30/07/2019

فياض ڏاهريءَ جي شعري مجموعي ”هينگ اوور“ جو مهاڳ - ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري (Dr Mubarak Lashari)


ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري

فياض ڏاهريءَ جي شعري مجموعي ”هئنگ اوور“ جو مهاڳ

1982ع ۾ زاڪ ڊيريڊا کان هڪڙي انٽرويو ڪندڙ پڇيو ته ”اوهان جي فلسفي ۾ ماءُ ڪير آهي؟“ ڇو ته زاڪ ڊيريڊا رد تشڪيل يا جديديت پڄاڻان واري فلسفي واري لاڙي جو سڀ کان منفرد ۽ انوکو فلسفي رهيو آهي، جنهن پنهنجي ساختيات پڄاڻان واري لاڙي ۾ رد تشڪيل جي ٽيڪنيڪ تحت ڳالهين، ڊسڪورس ۽ شين جو رد تشڪيل يعني خيال جا ٻيا ڪيترائي لڪل رخ پيش ڪري، سوچڻ ۽ فڪر جا انتهائي نوان ۽ اڻ ڇهيل زاويا ڏنا آهن. انهن زاوين سبب سموري دنيا جي ڊسڪورس جو محور ئي تبديل ٿي ويو آهي. ڄڻ ته روايتي طرح جيڪڏهن سج اوڀر کان اڀري رهيو هو ته بنهه گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته اهو سج اولهه، ڏکڻ يا اتر کان به اڀري سگهي ٿو. هي اُهو زاويو هو جيڪو ماڻهو صرف روايتي طرح رهي رهي ٻيو رخ ڀلجي ويا هئا ڄڻ ته انهن کي (رد تشڪيل ذريعي) نئين انداز ۾ سوچڻ جو رينائسان يعني نئين جاڳرتا ملي هجي. بيشڪ ته رد تشڪيل، پوسٽ ماڊرنزم ۽ ساختيات پڄاڻان سوچ ۽ فڪر جا هڪڙا نوان رينائيسان Renaissance  يعني نئين جاڳرتا جا پنڌ آهن.

زاڪ ڊيريڊا تمام گهري سوچ ۾ هليو ويو، ڇوته اهو هڪڙو غير معمولي سوال هو ۽ غير معمولي سوال ان ڪري به هو ان جو جواب ڏيندڙ غير معمولي انداز ۽ زاويي جو ماڻهو هو، جنهن سوال تي ڊيريڊا پڇندڙ کي ايپريشئيٽ به ڪيو ته جواب ڏيڻ لاءِ وقت به گهريائين. گهري سوچ مان ڪجهه ساهي پٽي چوڻ لڳو ته ”فلسفي ڪڏهن به ماءُ نه هوندا آهن پر پيءَ هوندا آهن ڇوته منهنجي لاءِ فلسفي هڪ مذڪر جنس آهي“. سندس جواب ڏيڻ جو انداز پڻ سوال جي رد تشڪيل ڪرڻ جو نمونو هو. سندس جواب ۾ انتهائي وڏا فڪر ۽ فلسفا لڪل آهن، ڇوته فلسفي تي حاوي فگر (خاڪو يا شڪل) هميشه جنس مذڪر يعني مغرب ۽ طاقت آهي، جنهن  کي جيڪڏهنlogocentrism  يا يورپ مرڪزيتEurocentrism  جي پسمنظر ۾ ڏسجي ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي. شايد انهي پيرايي ۾ ڪير به نه سوچي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته سمورا سوچيندڙ فيمينزم يعني عورتازاد بابت سوچين ته ڊيريڊا جو اشارو فيمنزم واري نقطي کي اڀارڻ هجي، پر سندس جواب بيٺڪي مطالعو جيڪا ايڊورڊ ڊبليو سعيد جي زاويي ۾ آهي سو به جهلڪي رهيو هو ته حڪمرانن جي تاريخ جي ڊسڪورس جو غلبو جيڪو مشل فوڪو جي زاويي ۾ آهي سو به موجود هو ته پوسٽ ماڊرنزم جيڪو ٽيري ايگلٽن، هسرل، ليوي اسٽراس ۽ خود ڊيريڊا جي زاويي ۾ آهي ۽ فيمينزم جيڪا سائمن ڊي بووا ۽ ڪيٽ چوپن جي زاويي ۾ آهي سي سمورا فڪر سندس جواب ۾ سمايل آهن. سندس رد تشڪيل چوي ٿو ته هر شيءِ متن جي اندر آهي ۽ متن کان ٻاهر ڪجهه به نه آهي(Of grammatology)  Everything is in a text and there is nothing outside it اتي ئي سمورو ڪجهه بيان ڪيل آهي ۽ اتي ئي سمورو ڪجهه لڪايل آهي. سندس انهي طريقي تحت ڪابه ڳالهه متن کان ٻاهر نه آهي. تنهنڪري ئي سوال ڪندڙ سدائين ذاتي زندگي جي انوکن اسرارن بابت سوال ڪري کائنس اهم ڳالهين جو رد تشڪيل سمجهڻ پئي چاهيو. سندس رد تشڪيل موجب ٻولي هڪ لغت وانگر آهي جتي هڪ لفظ جي معنيٰ ڏسڻ لاءِ ٻئي لفظ جو سهارو وٺڻو پوندو آهي ۽ انهي لفظ لاءِ وري ڪو ٻيو لفظ... ايستائين جو اها سرڪل ڦري وري ساڳئي لفظ تي اچي بيهندي آهي.
انهي سرڪل يا ٻولي کي سميٽڻ لاءِ آف گرامٽالوجي ۾ ڊيريڊا هڪ اصطلاح Differance يعني افتراق يعني نظريه افتراقيت (پڙهو گوپي چند نارنگ جو ساختيات ۽ پس ساختيات) جو استعمال ڪيو جيڪو Difference يعني ”مختلف“ وارو اصطلاح نه پر ان کان بلڪل الڳ اصطلاح آهي. ٻنهي لفظن جي انگريزي هِجي ڏسجي ته خبر پوندي ته R  کان پوءِ افتراق ۾ a آيل آهي جڏهن ته هيٺين اصطلاح يعني فرق واري لفظ ۾ e حرف استعمال ٿيل آهي، سڄو فرق انهي هڪڙي اکر سبب آهي جيڪو رد تشڪيل کي منفرد بڻائي ٿو. اهو ڊفرانس ظاهر ڪري ٿو ته ٻولي هڪڙي لڙهي ۾ پوئيل مالها وانگر آهي، پر ان ۾ مڻڪا لامحدود معنائون يا شڪيلون رکن ٿا. جيئن موناليزا جي مرڪ الڳ الڳ زاين کان الڳ ڪيفيتون ظاهر ڪري ٿي، تيئن ٻولي ٻين زاوين کان ٻيون صورتون ظاهر ڪري ٿي. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته پڙهڻ ۽ تجزيي جي انهي حڪمت عملي کي پوسٽ ماڊرنزم يا ساختيات پڄاڻان ٻولي جي کيڏ Language Play ۽ ٻولي جي پئروڊي Parody جو نالو ڏيئي ڪيترائي پيراڊاڪس Paradox پيدا ڪري ٿي. انهي پيراڊاڪس کي سمجهڻ لاءِ اسان کي وري ڊيريڊا جهڙن مفڪرن ڏانهن رجوع ڪرڻو ٿو پوي. انهي ڳالهه جي مثالن کي ادب يا شاعري ۾ سمجهڻ لاءِ اسان کي فياض ڏاهري جهڙن يگانن شاعرن کي پڙهڻو ۽ پرکڻو پوندو، جيڪي ٻولي جي انهي کيڏ ۾ ڪيترائي پيراڊاڪس کڻي ڊفرانس جو مظاهرو ڪن ٿا. جيڪو هن لکڻي جو موضوع آهي.
آخر ڊيريڊا کي اهو چوڻو پيو ته ”ماءُ فلسفي جي لاءِ رد تشڪيل پڄاڻان Post-Deconstruction جو انتظار ڪرڻو پوندو جنهن ۾ منهنجون پوٽيون ۽ ڏهٽيون ٿي سگهن ٿيون جيڪي رد تشڪيل کي توثيق ڏينديون. اهي عورتون جيڪي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ سوچينديون، تڏهن ڪا فلسفي منهنجي ماءُ ٿيندي. جيڪا هن وقت تائين نه آهي. ڇوته مون وٽ فلسفي جو فگر پيءَ وارو آهي“. هتي ڪابه ڳالهه اڻ ٿيڻي يا مافوق الفطرت نه آهي پر سوچڻ جو هڪڙو زايو آهي. ٻي طرف ساڳيا سوال ڪيترن ئي مفڪرن کان پهرين به ڪيترائي دفعا پڇيا ويا هوندا ۽ ڪيترائي منفرد جواب آيا هوندا. پر هر دور جي فڪر جو پنهنجو رستو ۽ دور جون پنهنجون هڪڙيون گهرجون ٿينديون آهن جن کي ڪونه ڪو ماڻهو پنهنجي ورسٽائيل فن ۽ تخيل جي ذريعي پوريون ڪندو آهي.
ارتقاءَ جو ڏاڪو ترقي به تڏهن ڪندو آهي جڏهن دور جي نزاڪتن پٽاندڙ مفڪر ۽ قوي اچي گهرجن کي پورائو جو پاڻي ڏيندا آهن، پنهنجو رت ست کپائيندا آهن، سوچ لاءِ مِک ولوڙيندا آهن ته تڏهن وڃي هي بيحرم ڏاڪو چُرندو ۽ اڳتي وڌندو آهي ان سڀ لاءِ چارلس ڊارون جي ارتقاءَ واري نظريي Survival of fittest جي توقعات سان سلهاڙجڻ به ضروري هوندو آهي. دور ۽ وقت جي انهن ڏنگڙاين ۽ انگڙاين جي پورائو لاءِ هر دور ۾ انوکا سوچيندڙ ذهن ۽ قوي پيدا ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي ماضي جي ڪلاسيڪيت، روايتن، تهذيبي ۽ تمدني ويليوز کي ساڻ کڻي دور سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجي Being کي Becoming ڪري ڏيکاريندا آهن ته هن ڌرتي ۽ ٻولي ۾ هي سوچ، فڪر ۽ فلسفو پڻ هيئن موجود آهي ۽ پنهنجي حيثيت توڻي شناخت بچائي سگهجي ٿو. اهڙو اظهار فياض ڏاهري جي نظم ”زيوس ديوتا“ ۾ شدت سان ياد اچي ويو ۽ وڏي هڪجهڙائي محسوس ٿي. جيستائين سندس ڪتاب ”هئنگ اوور“ جي مهاڳ لاءِ ٻي ترتيب يا متن ڏي هلجي، ايستائين سندس نظم مان حظ وٺجي ته هلندڙ وچور کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي؛
عڪس هر هڪ جي الڳ تاريخ آهي
۽ سندن پيڙا به پنهنجي، درد پنهنجو،
غم خوشيءَ جا گيت ڳائيندڙ فهم ۽ فڪر پنهنجو،
فرد پنهنجو
هر تصور جي اڳيان تصوير آهه
۽ پٺيان آهي مصور ڪائناتي گئلري ۾......
عڪس جي تجزيي جي علم لاءِ اسان کي نشانين جي علم يعني  Semiotics ڏانهن واجهائڻو پوندو جيڪو انوکو علم ۽ تجزياتي فن هجڻ سان گڏ ساختياتي فلسفي جي بنيادي ڏاڪڻ آهي. في الحال انهي بحث کان هٽي مٿين ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي ته هر دور ۾ پنهنجا پيراميٽر يا فياض ڏاهري چواڻي عڪس آهن، انهن عڪسن جي پنهنجي تاريخ آهي ۽ ڪا به تاريخ  پيڙا، درد، غم، خوشي، فهم ۽ فڪر کان سواءِ نه جڙندي آهي. وري اهي سمورا لقاءُ انساني وجود کان سواءِ بي معنيٰ آهن يعني پيڙا، درد، غم، خوشي، فهم ۽ فڪر صرف انسانن سان ئي سلهاڙيل آهن نه ته پٿرن، يا ميدانن ۾ اهي بي معنيٰ آهن. اڃا اڳين تهه خاني ۾ وڃي ڏسجي ته اهي ڀوڳنائون سهڻ کان پوءِ ئي قومون زندهه رهي پنهنجي وجود ۽ شناخت بچائي سگهن ٿيون. مثال طور ڪا اهڙي قوم آهي دنيا جي تاريخ ۾، جيڪا قوم انهن ڀوڳنائن کان سواءِ زندهه رهي هجي؟ يا اهڙي ڪا قوم جيڪا اڄ زنده آهي سا انهن ڀوڳنائن کان بچي هتي پهتي هجي؟ دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا مثال ورلي هوندا. هي صرف اکرن جو ڊسڪورس يا لفظن جي جنگ بجاءِ انساني تجربو آهي، جيڪو ادبي ۽ ثقافتي پهراڻ ۾ اسان آڏو پيو جهلڪندو آهي. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن ان جي تصوير ڪڍي سامهون رکجي ته شايد هيانءُ ڏري پوي ۽ ڀيانڪ تاريخ کي وري ڏسڻ به گوارا نه ڪجي. پر جي ادب ۽ ثقافت ۾ اهي ڀوڳنائون بيان نه ٿيل هجن ته انساني تجربي جي تاريخ ڪڏهن به واضح نه ٿئي، نڪي انسان ذات پنهنجي گذريل ڏاڪي جي نسبت موجوده ڏاڪي ۾ ڪا ترقي ڪري سگهي. فياض ڏاهري جي هن نظم جي پسمنظر ۾ اسان سيميوٽڪس جي حوالي سان عڪسن مان تاريخ، تاريخ ۾ ڀوڳنائن، ڀوڳنائن ۾ انساني ارتقاءَ تي جنهن آساني سان پهتا آهيون، اها ڳالهه يعني ارتقاءَ توڻي انساني سفر ايترو آسان نه آهي، نڪي اهو سمورو تجزيو ايترو آساني سان اڄوڪي دور تائين پهتو آهي پر ان لاءِ هڪڙن عملن ۽ انهن جي رد عملن مان به گذرڻو پيو آهي. انهن جي مثالن لاءِ به اسان کي هروڀرو فياض جي ساڳئي نظم کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه پوندي جو هو ان سموري پيڙا جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو:
ساريون تصويرون کڻن ٿيون آڱريون،
ڀيڙ ۾ چهرا سڃاڻن پنهنجي سرجڻهار جا،
ڪائناتي گئلري ۾ ڪيئي تصويرون،
تصور ۽ مصور ڪيترا،
آڱريون پنهنجي ڏندن ۾ ڏئي چٻاڙڻ ٿا لڳن...
انساني ارتقاءَ خود حيران آهي ته ڪٿان کان ڪيئن هن جُڳ تائين پهتي آهي، جتي ڇا ڇا ممڪن نه آهي؟ جتي جو انسان، صرف انسان نه آهي پر سڀ ڪجهه آهي. سموري مشينري سندن اندر سمايل آهي جنهن تي خود مصور حيران آهي ته هي سڀ ڪيئن خلقجي ويو آهي؟ نتيجي ۾ تصور ۽ مصور ٻيئي ڏندن ۾ آڱريون ڏيئي چٻاڙڻ ٿا لڳن. اهو تاريخ ۾ الفريڊ نوبل جي ڊائنامائيٽ جي ايجاد کان ويندي روس جي ڪلاشنڪوف جي ايجاد تائين ۽ سيموئيل بيڪيٽ جي ويٽنگ فار گوڊو تائين جا تخليقڪار خود حيران رهيا آهن ته اهو سمورو ڪيئن ٿيو آهي. پر انهن جي اندر ۾ منفي زيوس ديوتا نه هو نه منجهن ”انا“ جو اهو اناڙي وجود Philistine ويٺو هو جيڪو فياض چواڻي:
رنگ سڀ بي رنگ ڪوٺي
سوچ کي تالا هڻي
عقل تي چٿرون ڪري
برش سڀ ساڙي ڇڏي...
............
پنهنجي ئي پاڳل پڻي ۾
پل اجهي ٿو پل جلي ٿو
روز پنهنجي ٻوٿ تي دانگي ملي ٿو.
هي انا جي اها هوڏي فطرت آهي جنهن ارتقاءَ کي زنجيرون پئي وڌيون آهن ۽ فطرتي توازن واري ڦيٿي کي پئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر فياض انهي منفي انا جي لاڙي ۽ سوچ کي انتهائي تز ائنٽي ڪلائميڪس ۾ آڻي ٿو ته ايئن ڪرڻ سان هو (انا جو ديوتا) پنهنجي ٻوٿ تي دانگي ملي ٿو. فياض جي نظم زيوس ديوتا جي روشني ۾ اسين سميوٽيڪس جو اطلاق ته پروڙيوسين پر دنيا جي هر دور جي پنهنجي پنهنجي عڪس به ڏٺي سين ته ساڳئي وقت نظم ذريعي ڪائنات ۾ موجود ڪوجهاين جي رد تشڪيل جا بنهه طاقتور اولڙا پڻ ڏٺا سين، جيڪي زاڪ ڊيريڊا پنهنجي ساختيات پڄاڻان واري مطالعي ۾ پيش ڪري سوچ جا نوان زاويا ڏنا. ساڳئي پسمنظر ۾ فياض جي ڪتاب ۾ هڪ خوبصورت نظم ”اوجاڳو“ آهي جيڪو ڄڻ ته صدين جو اوجاڳو بطور هڪ ارتقاءَ آهي، بطور هڪ وقت آهي، پيڙا آهي. اهو اوجاڳو ديس واسي دراوڙ آهي جيڪو هر دور ۾ پنهنجي وقت ۽ ظالم سان وڙهيو آهي. سندس نظم جي شروعات ڏسو؛
ندي ڪناري ڇانو ڄمونءَ جي
ٽڪريءَ جي دامن ۾ دريا
ساري وادي سونهن_نگر آ
هي اهو ديس واسي دراوڙ آهي جيڪو پنهنجي جاڳ جي آدرش ۾ ديس جو نقشو چٽي ٿو پر هو ان ديس ۾ ڇا آهي؟ سندس حيثيت ڪهڙي آهي؟ اهو اهم سوال آهي. ڇوته سنڌ واسي سدائين ديس جي دنگن جي حفاظت جي ويڙهاند ۾ وقت گذاريو آهي. سندن شناخت سپاهي واري آهي هو وردي نه هوندي به سدائين ثقافتي، ٻولي، تهذيب، رواداري ۽ امن جي وردي ۾ رهندڙ سپاهي آهي. سندن ويڙهه جو نقشو هيئن چٽيل آهي؛
پار نديءَ جي هل هلاچو
ويري لشڪر ڪاهي آيو
ماڻهن ڇرڪي دانهن ڪئي آ
گهوڙا گهوڙا راجا راجا
مان به اٿان ٿو
پنهنجن ساٿين ساڻ ڊڪان ٿو
تلوارن جي جنگ لتاڙي
وار ڪيان ٿو
وار سهان ٿو
عضوو عضوو رت رتوڙيو
ننڊ وڪوڙيو
ڌرتي ڪيڏا سڏ ڪري ٿي
 ننڊ ڦٽي ٿي
.......

ڌرتي ڪيڏي مٽجي وئي آ
ليڪن سڏ ته ساڳيو آهي
ڪيڏا جڳ ستو آهيان پر
اکڙين کي اوجاڳو آهي.
سندس سمهڻ باوجود به اوجاڳي جو پيراڊاڪس انتهائي معنيٰ خيز آهي ته سمهڻ اصل ۾ ننڊ نه آهي پر جدوجهد آهي. جنهن جو تت اوجاڳو آهي. يعني سمهڻ ايترو جو زنده رهي سگهجي ۽ جاڳڻ معنيٰ وجود جي جنگ وڙهڻ. جيئن ته سنڌ واسي يا تمدني انسانيت سدائين انهي اوجاڳي مان گذري هت پهتي آهي، جيتوڻيڪ سموري ڌرتي يا دنيا جو گولو مٽجي ويو آهي پر بيٺڪيت، يلغار، استحصال ۽ حاڪميت وارو چيلينج ته ساڳيو آهي ته انسان ڪيئن نه اوجاڳو ڪندو؟ تنهنڪري سندن نظم ”اوجاڳو“ صرف ننڊ ڦٽل هجڻ وارو اوجاڳو نه آهي پر ارتقاءَ انسانيت ۽ حق سچ آهي. هي ته سمورو وقت آهي، پيڙا آهي ۽ ”سروم دکم دکم“ آهي.
فياض ڏاهري جو هي ڪتاب ”هئنگ اوور“ نظمن جو اهو گلدستو جيڪو پاڻ ۾ سنڌي نظم جي حوالي سان هڪ ارتقائي ڪائنات رکي ٿو. جنهن ۾ انساني احساس ته ٽمٽار آهن ئي پر جديد حسيت، جديديت، جديديت پڄاڻان (ماڊرنزم، پوسٽ ماڊرنزم) ڪلاسيڪيت، رومانويت، روايتن ۾ غير روايت پسندي، بغاوت، انقلاب، قوم پرستي، انسان پرستي کان ويندي ذاتي پيڙا جي پڻ جديد تاريخ رکي ٿو. متن جي حوالي سان اهڙي ڪهڪشان سان ٽٻ هوندي به وٽس فني اڻت ۽ ٻولي جو سڀاءُ پڻ بنهه شاندار آهي جنهن ۾ وزن و بحر کان ويندي ٻولي جي خوبين ۾ تجنيس حرفي، ترنم، رواني، اڻ ڇهيل محاورا، عڪس ۽ ناپيد ٿيل لفظن جو استعمال پڻ ججهي تعداد ۾ سندس خوبصورت ترين تخليقن جو ساکي آهي. انهن سمورن نه سهي پر ڪجهه اهم ڳالهين جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ جو پوري ڪوشش ڪبي خاص ڪري متن جي حوالي سان جيڪا فڪر منجهن سمايل آهي تن ۾ شاعري مُکي طرح هنن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿي. جهڙوڪ سندس نظمن ۾ جديد حسيت ۽ پوسٽ ماڊرن مظهريا لقاءُ Modern Sensibility and Postmodern Phenomena and Conditions، ان بعد ڪلاسيڪي روايتون، جديد ۽ انوکا مشاهداتي نظم، مزاحمت، داخلي پيڙا، سهيوڳي دور جي درد جي عڪاسي ۽ رومانويت پسندي جا عنصر ڪافي آهن. انهن نظمن جي تجزين جي اندر ئي ٻولي جي خوبصورتين، تشبيهن ۽ اصطلاحن جي سموئڻ جي ڪوشش ڪبي پر وري به مک محور سندن فڪر ۽ متن ئي هوندو ڇوته فياض جي شاعري گهڻ رخي هئڻ ڪري ڪيترن ئي حوالن سان تجزيي ۽ تشريح ۾ اچي سگهي ٿي ۽ ڪيترائي زاويه ڪپڙي جي ٿان جي تاڪين جيان کلندا ويندا جيڪو فطري عمل آهي.
”هئنگ اوور“ انگريزي جو محاورو Phrasal verb آهي پر هن ڪتاب ۾ اهو نالو بطور اسم يا صفت جي صيغي ۾ رکيل آهي پر هيٺين تشريح کي فعل جي صيغي ۾ پڻ پڙهي سگهجي ٿو. جنهن جي پهرين معنيٰ ته ”ڪنهن اڻ وڻندڙ صورتحال\ ياد يا خوف ۾ رهڻ“ آهي ته ڪو ماڻهو پنهنجي ماضي جي يادن ۾ گم يا کويل رهيو آهي، ڄڻ ته:
ياد  ماضي  عذاب  هي  يا  رب،
ڇين لي مجهه سـي حافظه ميرا!
يعني اهڙي صورتحال ۾ رهڻ ئي هئنگ اوور آهي پر فياض وٽ هروڀرو اهو پڇتاءُ هجڻ بجاءِ ويتر ان سان مزاحمت آهي هڪ هٿيار آهي ۽ آپٽيمزم آهي. پر ان جي ٻي معنيٰ جيڪا آڪسفورڊ ڊڪشنري ٻڌائي ٿي ته ”unpleasant physical symptoms experienced after drinking too much alcohol “ يعني تمام گهڻي الڪوحل پيئڻ ڪري اڻ وڻندڙ جسماني علامتن جي ظاهر ٿيڻ واري تجربي مان گذرڻ هئنگ اوور آهي. هئنگ اوور جي ٽين ۽ گهڻو ڪري هن ڪتاب جي نالي سان مشابهت رکندڙ معنيٰ هن ريت آهي ته “a practice, tradition etc. that remains after everything associated with it has been changed or lost” يعني  ڪنهن شيءِ سان لاڳاپيل هر ٻي شيءِ جي تبديل ٿي وڃڻ يا وڃائجڻ کان پوءِ جي عمل يا روايت کي هئنگ اوور چئبو آهي. مطلب ته ڪنهن ماڻهو سان تعلق رکندڙ هر شيءِ مڪمل طور تي تبديل ٿي وڃي يا وڃائجي وڃي، ان کان پوءِ سندن جيڪو عمل يا عادت ظاهر ٿئي ان کي هئنگ اوور چئبو آهي. الئه ڇو مون کي ان ڏس ۾ ”جيئي ڀٽو“ جي نعري جي روايت يا ڪلچر ياد اچي رهيو آهي ته نه اهو ڀٽو رهيو آهي نه اهو ”جيئي“ رهيو آهي ته هي سموري ماجرا جو ڇا مطلب جو سموري سنڌ پيئي لوڙي ۽ امير سنڌ جو عوام گند جي ڍير تي اڇلايل ڪچري واري ماني پئي کائي؟ يا جيئن اسان جي انتهائي سهڻي شاعر وفا ناٿن شاهي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو 88ع ۾ پاڪستان واپس آئي هئي ته شعر لکيو هئائين ته ”فيصلو ضمير جو، ووٽ بينظير جو“. اڄ انهي ضمير جي فيصلي جي سنڌ واسين کي ڪيتري قيمت چڪائڻي پئي آهي جو، نه اها بينظير رهي آهي نه شهيد ڀٽي ۽ شهيد راڻي واري پ پ پ رهي آهي، ته ڇا اڃا به ووٽ ساڳيو؟ اهوئي ته هئنگ اوور آهي جو ان سان سلهاڙيل هر شيءِ ختم ٿي وئي آهي پر هي جسماني (يعني سياسي، سماجي، تعليمي، معاشي) اپاهج  بڻايل سنڌ جي عوام ان ”نعري“ يعني هئنگ اوور تي لٽڪيل آهي، جو کيس بنا ڪنهن الڪوحل پيئڻ جي ايئن بڻجي وئي آهي. فياض ڏاهري جو هئنگ اوور وارو نظم به هيئن آهي ته:
حواسن تي پلاڻي بار ڪيڏو ٿي حياتي،
تصور ٿا بنا ترتيب جي ڊوڙن،
عجب هي انتشار آهي
ڪٻاڙيءِ جي ڪٻاڙي جيئن نظر ۾ نظريا آهن.
ظاهر آهي ته اهڙي حالت ۾ حواسن تي ڀاڙي زندگي بار ئي ٿيندي آهي، جو حواس به ڪيترو ڪنهن کي سهيڙيندا. هي ته تحت الشعور يا لاشعور آهي جيڪو خودڪار مشينن جيان کائڻ، پيئڻ، جيئڻ، ڄمڻ، ٻار ڄڻڻ، سمهڻ، اٿڻ جو ڪم پيا ڪن، نه ته اهي شيون حواسن سان سر انجام ڏئي ڏئي انسان ٿڪجي پوندو آهي. جيڪڏهن انسان شعوري طور يعني حواسن تي ڀاڙي هلي ته شايد چند قدم کان وڌيڪ هلي نه سگهي. حواسن تي ڀاڙي ڳالهائي ته چند جملا، چند ڏينهن يا چند سال به درست نه ڳالهائي سگهي، ڇاڪاڻ ته شعوري ترتيب ڏاڍو مشڪل مرحلو آهي. ڇو ته انسان جا گهڻا عمل تحت الشعور يا لاشعور جي خزاني جو نتيجو آهي. تنهنڪري سمورا نظريا ڪٻاڙيءَ جي ڪٻاڙ جيان پيا هوندا آهن. نظم جي ابتدائي سٽن ۾ شعور جو وهڪرو يعني Stream of Consciousness  ته آهي ئي پر اهو به هئنگ اوور جو نتيجو آهي. اوهان ڪنهن کي دارُو ڏوڪايو پوءِ ويهي سندن بي ترتيبي ڏسو. جيتوڻيڪ حواسن تي پلاڻي زندگي جي بار ٿيڻ جو تصور تجربيت پسندن Empiricist فلسفين لاءِ ناقابل قبول آهي، ڇوته انهن مطابق ته علم جو مکيه ذريعو Source of Knowledge سندن علم العلم Epistemology موجب انساني حواس ئي آهن، جنهن سان انسان ٻيو علم حاصل ڪري سگهي ٿو يعني پنهنجي حواسن جي تجربي مان ڪنهن علم کي ثابت ڪري ٿو. ٻي صورت ۾ اهو علم مافوق الفطرت آهي، جيڪو انساني حواسن ذريعي ثابت نه ڪري سگهجي. اهو بحث پنهنجي جاءِ تي پر شاعراڻو تخيل ٻڌائي ٿو ته انساني حواس تي ڀاڙي انسان ڪيڏو ڀوڳيو آهي يا ڀوڳي ٿو يعني ”الا! ڏاهي م ٿيان“ واري صورتحال آهي جيڪا اڳتي هلي هي صورت وٺي ٿي ته:
سجايل هن مفڪر ذهن سارا فڪر کان آجا
عقيدن جي نمائش ۾
ڳنڍي پنهنجي ئي پر ۾ جن رکيا پنهنجا تصور
علم جي هر کير ڌارا سان
ڏڪر آ ڄاڻ جو ڪيڏو
سموري سوچ ٿي جهولي حوالن جي هندوري ۾
زبانن لئه نه ڪو مڪتب نه ڪو ممبر ضروري آ
صدين جي باشعوريءَ تي مڙهي وئي بي شعوري آ
.........
عجب هي انتشار آهي
نه پٿر آهي
نه ئي ڪو روڄ راڙي ۾ ٻڏل گهر آ
لڳي ٿو هئنگ اوور آ
اهوئي هئنگ اوور آ.
يعني انهن حواسن تي رڳو علم جو ڌاڪو ته آهي پر ڄاڻ جو ڏڪر آهي (اها درجا بندي امريڪي تعليمدان ۽ نفسياتدان بينجمن بلوم بجاءِ پائلو فريري واري آهي) ۽ بي شعوري مڙهيل آهي جنهن سبب سمورا ويليوز وڃايل آهن. تنهن هوندي به کين ڪو احساس نه آهي تنهنڪري اها سموري صورتحال هئنگ اوور آهي. جيڪا ”جيئي ڀٽو“ به آهي ته ”فيصلو ضمير جو به آهي“. پر اڄ نه اهو ضمير آهي نه ئي ان ضمير جي فيصلي جو ڪو احساس آهي. اها صورتحال صرف سنڌ نه پر سموري دنيا جي صورتحال آهي جيڪا پوسٽ ماڊرن صورتحال چئي ٿي ته لاس يعني نقصان تي پڇتائڻ بجاءِ ان کي سيليبريٽ ڪريو ۽ ان مان لطف حاصل ڪريو. فياض جو هي نظمن جو ڪتاب ”هئنگ اوور“ ئي ان ڪري آهي جو اها پوسٽ ماڊرن سيليبريشن Celebration آهي ۽ انهي صورتحال کي بهترين نموني سان اظهاري ٿو.
”هئنگ اوور“ ۾ جديد دور جي جديد تقاضائن تحت عالمي وايو منڊل ۽ ٽيڪنالوجي واري عڪس بندي جي پيرايي ۾ سندس نظمن ۾ ”ڊيجيٽل گيم Digital Game“، ڊيجيٽل جنريشن Digital Generation “، ”شيشا بند شهر“، ”ڊرنڪن برال Drunken Brawl “، ”ڊيجيٽل دور جا ٻار“، ”هڪ ٻيو اولهه“، ”رات مهل“ وغيره ڳڻائي سگهجن ٿا، جيڪي پنهنجي بلند تخيل ۽ تيز مشاهدي سان استوار ٿيل نظم آهن ئي پر منجهن جديد حسيت Modern Sensibility پڻ موجود آهي. مثال طور سندس نظم ”شيشا بند شهر“ ۾ جديد حسيت جي حوالي سان بلبن جو ڀونڊا ڏيڻ ۽ ٽي وي جي اوناڙ ڪرڻ، جهڙوڪ:
بلب ڀونڊا ٿا ڏين
پل اپل اوناڙ ٿي ٽي وي ڪري
..........
سوچ جي ساون وڻن ۾
روز واهيرا جلن ٿا
خواب سارا ايش ٽري ۾ ڇار هيٺان ٿيا دفن
ڪيئن پهرايان دليلن کي چريائيءَ جو ڪفن......
.........
جسم شيشي جي شهر ۾ قيد آ
واءُ سان اڏري ويو وجدان آ.
بلبن جو ڀونڊا ڏيڻ هڪ پوسٽ ماڊرن Satire آهي ته ساڳئي وقت ٽي وي جي اوناڙ پٺتي پيل ماڻهن ۽ قومن لاءِ هڪڙي اوناڙ آهي جيڪا هڪ طنز يعني سٽاير پڻ آهي ته ٽين دنيا وارا رڳو ڪنزيومر آهن هن گلوبل مارڪيٽ جا جتي جون عادتون اشتهارن جون غلام آهن. جن وٽ پنهنجا خواب ردي يعني ايش ٽري جي هيٺان دفنايل آهن ۽ اهي مغربي ايجادن جا عادي قيدي آهن. تنهنڪري سندن جسم شيشي جي شهر يعني LCD, LED, Smart Screen ۾ قيد آهي جتي وجدان جي اچڻ جو سوال ئي نه آهي. ڇا هي ايڏو سارو وجداني ڪيفيت جو نقصان گهٽ آهي؟
ساڳئي طرح سان ”ڊجيٽل دور جا ٻار“ ۾ پوسٽ ماڊرن حالتن سان گڏوگڏ جديد حسيت ڀرپور طرح سان پئي جهلڪي، جنهن ۾ هر ٻار جي اوليت پنهنجي ۽ منفرد آهي. جتي انسان پنهنجي ارتقائي سڃاڻپ ۽ اصلي گهرجائن بجاءِ ايجادن جي ضرورتن جي ور چڙهي مارڪيٽ جي شين جي واپرائڻ واري ڪِل بڻجي ويو آهي جهڙوڪ:
”سرمد“ کي کپي ٿي، ٻي ڀيڻ پشم جِي
”ليزا“ ٿي چوي؛
ٻيو ڀاءُ هجي ها، اڀ_نير اکين سان،
هر وقت لڳي جئن آڪاش جيان گهر
ليزا جي مما ٿِي، حيرت جو سمندر؛
معصوم سڌُن جي پرواز ڪٿي آ!
ٿا چنڊ نه چاهن نئين ”ايج“ جا ٻچڙا...
سندس نظم پڙهي لاشعوري طور تي ڪلوننگ Cloning واري سائنس ڏانهن ڌيان ڇڪجي وڃي ٿو ته ڪلوننگ ڪيئن نه جديد جنريشن يعني ڊجيٽل دور جي ٻارن ۾ ڊجيٽل گهرجون پيدا ڪيون آهن، جيڪي پنهنجي پسند جي چمڙي Skin ۽ پنهنجي خواهش جا اڀ_نير اکين وارا رشتا پيا ڳولين. جيڪي صرف ڪلوننگ واري سائنس ۾ ئي ممڪن آهي. پر في الحال ته ڪلوننگ واري سائنس تي عالمي پابندي آهي. جيتوڻيڪ اهي خواهشون اسڪينڊنيوين ملڪن Scandinavian Countries جي مائرن ۾ هونديون آهن، جنهن ۾ سوئيڊن، ناروي، ڊينمارڪ، فنلئنڊ، آئس لئنڊ وغيره شامل آهن پر ٿئنڪس ٽو انٽرنيٽ رابطن جي، اسان جي ڊجيٽل جنريشن وٽ پڻ ”ٽيبليٽ“ آهن،  جنهن ۾ اهي ٻار ڪارون پيا ڊڪائن، ڊرائنگ واري پنن تي صوف يا نارنگين ۾ رنگ ڀرڻ بجاءِ ”پيزا“ ۾ رنگ پيا ڀرين. نيرن ۾ مکڻ جي جاءِ تي ”ميگي“ پيا کائين. ٻارڙن جي گيت يا ڪهاڻين جي جاءِ تي ”هيڊ فون“ جا کوپا لڳائي ”پيٽي شڪلا“ جا سانگ پيا ٻڌن. تنهنڪري جديد حسيت ۽ پوسٽ ماڊرن قدرن ٻارن کي جلدي بلوغت تائين پهچايو آهي ۽ اهي هاڻي ٻار ڪٿي رهيا آهن؟ اها حسيت ۽ پوسٽ ماڊرن صورتحال جي تصوير ڪشي فياض ڏاهري جي شاعري جو انوکو مثال آهي. نه صرف اها حسيت پر جديد مارڪيٽ به اتي موجود آهي جتي عالمي منڊي پاران ايجادن کي ضرورت جي ماءٌ بڻائي پيش ڪيو ويو آهي
نه صرف ٻار، ٻار نه رهيا آهن پر اسان جي ڊجيٽل دور جو ميچوئر ماڻهو پڻ هاڻي مين روڊن تي مرڪيوري لائٽنگ جي ٿنڀي تي پنهنجون اکيون چنبڙائي ويهي رهيو آهي. سندس نظم ”رات مهل“ پڙهي ڏسجي ته محسوس ٿيندو ته انهي اکٻوٽ جو شڪار هر عمر جو ماڻهو آهي. يعني گلوبلائيزيشن جي جادوءَ کان ڪير به پاڻ بچائي نه سگهيو آهي. شاهه صاحب چواڻي:
مون کـي مون پريـن، ٻـڌي وڌو ٻار ۾،
اڀا ايئن چون، ته متان پاند پسائين!
اهڙي طرح جڏهن اسين سڀ ڪنهن به سرحدن جي بائونڊريز کان سواءِ ڪنهن به عمر جي فرق بنا ۽ ڪنهن به مسلڪ کان سواءِ انهي عالمي ٽيڪنالوجي کان بچي نه سگهيا آهيون ڇاڪاڻ ته اسان جا ڪيترائي وهنوار ڄڻ ته ليپ ٽاپ، ايل سي ڊي، ڪمپيوٽر، واءِ فاءِ، انٽرنيٽ وغيره کان سواءِ اڌورا آهن ۽ انهن کان پري رهندڙ ڄڻ ته پٺتي پيل انسان سڏجي ٿو.  انهي حوالي سان فياض جي نظم جي هي منظرڪشيءَ ڏسو:
رات مهل
آسمان ۾
ستارا ڏسي نه سگهندو آهيان
مون پنهنجي اکين جو اسٽيڪر
مين روڊ تي
مرڪيوري لائٽنگ جي
ٿنڀي تي چنبڙائي ڇڏيو آهي.
اهو صرف رات جو ئي سمورو وقت ئي اسان جون اکيون مرڪيوري اسڪرين تي اسٽيڪر جيان چنبڙايل  نه آهن پر اهو بيشڪ فيس بوڪ يا ٻيو ڪو سوشل ميڊيا هجي يا نيوز چينلس هجن سمورو وقت ئي ته اسان جو آسمان کان هٽيل غير فطري گهرجن جي سرگرداني ۾ گذري ٿو. ڄڻ ته سمورو دور هڪ گيم هجي يعني ”ڊجيٽل گيم“ وارو پوسٽ ماڊرن لقاءُ هجي. جنهن ۾ صرف اکيون نه پر اسان جا ذهن به هڪ انارڪي جي ور چڙهيل آهن. فياض ڏاهري پنهنجي شاهڪار نظم ”ڊجيٽل گيم“ ۾ اهو نقشو هيئن چٽي ٿو:
ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا
پنهنجي پنهنجي فڪر جي راهن مٿان
سوچ جا سڀ سوار گهوڙن کي تڙن ٿا
حافظي جي  ريس ڪورس ۾ وڏي ڇڪتاڻ آهي...
ريس ڪورس وارو ميدان جديد دور ۾ هڪ علامت آهي جيڪو معاشي ۽ ٽيڪنالوجيڪل ريس ڪورس آهي جتي پوري دنيا جا سامراجي حڪمران ۽ سندن طاقتون انهي ڇڪتاڻ ۾ مصروف آهن. اهو ريس ڪورس صرف پاڪستاني ڪرڪيٽر ۽ مذهبي بڻيل انضمام الحق جو ڪراچي ۾ ملير وارو ريس ڪورس نه آهي پر ملڪ جي حڪمران ٻن وڏين پارٽين جي حڪمراني به ريس ڪورس آهي ته بيوروڪريسي به هڪ ريس ڪورس آهي. دنيا جي انهي ڇڪتاڻ پٺيان ته هاڻي وڪي ليڪس ۽ پاناما ليڪس واري ڇڪتاڻ به شروع ٿي وئي آهي، جيڪا ڄڻ ته هڪ ٻي سرد جنگ آهي. سمورو نظم ويندي نظم جي ڪلائميڪس ۽ ائنٽي ڪلائميڪس تائين هڪ اجهل اظهار جي قوت آهي، جيڪا انسان جي اندر مائڪروڪوزم کان ويندي عالمي منڊي واري ڇڪتاڻ ۽ حاڪم ۽ محڪوم جي گيم کان ويندي سپر پاور واري طاقت يا گلوبلائيزيشن واري ريس ڪورس واري ڊجيٽل گيم پئي کيڏي وڃي. انهي ئي ڏس ۾ سندس نظم ”ڊجيٽل جنريشن“ به آهي جيڪا ڄڻ ته ”ڊجيٽل دور جا ٻار“ جي تسلسل آهي. جنهن ۾ جديد دور جي ٻارن جي اوليتن کان اڳتي وڌي انٽرنيٽ جي ٽيڪنالوجي سان زندگي جي حقيقي ڪاروهنوار کي ماپيو ويو آهي ته هي جنريشن جيڪا پوسٽ ماڊرن جدت واري آهي سا ڪيتري اسان کي پٺتي ڌڪي وئي آهي. سندس نظم جون سٽون پڙهو:
ڊجيٽل جنريشن
ايڪيهين صديءَ جي
ڊجيٽل جنريشن
انساني تاريخ جي
پوسٽ ماڊرنسٽ جدت آهي
فور جي 4G)  (لائيف اسٽائيل واري ڪلچر جو حصو
اسان جا ٻار
اسان جي سمجهه کان
سندن آءِ فون وانگيان 
اوکا ٿي ويا آهن
۽ اسان سندن لاءِ
پينٽيم سيريز جي
پراڻن ڪمپيوٽرن جهڙا..
آءِ فون جي ايڊوانس ٽيڪنالوجي جيڪا پينٽيم جو ڪمپيوٽرن کي پوئتي ڇڏي وئي آهي، اهو لقاءُ صرف ڪمپيوٽر جو نه پر انساني ارتقاءَ ۽ سوچ جو پڻ آهي. ساڳئي وقت مارڪيٽ ۽ ڊپلوميسي به انهي رفتارسان اڳتي وڌيل آهي. هاڻي ته آءِ فون ۾ به ڪيتري ئي ايڊوانسمنٽ اچي وئي آهي.
جديد حسيت ۽ بين الاقوامي صورتحال جي پسمنظر ۾ فياض ڏاهري جو نظم ”هڪ ٻيو اولهه“ پڻ شاندار نظم آهي جيڪو پنهنجي تاريخي محسوسات جو شديد رد عمل محسوس ٿيندو آهي ته هڪ اولهه جيڪو مسلمانن جي سجدن جو مرڪز يعني مذهبي ماڳن وارو اولهه آهي پر هڪ ٻيو اولهه آهي جيڪو استحصالي اولهه آهي جنهن گذريل لڳ ڀڳ 500 سالن کان اوڀر ۽ ٻين علائقن کي ڦرڻ شروع ڪيو هو سو اڃا جاري آهي ۽ اڄ به روپ بدلائي استحصال پيو ڪري. فياض جي نظم ۾ هي سٽون انهي احساس کي ڪيڏي شدت سان پيون اڀارين:
جتي گهرن ۾
اوڀر جي اونداهين ڪوئلي جي کاڻن
جي جوت جلي ٿي
۽ رڳن ۾ وچ اوڀر جو پيٽرول گردش ڪندو آهي
جينز جي پينٽن ۾
ڏکڻ ايشيا جي ڪپهه ۽ پگهر شامل آهي...
اولهه جي طاقتن وٽ سندن گهرن ۾ اوڀر جي ڪوئلي جو جلڻ، وچ اوڀر جو پيٽرول مشين ۽ گاڏين جي انجڻ ۾ گردش ڪرڻ ۽ جينز جي پينٽن ۾ ڏکڻ ايشيا جو پگهر ۽ ڪپهه جو هجڻ وارا اصطلاح سندس شاعري جا عالمي اصطلاح آهن جيڪي بيٺڪي ادب جون انتهائي سگهاريون علامتون آهن ته ساڳئي وقت مزاحمتي اهڃاڻ پڻ آهن. اسان وٽ به ٿر جو بي بها ڪوئلو موجود آهي جيڪو حڪمران قوتن جي اک ۾ آهي پر ان جي کوٽائي کان پوءِ  ٿر جي اصل رهواسين کي ڪيترو فائدو ٿيندو ان جو اندازو بدين جي معدنيات مان ملندڙ مقامي ماڻهن کي فائدن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ساڳئي وقت گهوٽڪي ضلعي ۾ قادرپور گيس فيلڊ، ماڙي گيس فيلڊ، ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري، اينگرو يوريا، تلو گيس فيلڊ، لبرٽي پاور پلانٽ، اينگرو پاور پلانٽ وغيره مان جيترو فائدو گهوٽڪي جي مقامي ماڻهن کي مليو سو ٿر جي ڪوئلي مان ٿر آباد ٿيندو نا؟ جيترو گوادر مان اصل بلوچن کي فائدو ٿيندو هوندو. هي سموري تاريخ استحصال سان ڀريل آهي نه صرف هڪڙو ٻيو اولهه اسان جي سجدن کان اڳتي آهي پر ان کان به خطرناڪ اولهه اسان جي ڳچي تي ويٺا آهن جيڪي اسان جي ريسورسز سان گڏ اسان کان اسان جي سجدن جا به پڇاڻا ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ هڪڙو شاعر ان کي علامتن ۾ ئي اظهاري جديد مزاحمت جو سڏ ڏئي سجاڳ ڪري سگهي ٿو. مٿي ذڪر ڪيل ڪجهه نظمن کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي نظمن ۾ جديد مزاحمت، استحصال، جديد حسيت، پوسٽ ماڊرنزم ۽ جديد اظهار جا نمونه ملن ٿا جيڪي ٻولي جي خوبين سان گڏوگڏ فني جڙاوت ۾ به نمايان آهن.
 فياض ڏاهري جي شاعري ۾ صرف جديد دور جي تقاضائن جو اظهار نه آهي پر هن پنهنجي شاعري يعني نظمن ۾ احساس توڻي موضوعن سان ورتاءُ ۾ ڪلاسيڪي روايتن کي به نه وساريو آهي ۽ انهن کي اڃا سگهاري انداز ۾ پيش ڪيو آهي جن مان ڪجهه نظم جهڙوڪ ”ٽلٽي مٿان چنڊ“، ”نواڻ“، ”کجين جي شهر جي ڇوڪري“، روئڻ جي ريت“، ”شاعري-1 ۽ شاعري 2“ڪجهه اهڙا نظم آهن جن جا يا ته موضوع ڪلاسيڪي آهن يا انهن کي پيش ڪلاسيڪل انداز ۾ ڪيو ويو آهي. ڪلاسيڪل جو هتي مطلب رڳو راڳ رنگ وارو جهڙوڪ سندس نظم ”هرڻ اکي“ يا ”سمبارا“ آهن اهڙا نه پر انهن نظمن جا موضوع ته جديد آهن پر انهن کي ڊيل ڪلاسيڪل ويليوز جي انداز ۾ ڪيو ويو آهي جهڙوڪ ”روئڻ جي ريت“ نظم ۾ روئڻ جي ريت کي ڊجيٽل دور جي قدرن به متاثر نه ڪيو آهي ته روئڻ جي ريت يا ڪاوڙ کي جديد دور جي ڊالرز، روپين، يورو يا ريالن تي به تبديل نٿو ڪري سگهجي يعني سچا جذبا ڊجيٽل دور جي ايجادن آڏو به مٽي نه سگهيا. روئڻ ۽ روئي محبوب کي پرچائڻ هڪڙو ڪلاسيڪي قدر آهي پر ان جي متبادل طور جديد حربا به ذڪر هيٺ آهن تنهنڪري روئڻ جي ريت ۽ نهٺائي جو متبادل نه آهي. تنهنڪري اهو ڳانڍاپو ڪلاسيڪي آهي.
روئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن؟
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري!
 (شاهه صاحب)
شاهه صاحب وٽ وڻجاري کي روڪڻ لئه روئڻ کان وڏو ڪو وکر نه هو. تنهنڪري آخري حربي طور روئي به ڏنائين. پر ان کان پوءِ وڻجاري جي وني سرينڊر ڪري ويهي رهي. اهو ويليو يعني قدر ڪلاسيڪي ويليو آهي. اسان جي شاعري ۾ ان ڪري اهڙي ٽريٽمنٽ کي ڪلاسيڪي انداز لکجي ٿو.
ان ڪلاسيڪي وارتاءُ يعني ٽريٽمنٽ کي فياض ڏاهري جي نظم ”نواڻ“ ۾ پڻ ڏسي سگهجي ٿو جتي رشتن ۽ شجري جي پيرايي ۾ سمورا لڳ لاڳاپا ڳڻي ٻڌايل آهن ته نواڻ ڪٿي آهي؟ سندس ابتدا ڏسو نظم جي؛
روز چوي دل ڳول نئون ڪجهه
ڇا ڇا روز نئون مان ڳولهيان
منهنجي نالو قبيلي سان گڏ
منهنجي پيءَ جو نالو ساڳيو....
ايئن اهو ساڳيو انداز هلي ٿو جيڪو تسلسل ڪيترن ئي منفرد ڳالهين کي آشڪار ڪري ٿو، جهڙوڪ:
ممتا پنهنجو جسم مٽائي
منهنجي زال ۾ ظاهر ٿي آ
پنهنجي ٻارن جي صورت ۾
ساڳي ممتا ساڻ ملان ٿو
امڙ بدران ڌيءُ ننڍي کي،
امڙ ڪوٺي سڏ ڪيان ٿو...
.....
جيون هڪڙو گول چڪر آ.
جيون جي انهي گول چڪر ۾ ڪيتريون ئي رشتن جون ڳنڍيون سلجهايل آهن جنهن ڪري هن نظم جي پيشڪشpresentation  جي ڪري ڪلاسيڪي نڀاءُ وارو نظم چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. اهڙي طرح سندس نظم ”ٽلٽيءَ مٿان چنڊ“ پڻ تاريخي شعور ۽ روايتن جي ساکي قدرن ڪري پڙهڻ سان هڪڙو اتساهه ملي ٿو. هي نظم تاريخي شعور، ڪلاسيڪي ورتاءُ سان گڏوگڏ هڪ اميد پيدا ڪندڙ نظم آهي جنهن طرح جا فيض احمد فيض جا نظم آهن. پر فياض وٽ انهن نظمن جي وابستگي لاءِ پنهنجي ڌرتي جا تاريخي ڪردار موجود آهن جن جي تاريخي تسلسل تي پنهنجو پيغام استوار ڪري نظم کي پيش ڪري ٿو.
اهڙي ئي طرح ”کجين جي شهر جي ڇوڪري“ نظم جي پيشڪش ۽ ٽريٽمنٽ ڪلاسيڪي آهي جنهن ۾ خاص طور تي جيڪو رومانوي ماحول پيدا ڪري وري ان کي کجين جي شهر جي آسپاس واري ماحول سان سينگاريو ويو آهي اهو ڏاڍو لڀائيندڙ آهي جنهن جو مثال پڙهو:
ڊڪي ٿي ريل گاڏي جئن
زمانن کان
ايامن کان
انهيءَ جي ڪوڪ ننڊاکي ڀنيءَ واري ڀنل ويلي
سماعت ۾ ٻُري هوندءِ
پرهه جي ماڪ ۾ وهنجي
نشيلي هير سا هلڪي رلي هوندءِ
غزل تنوير جو جنهن ۾
ٽڙيو هوندو ٿِي ڳاڙهو گل، خوشبو سا
تعارف تر سندو هوندي
اڙي جانان انوکي اپسرا آهين....
سمورو ماحول ئي نشيلو، رومانوي ۽ ڪلاسيڪي روايتن سان مهڪيل آهي ڄڻ ته نظم پڙهڻ سان سوين سال پٺتي هليو وڃي مير علي نواز ناز ۽ باليءَ جي دور ۾ پهچي رومانس مان حظ پيو وٺجي. نظم کي اهڙو ماحول ڏيڻ لاءِ نه صرف شاعري جي متن ۾ گهڙي وڃڻو ٿو پوي پر تاريخي شعور کي به سلهاڙڻو ٿو پوي. ان سان گڏ جنهن موضوع تي نطم لکجي ٿو ته ان موضوع جا لوازمات به ڪتب آڻڻا ٿا پون. انهي پسمنظر ۾ مٿي ذڪرڪيل فياض جا نطم پنهنجي منفرد ٽريٽمنٽ سبب ڪلاسيڪي مزاج جانظم چئي سگهجن ٿا. انهي ڪلاسيڪي مزاج ۾ رومانوي نظمن ۾ هڪڙو نظم ”وصيعت“ پڻ تخيل جا اهي اولڙا ٿو پسائي جيڪي اسان جي من کي لڀائڻ لاءِ سڦل ٿيندا آهن. ان ۾ هڪڙي ٽريجڊي ته آهي ئي پر نظم جي استعارن ۽ تشبيهن سان ٽريٽمنٽ  بلڪل لاجواب آهي. سندس نظم پڙهي حظ وٺجي:
وصيت 
بهار جي پوياڙيءَ ۾
جڏهن سج
چرڀيليءَ جي رسم نڀائيندي
ٽانڊن تي پير ڏئي هلڻ لڳي 
ٻاڦ پاڻيءَ جا موتي ڇٽڻ جي جنون ۾
پنهنجو وجود وڃائڻ واري هجي 
۽ برف پنهنجي هڏ ۽ ماس کي 
بي رنگ رت ۾ تبديل ڪري ڳرڻ شروع ڪري 
ته پڪ سان اها وڇوڙي جي مند هوندي 
مان اهڙي مند ۾ مرڻ پسند ڪندس
اها وصيت ڪندي ته 
منهنجي مرڻ کان پوءِ 
منهنجي ميت کي
نديءَ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان پهريان واري
آخري پل تان
درياهه ۾ اڇلايو وڃي
ڇو ته مان زندگيءَ سان پيار ڪندڙ
هڪ بزدل شخص آهيان
ان ڪري
مان پنهنجي محبوبه سان 
مئي جيئري گڏ رهڻ جو واعدو
نڀائي ڪونه سگهيس
وڇوڙي ۾ ئي وصال هوندو آهي
منهنجي مرڻ ويل 
برف رجڻ جي مند ۾
متان منهنجي محبوبه
نديءَ جي آخري پل وٽان گذرندي هجي
جيڪا
چار ڏهاڪا اڳ
پنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏئي 
برفاني چوٽي پار ڪرڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي
ڪروڙين ٽن برف جي تهن هيٺان دٻجي ويئي هئي
۽ مان 
پنهنجو واعدو نڀائڻ بدران
سندس بدن مٿان ٿانيڪي ٿيل برف تان ترڪندو
زندگي جي پيرن ۾ اچي ڪريو هوس.
بهار جي پوياڙي جو سج  پاران چر ڀيلي جي رسم نڀائڻ، ٻاڦ جو پاڻي جا موتي ڇٽي پنهنجو وجود وڃائڻ، برف ۽ ڳرڻ کي وڇوڙي جي موسم سان تشبيهه ڏيڻ ۽ انهن کي استعارو بڻائي رومانوي طرز اپنائي اظهار ڪرڻ فياض ڏاهريءَ جي نظم جو بهترين مثال آهي. اهو نظم پنهنجي سموري سٽاءُ ۾ اجهل آبشارن وانگر آهي. جنهن جي پڙهڻ سان جسم سان گڏ روح ۾ بيچيني پيدا ٿي پوي ٿي ته وصيعت هيئن به ٿيندي آهي. نظم جو ڪلائيميڪس ته مونکي دريا  جي آخري پل وٽ اڇلي ڇڏجو ۽ اينٽي ڪلائيميڪس ته آئون برف تان ترڪندي زندگي جي پيرن ۾ اچي ڪريو هوس جڏهن ته منهنجي محبوبه جي جسم تي برفن جا تهه ڄمي ويا هئا نظم جون اهڙيون حسناڪيون آهن جنهن وٽان اسان کي رومانويت جي پيچيدگي جو احساس ٿئي ٿو. انهي نظم ۾ اهڙا ڪيترائي تصور بحث هيٺ آڻي سگهجن ٿا. سموري نظم ۾ جمالياتي حس انتهائي دل پذير آهن ته سج، بهار جي پوياڙي، برف، برف جو رجڻ، بي رنگ رت، ٻاڦ، پاڻي جا موتي، دريا جي آخري پل ۽ ٻيا اهڙا تصور جيڪي انساني حِسن کي متاثر ڪري جماليات پيدا ڪن ٿا ۽ نظم پنهنجو ڀرپور تاثر ڇڏي ٿو.
جديد حسيت ۽ پوسٽ ماڊرن مظهر، ڪلاسيڪي ٽريٽمنٽ سان گڏ فياض جي شاعري ۾ جديد ۽ انوکا مشاهداتي نظم آهن جيڪي فطرت کان ويندي انساني پهلوئن تي آڌاريل آهن جن کي پڙهي ڪري احساس ٿيندو آهي ته مختلف منظرن کي هيئن به مشاهدي ۾ آڻي سگهجي ٿو. انهن نظمن ۾ ”ڪرفيو“ جهڙي نظم کي ڪير وساري سگهي ٿو. جيڪو خوبصورت مشاهدن جهڙوڪ ستارن جو چور ٿيڻ، چنڊ جو چوڪيدار ٿيڻ، خلا جو جهنگل ٿيڻ کان ويندي سج جو جرنيل ٿي ڏينهن جو ڪرفيو هڻڻ جو مشاهداتي اظهار بنهه وڻندڙ آهي. نظم جي باري ۾ وڌيڪ لکي پڙهندڙن جون راهون نٿو روڪي سگهجن ته پڙهندڙ پاڻ ئي پڙهي لطف حاصل ڪن. جيتوڻيڪ سائنسي حوالي سان اهو سوال اٿاري سگهجي ٿو ته سج جيڪو گئليڪسي (Galaxy) جو ننڍو ستارو آهي سو جرنيل ٿي ٻين وڏن ستارن کي چورن جيان ڪيئن ڊوڙائي سگهي ٿو؟ پر ڇاڪاڻ ته سج ڌرتي کي سڀ کان ويجهوستارو آهي جڏهن ته ٻيا ستارا ڪيئي نوري سال پري آهن ۽ ٻيو وري انساني ۽ شاعراڻي مشاهدي ۾ اهو ممڪن آهي ۽ ان لقاءُ کي ايئن پروڙي ۽ خيال ۽ انداز جي ندرت سان اظهاري سگهجي ٿو.
ڪرفيو جيان سندن نظم ”ننگي فطرت“ جو مشاهدو پڻ پنهنجي انفراديت سبب نمايان بيٺو آهي. ”ڪرفيو“ نظم جي ڀيٽ ۾ هي نظم ڪافي رومانوي ۽ محبت وارن لقائن تي آڌاريل آهي جنهن ۾ انسان جي جبلتي نظر حاوي آهي جيڪو ڪراچي جي ساحل جي منظر ڪشي آهي. سندن خوبصورت سٽون آهن ته:
اچي ڏس ته اڀ جي ڪشادي پڌر ۾
اڇي مرمرين چاندني ٻاڦ جي
نرم نازڪ بدن ۾ اجالو آڻي ٿي
ٿو محسوس ائين ٿئي
ٿڌيءَ ماٿريءَ جي مٿان برف باريءَ ۾
موتين جو اڻکٽ خزانو ٿو برسي
هي رنگين ڪپڙن ۾ ملبوس نو عمر
نوخيز ڳڀرو جوانيون
سڄي رات فطرت جي عريان تخليق
جو سچ ته ننگو نظارو پسن ٿيون
اچي ڏس او شاعر...
ڄڻ ته سمورو ماحول ئي نوخيز جواني جي مرمرين جسمن ۽ رنگن سان ٽمٽمائي پيو ۽ نظم پڙهندڙ ڄڻ ته شخصي طور اتي موجود آهي ۽ سمورو لقاءُ ۽ سمورا منظر نه صرف ڏسي پيو پر مختلف حواسن جي مدد سان محسوس به ڪري پيو. جي زندگي اهڙي ٿي پوي جهڙو شاعر جو تخيل ۽ خيال آهي ته ٻيو ڇا گهرجي. اهڙي طرح ”نظم هڪڙو جهول ۾“ هڪ خوبصورت مشاهداتي نظم آهي جنهن جو ماحول پڻ اسان جي ڪلچر ۽ تاريخي ماڳن جي گواهي آهي جنهن جون خوبصورت سٽون آهن ته:
تون به تنها، مان به تنها، شاعري 
ذهن جي ڪينجهر مٿان ڄڻ 
نيرڳين وانگي لٿي 
۽ پڙاڏن سانت کي چيري وڌو 
جرُ لُڏيو، لهرون اُٿيون ، گم ٿي ويون 
سانت موٽي رات کي ڀاڪر وِڌا
پئي اڃان سرندو سفيدي تان لٿو 
چنڊُ ويڙهي چيلهه پنهنجيءَ کي چَمندُ 
مون جهپيو آ نظم هڪڙو جهول ۾ 
پڙاڏن جو سانت کي چيري اچڻ، جر جو لڏڻ، لهرن جو اٿڻ ۽ وري گم ٿي وڃڻ، وري سانت جو موٽي اچي رات کي ڀاڪر ڀرڻ، وري چنڊ جو چيلهه ۾ چمند ويڙهي سُرندي سِرڪندي گسڪندي سفيدي تان لهڻ ۽ ان کان پوءِ هڪڙو نظم جهول ۾ جهپڻ انتهائي شاندار پروسيس آهي شاعري سرجڻ جو. هي لقاءُ ته بنهه مسحور ڪن آهي ڄڻ ته نوري جا ناز آهن جنهن تي ڪيترائي ڄام موهجي شاعر ٿي سگهن ٿا. شاعري ٿيڻ کان پوءِ به اهڙي لطف ۾ هجڻ بهرحال وڻندڙ ڪيف آهي.
فياض جي نظمن جي هن مجموعي ۾ ڪيترائي اهڙا پهلو آهن جيڪي جديد نظم جي گهراجن کي پورو ڪن ٿا جنهن ۾ ڪيترائي اولڙا مٿي ذڪر هيٺ اچي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترائي نظم جا پاسا جهڙوڪ سندس شاعري ۾ مزاحمت سان ٽمٽار نظم جيڪي مزاحمت کي پڻ نئون رخ ڏين ٿا مثال طور ڀاڙيائپ ۽ داخلي ڪمزورين کي وائکو ڪري بيان ڪرڻ جيئن سندس نظم ”باغي تخم“ ۾ آهي ته اهو باغي تخل يا بغاوت ڪندڙ روح ڪٿي آهي؟ ”بلڊ شيڊ“ ۽ ”خوف 1، 2، 3“، ”موت 1 ۽ 2“، ۽ انهن کان به اڳتي ”منتشر رد عمل“، ”اهڃاڻ“، ”رڻ ڪڇ ۾ رات“، ”پهاڙن مان پڙاءُ“، ”رائيگان“ اهڙا مذاهمتي نظم آهن جيڪي مزاحمت کي داخلي طور ۽ پڻ خارجي طور تي اڀارين ٿا ۽ مزاحمت کي رڳو وڙهڻ سان منسوب نٿا ڪن پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي ڪردار ۾ استقامت، همت، بلندي ۽ برداشت کي به ظاهر ڪن ٿا. شهر جانان جي سيريز وارا نظم ته ڄڻ ڪراچي جي ڦرجڻ تي هڪڙا نوحا آهن.
ساڳئي نموني سان فياض جي شاعري جو اهم حوالو نظمن ۾ داخلي پيڙا جو درد آهي جيڪو ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ هر انسان جو داخلي درد آهي. انهي موضوع تي آڌاريل ڪيترن ئي نظمن مان ڪجهه هي آهن ”ضبط جا زنجير“، ”رم راتيون“، ”ٽٽيون چوڙيون“، ”تمنا جو بر“، ”تون ڪٿي آن“، ”روح روپوش“، ”مان به ته ننڊ ڪيان ٿو“، ”وڇوڙو“ ۽ ڪجهه ٻيا اهڙا نظم جيڪي شخصي وابستگي سان سلهاڙجي شاعري پرسپيڪٽو کان نظارو پسائين ٿا. سندس شاعري جي وڏي خوبي به آهي ته هڪ نظم ۾ ڪيترائي انساني پهلو اجاگر ٿيل نظر ايندا آهن جتي هو One for all ۽ All for one جو مجسمو هوندو آهي. اهڙي گهڻ رخي شاعري ئي پنهنجو مفهوم ايندڙ دورن ۾ زنده رکي سگهي ٿي.
سهيوڳي دور جي درد جي عڪاسي هن ڪتاب جي ڪيترن ئي نظمن ۾ نمايان پيو جهلڪندو آهي جنهن جي پسمنظر ۾ اسين ماضي، حال ۽ مستقبل کي ڏسي سگهندا آهيون. ايڊورڊ سعيد پنهنجي ڪتاب ”سامراج ۽ ثقافت Culture and Imperialism “ ۾ لکي ٿو ته ماضي ڪڏهن به هڪ جاءِ تي اچي ليڪو ڪڍي بيهي نه رهندي آهي پر اها مخصوص انداز ۾ حال سان گڏ مستقبل لاءِ سفر ۾ هوندي آهي. هن اها ڳالهه عراق جي ڪويت تي حملي ۽ امريڪا طرفان عراق تي پهرين حملي جا مثال ڏئي ٿو ته ماضي گواهه آهي ته عربن هميشه نان عرب ماڻهن کي هيسائڻ لاءِ وسان نه گهٽايو آهي ۽ انهن سدائين سامراج کي خوش ڪرڻ لاءِ ايئن ڪيو آهي اهو سوچي عراق ڪويت تي قبضو ڪيو هو جڏهن ته امريڪا جو ماضي پاڻ کي آزادي پسند ۽ قومن کي آزاد ڪرائڻ واري هجڻ ڪري عراق سان ٽڪر ۾ آيو ۽ پهرين خليج واري جنگ ٿي، جيتوڻيڪ ان جا ٻيا به ڪيترائي سبب هئا پر ثقافتي طرح اهي ڳالهيون ڪارفرما هيون. فياض جي شاعري پڻ ماضي سان گڏ حال جو حالتون پڻ سلهاڙي هلي رهي آهي سندس نظمن ۾ ”شهر جانان 1، 2 ۽ 3“، ”رويا“، ”اقبال جرم“، ”ابارشن“، ”وقت کان اڳ ۾“ ۽ ٻيا ڪجهه نظم سندس سهيوڳي دور جي شعور ۽ احساسن جا ساکي نظم آهن جيڪي دور جي مختلف تقاضائن ۽ انهن سان ٽريٽمنٽ جي ڪري پڙهندڙ تي ڀرپور اثر ٿا ڇڏين. انهن نظمن ۾ ابارشن واري نظم ۾ هڪڙي عجيب ٻه واٽي آهي ته چاهيندڙ هڪ طرف گليمر ۽ دنيا ته ٻي حشر ۽ ان کان وڌيڪ حساس قتل جو احساس آهي ته ڪهڙي پاسي وڃجي.
سهيوڳي دور ۾ نه صرف عام انساني حالتن جو اولڙو سندس شاعري ۾ واسيل آهي پر فياض جي نظمن جي تخيل ۾ 50ع کان پوءِ واري عرصي ۾ هڪڙي تمام وڏي سياسي خاندان يعني ڀٽو خاندان جي درد ۽ پيڙا کي نوحي ۽ اليجي جي شڪل ۾ اظهاريو ويو آهي جنهن ۾ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جي نسبت سان ”دائرن جو گهيرو“ اونداه انڌوڪار تي لکيل دل رئاريندڙ نظم آهي جنهن ۾ ڄڻ ته درد آبشارن وانگر پيو وهي. اهو نظم پڙهندي هڪڙي عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ٿو ته هيڏو هاڃو ٿيو آهي. جڏهن ته ”سفاڪ عهد“ ۽ ”طويل ساعتون“ نظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان Elegy آهن جن کي پڙهڻ سان سموري وارتا ۽ سمورو هاڃو سامهون اڀري اچي ٿو ته اسان سان ڪيڏو نه ڪلور ٿيو آهي. ته ساڳئي نموني سان ”لهو جي سرخ لالائي“ قومي احساسن لاءِ لکيل نظم آهي ته کيس ورثي ۾ ڪيترن شهيدن جا لاش مليا آهن ۽ هو درد جي ڪهڙي ڀِٽ تي اچي پکا کوڙي بيٺو آهي ۽ درد جو درياءَ ڪيترو جهاڳڻو آهي.
نظمن جي انهي لڙهي ۾ جنهن ۾ هي جديد دور جي نظمن جو خوبصورت ڪتاب ”هئنگ اوور“ پوئيل آهي تنهن ۾ ”نئين پڪار“ ۽ ”اڏامندڙ چمي“ به بهترين نظم آهن جيڪي پنهنجي موضوع سان گڏ ٽريٽمنٽ ۾ به منفرد آهن ۽ فنڪاراڻي انداز سان پيغام کي نظم جي لفظن ۾ پويو ويو آهي. ”نئين پڪار“ نظم ڄڻ ته سنڌ ڌرتي جي ڪر موڙي اٿندڙ جذبن جي ساکي آهي جنهن ۾ ڪنهن به تهذيب جي قومي تراني هجڻ واريون خوبيون موجود آهن جيڪي پنهنجي قدرن سان گڏوگڏ منفي قدرن جي انجام جا عڪس به بلڪل چٽا آهن ته دنيا جي آمرن امن ۽ اهنسا کي ڇڏي جيڪي ڪڌا ڪم ڪيا تن جي ڪري اهي انجام تي رسيا آهن. انهي تاريخي تسلسل ۽ شعور مان سکندي پنهنجي ضميرن کي جاڳائڻ جو هي لمحو سازگار آهي جنهن مان فائدو وٺندي شاهه لطيف جي پيغام ؛
سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار!
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
جي نسبت ۽ فڪر تي آڌاريل سائين جي ايم سيد جي مول متي امن عالم، ترقي بني نوع انسان، بقاءِ باهمي ۽ اتحادِ انسانيءَ جو رستو ڳولجي ۽ پنهنجي مستقبل جون راهون ڪڍجن ته جيون سڦل ٿي سگهي. سمورو نظم ڄڻ ته انسانيت ۽ امن جو قومي ترانو آهي جيڪو هڪ فڪر رکندڙ شاعر ئي تخليق ڪري سگهي ٿو. ساڳئي طرح ”اڏامندڙ چميءَ“ نظم پڻ هڪڙو تاريخي درد جو داستان رکي ٿو. نظم جو پسمنظر ته ڏاڍو رومانوي آهي جڏهن ته نالو پڙهڻ سان فلائينگ ڪس يعني اڏامندڙ چمي جو رومانوي احساس جاڳي پوي ٿو ۽ نظم جي شروعات ۾ پڻ ايئن لڳي ٿو جهڙوڪ:
تنهنجو جنم 
باک ڦٽيءَ ويل گلشن جي رنگين نفاستن وچ ۾ ٿيو هو
تو مٺي پاڻيءَ جي نديءَ ڪناري عمر گذاري آهي
تڏهن ته
توکي هڪ اڏامندڙ چمي به ڀڄائي آلو ڪري سگهي ٿي
 ايڏي نفاست ۽ نزاڪت جو اڏامندڙ چميءَ سان سندس بدن آلو ٿي سگهي ٿو ڇوته سندن جنم باک ڦٽيءَ ويل رنگن جي نفاستن وچ ۾ ٿيو هو.
اهو اهڙو خوبصورت اميجينيشن ۽ تخيل آهي جيڪو پڙهندڙ جي روح ۾ گلن جي هڳائن جيان رچي ويندو آهي. پر اهو اڳتي هلي ايترو المياتي Tragic ٿئي ٿو جو دنيا ۾ غربتن بابت ڄاڻيندڙ مواصلاتي رابطن سان لاڳاپيل ماڻهو به حيران ٿي ويندا ته هيڏي الميي واري به ڪا سرزمين ۽ اهڙي مخلوق ڪا ٿر ۾ رهي ٿي! سندس المياتي سٽون پڙهو:
منهنجا چپ ڪنهن نرم ڳل تي
آلي چمي نه ٿا ڏئي سگهن
اهي خشڪ آهن
صدين جي اڃ کان اجهاڻل
ڇو ته آءُ واريءَ ۾َ وسرام ڪندڙ
صحراءِ ٿر جو ڄائو
هڪ ٿوهر آهيان.
اهو صرف ٿوهر نه آهي پر سمورو ٿر آهي ۽ ٿر ۾ اڃ ۽ بک جي داستان جي پيڪ آهي ته انسان يا ٿوهر ايترا اڃايل آهن جو سندن چپن تي چمي جي آلاڻ جيترو پاڻي به نه آهي. هي ته ڄڻ نه رڻ گجيو نه راڙو ٿيو پر ڪنهن بينام زندگي جي وجود جو وسرام آهي. ”هئنگ اوور “ ۾ فڪري طرح سمورا نظم ڏاڍا سگهارا ۽ پنهنجي پسمنظر ۾ جانداز نظم آهن جيڪي جديد دور جي تقاضائن ۽ شاعري جا امٽ مثال ٿي سگهن ٿا. پر جي هي شاعري اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿين ته نه صرف پنهنجو جاندار پيغام دنيا تائين پهچائي سڀني کي حيران ڪندي پر پنهنجي تاثر پڻ زنده رکندي آهي ڇوته هن شاعري ۾ ايتري سگهاري جان آهي. نه صرف موضوعن پر ترنم ۽ نغمگي جي حوالي سان پڻ نظم ڪڏهن ڪڏهن گيت لڳندا آهن جهڙوڪ ”هرڻ_اکي“، ”سمبارا “، ”آزاد انسان“ وغيره اهڙا نظم آهن جيڪي ترنم، رواني ۽ تجنيس حرفي سان ڀريل آهي جيڪو نه ڳائيندي به پڙهڻ سان ايئن لڳندو آهي ڄڻ نظم خود بخود ڳائجي رهيا هجن. هن ڪتاب جا سمورا نظم جن مان هر هڪ جو انفرادي طرح ذڪر ڪرڻ ضروري نه آهي پنهنجي پر ۾ ڀرپور نظم آهن. مونکي يقين آهي ته سنڌي ۾ نظماڻي شاعري تي جديد دور ۾ دور رس اثر ڇڏيندو ۽ نظماڻي شاعري کي هڪ نئين قوت عطا ڪندو ڇوته هن نظمن ۾ فڪر جا انتهائي  وڏا ۽ گهرا سرچشما آهن. نظمن کان هٽي ڪري جڏهن سندس سنگيت ناٽڪ تي نظر ڊوڙائبي ته سندس ناٽڪ ۾ بلا جي تخيل سان گڏ تخليقي فڪر پيو جهلڪندو نظر ايندو. ناٽڪ نه صرف انساني معاشي ۽ سماجي صورتحال جو آئينو آهي پر انساني جذبات سان پُر اهڙو مي جو پيالو آهي جنهن جي پيئڻ جي تڙپ انساني معاش جي قيمت کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ آهي. جواني تڙپندي نظر ايندي، فطري خواهشون جلندي نظر اينديون ۽ انساني صورتحال جنهن ۾ غربت، هيڻائي، بيوسي ۽ اهڙيون ٻيون حالتو وري قرباني جي جذبي جون طلبگار نظر اينديون. ناٽڪ جي صنف جيڪا ڄڻ ته ننڍي کنڊ جي پنهنجي ڪُک مان ڄميل آهي تنهن ۾ اهي رنگ ڀاٽا لليتا کان ويندي شيخ اياز جي نظميه ناٽڪن تائين اچي پنهنجو جلوو خوب پسايو آهي. انهي ۾ اها نکار نه اچي سگهي آهي يا اياز کان پوءِ جديد سنڌي شاعري ۾ ناٽڪ تمام ٿورڙي تعداد ۾ لکي وئي آهي جنهن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. انهن مان هڪ سبب هي به آهي ته انهن ناٽڪن جي اصل منزل اسٽيج تي پيش ڪرڻ آهي جڏهن ته اسان کي ملڪ ۾ گذريل ٽيهارو کن سالن کان سينيما يا اسٽيج ناٽڪن جي دور کي انگريزي ادب جي پيورٽن دور Puritan Age جيان ڪچليو پئي ويو آهي. تنهنڪري انهن ناٽڪن ۾ مقداري يا معياري تبديلي نکار جي اميد نٿي ڪري سگهجي. پر وري فياض صاحب جو ناٽڪ ”ڪبوتري“ پڙهڻ کان پوءِ اهو احساس ضرور ٿئي ٿو ته سنڌي ناٽڪ اسان جي تخليقڪارن جي خمير ۾ موجود آهي رڳو انهن تخليقڪارن کي نکاري اڳيان آڻڻ جي ضرورت آهي. آئون انتهائي پر اميد آهيان ته پڙهندڙ هن سنگيت ناٽڪ کي پڙهي داد ڏيڻ تي ضرور مائل ٿيندا. ۽ جيڪڏهن ههڙي خوبصورت ناٽڪ کي ڪنهن مناسب اسٽيج تي پيشڪش جو موقعو ملي ٿو ته ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ نه صرف ناٽڪ جي متن پر منجهن  موجود موسيقي تي به جهومڻ تي مجبور ٿيندا.
 آئون هن مهاڳ کي طوالت سبب اوهان پڙهندڙن ۽ فياض ڏاهري جي خوبصورت مجموعي ”هئنگ اوور“ جي وچ ۾ وڌيڪ بيهڻ نٿو چاهيان جو اوهان پاڻ سندس نظمن ۽ نظماڻي ناٽڪ، سنگيت ناٽڪ ”ڪبوتري“ مان لطف وٺو.
03.08.2016

No comments:

Post a Comment