09/11/2018

عشق جي سرحدن تي بيٺل ليکڪ جون ڪهاڻيون - ڊاڪٽرمشتاق ڦل (Dr. Mushtaq Phul)


ڊاڪٽرمشتاق ڦل
هڪ نظر عشق جي سرحدن تي بيٺل ليکڪ جون ڪهاڻيون


ماڻهوءَ سان ماڻهوءَ جو رشتو ناتو ڪيئن ٿو جڙي، اهو به ڪنهن راز کان گھٽ ناهي. هڪڙا فطري رشتا ٿين ٿا ۽ ٻيا سماجي رشتا. منهنجي تجربي هيٺ سماجي رشتن سان نڀائڻ ۽ انهن کي مستقل مزاجيءَ سان هلائڻ به ڪنهن هنر کان گھٽ ناهي، ڇو ته اهي رشتا جن سان ٻالڪپڻ جا ڏينهن گڏ گذريا هجن انهن جي عادتن ۽ اسلوبن کان ماڻهو واقف ٿيو وڃي پر سماجي رشتن جو پهريون بنياد ڪنهن نه ڪنهن ڪم ڪار بهاني، ذاتي دلچسپيءَ سبب جڙي ٿو. مان جڏهن سنڌي ادبي سنگت ۾ مرڪزي سطح تي نئون نئون متحرڪ ٿيو هيم ته سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ ساخ جي دوستن ۽ خاص ڪري چانڊين جو ذڪر گھڻو ٻڌو هيم ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي تي لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جي چانڊين سرڪش سنڌي، زخمي چانڊيو ۽ سرمد چانڊيو سان ته منهنجو اڻ ڏٺي جو ئي اهڙو ناتو جڙيل هيو جيڪو به ڄڻ ته رت جو رشتي جهڙو هو. مون کي ياد آهي ته زخمي چانديو جي شهادت تي منهنجي اکين مان لڙڪ ائين لڙيا هيا جيئن پنهنجي سڳي ڀاءُ شهيد پروفيسر فيض محمد ڦل، عرفان مهدي، سرمد سنڌي، بشير قريشي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن ۽ سڄڻن جي وڇوڙي تي لڙيا هئا. مون سوچيو پئي ته ماءُ جو رشتو، ڀاءُ جو رشتو، ڀيڻ جو رشتو، پيءَ ۽ پٽ جو رشتو انهن جي لذت بيشڪ انوکي آهي پر علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي رشتن جي لذت جو به انوکو مزو آهي.

مون کي ته يارن جي سڪ به ائين لڳندي آهي جيئن پنهنجن  ٻارن جي سڪ لڳندي هجي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مون وٽ درگذر جو مادو ڪجھ وڌيڪ آهي، ان ڪري دوستن جي ڪوتاهين کي درگذر ڪندو انهن سان ناتو رشتو ٽوڙن بجاءِ ان کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ڇو ته ڪنهن شاعر چيو ته ”ڪر ڪي ڳنڍڻ جون ڳالهيون، يار ڇنڻ ۾ ڇاهي!“ ها سو مون ڳالھ پئي ڪئي چانڊين جي ۽ انهن چاندين جي جيڪي قومي شعور سان ٽمٽار، علمي ۽ ادبي ڊوڙ ۾ بيحد متحرڪ پر چوڻ وارا چون پيا ته بابا هي ڏاڍا ڏکيا، صفا کرا توسان اصل نه ٺهندا، ڇو ته هي اڳ ۾ ئي ادبي ڌارا ۾ ڪنهن ٻي ڌر سان جڙيل آهن پر يار منهنجو تجربو گھڻي ڀاڱي بلڪل انوکو ۽ سٺو رهيو. پيارو خالد هجي، مٺل هجي، مصور هجي، هزار خان هجي، لطف هجي يا يار محمد چانڊيو پڻ. هي ته پنهنجي سڀاءُ ۽ انداز ۾ بيحد عزت ۽ مان ڏيندڙ ليکڪ آهن.
اصل ۾ مان سڀني پيار ڪندڙ ٻين ليکڪ چانڊين جي ذڪر کان اڳتي وڌي دوست يار محمد چانڊيو تائين اچڻ گهران ٿو، جيڪو ڪهاڻيڪار آهي، ان جون ڪهاڻيون پڙهڻ کان اڳ مون کيس ان وقت پڙهي ورتو هو، جڏهن هن جو مون سان تنظيمي ڪم ڪار جي سلسلي ۾ ٻن سالن جو عرصو گڏ هڪ ئي سفر ۾ گذريو هو. بيحد سليقي وارو، تنظيمي نظم و ضبط ۾ رهي ايمانداريءَ سان ڪم ڪندي حساس ۽ سڄاڻ ماڻهو وارو رويو رکي ٿو. سنڌي ادبي سنگت  شڪارپور ضلعي جي رابطا سيڪريٽري جي ذميواري ملڻ کان گھڻا ڏينهن پوءِ يار محمد انتهائي حجاب ۽ معصوميت واري انداز ۾ خط لکيو هو ته ”مشتاق سائين منهنجي اندر ۾ هڪ وزن آهي، جيڪو اڄ هلڪو ڪرڻ ٿو چاهيان. ضلعي جي عهدي تي سمورن دوستن جي گڏيل رضامندي سان بيٺو هيم ۽ ان ۾ اوهان جو ساٿ به هيو، پر چاهيندي به ووٽ اوهان کي نه ڏنم، ان لاءِ مسلسل پريشان رهندو آيو آهيان ته هڪ پيار ڪندڙ ذميوار مشتاق کي ووٽ ڇو نه ڏنم.“ مون کان کل روڪجي نه سگھي ۽ مون کيس دلجاءِ ۽ تسلي ڏيندي ڄڻ ته سندس دل جي معصوم ٻار کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ”يار محمد ڇا اسان جو تعلق ووٽ جي ڪري ئي آهي؟ هي ته جمهوري عمل آهي. مخالف کي جيڪڏهن ڪو به ووٽ نه ملي ته چونڊ عمل جو مزو ڪهڙو؟ تون ڪم ڪندو رهه. منهنجو پيار ۽ سهڪار توسان هر گھڙي رهندو“.
اهو ڏينهن اڄ جو ڏينهن يار محمد پنهنجن سهڻين ڪهاڻين جي خوبصورت موضوعن جيان منهنجي من جي آڳر ۾ سدائين چمڪندڙ ستاري جيان جرڪندو رهندو آهي. مون محسوس ڪيو آهي ته هو هڪ ڪهاڻيڪار سان گڏ سچ ۽ ساڀيان جي تلاش ۾ نڪتل ڪيترن ڪهاڻين جو خود جيئرو جاڳندو ڪردار آهي. هو حساس به آهي، تکو ۽ تيز به آهي، هو رومانس جي رنگن مان ونهتل هڪ انوکو انسان به آهي ۽ ڌرتي جي پولارن مان اُسريل هڪ جوڳي به آهي“ جيڪو روڳي منڙي کي هن ٺوڳي لوڪ کان بچائيندو سماج ۾ ڪا تبديلي آڻڻ چاهي ٿو. ۽ جي ائين نه هجي ها ته سندس ڪهاڻين جا ڪردار، پيشڪش جو انداز ۽ ڪلائيميڪس آرٽ (فن) کان خالي هجي ها.
هي پنهجي اندر ۾ ڪلاسيڪيت جي هنر کان واقف اهڙو ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو نه هٿ ٺوڪيو آهي نه ڪو هن وٽ اهڙو ڏيکاءُ آهي ته هو وڏو ڪهاڻيڪار آهي. هو مسلسل لکڻ جو اهڙو مسافر آهي جيڪو شايد اندر ۾ ڀورا ڀورا ٿي وڃڻ جهڙا احسااس پاليندو هجي پر سماج ۾ ٿيندڙ اڻ برابري، بي راهه روي ۽ انياءَ خلاف پنهنجي قلم کي خوبصورت انداز م استعمال ڪرڻ جي مڪمل ڄاڻ رکڻ سان گڏ هڪ ليکڪ جي ذميواراڻي حيثيت کان اڻ واقف ناهي. مون سندس ڪتاب ”عشق جي آخري سرحد“ ۾ شامل ڪهاڻيون ور ور ڏئي پڙهيون آهن جن ۾ ”اربع خطا“ _”ديس بلوچان“ _ ”جھڳو ئي جھڻ“ _ ”درد جو ڪيڏارو“ _ ”ميري چنڊ جو غم“ _ ”نئين نويلي ڪنوار“ _ ۽ ”مان ڪجھ نه ٿي سگھيس“ خاص ڪري ڌيان ۽ دلچسپيءَ سان پڙهيون آهن. مون کي ليکڪ جي ڪا به  ڪهاڻي  اهڙي نه لڳي، جيڪا پڙهڻ کان پوءِ محسوس ڪرائي ته يار محمد ڪهاڻي سان جبر ڪيو آهي. هو ڪهاڻيءَ ۾ درد جي اهڙي ڪٿا شامل ڪرڻ جو ڏانءُ رکي ٿو، جو پڙهندڙ ڪهاڻي جي ڪلائميڪس تائين پهچڻ لاءِ مجبور ٿي وڃي ٿو ڪهاڻي جي ڪلائيميڪس تائين پهچان. اها ئي لکندڙ جي ڪاميابي آهي ته پڙهندڙ کي محسوس ڪرائي ته هي تنهنجي ئي ڪهاڻي آهي. هي ڪردار پڙهندڙ جي چوڌاري ڦرندا گھرندا رهيا آهن ۽ ها يار محمد اهڙو ئي ڪهاڻيڪار ٿي اڀريو آهي. ”اربع خطا “ ڪهاڻيءَ  جي شروعات ۾ ئي هن اهڙي ته منطر ڪشي ڪئي آهي جنهن ننڍپڻ ۾ جھار هڪلڻ وارا منظر ياد ڏياري ڇڏيا ته ”جهارِ کي هڪل ڪندي هن کانڀاڻي کي زور سان اُڇل ڏني. ڦوڙهه لڳندي جهرڪين جي ڪٽڪ ۾ ٽاهُه پئجي ويو ۽ اهي ڀڙڪو ڏئي قطار ڪري اڏامنديون وڃي ٽاپ جي پَرڀرو هڪ سائي ٻروٽي تي ويٺيون. ساڳي ئي ڪهاڻي جو جملو به حيرت ۾ وجهندڙ آهي. ”چانورن جي ماني، لَسي جو لوٽو ۽ ان ۾ مکڻ جو چاڻو ڏسندي صابو جي اڌَ ساهي جسم ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو.“ هن ڪهاڻي ۾ ٻهراڙي جو ڇا ته ماحول چٽيل آهي، توڙي جو اسان جي عمر جي ماڻهن اهي منظر ۽ ان قسم جي خوراڪ کاڌي به آهي، پر هن پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ انهن کي امر ڪندي ايندڙ نسل تائين اسان جي سادي پر صحتمند غذا کي محفوظ ڪري ورتو آهي.
مون سندس هي ۽ ڪجھ ٻيون ڪهاڻيون پڙهي سوچيو پئي ته يار محمد شاعر ڪهاڻيڪار آهي جنهن وٽ لفظن جا سوين رنگ آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تي سندس رومانٽڪ ڪهاڻيون ڪجھ جذباتي منظرن جا رنگ ڏيکارين پيون، پر ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اندر ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل ۽ وارتائن کي بيان ڪرڻ مهل لڙڪن جو وهڻ، سڏڪن جو اڀرڻ فطري عمل آهي. هتي يار محمد جي ڪيترن ئي ڪهاڻين جا حوالا ڏئي سندس ڪهاڻين جي ڪرادارن، موضوعن ۽ ٽيڪنڪ تي ڳالهائي سگھجي ٿو ۽ ان جي فني لوازمات تي ڪو ڪهاڻيڪار ئي بهتر راءِ ڏئي سگي ٿو، پر مان هڪ پڙهندڙ جي حيثيت سان ان راءِ ڏيڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نٿو ڪيان ته جيڪي ماڻهو اهو راڳ آلاپيندا رهن ٿا ته هاڻي ڪهاڻي  لکجڻ بند ٿي وئي آهي انهن کي هن دور جي هڪ نوجوان يار محمد چانڊيو جي ڪهاڻين کي وقت ڪڍي پڙهڻ کان پوءِ ئي راءِ ڏيڻ گھرجي. سنڌي ڪهاڻي اڃا به سگهاري انداز ۾ لکجي پئي.

No comments:

Post a Comment