ۽ سنڌيت پرستي واري ادب جي اثر هيٺ. وري 1982ع کان اڄ تائين جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ناول تخليق ٿيا، انهن جو سماج يا رياست جي ”پاور“  واري پهلوءَ سان گهرو تعلق ڏسڻ ۾اچي ٿو. جيئن ماڻڪ جو ناول ”ساهه مٺ ۾“، ملڪ آگاڻيءَ جو ”سج جا پاڇا“، امر جليل جو ”نيٺ گونگي ڳالهايو“، قبول ابڙي جو ”پنهنجي گھر ۾ اجنبي“ ۽ جاويد سومري جو ”فاتح مرڪ“. انهن ناولن ۾ رياستي ايڪٽرس جو ڪردار، نسلي تعصب ۽ فساد، ايم آر ڊي، افغان جنگ ۽ ضياءَ جو قهري د‍‍ؤر چٽي نموني ڏسي سگھجي ٿو.
اخلاق انصاري جو ناول ”اڏوهي“، منور سراج جو ”کاٻي اک جو خواب“ جيتوڻيڪ سماجي ۽ نفيساتي ڌارا جا ناول آهن، پر سماجي ۽ نفسياتي جبر جو ڪارڻ انهن ۾ وري به سماج جو سياسي اسٽرڪچر آهي، جيڪو ڪردارن کي سماجي رشتن جي ڀڃ ڊاهه جي نتيجي ۾ ذهني پيڙا ۽ ڀوڳنا جو شڪار بنائي ٿو.
منظور ٿهيم جو ناول ”گذري وئي برسات“ سنڌي ادب جي افق تي موضوع ۽ اسلوب جي حوالي سان هڪ نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ظاهر ٿيو آهي. سنڌي ادب ۾ ناول جي مد ۾ اهڙا تمام ٿورا تجربا ٿيا آهن. هن ناول کي هڪ ئي وقت سياسي، سماجي، تاريخي، فيلوسوفيڪل، آٽوبايوگرافيڪل ناول سڏي سگھجي ٿو. ناول پڙهي ختم ڪرڻ کان پوءِ هڪ تاثر اهو به اڀري ٿو ته شايد اهو حقيقت پسنديءَ واري ذمري ۾ لکيل ناول آهي، جو ان ۾ سنڌ جي خوشحال تهذيب جي اوائلي تاريخي ورثي جي پُرامن آزادي واري فڪر کي وچئين دؤرن سان جوڙي صوفي شاهه عنايت پاران ڏنل ”جو کيڙي سو کائي“ واري نعري هيٺ وڙهيل ”بچاءُ واري ويڙهه“ تائين مقامي ماڻهن ۾ باهه مان ڦري شعلي ۾ تبديل ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. اهو ساڳيو ئي فڪر، تسلسل طور، پاڪستان جي نئين صورتحال ۾ رياست پاران مقامي وسيلن جي ڦرلٽ، زمينن تي قبضي، فوجي سرمايي جي ڦهلاءُ ۽ ان جي بقا لاءِ سياسي تنظيمي ڍانچي طور بيهاريل ميرن، پيرن، وڏيرن ۽ دهشتگرد ٽولن توڙي رياستي ادارن خلاف ڪامريڊ نذير ۽ ان جي دوستن سنگھار، ارميل، تيرٿ، فيروز ۽ شهه مريد جي عملي ۽ آگاهيءَ واري جدوجهد ۾ پڻ شعلي جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو.
ناول جو پلاٽ سوشلزم، تصوف، استحصال، قومي ۽ طبقاتي جبر متعلق بحث مباحثن، نتيجن، قربانيءَ جي مثالن ۽ ننڍڙن ننڍڙن واقعن، محبتن، خوابن، ڪاميابين، ناڪامين ۽ مايوسين جو هڪ مرڪب آهي، جيڪو جدوجهد جي ميدان ۾ ڪردارن جي عمل سان ناول جي ڪهاڻيءَ کي منطقي انجام تي پهچائيندي نظر اچي ٿو. مزي جي ڳالهه اها آهي ته منظور ٿهيم جي هن ناول جو وِليَن Antagonist ڪو راڪاس يا ڊڪٽيٽر يا ماڻهو ڪونهي، بلڪه هڪ اهڙي گھڻ قومي رياست آهي، جنهن جو جياپو قومن جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ فڪري آزادي جو خون ڪرڻ آهي؛ هڪ اهڙي رياست جنهن ۾ عورت کي مذهب، ذات پات ۽ قبيلائي بالادستيءَ هيٺ ڏيئي سماج ۾ هن جي هڪ آزاد انسان يا فرد طور سڃاڻپ؛ سوچڻ، سمجھڻ ۽ فيصلا ڪرڻ جي قوت ۽ حق کي  زوري دٻائي بي درديءَ سان ڪچليو ويو آهي. جيئن ناول جي ڪردارن سائره ۽ تيرٿ جي وچ ۾ ٿئي ٿو، جيئن سارنگ ۽ زرينه جي معاملي ۾ ٿئي ٿو.
ناول پڙهڻ کان پوءِ اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا ته ناول نگار ناول ۾ هيٺن سوالن يا نقطن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:
محبت، طبقاتي جدوجهد، انسان دوستي، انساني آزادي ڇا آهي؟
فلسفو ڇا آهي، ۽ ان جو ڪردار ڇا هجڻ کپي؟ تصوف ڇا آهي ۽ سنڌي معاشري جو الميو ڇا آهي؟
جمهوري ۽ قومي پارٽين جو مسئلو ڇا آهي؟ انقلاب جي مٽيريل ايپروچ، انسان جي روحاني تربيت ۽ روح جي آسودگي ڇا آهي؟ اجارادار سرمايو، پاڪستاني سماج، سياست ۽ طبقا ڇا آهن. انساني صلاحيت ڇا آهي؟ قدرت، خواب، انٽيليڪچوئل سائڪي ڇا آهي؟ ميڊيا جو مڪروهه ڪردار ڪيئن آهي؟ غريب ملڪ جي فوج ايڏي امير ڇو آهي؟ مذهب، محبت جو مقابلو ڇو نٿو ڪري سگھي؟ روح ۽ مادو ازل کان گڏ ڪيئن آهن؟ جيڪي ماڻهو جيءَ جان سان پنهنجي زمين سان پيار ڪندا آهن، اهي باغي هوندا آهن. سماج ۾ تبديليءَ جي اهم ترين قوت محنت ڪش طبقو آهي. زمين ازل کان خدا جي ملڪيت آهي ته پوءِ پيداوار جي وسيلن، ڪارخانن، صنعتن، ۽ زميني وسيلن جا مالڪ چند ماڻهو ڇو آهن؟ ”ڪميون رواج“ دهريت جو سوال ناهي،.... اهو آزادي، انصاف ۽ برابريءَ جو سوال آهي. دراصل فيوڊل ڪلاس جي بقا آهي ئي ان ۾ ته هو مذهب جي، قبيلن جي، ريتن ۽ رسمن جي آڙ ۾ پنهنجا ڪم ڪري پاڻ کي قائم رکي. وڏي انقلاب جي انتظار کان اهو بهتر ناهي ته مان ننڍن ننڍن انقلابن لاءِ قدم کڻان! (سنگھار جي خودڪلامي). انتهائي مهذب ۽ سنجيده ٿيڻ به خوفائتي شيءِ آهي! (سنگھار ڏي فيروز جو خط). جڏهن کان وڏيرا سياست ۾ آيا ۽ بيوروڪريسي انهن جي رهنمائي ڪئي هر ادارو تباهه ٿيو آهي. سنڌي قوم جو هر ادارو تباهه ڪرڻ ئي رياست جي مرضي آهي. دنيا کي محبت جي وسيلي ئي تبديل ڪري سگھجي ٿو. (حانيءَ جي خودڪلامي)
اهي، اُنهن لاتعداد نقطن مان چند نُقطا آهن، جن تي ليکڪ نه فقط روشني وڌي آهي پر پڙهندڙ جي دل تي نقش ڪرڻ لاءِ واضح مفهوم سان ڪردارن جي واتان چورايا به آهن. ”prose fiction“ جي پيرائي ۾ لکيل هن ناول جي هر پيرا پڙهڻ وٽان آهي. ڪي جملا ايڏا ته معنيٰ خيز آهن جو پڙهندي پڙهندي دل ڪري ٿي ته ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪري ڇڏجن ۽ بار بار پڙهجن. انهن مان ڪجھه هن ريت آهن:محبت کان خالي روح هر خوشيءَ کان محروم هوندا آهن. غربت جي ماريل ماڻهن جا خواب اطاعت، گناهن ۾ ٻڏل ۽ ڇوٽڪاري جي خيال وارا هوندا آهن، جڏهن ته اميرن جا خواب امير ۽ لذت ڀريا هوندا آهن. پيار ته يقين جو نالو آهي. سيتا ته نديءَ جي وهندڙ صاف پاڻيءَ جيان هئي.
ايئن به آهي ته زندگيءَ ۾ پاڳلپن، اجائي سنجيدگيءَ کان هزار ڀيرا بهتر آهي، جو سنجيدگي زندگيءَ جو ترنم ٻڌڻ کان محروم ڪري ٿي. بلڪه اها ڪوريئڙي جي ڄار وانگر هجي ٿي. جنهن کي توهان انساني ترقي چئو ٿا، دراصل اها انسان جي اڪيلائپ ۽ روح جي ويراني آهي، ۽ اهڙي لالچ آهي، جيڪا دنيا جون سموريون راحتون پاڻ لاءِ مخصوص ڪرڻ چاهي ٿي.
جيڪا دل محبت کان خالي آهي، ان جي سرگرمي سطحي ۽ بي معنيٰ هجي ٿي. قدرت تعلق چاهي ٿي ۽ انسان لاتعلقي. روح جي آسودگي وڏي معنيٰ ٿي رکي. قومن کي روحاني طور ختم ڪرڻ سان قومون خود به خود مري وڃن ٿيون. قوم جو روح انهن جا سياسي، علمي ۽ ادبي ادارا هجن ٿا، جيڪي سماج اندر هر تبديليءَ جو بنياد هجن ٿا.
فلسفي جي سوال کي سماج جي محروم طبقن کان علحده ڪري ڪڏهن به سمجھي نٿو سگھجي. زندگيءَ جو حاصل صرف خوراڪ لاءِ زنده رهڻ ناهي ۽ نه وري پنهنجي ذات جي ضرورتن جو قيدي ٿيڻ ۾ آهي، پر پنهنجي روح ۽ ضمير جي آسودگي، سچائيءَ وارو اعليٰ گڻ، خودداري ۽ پيار جهڙو لافاني احساس به آهي، جنهن کانسواءِ زندگي بي رونق ۽ بيڪار آهي.
منهنجي خيال موجب اسان صرف انقلاب جي مٽيريل ايپروچ کي فالو ڪيو، انسان جي روحاني تربيت اسان کان رهجي وئي. انقلاب جو مٽيريل سوال ختم ٿيو ته اسان اهڙا ٽُٽاسين ڄڻ هئاسين ئي ڪونه. روحاني تربيت مان منهنجي مراد درگاهون ۽ چلا ڪڍڻ ناهي، ان مان منهنجي مراد، انسان جي پنهنجي اندر جي صورت کي نمايان ڪرڻ آهي؛ پنهنجي ڪردار ۾ پنهنجي قول ۾.
مان هن صداقت کي اوهان آڏو بيان ڪيان ٿي ته، جيڪو ماڻهو لاحد آهي ۽ وقت جي رفتار کان اڳي ۽ آزاد آهي ۽ پاڻ کي ابدي ۽ لافاني سمجھڻ بجاءِ محبت جي ڪنهن ڪارڻ سان جڙيل آهي، پنهنجي دل کي ٻين لاءِ نرم ڪري ٿو، سهارو ڏئي ٿو، سچ ڳالهائي ٿو. جنهن جي قول ۽ فعل ۾ فرق نٿو هجي ۽ انسان جي دائمي مسرت لاءِ پاڻ کي جھڪائي ٿو، حقيقت ۾ اهو ئي سڀني ۾ انوکو ۽ محبت لائق هجي ٿو ۽ اهو ئي ان احساس کي ڇهڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ڪنهن شيءِ کي تبديل ڪرڻ جي همٿ به!
انسان ئي هر شيءِ جو پيمانو آهي- (سقراط). محبت انسان کي سمورين ڪمزورين ۽ بازاري طريقن کان بچائي وٺي ٿي. سچ چيو اٿن ته عشق کي ڪا شڪست ناهي. ڪنارا موجن ڪري زنده رهن ٿا. صحيح مسرت به اها آهي جيڪا انسان پاڻ تراشي، جنهن ۾ هو پاڻ کي ڏسي. غربت جي رونق ته ٻار ڄڻڻ ۾ آهي. هميشه جئان انسان اوستائين پاڻ کي ڪمزور ۽ ڊنل سمجھي ٿو، جيستائين هو اڪيلو آهي، پر جڏهن متحد ٿئي ٿو، ته وڏي طاقت هجي ٿو. جن پاڪستان کي ووٽ ڪيو، اهو ڪلاس پاڪستان کان اڳ به جاگيردار ۽ خوشحال هو ته هاڻ به خوشحال ۽ صاحب جائيداد آهي. سياسي آزادي، طبقاتي تحريڪ کانسواءِ ڪيئن ممڪن آهي؟ هتي طاقت جو بنياد دولت آهي.هنن کي سيکاريو ته عظمت ۽ بلندي طاقت ذريعي حاصل نه ٿيندي آهي، پر همٿ، جرئت ۽ سمجھه ذريعي حاصل ٿيندي آهي. مذهب دراصل زندگي گذارڻ جو علم آهي، انڌو عقيدو ناهي، مذهب جي سوال کان وڌيڪ آزاديءَ جو سوال اهم آهي، جنهن کي مذهب جي نالي تي دٻايو ويو آهي.
اهي ۽ انهن جهڙا ڪيترائي فِقرا بار بار دهرائڻ جهڙا آهن. ناول ۾ ليکڪ جو نقطئه اظهار نهايت چٽو آهي. جي ان کي ”سُکاري سنڌ ڏُکارا ماڻهو“ جو عنوان ڏجي ته به بيجا نه ٿيندو، جنهن کي جي وڌيڪ کولي بيان ڪجي ته، پوءِ چئبو، سنڌ هڪ اهڙو خطو آهي جيڪو صدين کان پنهنجي قدرتي دولت عيوض ڏيهي توڙي پرڏيهي حاڪمن ۽ حملا آورن جي حوس ۽ حرص، لالچ ۽ خودغرضي، لٽ مار ۽ جبر جو نشانو بڻبو رهيو آهي، جنهن جو سڌو سنئون اثر سنڌ جي پورهيت طبقي تي پوندو رهيو آهي. سنڌ جي پاڪستان ۾ اچڻ کانپوءِ اها لٽ مار وڌي ٻيڻي ۽ ٽيڻي ٿي چڪي آهي، ۽ اڄ سنڌي ماڻهو تاريخ جي نهايت بدترين دؤر مان گذري رهيو آهي، جنهن کان ڇوٽڪاري جو واحد حل حقِ خود اختياري يا خودمختياري يعني ”سوشلزم“ ۾ لڪل آهي. هن ناول ۾ ناول جا ڪردار ڪامريڊ نذير جي اڳواڻيءَ ۽ انقلابي فڪر هيٺ متحد ٿي سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ عوام مٿان سياسي، سماجي ۽ معاشي جبر خلاف صف ٻڌي سوشلزم لاءِ هڪ تحريڪ هلائيندي نظر اچن ٿا، پر بورجوا ۽ فيوڊل رياست پنهنجي سيڪيورٽي ادارن جي مدد سان ان کي پوري قوت ۽ سفاڪيءَ سان ڪچلي ڇڏي ٿي. نتيجي ۾ رياست خلاف آواز اٿاريندڙ  عوام کي پڪڙي ڪوڙن ۽ ڦٽڪن جون سزائون ٻڌائي، جيلن ۾ هڻي، اذيتون ڏيئي ماريو ٿو وڃي. هي ناول اهڙن ڪيترن ئي مثالن سان ڀريو پيو آهي. ليکڪ سنڌ جي زخمي سيني کي پنهنجن اکين سان ڏٺو آهي، ۽ ان ۾ منهن لڪائي روئيندڙ دکي انسانن کي سهيڙڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي، ۽ جبر سان مهاڏو اٽڪائيندڙ سنڌي ماڻهن جي فردن فردن جدوجهد ڪندڙ ۽ قرباني ڏيندڙ ڪردارن کي گھر گھر وڃي ڳولي به لڌو  آهي.
ناول ۾ جا نئين ۽ قدرِ مختلف ڳالهه آهي، جنهن کي ليکڪ دنيا توڙي سنڌ جي انقلابي جدوجهد ۾ وڏي شدت سان مِس ڪيو آهي، سا آهي روحاني طاقت يا روحاني بيداري. ناول نگار پنهنجن پيش لفظن ۾ ان جي وضاحت ڪجھه هن ريت ڪئي آهي:
”مون ڪيترن ئي ماڻهن کي زندگيءَ کان پري ڏٺو آهي، قدرت جي لافاني حسن کان پري. باوجود ان جي جو هو اهڙي حسن ۽ زندگيءَ جي درميان رهندا هئا. هنن سدائين پنهنجي روح کي ڪائنات جي حسن کان سڪايو ۽ پوري حياتي انسانيت سان پيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪرڻ جي باوجود اهو وساري ويٺا ته هنن کي به ڪنهن جي هٿن جو سهارو گھرجي، اهڙا لمحا گھرجن جيڪي فقط ۽ فقط هن جا ۽ هن لاءِ هجن..... انقلاب ۽ پنهنجي ليڊر لاءِ پوري حياتي ارپڻ باوجود هنن هڪ لمحي لاءِ به اهو نه سوچيو ته هنن جي به پنهنجي زندگي آهي، هنن جا ٻار آهن، هنن جو به گھر آهي، ۽ هنن جي گرد جيڪي ڪائنات جا رنگ آهن، جنهن جي حسن جي ڪا حد ڪانهي، جيڪا انسان جي روح جي اڏام ۽ صداقت لاءِ ايترو ئي ضروري آهي، جيتري ان جي جسماني واڌ ويجھه لاءِ خوراڪ. هي ڪنهن به طريقي سان ان سان رجوع ٿيڻ بغير ڪيئن ٿي انقلاب آڻي سگھيا، ۽ اهڙي آزاديءَ تي ڪير يقين ڪندو جنهن ۾ انسان اندر کان بيدار ئي نه هجي....“ هن ناول جا ڪردار  سنگھار، ارميل، تيرٿ، فيروز، صوفي مهتاب، نذير، سارنگ، زرينه، هنس وتي، سڌارٿ ۽ ڪامل اُن انقلاب ۽ آزادي تي يقين رکندڙ ڪردار آهن جنهن ۾ انسان اندر کان بيدار هجي، ۽ نظريي سان گڏ روحاني طاقت سان پڻ ليس هجي. هن ناول ۾ سنگھار ۽ ارميل محبت جا ٻه اهڙا انوکا ڪردار آهن، جيڪي دنيا جي نفرت ۽ لالچ کان پري ۽ آزاد، لامحدود خيالن ۽ پنهنجي دل جي رستي تي هلندڙ آهن، ۽ ٽيون ڪردار تيرٿ جو آهي، جنهن جي دل لازوال پيار سان ڀريل، پر مذهبن جي فرق ۽ سائره جي موقعي پرستي ۽ بيوفائي سبب دکي ۽ زخميل آهي. ناول جي ٻولي، ان جو ترنم، رواني، معنيٰ، مفهوم، مقصد، پيشڪش جو انداز شاندار آهي. ليکڪ جو نقطئه نظر واضح ۽ پڌرو آهي. هيءُ رڳو ناولنگار جو نه پر اسان مان گھڻن جو آواز آهي. هيءُ سنڌ جو آواز آهي، سنڌي ماڻهن جو آواز آهي، ڏکارن ماڻهن جي رڙ آهي، جيڪا تاريخ هڪ ڏينهن ضرور ورنائيندي.
آخر ۾ مان وري به اهو چوندس ته بظاهر جسماني طور ناول جا اهي مثالي ڪردار طبقاتي ۽ فِيوڊل رياست هٿان هار ضرور کائن ٿا، پر روحاني ۽ نظرياتي طور هو اڃا به پنهنجي جاءِ تي بيٺا آهن. ها، البته انهن مان ڪي اهڙا به آهن، شهه مريد جهڙا، جيڪي نذير جي شهادت کان پوءِ جيتوڻيڪ نظرياتي طور وڌيڪ پختا ٿيندي نظر اچن ٿا، پر محبت جي ڪائناتي حسن ۽ طاقت کي محسوس ڪرڻ کان قاصر رهجي وڃن ٿا. حانيءَ کي شهه مريد دنياوي طور هڪ جسماني فرد طور محسوس ڪري ٿو. هن جي روحاني طاقت جو  هُو مقصديت يا کڻي چئجي ته موت جي خوف ڪري صحيح اندازو لڳائڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو، جنهنڪري ٻنهيءَ جو انجام محبت کي بچائڻ جي غير معمولي قدم کڻڻ ڪري پاڻ کي وڃائي ويهڻ ۾ ئي پڄاڻِيءَ تي پهچي ٿو.

ٿُلهي ليکي مون کي اهو چوڻ ۾ قطعي ڪو عار محسوس نٿو ٿئي ته هي هڪ اهڙو ناول آهي جيڪو گھر ۾، اوطاق ۾، اسڪول ۾، ٻنيءَ تي، آفيس ۾، سفر ۾، ڪلاس ۾، اسٽڊي سرڪل ۾، ڪٿي به ڪنهن به ويل پڙهي، هيئن سان هنڍائي، ان مان دلي سڪون سان گڏ تاريخ سان منهان منهن ٿيڻ وارو تجربو پڻ حاصل ڪري سگھجي ٿو.

No comments:

Post a Comment