رکيل مورائي
ناول ”پيار درياهه“ ڪجهه نئون ڏئي ٿو
سنڌيءَ
۾ ناول تيزيءَ سان لکجي رهيو آهي. اها ڳالهه خوشي ڏيندڙ آهي، ان کان به وڌيڪ خوشي
ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته سنڌي ناول ”نئين“ ڏانهن وڌي رهيو آهي. ائين اميد جاڳي آهي
ته گهڻي کان گهڻا ناول لکيا ويندا ته انهن مان گهڻي ئي سٺا ناول ظاهر ٿي پوندا.
نئين
صدي اها آس پوري ڪري رهي آهي ته سنڌي ادب ۾ ناول جي حوالي سان جيڪا غربت آهي، ان ۾
ڪا گهٽتائي اچي ۽ پڪ سان سنڌي ادب ناول جي ڏس ۾ شاهوڪاريءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي.
ايئن ڪجهه نئون به ڏيڻ لڳو آهي. جنهن جو اندازو تازو ئي ڇپيل اسحاق انصاريءَ جي ناول ”پيار درياهه“ پڙهڻ کان پوءِ لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ناول مون کي بيحد گهڻي
خوشي ڏني آهي. تخليقي حوالي ۾اسحاق انصاريءَ جو هيءُ ٻيون ناول آهي، سندس پهريون
ناول ”خالي
بينچ“
آهي، جنهن ڪافي پذيرائي ماڻي ۽ هڪ کان وڌيڪ ڇاپا ڇپجي چڪو آهي. سندس هيءُ نئون
ناول گهڻو ڪجهه نئون ڏئي ٿو.
ڪيترائي سال اڳ رولان باٿ چيو هئو ته اڳتي هلي نثري صنفون پنهنجون حدون ٽوڙي ڇڏينديون ۽ سنڌيءَ ۾ ايئن لعل پشپ ڪهاڻي ناول ۽ آتم ڪٿا لکي اهي حدون ٽوڙي ڇڏيون. هن وقت اسحاق انصاريءَ جو تازو ناول ”پيار درياهه“ اهي حدون ٽوڙي پنهنجو نئون اسلوب کڻي آيو آهي، جيتوڻيڪ مغرب ۾ ته اهڙا ڪيئي اصلوب ناول اڳ ئي کڻي آيو آهي.
چيڪوسلاواڪيا جي پسمنظر ۾ لکيل هيءُ
ناول، مشرف ۽ مغرب جي تهذيبي ارتقا بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائي وڃي ٿو. ساڳئي وقت مشرق
جي ماڻهن وٽ جڙيل مفروضا به زخمي ڪري ٿو. يورپي ماڻهوءَ بابت اسان جا رويا هن ناول
پڙهڻ کان پوءِ پاڻ ۾ گهڻي تبديلي محسوس ڪن ٿا. خاص طور يورپي ڇوڪري/ عورت بابت، هن
ناول جي مرڪزي ڪردار طور آيل ڇوڪري، عائده اهڙي روئي جي نمائندگي ڪندڙ آهي، جيڪو
جسم ۽ روح جي وچ ۾ هڪ لڪير ٿي ظاهر ٿيندو آهي.
هن ناول جي دائري ۾ آيل ڪردار الڳ
ملڪن جي روين جي نمائندگي ڪندڙ آهن ۽ انهن روين جي مشاهدي طور ناول جي مرڪزي ڪردار
آيان (اسحاق) ٻين سڀني ڪردارن سان روشناسي ڪرائي آهي، جيڪي سڀ ڪردار الڳ الڳ
ٻولين، مزاجن ۽ ملڪن سان واسطو رکن ٿا. خاص طور سلمه، عائده ۽ اڃا به خاص طور هڪ
ننڍڙي اسٽيشن تي ٽڪيٽ ڏيندڙ ڇوڪري سويتلانا، جنهن هڪ اجنبي کي اسٽيشن تي رات رهائي
آهي، سيڪس کان وٺي سماج جي هر مسئلي تي ڳالهايو آهي، وائين پيتي آهي ۽ مهمان کي
ايترو متاثر ڪيو آهي جو هو اتان جي رواج جي ابتڙ، سندس پير ڇهي ٿو ۽ هوءَ سندس مٿي
تي هڪ روشن چمي ڏئي ٿي. جيڪا ان ڪردار کي اڄ به ياد آهي.
”پيار
درياهه“
ڪنهن به اڀياس جو گهرجائو ته آهي ئي، پر تڪڙ ۾ هي ناول مجبور ڪري ٿو ته هن ناول تي
تفصيل سان ڳالهايو وڃي، ڇاڪاڻ ته مان نٿو سمجهان سنڌيءَ ۾ هن موضوع تي ڪو به ناول
آهي. ظاهر آهي ته ليکڪ جو مشاهدو، سنڌي پڙهندڙ لاءِ نئون آهي ۽ ناول خود ڪي نوان
زوايا کڻي اچي ٿو، جن کان سنڌي پرهندڙ گهڻي ڀاڱي اڻ واقف آهي. جيڪڏهن هو ان سموري
ماحول کان واقفيت رکي به ٿو ته هيءَ ناول سندس مروج ويچار کي ڊاهي ٿو ۽ ڪي نوان
ويچار ڏئي وڃي ٿو.
شخصي طور مون لاءِ مغربي زندگيءَ جا
ڪيترا رخ اهڙا ظاهر ٿيا آهن، جيڪي مغربي لٽريچر کان الڳ آهن، اهي ليکڪ جا شخصي
آزمودا آهن، جيڪي سنڌي ادب جا نه آهن، ناول ان حوالي سان به نئون آهي ۽ پڙهندڙ کي
گهڻو ڪجهه نئون ڏئي وڃي ٿو. ان ڪري مون کي هڪ اميد جاڳي آهي ته سنڌي ناول جڏهن
گهڻيون منزلون طي ڪري اڳتي وڌي ايندو ته ان اڳتي وڌڻ واري پنڌ جو هيءُ ناول پهريون
ڏاڪو هوندو، جيڪو سنڌي ناول کي ڪجهه نئون ڏيڻ لاءِ پابند ڪندو.
ٻي طرح هيءُ ناول سنڌي ادب ۾ شايد
پهريون به هجي جيڪو مشرق ۽ مغرب کي تخليقي سطح تي مٿي اڀاري آيو آهي، وچ ۾ هڪ
مضبوط لڪير هوندي به! سچ ته اهو به آهي ته اسحاق هن ناول ۾ مغرب جو روح/آتما
ڏيکاريو آهي. جڏهن ٿه اسين فقط مغرب جو جسم ڏسون ٿا، ناول جا سڀ ڪردار اهڙا آهن جن
جو روح جيئرو آهي، يورپ جي مادي پويان ڊوڙندڙ سماج ۾ اسحاق ننڍڙي جهاتي پاتي آهي،
۽ ان ۾ روح کي تلاش ڪيو آهي. هن ان تلاش مان جيڪو حاصل ڪيو آهي، اهو سڀ هن ناول
۾آهي. ان ڪري منهنجو گمان آهي ته هن ناول مشرقي روح/ آتما ۽ مغربي روح/آتما جي وچ
۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو رويو هڪ سنڌي ليکڪ وٽ ئي جالي سگهي ٿو.
ڪيئن به هجي هيءُ ناول سنڌي ناول
واڌو سنڌ جي ناول جي وچ ۾ هڪ حد جي لڪير ثابت ٿيندو. اهڙي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي ۽ پڪ
سان ڪيتريون ئي اڳڪٿيون سنڌ ۾ سچ ثابت ٿيون آهن، ادبي حوالي سان هڪ خوشگوار
واڌارو،جنهن کي ڀاڳ به چئي سگهي ٿو، سنڌي ادب لاءِ هيءُ ناول ايئن آهي.
پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپايل هيءُ خوبصورت ناول ڪجهه صفحن گهٽ ٻه سئو صفحا والاري بيٺو آهي. پڪي جلد واري هن بيحد سهڻي ڇپيل ناول جو ملهه اڍائي سئو رپيا آهي.
پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپايل هيءُ خوبصورت ناول ڪجهه صفحن گهٽ ٻه سئو صفحا والاري بيٺو آهي. پڪي جلد واري هن بيحد سهڻي ڇپيل ناول جو ملهه اڍائي سئو رپيا آهي.
No comments:
Post a Comment