09/12/2015

افلاطون جو ڪتاب ”رعيتي راڄ“ مبصر: عبدالقيوم صائب (Abdul Qayoom Saib)

افلاطون جو ڪتاب ”رعيتي راڄ“
مبصر: عبدالقيوم صائب
هي ڪتاب اصل ۾ يونان جي وڏي ڏاهي شخص- افلاطون- لکيو هو. ايڏو ته اهم ۽ مکيه ڪتاب آهي، جو دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ان جي انگريزي ترجمي ”Republic“ تان سنڌي ٻوليءَ ترجمو ڪري، ان جو ”رعيتي راڄ“ نالو رکيو ويو آهي. اهو ترجمو پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙي ڪيو آهي، جيڪو نهايت سليس، روان ۽ فصيح ٻوليءَ ۾ آهي، تنهنڪري هر ڪا ڳالهه پڙهڻ سان چٽيءَ ريت سمجهڻ ۾ اچي ٿي.

افلاطون جي وقت ۾ يونان ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون حڪمرانيون هيون، جن کي ”شهري رياستون“ ڪري سڏيو ويو آهي. انهن رياستن ۾ ڇا پئي وهيو واپريو ۽ انهن  حڪمرانين جي بقاءَ لاءِ ڪهڙيون ضرورتون هيون تن بابت هن ويهي هي ڪتاب رچيو آهي. ان ۾ هن نه رڳو پنهنجا تجربا ۽ ڳوڙها خيال پيش ڪيا آهن، پر هن پنهنجي استاد ”اسقراط“ جي خيالن کي به ان ۾ سموهيو آهي. ائين چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته حڪمراني بابت يونان جي ٻن وڏن ڏاهن جيڪي سوچيو سمجهيو، ڏٺو وائٺو ۽عملي طور تي جيڪي مٿن وهيو واپريو، تنهن جو پورو پورو عڪس هن ڪتاب ۾ اچي ويو آهي. اهو ئي سبب آهي، هن ڪتاب ۾ اهڙيون ته ڏاهپ ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون اچي ويون آهن، جن مان اڄ تائين انسانذات لاڀ پرائيندي اچي. اهو ئي سبب آهي، جو هي ڪتاب نه رڳو يونان جي لاءِ پر سموري دنيا جي لائق ۽ فائق انسانن لاءِ هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي، جنهنڪري اڄ تائين انهيءَ جا مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿيندا اچن ٿا.
هن ڪتاب ۾ افسانن، ڪهاڻين ۽ شاعري، قانون، عدل ۽ انصاف، بزرگن، برهمڻن ۽ فيلسوفن: ٻارن، زالن ۽ مردن جي تعليم ۽ ترتيب روح، ٻئي جهان ۽ ڌڻي تعاليٰ اجائي نقالي، بيجا اعتماد ۽ مختلف جذبن- ڪوڙ، رشوت ۽ سورهيائي وغيره بابت بحث مباحثا ڪري ڪن نتيجن تي پهتو ويو آهي.
افلاطون هن ڪتاب ۾ اها راءِ ڏني ته ديس جا حڪمران اهڙا ماڻهو هجن جيڪي نه رڳو ڏاها، لياقت وارا ۽ ملڪ جي ڀلائيءَ جو اونو رکندڙ هجن پر هو حڪمرانيءَ جي سڀني گرن کان واقف هجن، اهڙا ماڻهو ڪيئن پيدا ڪجن تن جي لاءِ ”فيلسوف حاڪم“ جو تصور ڏنو ويو آهي. اهڙا حاڪم وري ننڍي هوندي کان وٺي مخصوص ماحول ۾، خاص تعليم ڏيئي تيار ڪرڻو پوندو، جيڪو جسماني، ذهني توڙي روحاني طرح سان سينگاريل هوندو. اهڙي حڪمرانيءَ ۾ ٻاراڻي وهيءَ کان ويندي وڏي وهيءَ تائين درجي بدرجي تعليم ڏيئي هر قسم جا هنر مند، ڪاريگر تعليمي ماهر، سياسي اڳواڻ وغيره پيدا ڪرڻ لاءِ رٿون ڏنيون ويون آهن. مطلب ته هڪ مثالي حڪمراني پيدا ڪئي وئي آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته هيءُ آهي مثالي راڄ ۽ ان ۾ ههڙو کپي مثالي حاڪم. پنهنجي مثالي حڪمرانيءَ مان اهڙن شاعرن ۽ فنڪارن کي ڏيهه نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي، جيڪي ڏسيل واٽ تي نه هلن بلڪ پنهنجي سر محسوس ڪن سو شاعريءَ يا ٻئي ڪنهن فن جي ذريعي پيش ڪن، ورنه سندس مثالي حڪمرانيءَ ۾ خلل پيدا ٿي پوندا ۽ مطلب نه نڪرندو. هو هر ڳالهه کي پنهنجي نرالي وصف ڏئي ٿو؛ جيئن انصاف ۽ عدل بابت چوي ٿو. ”عام طور تي ماڻهن جو خيال آهي ته ظلم ڪرڻ ته سٺي ڳالهه آهي پر ظللم جو نشانو بنجڻ خراب ڳالهه آهي. جيئن ته ظلم ڪرڻ جي خرابي ظلم ڪرڻ جي خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ بنهه شديد آهي، ان ڪري جڏهن ماڻهن کي بي انصافي ڪرڻ ۽ بي انصافي سهڻ جا نتيجا ڀوڳڻ جا ٻٽا تجربا ٿيا ۽ منجهن ظلم ڪرڻ جي سگهه ۽ ان کان بچڻ جي اميد خير ڪي نظر آئي، تڏهن انهن مجبور ٿي، اهو فيصلو مناسب سمجهيو، ته بي انصافي نه ڪجي ۽ نه سهجي. انهيءَ ڪيري ماڻهن قاعدا قانون جوڙڻ ۽ معاهدا طي ڪرڻ شروع ڪيا ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو نالو انصاف رکيو.“
حڪومت ڪير ٿو ڪري، تنهن بابت چيو اٿس ته ”هر رياست ۾ سگهاري ڌر حڪومت ڪندي آهي هر طاقتور شخص اهڙا قاعدا جوڙيندو آهي، جيڪي سندس مطلب پورا ڪري سگهن ..... ۽ پوءِ ظاهر ڪيو ويندو آهي ته اهي قانون رعيت جي ڀلائيءَ لاءِ جوڙيا ويا آهن..... انهيءَ ڪري سمورين رياستن ۾ عدل جو هڪڙو متو آهي، يعني حڪومت جي مقصد جي پٺ ڀرائي ڪرڻ.“
عام ماڻهن جي ذهنيت کي هن ريت نروار ڪيو ويو آهي، ”ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو گهڻو ڪري بدڪار ظالم کي ڀاڳوند سڏين ٿا ۽ نجي گڏ جاڻيءَ ۾ توڙي ماڻهن جي سامهون انهن جي عزت ڪندي لڄي نٿا ٿين؛ پر انهيءَ لاءِ شرط آهي ان ظالم بدڪار وٽ دولت هجي ۽ طاقت جا سمورا وسيلا کيس حاصل هجن.“
ڪوڙ بابت چيو ويو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي ته اها رڳو تخت- ڌڻيءَ کي ملي سگهي ٿي، جيڪو دشمن سان منهن ڏيڻ وقت يا رعيت سان سندن ڀلائي ۽ خير خواهيءَ خاطر ڪوڙ ڳالهائي سگهي، پر ٻئي ڪنهن کي ائين ڪرڻ نه جڳائي.“ هي ساڳيو دروغ مصلحت آميز وارو مثال آهي.
هن اها به ڳالهه ڪئي آهي ته فوجين کي عام ماڻهن کا الڳ ٿلڳ رکجي ۽ منجهن اهو ويساهه ويهارجي ته هو نج سون آهن، تنهن ڪري پاڻ کي هر قسم جي کوٽ کان پاڪ رکن، ورنه هو جي دنياداريءَ ۾ پيا ته پوءِ حڪومت صحيح طور تي هلي نه سگهندي، بلڪ مصلحتن جو شڪار ٿيندي رهندي.
حقيقت هي آهي ته ڪيترن ڏينهن کان پوءِ، سنڌي ادبي بورڊ، مان هڪ اهڙو ڪتاب ڇپجي آيو آهي، جيڪو نه رڳو سوچ ۽ سمجهه پيدا ڪري ٿو پر اهو به سيکاري ٿو ته هڪ ٻئي کي سانت ۽ صبر سان ٻڌجي، ان مان جيڪا به ڳالهه چڱي ۽ مدلل هجي سان قبول ڪجي ۽ ان تي عمل ڪري عوام کي مائدو پهچائجي.

هن کان اڳ ۾ ته هن ڪتاب مان رڳو حوالن طورپيش ڪيل ٽڪرا اسان جي سامهون ايندا هئا پر هاڻ اصل شيءِ سامهون اچي وئي آهي. تنهن ڪري رڳو حوالن وارا ٽڪرا پڙهي جيئن وارن لاءِ هڪ سٺو وجهه پيدا ٿي پيو آهي. هي ڪتاب سنڌ جي عام توڙي خاص کي پڙهڻ گهرجي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي موجوده حالتن کي پرکڻ گهرجي. ادبي بورڊ کي ههڙي وقتائتي شيءِ پيش ڪرڻ تي آفرين چوڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 543 صفحن تي پکڙيل آهي ۽ قيمت اٿس ستر روپيه.

No comments:

Post a Comment