08/12/2016

روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي ڪَٿَ - ڊاڪٽر احسان دانش (Dr Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش
روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي ڪَٿَ


ادب ۾ Gender Deference  يا جنسي / صنفي تفريق جو سوال ڏاڍو اهم ۽ بامقصد آهي، يعني هڪ پاسي مرد تخليقڪار آهي ته ٻئي پاسي عورت تخليقڪاره. ڪو به ساڃاهوند ان ڳالهه کان انڪار نه ڪندو ته تخليق جو ڪوبه Gender نه ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪو چوڻ وارو چوي ته نظم ۾ مرداڻي حشمت ۽ وائي ۾ نسواني نزاڪت آهي ته اها ڳالهه نه رڳو اجوڳي پر مذحقه خيز به لڳندي، تنهن ڪري شاعري عورت لاءِ به اوتري ئي اهم آهي جيتري مرد لاءِ. پوءِ ادب ۾ مرد ۽ عورت تخليقڪارن کي ڌار ڌار صفن ۾ ڇوٿو بيهاريو وڃي؟ اهو هڪ دلچسپ سوال آهي. جنهن تي اسين اڳتي هلي ڳالهائيندا سين. في الوقت ڳالهه ڪندا سين سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي شاعره روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي.
روبينه ابڙو جو مون سان پهريون تعارف ڪڏهن ٿيو هوندو ان جي مونکي پڪ ته ناهي پر ڪجھ ڌنڌلو اندازو آهي پر منهنجو هن سان پهريون تعارف ڪنهن رسالي ۾ ڇپيل سندس تخليقن وسيلي ٿيو هو. اها لڳ ڀڳ ٻه ڏهاڪا اڳ جي ڳالهه آهي. هيءَ اها ئي شرميلي شاعره آهي، جنهن کي مون پهريون ڀيرو پوتيءَ ويڙهيل فوٽو ۾ ڏٺو هيو ۽ جيڪا ستت ئي سنڌي ادب جي آسمان جو هڪ جرڪندڙ تارو ٿي پئي هئي ۽ ادبي حلقن ۾ سندس نالو ۽ حوالو اهميت وارو بڻجي ويو. بڻجي به ڇونه هوءَ واقعي به ته هڪ پختي ۽ خوبصورت شاعره هئي، جنهن وٽ پنهنجو نرالو فڪري دڳ، نئين حسيت، تخيل ۽ ادراڪ، فڪر ۽ آگهي، اظهار جا انوکا رستا، منفرد لفظيات ۽ تخليق جو الڳ گس موجود هيو. بيشڪ هن جي شاعريءَ ۾ هڪ جهان آباد آهي ۽ ان جهان ۾ جھاتي پائڻ لاءِ نه رڳو حسن ۽ تخليق جو شعور لازمي آهي پر شعر جي ماهيت جي پروڙ به ضروري آهي.
”شعر حسن جي تخليق ۽ تصور جو نالو آهي. اهو زندگيءَ جي تفسير به آهي ته ان جي تصوير پڻ. شعر مادي دنيا جو اهو عڪس آهي جيڪو شاعر جي ذهن تي جھلڪندو آهي ۽ خيال جي شڪل اختيار ڪندو آهي. آرٽ جو مقصد تلاشِ حسن آهي ۽ شاعري حسن جي تڪميل جو ذريعو.“ (1) مصوري، موسيقي، سنگ تراشي ۽ رقص سميت آرٽ جا جيترا به فارم آهن انهن مان شاعريءَ کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ”شعر هڪ ڳالهائيندڙ مصوري آهي جيڪا اسان سان کُلي ڳالهائيندي آهي. نقاشي هڪ خاموش شاعري آهي جنهن جي نطق کي ڳالهائڻ جو هنر حاصل نه آهي. شاعريءَ جي مقابلي ۾ نقاشي ۽ مصوري ساڪت ۽ صامت شي آهي..... فنونِ لطيفه جي چئني قسمن ۾ شاعري مڃيل طور تي سڀني کان مٿاهين آهي. ڇوته منجھس باقي سمورين صنفن واريون خوبيون موجود آهن..... شاعر جي نگاهه انساني قدرن جي حقيقت ۽ ان جي گھراين تائين پهچندي آهي..... شاعر جو تخيل ستارن جي گزرگاهن کان اڳتي به سفر ڪري سگھي ٿو.“ (2) C. Day Lewis پنهنجي ڪتاب A Hope for Poetry ۾ لکيو آهي ته ”شاعرُ ڪائنات جي اڻ ٻُڌل آوزن کي ٻڌڻ لاءِ تيار رهندو آهي، هن جا حواس اهي نازڪ تارون آهن جيڪي سندس تجربن کي سندس تخيل جي آلي تائين پهچائينديون آهن.“ (3)
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا روبينه جي شاعريءَ ۾ اها حسن جي تخليق توڙي زندگيءَ جي تفسير ۽ تصوير موجود آهي ۽ سندس شاعري حسن جي تڪميل جو ذريعو آهي؟ ڇا هن جي شعر ۾ ڳالهائيندڙ تصويرون موجود آهن؟ هن جي تخيل ۾ ستارن جي گزرگاهن کان اڳتي سفر ڪرڻ جي سگھ آهي؟ ۽ ڇا هن جو تخيل ڪائنات جا اڻ ٻڌل آواز جھٽي سگھي ٿو؟ اهي اهڙا سوال آهن جن جا جواب روبينه ابڙو جي شاعريءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت موجود آهن. هن اڀياس ۾ اسان کي رڳو انهن سوالن جا جواب ئي تلاش نه ڪرڻا آهن پر اهو به ڏسڻو آهي ته روبينه ابڙو جي شاعري جو سهيوڳي شاعريءَ ۾ ڪهڙو مقام آهي ۽ پنهنجي ئي دور جي شاعرائن ۽ شاعرن کان هوءَ ڪهڙي ريت منفرد ۽ مختلف آهي. هن جي شاعري تخيل، تصور ۽ تفڪر جي ڪهڙن رستن تي پنڌ ڪيو آهي، هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪي فني ۽ هئيتي تجربا به ڪيا آهن يا نه. هن وٽ جيڪو فڪر ۽ ادراڪ آهي ان ۾ ڪيتري تازگي آهي. اهي سڀ نڪتا هن ڪٿ ۾ شامل آهن.
 روبينه ابڙو 90 واري ڏهاڪي کان مسلسل لکندي رهي آهي ۽ لکڻ رڳو هن جي رياضت نه آهي پر ان کان اڳتي هوءَ ان کي تڪميل ذات جو هڪ لازمي ۽ اهم مرحلو ڄاڻي ٿي ۽ اهو عمل هن جي صدين کان اڃاري ۽ ٿڪاري روح جي آٿت ۽ نرواڻ جو ذريعو بڻجي ٿو. هن پاڻ لکيو آهي ته ”لکڻ مون لئه خود ڪلامي واري ڪيفيت جيان به ٿي پوندو آهي... جنهن ۾ روح جسم جي انگ انگ سان ڳالهائيندو.... لڇندو ۽ بيچينيءَ جو سبب پڇندو رهندو آهي.“ (4)
لکڻ جڏهن تڪميل ذات جو مرحلو ۽ خودڪلامي بڻجي ويندو آهي تڏهن فطري طور ان ۾ اجھلپڻو اچي ويندو آهي. اهو اجھلپڻو ۽ بيساختگي روبينه جي شاعريءَ جو روح آهي. جنهن کي سندس انيڪ شعرن ۽ نظمن مان ڏسي سگھجي ٿو:
هٺيلو هرڻ هردي جو
الئه ڪنهن کي پيو ڳولي
سموريون ڪائناتون ٿو لتاڙي
۽ پيو تاڙي
سموريون ئي ترايون تاسَ نيريءَ جون
گرم چشما اميدن جا
ڦٽن ٿا ساهه منهنجي مان
اڪيلو عشق آ ساٿي
نويلو عشق آ ساٿي
نه ڪا ٻي ساڻ بيساکي
بدن جون بندشون اڄ
روح جون سڀئي حدون اڪري
پڳيون هن ديس اهڙي ۾
جتي پنهنجو ئي پاڇو پاڻ کان
ڏاڍو پرانهون آ
هي آهي سندس اهو نظم ”قدم کان عدم تائين“ جنهن تان سندس ڪتاب جو عنوان چونڊيل آهي. هي رڳو هڪ نظم نه آهي ان ۾ هڪ ڪائنات سمايل آهي. هڪ اهڙي ڪائنات جنهن ۾ عشق جا اسرار به آهن ته جستجو جي اڃ به. مجازي موهه جا رنگ به، ته فنا جي فلسفي جي ساڃاهه پڻ. هن نظم ۾ اميدن جي مسافت ۽ روح جون رولاڪيون آهن، قدم کان عدم تائين جي اسرارن جو اشارو آهي. هڪ وهڪرو آهي هن نظم ۾...... بي ترتيب خيالن جي ترتيب آهي هي نظم. ۽ هن نظم جو سڀ کان حسين پاسو احساسن جو اهو اجھلپڻو آهي جيڪو منجھانئس ڀرپور تاثر اڀاري ٿو. اهو اجھلپڻو ۽ جرئت سندس غزلن مان به جھلڪي ٿي جئين:
پرواهه لوڪ جي مون
سڀ خاڪ ۾ اڏائي
روبينه ابڙو جي شاعري گھڻ رخي ۽ گھڻ موضوعي آهي. ان ۾ رومانس جي حسين فضا به نظر ايندي ته درد جو ڀيانڪ طوفان به. مذهب جي نالي ۾ انسانيت جي پامالي جو احساس به پسبو ته سماج جي ڪڌين ۽ ڪارين ريتن جي ويل جي واويلا به ٻڌبي. هن جي شاعريءَ ۾ سار جو سرور به آهي ته پيار ۾ اعتبار ۽ تهمتن جا معاملا به. هن وٽ نسواني جذبات ۽ احساسات جو فطري لقاءُ ته موجود آهي پر هوءَ اڻ ڇهيا ساز به ڇيڙي ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ هڪ اڻ پورائپ ۽ تشنگيءَ جو احساس وري وري اڀري اچي ٿو. هن جتي پنهنجي شاعريءَ کي منظرن ۽ محاڪات سان سجايو آهي اتي رقص جي ڪيفيت کي به خوب اجاگر ڪيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ رڳو ڳيريلي جي ڳلين جي ڳالهه نه آهي پر هن پنهنجي شاعريءَ ۾ عالمي امن جي تند سوري بين الاقوامي فڪر جي پچار ڪئي آهي. هوءَ پنهنجي گيڙو رتي من تي ڪوتا جا پاريهر پالي ٿي.
تار ڪا وڄندي رهي ٿي تنَ اندر ئي
رات ڪا ميران گذاري آهه مون ۾
ªªªªª
سدا سِر کي جھڪايون سين
خوديءَ کي آزمايو سين
ªªªªª
خوديءَ جي ڪن خيالن ۾
خدا کي ڀي ڀلايو سين
ªªªªª
رقص جو عڪس نچي ٿو بيٺو
هر صوفيءَ جي هستيءَ اندر
هن جي من ۾ ميران جا نغما آهن، هن سر کي جھڪائي خودي کي آزمايو آهي ۽ هن جي زبان تي سدا اها ڳالهه آهي ته هر صوفيءَ جي اندر رقص جي ڪيفيت ڇانئيل رهي ٿي. روبينه ابڙو جو اندر ته گيڙو آهي پر هوءَ تصوف جي ان مسلڪ جي پوئواري ڪندي محسوس ٿئي ٿي جنهن ۾ ”مي رقصم“ جي لات ٻرندي آهي. روبينه جي شاعري پڙهندي لڳي ٿو تصوف جو اهو رنگ قونيا جي گھٽين مان نڪري ڳيريلي جي ڳلين تائين پهتو آهي. روبينه جي سموري شاعريءَ تي رومي جي رقص واري اها ڪيفيت حاوي آهي. اها رقص جي ڪيفيت ماڻهوءَ جي هستي فنا ڪري بي خود بڻائي ڇڏي ٿي ۽ ان بي خوديءَ ۾ وري پنهنجو سرور آهي. جيڪو ماڻهو ان رقص جي لذت کان واقف هوندو اهو روبينه جي شاعريءَ مان بيحد لطف ماڻيندو.
اسان جي روح ۾ رقصان
هميشه رقصِ درويشان
ªªªªª
مي رقصم رقصم رنگ رچان ٿي او داتا
۽ لهرون لهرون آنءُ نچان ٿي او داتا
ªªªªª
ڪو روح هيو رقاصه جو
۽ مون ۾ پايل ٿي ڇمڪيو
ªªªªª
ٿيا ٿيا عشق نچايا
مون اڄ پيرين گھنگھرو پايا
ªªªªª
مليو جو رقص جو موقعو
سڄو عالم نچايو سين
روبينه ابڙو جو نظم ”سراپا رقص ۾ آهيان“ رقص جي ان ڪيفيت جو معراج آهي. هي نظم جيڪو هن رقص جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان لکيو آهي ان ۾ نه رڳو شيما، سهائي، نگهت ۽ خانم گگوش جهڙين نرتڪين جو ذڪر آهي پر رقص جي نسبت سان هن نظم ۾ سنڌ جي تهذيب جي خمير مان جنم وٺندڙ سمبارا جي سار به موجود آهي. هي نظم جنهن ۾ رڳو ڌرتي ئي نه پر آسمان تي چنڊ ۽ تارا به رقص ڪندي نظر اچن ٿا درحقيقت سراپا رقص آهي، جنهن جا لفظ به ڪنهن تال تي تا تا ٿيا ڪندي نظر اچن ٿا.
مليو جو رقص جو موقعو
سڄو عالم نچايو آ
سڄي تاريخ جھومائِي
سڄي تهذيب جھومائِي
ڀٽن جا ڀاڳ ڀي جھوميا
۽ ڪارونجھر جي قصن مان
نوان سڙٻاٽ ڀي جھوميا
نچي پيو کيرٿر سارو
مٿي هوءَ کير ڌارا ڀي
ستارن جا ٻڌي گهنگھرو
سراپا رقص ۾ اڀري
چٽو هو چنڊ جھومي ٿو
ڪٿڪ ڪتين به ڏيکاري
ٽڙي پيا رقص ۾ ٽيڙو
سڄو اڀُ جھومندو ڀاسيو
آءِ اي رچرڊس (I.A Richards) چيو هو ته ”ڏاهپ سان اسين شين کي معلوم ڪندا آهيون ۽ شاعريءَ سان محسوس...... ڏاهپ جو ڪم آهي تلاش ۽ تحقيق ۽ شاعريءَ جو ڪم آهي تعمير ۽ تخليق.“ (5) تنهن ڪري جيڪڏهن شاعريءَ ۾ تعمير جو جذبو، تخليق جو جولان ۽ احساس جي حدت موجود نه آهي ته اهڙي شاعري خود هڪ سواليه نشان وانگر آهي. روبينه جي شاعريءَ ۾ احساس پنهنجي پوري شدت ۽ توانائي سان موجود آهي ۽ ان ۾ اهو تخليقي جوهر به آهي، جنهن سان ئي شاعري ساحري جو درجو ماڻي ٿي.
هڪ شاعر جو ڀرپور تعارف سندس شعري سهيڙ بعد ئي سامهون اچي ٿو. جيتوڻيڪ روبينه سنڌي ساهت جي سنسار ۾ اوپرو ۽ اڄاتو نالو ناهي پر سندس هي ڪتاب ”قدم کان عدم تائين“ حقيقي معنى ۾ سندس پهرين ڀرپور تخليقي سڃاڻ آهي. هن ڪتاب جي مجموعي مطالعي مان مونکي اهو تاثر مليو آهي ته سندس شاعري روايت ۽ جدت جو سنگم آهي. جتي هن جي شاعري ۾ گھرو تخيل ۽ تفڪر، ڳوڙهو فهم ۽ ادراڪ، انوکي ڏات ۽ شعور موجود آهي اتي کوڙ ڪچايون ۽ ڪمزوريون به آهن، ڪافي هلڪا ۽ معمولي خيال ۽ فني جھول پڻ به نظر اچن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي لفظن جو اجايو اڊمبر ۽ شور آهي ته ڪٿي لفظي ابهام ۽ بي معنويت جو گمان ٿئي ٿو ائين ئي ڪٿي وري شعري طوالت جي شوق ۾ قفيه پيمائي جي ٽُنب ٽوپ ته ڪٿي خيالن جو اجوڳو استعمال ۽ ورجاءُ سندس شاعريءَ جي حسن کي متاثر ڪري ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته روبينه ابڙو سنڌي ٻوليءَ جي سهيوڳي شاعرائن ۾ نهايت معتبر مقام رکي ٿي، هوءَ جدت جي صحيح معنى ۾ سنڌي شاعريءَ جي جديد شاعره آهي. پر جڏهن اسين ان جنسي / صنفي تفريق کان ٻاهر اچي ڏسندا سين ته هوءَ جديد سنڌي شاعريءَ جي ان ڊگھي قطار ۽ قافلي جي هڪ اهم مسافر ڀاسندي، جنهن ۾ ڪيئي حسين شاعر ۽ شاعرائون موجود آهن. جنسي تفريق واري ماحول ۾ کوڙ جاين تي کانئس پختن سهيوڳي شاعرن کي هن جي ڀيٽ ۾ اهميت نه به ملي هوندي يا ائين کڻي چئجي ته سندس آڏو کوڙ ڏيئن جي لاٽ جھيڻي به ٿي ويندي هوندي. عورتازاد جي هن دور ۾ مان اها ڳالهه ڪرڻ جي جرت ڪريان ٿو ته هن جي شاعري ۾ رڳو نسائي احساس نه آهن پر ان کان گھڻو اڳتي سندس سخن جي واچوڙي ۾ انيڪ اڇوتا ۽ صنفي تفريق کان مٿاهان خيال موجود آهن، تنهن ڪري مان سندس همعصر دور جي شاعريءَ کي سامهون رکي سندس شاعريءَ جي پرک جنس / صنف (Gender) جي بنياد تي نه پر هن جي تخليقن جي آڌار تي ڪري رهيو آهيان ۽ سندس تخليقون ته آهن ئي صبح جي اجرن ڪرڻن جهڙيون. هن جا نرمل خيال ۽ احساس سچ ته پرهه جي هير جهڙا آهن انهن جي ڪوملتا ۽ حسن کي محسوس ڪرڻ لاءِ هن جو ڪتاب کولڻو پوندو، جنهن ۾ ههڙا حسين ۽ تازه شعر پڙهڻ لاءِ ملندا.
آنءُ ڪارونجھر مٿان پيئي ڏسان
مور جون ڄڻ ماڻڪيون مون ۾ هيون
ªªªªª
امن جا اجرا ڪبوتر نيڻ منهنجا
پر اندر ڪا جنگ جاري آهه مون ۾
ªªªªª
ڏسو مسجد جي در تي اڄ
ڦٽي انگور ول آهي
ªªªªª
سج تڪڻ جي ڏوهه ۾ آهي
ڪنڌ ڪَٽيو ڪنهن سج مکيءَ جو
ªªªªª
هو ڀي ڄڻ ڪا ڌرتي ويٺو ڦيرائي
ڪنڀرُ چَڪ تي ٿانوَ لسائي جھومي ٿو
لاشڪ هن جا گھڻا ئي شعر اهڙا آهن جيڪي روح جي گھراين ۾ لهي وڃن ٿا ۽ جذبن کي گرمائن ٿا. هن جي شاعريءَ ۾ جيءَ کي جنجھوڙڻ واري سگھ موجود آهي.
منهنجي خيال ۾ هر شاعر / شاعره جو شعري صنف جي حوالي سان هڪڙو ڪمفرٽ زون هوندو آهي، جتي هو پاڻ کي ڀرپور نموني اظهاري سگھندو / سگھندي آهي. مان سمجھان ٿو روبينه ابڙو جو پهريون ڪمفرٽ زون غزل آهي ۽ ٻيو نظم. غزل ۾ هڪ پنهنجي لئي، ترنم ۽ موسيقي آهي. ان جو پنهنجو مزاج آهي، ان ۾ پنهنجو الڳ هڳاءُ آهي. غزل جي هر شعر ۾ احساس جي هڪ نئين دنيا آباد هجي ٿي ان جي هر شعر ۾ هڪ نئين ڪائنات تخليق ڪري سگھجي ٿي. ”غزل جو هر شعر عام طور هڪ مستقل نظم هو ندو آهي. انهن ٻن ٻن مصرعن جي نظمن جو اختصار شاعر کان رزمي يا ايمائي، علامتي يا تمثيلي اسلوبِ بيان جو مطالبو ڪري ٿو. ان جو نتيجو اهو آهي ته انهن مختصر نظمن جو صحيح ۽ مڪمل مفهوم سمجھڻ، سندن مضمرات جي سمجھڻ تي آڌاريل آهي ۽ ان لاءِ شاعريءَ جي مڃيل قدرن ۽ معيارن کان پوري واقفيت ضروري آهي.“ (6) ۽ روبينه ابڙو وٽ اهو هنر چڱيءَ پَر موجود آهي. هن پنهنجي غزل جي مٽي اهڙي نموني ڳوهي آهي جو ان جو هر شعر هڪ الڳ مجسم جو ڏيک ڏئي ٿو.
گم ٿي ويا گھر گھاٽ هوا ۾
ڌوڙ وئي ٿي واٽ هوا ۾
طوفانن جي هار وئي ٿي
ڪيئن اجھاڻي لاٽ هوا ۾
ڪارونجھر تي ڊيل ڊڪي ٿي
مورن اوچا ڳاٽ هوا ۾
تو ۾ ائين تحليل ٿيان جيئن
گم ٿيندي آ ماٽ هوا ۾
وقت مڇيءَ جيئن پيو تڙپي ٿو
آهي اُڃ اساٽ هوا ۾
جيتوڻيڪ هن غزل جو رديف خيالن جي تسلسل جو گھرجائو آهي پر روبينه پنهنجي شاعراڻي آرٽ ۽ تخيل جي ٻل تي غزل جي هر شعر کي نڪور معنى ڏئي ڄڻ ننڍڙا ننڍڙا نظم بڻائي ڇڏيا آهن.
روبينا ابڙو جي شاعريءَ جي موضوعاتي جهان ۾ جھاتي پائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته عشقُ هن جي شاعريءَ جو مرڪزي نڪتو آهي. عشق ڇا هي اهو اسان کي فارسي جو وڏو شاعر عطا نيشاپوري هيئن ٿو ٻڌائي.
یک شرر  از عینِ عشق دوش پدیدار شد
طای طریقت بسوخت عقل نگونسار شد
(عشق جي عين جي هڪ چڻنگ گذريل رات ظاهر ٿي، جنهن سان طريقت جي ط سڙي وئي ۽ عقل شرم کان ڪنڌ جھڪائي بيهي رهيو.)
عشق جي حقيقت کي سمجھڻ واقعي ڏاڍو اهنجو آهي. پر جيتري قدر روبينه جي شاعريءَ جو سوال آهي ته ان ۾ عشق جون مختلف صورتون آهن. هوءَ ڪٿي عشق کي آڏاڻو سمجھي ٿي، جنهن سان سندس انگ انگ اُڻجي ويو آهي ته ڪٿي هوءَ سوچي ٿي ته جيئن ڌرتيءَ کي هر کيڙي ويندو آهي تئين ئي عشقُ کيس اڊيڙي ويندو، هوءَ ڪڏهن عشق کي ڪو طوفان سمجھي ٿي، جيڪو ماڻهوءَ جي پاڙ ئي اکيڙي ڇڏي ٿو، ڪڏهن وري عشق هن کي ڪو ديوتا ٿو ڀاسي ۽ هوءَ پنهنجي خطائن تي سوچيندي سندس راضپي جو انتظار ٿي ڪري. عشق جي معاملي ۾ عجيب ڪيفيتن جون لهرون آهن هن جي شاعريءَ ۾:
ڀلي اوچو هجي ڪيڏو
نه اوچو عشق کان عرشان!
ªªªªª
مون وٽ عشق جي ڪٿ ڪڏهن ڀي ڪانه رهي
تو وک وک تي چاهت منهنجي توري آ
ªªªªª
بي ڊپا ٿي ويا پار جيڪي تري
آ ڪئي عشق تن جي سدا رهبري
ªªªªª
عشق جي هر اصول کي ڀلجي
تو ڪئي آ رڳو انا حاصل
ªªªªª
عشق جنين جو پيش امام
تن تي سارا سک حرام
صدين جي اوسيئڙي عيوض
تنهنجو عشق مليو انعام
اهڙي طرح روبينه ابڙو جو نظم ”منهنجو پلڙو ڀاري آهي“ پڻ عشق جو نغمو آهي جنهن مان عشق جون ڪيئي صورتون پسي سگھجن ٿيون.
سونهن به منهنجي
عشق به مون وٽ
منهنجو پلڙو ڀاري آهي
لوڪ چوي ٿو ڪاري آهي
پر مان ڄاڻان منهنجو عشق آ مريم وانگي
منهنجا جذبا پوپٽ جهڙا
پيار به منهنجو پاريهر جا
اجرو اجرو پوتر پوتر...............
هن نظم ۾ روبينه.... شاهه، سچل ۽ اياز جي چيچ پڪڙي عشق جي ماهيت سمجھائي آهي. هن نظم ۾ هن شاهه جي سهڻي کي عشق جي اوچي علامت سمجھندي ”عشق اتاهون پار پُڄائي“، سچل جي امر آواز ”سچو عشق ٻڍا نهين ٿيوي“ ۽ اياز جي وائي جو ٿلهه ”عشق اسان وٽ آرائين جيئن آيو جھول ڀري“ جهڙيون امر سٽون ڏئي، شاهه کان اياز تائين عشق جي مسافت کي حسين انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
روبينه ابڙو وٽ نظم لکڻ جو ڀرپور ڏانءُ آهي. هوءَ جديد نظم جي هئيت، اسلوب ۽ احساس جي نزاڪت کان چڱيءَ پر واقف آهي. هو نظم جي لفظيات، ترنم، بندشن، وهڪرن ۽ ڇالن جي پرک رکي ٿي. هن کي ڄاڻ آهي ته نظم هڪ اهڙي ڪٿا آهي، جنهن ۾ روح جون سرگوشيون هونديون آهن. جنهن ۾ هر لفظ جي حرمت هوندي آهي ۽ هر احساس ٻئي احساس سان مربوط ۽ جڙيل هوندو آهي. هوءَ ڄاڻي ٿي ته هڪ نظم ۾ خيالن جي هڪ لڙهي هوندي آهي، جنهن ۾ لفظن جا رابيل پويل هوندا آهن. هن کي پتو آهي ته هر نظم جي الڳ خوشبو هوندي آهي. هر نظم جو هڪ الڳ ديس هوندو آهي. هن جي شعري مجموعي ۾ شامل آزاد / نثري نظمن مان ”خودي“، ”سون سريکا سپنا“، ”امن جي چادر لهوءَ ۾ لال آهي“، ”ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي“، ”ٻڌي مون عشق جي الفي“، ”ڏاهر سوچي ٿو“، ”ڪلاچي“ ۽ ”چئه تون ڇاهين؟“ برجستا ۽ ڀرپور ته آهن ئي پر اهي نظم پنهنجي پنهنجي اندر احساسن ۽ جذبن جو هڪ الڳ جهان آباد ڪيو ويٺا آهن، ان جهان ۾ هن ريت ننڍڙي جھاتي پائي سگھجي ٿي:
1.     ”ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي“

شهر جي هان شور ۾
سار ۾ ويڙهي وتان ٿي
ياد ٻاروتڻ ڪيان ٿي
ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي
منهنجي من جي لام تي ڪائي ٻڌل
پينگھ ڄڻ لڏندي رهي ٿي
تانگھ ڪا ڪُڏندي رهي ٿي.
ªªªªª

2.      ”خودي“
راهبا جي روح جهڙي رات ۾
خيال منهنجي جا ڪبوتر
مينهن ۾ ڀڄندا رهيا
مون ڪليسا جي دريءَ مان پئي ڏٺو
سيءَ ۾ ڪو نينهن هو ٺرندو رهيو...........
ªªªªª

3.      ”ڪلاچي“

ڪمانگر گھڙي ڏي اهو چنڊ مونکي
جڙي ڏي انهيءَ مان قلم روشنيءَ جو
قلم اهڙو جنهن سان
بڻايان مٽيءَ تي امن جو مان نقشو
اڪيرڻ گھران ٿي ڪلاچي انهيءَ ۾
خدو خال جنهن جا مان ٻيهر ٿي چاهيان
نئين سِر مان ليڪيان لڪيرون ڪي اهڙيون
گگن جي نرڙ تي جيئين کير ڌارا
وجھان پو ستارن جي جھلمل ۾ جھاتي
ڪلاچي امن جو ٿي اهڃاڻ نکري........... ص 140
ªªªªª

4.     ”امن جي چادر لهو ۾ لال آهي“

مان اڄوڪي دور جو نوحو لکان پئي
۽ امن جي لاش تي ماتم ڪيان پئي
هر شهر جي راهه هر ڪا
رتُ رڱيل آ
۽ گلن جي موسمن ۾
لاش ٿا پهچن پُٽن جا
زخم جسمن تي سجايل ائين آهن
ڄڻ گلابن جون پتيون وکريون پيون هن
روز دروازن تي آرائين بجاءِ
گورکن ٿڦڪيون ڏين ٿا.........
پهرين نظم ۾ ڳوٺ کي هڏڪي لڳڻ وارو اصطلاح بلڪل نئون ۽ اڇوتو آهي. هن نظم ۾ روبينه پنهنجي ماضيءَ جي انهن ساروڻين کي ساريو آهي جن جو تعلق سندس ڳوٺ سان آهي. هن نظم ۾ پينگھون به آهن، ته برساتون به، درويش جهڙو پپل جو وڻ به آهي ته هڪ اونهو ڦٽل کوهه پڻ ۽ ٻيو به گھڻو ڪجھ. حقيقت ۾ روبينه جي هن نظم ۾ سندس ٻال وهيءَ جي حسين ساروڻين جو سنسار موجود آهي. ان نظم تي روبينه جي ڀرپور شاعراڻي گِرپ محسوس ٿئي ٿي. نظم جي ڪرافٽنگ به ڪمال جي آهي. ٻيو نظم ”خودي“ تصوف جي گيڙو رنگ ۾ رتل آهي. ان جو اڀار ئي هڪ اهڙو منظر چٽي ٿو جنهن ۾ قاري ويڙهجي وڃي ٿو. ان نظم ۾ بهترين تشبيهون، استعارا ۽ لفظي ترڪيبون ڪم آيل آهن. سچ ته اهو نظم پڙهندڙ کي خيالن جي هندوري ۾ لوڏي ٿو. اهڙي طرح روبينه جو نظم ”ڪلاچي“ امن جو نغمو آهي، جنهن ۾ هڪ شاعره جون اميدون ۽ خواب ٽاڪيل آهن. هن نظم ۾ خوبصورت لفظيات، رڌم ۽ فڪر جو انوکو وهڪرو موجود آهي. سندس چوٿون نظم ”امن جي چادر لهو ۾ لال آ“ عهدِ جديد جو نوحو آهي، جيڪو هن لفظن کي لڙڪ ڪري لکيو آهي. ”امن جي لاش تي ماتم“، ”گورکن ٿڦڪيون ڏين ٿا“ ۽ نظم ۾ ڪم آندل اهڙيون ٻيون ترڪيبون لونءَ ڪانڊاريندڙ آهن. اهي ۽ اهڙا ٻيا نظم پنهنجي حسين ٻوليءَ، نئين ترڪيبن ۽ اصطلاحن، لفظي ترنم ۽ فلو، خيال جي جدت ۽ نڪورپڻي توڙي نرالي لب لهجي سبب روبينه ابڙو کي سهيوڳي شاعرن ۾ ممتاز مقام بخشين ٿا.
روبينه ابڙو ڪجھ شهرن جي سڃاڻپ بڻجندڙ اعلى ڪردارن سان مخاطب ٿي شاندار نظم لکيا آهن. اهي نظم اصل ۾ ڊگھا ڊائلاگ آهن. اهڙو هڪڙو بهترين ڊائلاگ سندس نظم ”مذهب کان انسان وڏو آ“ آهي، جنهن ۾ هوءَ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان مخاطب آهي. هي نظم لاڙڪاڻي ۾ هوليءَ واري ڏينهن مندر ساڙڻ واري واقعي جي رد عمل ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ هوءَ مذهبي انتهاپسنديءَ کي هيچ ڄاڻائيندي جنوني ماڻهن تي ڦٽڪار ڪندي انسانيت کي مذهبن تي فوقيت ڏئي ٿي. هن نظم جو ڪلائميڪس ڪمال جو آهي:
سوڀا! تنهنجو شان وڏو آ
مون وٽ تنهنجو مانُ وڏو آ
مذهب کان انسان وڏو آ
مان ڀي ماڻهو
تون ڀي ماڻهو
مٽي پنهنجي ساڳي آهي
تنهنجا منهنجا مارڳ ساڳيا
گھٽي پنهنجي ساڳي آهي.
 هن نظم ۾ روبينه ابڙو ماڻهپي کي مذهبن کان وڏو ڪري پنهنجي فڪر جي سرحدن کي ڪشادو ڪيو آهي ۽ اهو ئي فڪر سندس شاعريءَ کي بين الاقوامي شعور سان ڳنڍي ٿو. روبينه جي آزاد ۽ نثري نظمن ۾ پنهنجي دور جو درد چٽو نظر اچي ٿو. هن جا ڪي نظم واقعاتي شاعريءَ جي ذمري ۾ اچن ٿا. هوءَ پنهنجي آس پاس جڏهن جيءَ جھوريندڙ سانحا ڏسي ٿي ته سندس من تڙپي پوي ٿو. هن جي اندر هڪ آڳ ٻري پوي ٿي ۽ لفظ شعلا بڻجي پون ٿا ۽ انهن شعلن مان نظم ٺهن ٿا. سماج ۾ بد امني وارين حالتن تي لکيل سندس نظم ”اکيون جي لال ٿي ويون هن“، ”دراوڙ ڌيءَ ڌرتيءَ جي“ ۽ ”هر طرف شامِ غريبان“ ڄڻ سندس دور جي نوحه گري آهن.
روبينه ابڙو پنهنجن ڪجھ نظمن ۾ انهن تاريخي ڪردارن ۽ امر سورمن کي آندو آهي، جن پنهنجي ڌرتيءَ تي ساهه ڏئي ويساهه وتو. ”ڏاهر سوچي ٿو“ سندس هڪ اهڙو ئي نظم آهي. جنهن ۾ سنڌ جي ماضي ۽ حال جي تصوير آهي. هي نظم ٻڌائي ٿو ته سنڌ ازل کان امن پکين جو واهيرو هئي پر هاڻي ان جي سيني تي ڪنهن ديوَ جو ديرو آهي ۽ هتي مذهب جي نالي تي انسانيت کي لڄايو ٿو وڃي. نظم جو آغاز ۽ اڀار ته ڏسو:
دريا جي پاڇاڙ تي بيٺو
ڏاهر سوچي ٿو
گھوڙن جيئن هڻڪارون ڏيندي
ڌرتيءَ جي سيني تان آهن
ڪهڙا ڪهڙا دور لنگھي ويا
قهري زوران زور لنگھي ويا.........
هي رڳو هڪ نظم ناهي پر تاريخ جي تلخ سچاين جي آرسي به آهي. نظم جي ڪرافٽنگ به ڪمال جي آهي. هڪ ڪهاڻي آهي جنهن کي ڏاهر جي سوچ سان سلهاڙي سنڌ جي زخمن کي کوليو ويو آهي. هي نظم پنهنجي فارم ۾ بنهه نڪور ۽ جديد نظم آهي.
روبينه ابڙو گيت به لکيا آهن، پر هن جو گيت ”اوچوڙيگر او چوڙيگر“ پنهنجي ٻولي ۽ اسلوب، لئي ۽ ترنم، فڪر ۽ احساس، مزاج ۽ اندازِ بيان ۾ هڪ ڀرپور گيت آهي، جنهن جون حسناڪيون ان جي هر بند مان جھلڪن ٿيون. هي گيت ناهي پر ڪا چنري آهي جنهن تي روبينه احساسن جا تارا ٽاڪيا آهن. هي گيت نه آهي ڪو درياهه آهي، جنهن جون ٿڌڙيون لهرون من جي پتڻ تي عجب ڪتڪتائين جو احساس ڏيارين ٿيون. هن گيت ۾ پاڻ ارپڻ ڪرڻ جا حسين احساس پنهنجي پوري تازگيءَ سان موجود آهن. جنهن ۾ ڪومل لهجي ۾ نيهن نڀائڻ جا وچن ورجايل آهن. مور جي کنڀن جهڙن رنگن ۾ رچيل هي گيت ڏاڍو حسين ۽ رنگين آهي. هن گيت ۾ سنڌي شاعريءَ جو لوڪ رنگ به موجود آهي ته سينگار شاعريءَ وارو رس ۽ رچاءُ پڻ.
او چوڙيگر او چوڙيگر!
هي چوڙيون مونکي ٺاهي ڏي
۽ چاهه منجھاران چاهي ڏي

هڪ چوڙي تنهنجي نالي جي
ٻي چوڙي نيهن نرالي جي
ٽين چوڙي جيءَ جھڙالي جي
جيئن هر چوڙي جو رنگ الڳ
تيئن توسان منهنجو سنگ الڳ
او چوڙيگر او چوڙيگر!
هي چوڙيون مونکي ٺاهي ڏي
۽ چاهه منجھاران چاهي ڏي.......
روبينه جي شاعري ۾ رڳو موضوعن جي انڊلٺ، فڪر جو درياهه ۽ تخيل جي ڪائنات ئي سمايل نه آهي پر هن وٽ شاعريءَ جو انوکو آرٽ به موجود آهي. حسين تشبيهون ۽ استعارا، سهڻيون ترڪيبون ۽ علامتون، نراليون تمثيلون، تجنيسون ۽ تلميحون هن جي شاعريءَ کي سهسين رنگ ۽ آهنگ بخشين ٿيون. رڳو حسين تشبيهن ۽ ترڪيبن جو ئي مثال ڏسجي:
تو ڪيئن سکي ورتا
انڪار جا ڪيڏارا
ªªªªª
لڳِي سانجھيءَ جي نيڻن ۾
اها ڪڪري ڪجل آهي
ªªªªª
پاڻ ٻنهي جا ٽهڪ ٻُريا ها
يا ڪي جام هيا ٽڪرايا
ªªªªª
هو ته هليو ويو ڏور آ ڏاڍو
مهڪ بدن جي بستيءَ اندر
ªªªªª
تنهنجي سار جي سارنگيءَ تي
منهنجي من جو مور نچي ٿو
ªªªªª
ڪنهن پارس جهڙي پيار هيو تن من ڇهيو
اڄ تائين سون جيان جرڪان ٿي او داتا
پهرين شعر ۾ ”انڪار جا ڪيڏارا“ لفظي ترڪيب جو حسين مثال آهي. اهڙي طرح ٻئي شعر شعر ۾ ”سانجھيءَ جا نيڻ“ هڪ سهڻي ترڪيب ته آهي پر ڪڪريءَ کي ڪجل سان تشبيهه ڏئي سانجھيءَ جي نيڻن ۾ پائڻ يقيناً هڪ اڇوتو خيال آهي. ٽئين شعر ۾ ٽهڪن کي جامن سان تشبيهه ڏنل آهن. چوٿين شعر ۾ ”بدن جي بستي“ جي لفظي ترڪيب نئين ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي، پنجين شعر ۾ ”سار جي سارنگي“ ۽ ”من جو مور“ بهترين ترڪيبون آهن. اهڙي طرح آخري شعر ۾ پيار کي پارس سان تشبيهه ڏئي روبينه شعري جمال ۾ واڌارو ڪيو آهي.
روبينه ابڙو جي شاعري فطري طور هڪ عورت جي حسي ۽ نفسياتي تجربن کي به پنهنجي آغوش ۾ وٺي ٿي. هڪ عورت جيڪا ڪڏهن عشق جي تار تي تڳي سهڻي بڻجي وڃي ٿي ته ڪڏهن انتظار جي سوري ٽنگجي مومل جو روپ ڌاري ٿي. عورت سسئي به آهي، ته مارئي به، جندو به آهي ته سبين ۽ موتان ڀيل به. عورت روڳي به آهي ته ردالي به. عورت جا اهي سمورا روپ ۽ رنگ روبينه جي شاعريءَ ۾ پسجن ٿا. ڀٽائيءَ کان سواءِ سنڌ ۾ مونکي ڪو ٻيو شاعر نه ٿو سُجھي جنهن ”سُر سامونڊي“ ۾ جنهن باريڪ انداز سان عورتاڻن جذبن کي فطري طور اڀاري عورت جي انتظار کي ڀرپور نموني پيش ڪيو هجي، پر روبينه جيئن ته خود هڪ عورت آهي تنهن ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ انهيءَ انتظار جي ڪيفيت کي احساس جي گھرائيءَ سان نهايت حسين انداز ۾ چٽيو آهي.
هر روز پکي پرڏيهي اڏندا ويندا هن
مان تن کان تُنهنجا پارَ پُڇان ٿي او مانجھي
مون سپنن ۾ ڀي سمنڊن جيڏا پنڌ ڪيا
۽ خوابن ۾ ڪا ناوَ ڏسان ٿي او مانجھي
ªªªªª
تو لاءِ تڪينديس راهه سدا
ڀل وسرين هيل ورڻ جوڳي
روبينه جو نظم ”احتجاج“ عورتن جي حقن جي حمايت ۾ لکيل هڪ شاندار نظم آهي، جيڪو اصل ۾ پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو. اهو نظم هڪ احتجاج آهي هن ميل ڊامينيٽ سوسائٽي ۽ سماج جي ڪڌين رسمن خلاف. اهو نظم هن طرح طلوع ٿئي ٿو:
پهاڙن کي ٽُڪي مون لئه
تو جوءِ شير کوٽڻ جِي
ڪئي دعوى هئي ڪيڏي
ته پوءِ تون ڪيئن ڪهاڙيءَ سان
سندم هن سينڌ مان
رتُ جي ندي ڳاڙهي وهائين ٿو!
نڀائين ٿو رسم ڪهڙي؟
ڇا آدم زاد جي بُڻَ مان
اِها موروثيت توکي ملي آهي؟
روبينه ابڙو جي شاعري انيڪ حسين، اڇوتن ۽ نڪور خيالن سان جنجھ آهي. اهي خيال رڳو سندس نظمن ۽ گيتن ۾ ئي موجود نه آهن پر خيالن جي اها ڪهڪشان هن جي غزلن جي الڳ الڳ شعرن مان به پسي سگھجي ٿي. انهن ٽم ٽم تارن سندس شاعريءَ جي آڪاس کي انوکيون حسناڪيون بخشيون آهن.
ڏسو تارا پيا تڙڳن
گگن ۾ سمنڊ ڇولي ٿو
ªªªªª
ڌرتي مُک تي پاڇي جي چنري اوڍي
بادل هنج ۾ چنڊ لڪائي جھومي ٿو
ªªªªª
آرائين جي ساروڻين تي سوچيندي
مالهڻ جا سڀ گل سُڪي ويا کاريءَ ۾
ªªªªª
پنهنجي نيڻن جو سرمدي سپنو
چوڪ تي سنگسار ٿي ويندو
ªªªªª
مون وٽ ڪو انجام نه آهي
۽ تو وٽ آغاز نه ڪوئي
ªªªªª
نور وڃائي ڀي نيرولي
رنگن جا ئي خواب ڏسي ٿو
اسين هن مقالي جي آغاز ۾ روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي حوالي سان ڪجھ سوالن جا جواب ڳولڻ چاهيا هئا. هن اڀياس کان پوءِ انهن سوالن جا ڪيترائي جوڳا جواب ملي چڪا آهن. هن مطالعي ۾ اسين روبينه ابڙو جي شاعري جو سهيوڳي سنڌي شاعريءَ ۾ مقام ڪٿڻ ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هوءَ پنهنجي ئي دور جي شاعرائن ۽ شاعرن کان ڪهڙي ريت منفرد ۽ مختلف آهي. روبينه ابڙو جي شاعريءَ ۾ ڪيترو فڪر ۽ ادراڪ، تخيل ۽ تصور، تخليقيت ۽ وجدان موجود آهي ان جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ هتي اسين سندس ڪلام جو گھڻ رخو مطالعو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر مان سمجھان ٿو روبينه ابڙو جي شاعري جو اڃا به گھرو ۽ وسيع مطالعو پيش ڪري سگھجي ٿو، ڇوته هن جي شاعريءَ جي فن ۽ تخيل تي ڳالهائڻ جي گھڻي گنجائش موجود آهي. سندس شاعريءَ اڃا گھري حسياتي، نفسياتي ۽ جمالياتي مطالعي جي گھرجائو آهي. اڃا سندس شاعريءَ جي موضوعن تي به ڪيئي ويچار ونڊي سگھجن ٿا پر هن مختصر اڀياس جي آڌار به اسين اها ڳالهه بنان هٻڪ جي چئي سگھون ٿا ته روبينه ابڙو عصرِ حاضر جي تخليقي جهان جو هڪ نرالو ۽ نمايان نالو آهي.
حوالا
1.        سيد وقار احمد رضوي ڊاڪٽر ”معروضي تنقيد“، مڪتبهء دانيال، 2013، ص 63
2.        ساڳيو ص 65
3.        حسين محمد هادي  ”مغربي شعريات“ مجلسِ ترقيِ ادب، لاهور، طباعت سوم 2010، ص 175
4.        ابڙو روبينه  ”قدم کان عدم تائين“، ڪنول پبليڪيشن قنبر 2015 ص 8
5.        فاروقي شمس الرحمان ”تنقيدي افڪار“ بيڪن بڪس لاهور، 2014، ص 132

6.        ساڳيو ص 123

No comments:

Post a Comment