ڊاڪٽر احسان دانش
روشنيءَ جو آبشار
پروفيسر مختيار احمد سمي جي ڪتاب
”دنيا جون درسگاهون“ (ڀاڱو ٻيو) جو مهاڳ
ننڍي لاءِ استادن کان انيڪ ڀيرا ٻڌو ته
’علم روشني آهي....‘ ٿوري سمجھ وڌي ته خبر پئي ته روشني وقت جي پيمائش جو ذريعو به
آهي، خاص طور خلا ۾ ترندڙ سيارن جي وچ واري فاصلي کي نوري سالن سان ماپيو ويندو
آهي. اڳتي هلي ذهن جي کڙڪي اڃا به کُلي ته پتو پيو ته زندگيءَ ۾ ان روشني ۽ نور جي
ڪيڏي اهميت آهي ــ سج جي روشني، چنڊ جي وجود کي روشن ڪري ٿي ۽ اک جو نور زندگيءَ
کي. حاصل مطلب ته بي نور زندگيءَ سان نه وقت جي پيمائش ڪري سگھجي ٿي ۽ نه جهانِ
رنگ و بو کي پَسي سگھجي ٿو..... ۽ هتي نور مان مراد علم ئي آهي، جنهن بابت ننڍي
لاءِ استادن کان انيڪ ڀيرا ٻڌو هيو ته ’علم روشني آهي......‘
’علم جي ڪا حد ۽ سرحد ناهي.‘
علم جي حصول لاءِ هيءَ سڄي دنيا به ننڍڙي آهي. علم جي ڪائنات، ڪائنات جيان ئي وشال
آهي. جيڪي ماڻهو ڌرتيءَ کان آڪاس ڏانهن اسهن ٿا، جيڪي انسان اک جي ماڻڪيءَ کان سفر
شروع ڪندي مريخ ۽ مشتري جا مسافر بڻجن ٿا، جيڪي شخص پولارن ۽ پاتالن ۾ پيهي،
ڪهڪشائن ۽ خلائن مان اڀرن ٿا ۽ جيڪي بندا بند ڪمرن ۾ ڪائنات جي ڳُجهه جي ڳنڍ کولين
ٿا، سي حقيقت ۾ ماڻهپي جي حقيقي مقام جا حقدار آهن. نيوٽن ۽ آئن اسٽائن کان وٺي
اسٽيفن هاڪنگ تائين دنيا جا غير معمولي انسان علم جي ان تارن ڀري راهه جا راهي
رهيا جنهن تي هلندي هو ڌرتيءَ تي رهي اُڀ جا احوال ٻڌائيندا هيا.
مان سمجھان ٿو ته اعلى، عمده ۽ حقيقي معنى
۾ معياري تعليم ڪنهن به ماڻهوءَ تي ٻه راز کولي ٿي. پهريون اها ماڻهوءَ کي پنهنجي
حقيقت (ماڻهپي) کان آشنا ڪري ٿي ۽ ٻيو ڪائنات کي سمجھڻ ۽ ساڃاهڻ جو شعور عطا ڪري
ٿي ۽ جڏهن ڪو ماڻهو اهي ٻئي ڳالهيون سمجھي وڃي ٿو ته منهنجي خيال ۾ کيس پنهنجي
تخليق جو مقصد به سمجھ ۾ اچي وڃي ٿو.
هڪڙا ماڻهو زنده رهندا آهن، ان ڪري جو هو
هن دنيا ۾ پيدا ٿيا هوندا آهن پر ٻيا ماڻهو زنده رهڻ جو حق ادا ڪندا آهن، ٻين لفظن
۾ اُهي زنده رهندا آهن زنده رهڻ جو هنر سکڻ لاءِ. اهو سچ آهي ته زنده رهڻ خود هڪ
وڏو فن آهي ۽ اهو فن ٽن طريقن سان سکي سگھجي ٿو. پهريون مشاهدي وسيلي، ٻيو تجربي
ذريعي ۽ ٽيون مطالعي معرفت. مطالعو زندگيءَ گھارڻ جي ان فن کي سمجھڻ جو معراج آهي
۽ مطالعو تعليم کان سواءِ ممڪن ناهي، پر ڏاهن چيو آهي ته اهڙو مطالعو به ڪارگر
ناهي، جيڪو زندگيءَ کي تبديل نه ڪري سگھي. علم جو اثر انسان جي ذات تي ظاهر ٿيڻ
کپي ورنه ڀٽائيءَ جي هيءَ سٽ وري وري ورجائڻي پوندي ته:
پڙهيو پيا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾
سوچجي ته دنيا تمام وڏي آهي، غور ڪجي ته
بيحد ننڍي. موجوده صدي جنهن ۾ اسين ساهه کڻون ٿا تنهن کي انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي جي
صدي ڪوٺيو وڃي ٿو. انٽرنيٽ سڄي دنيا ۾ ڄاڻ جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي. دنيا گلوبل وليج
بڻجي پئي آهي ۽ هن ڌرتيءَ تي رهندڙ سڀ ماڻهو ان ڳوٺ جا واسي بڻجي ويا آهن. دنيا
سُڪڙجي رهي آهي پر پوءِ به علم پکڙجي رهيو آهي. علم، جنهن جي ڪا حد ۽ سرحد ناهي.‘
هونءَ ته علم ڪنهن صوفيءَ جي جھُڳيءَ ۾ به
ملي سگھي ٿو ته اهو ڪنهن بَنَ ۾ ڀٽڪندڙ ڀڪشوءَ کان به حاصل ڪري سگھجي ٿو. سڌارٿ جي
’سروم دکم دکم‘ کان وٺي حضرت محمد ﷺ جي قول ’علم حاصل ڪريو محد کان لحد تائين‘ ۽
شاهه لطيف جي رامڪلي جي جوڳين جي عملي تعليم تائين علم جو ڪو سنڌو ۽ سيڙهو ئي
ناهي.
جُز وڃايو جوڳئين، ڪُل سين آهين ڪمُ
آسڻ جن عدم، آءٌ نه جيئندي ان ري
سچ ته صوفين جي واٽ نرالي آهي. تصوف جي
دنيا ۾ هڪ پاسي ”ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، اي در اٻوجھن جو“ (شاهه) جهڙيون سٽون ملنديون
ته ٻئي پاسي ”علمون بس ڪرين او يار، اڪو الف
تيري درڪار“ (بلهي شاهه) جهڙيون
مصرعون. ان صورت ۾ بظاهر ڄڻ محدود علم تي اڪتفا، عجز، نياز ۽ اٻوجھائپ کي هٿي ملي
ٿي، پر حقيقت ۾ اها هڪ الڳ دنيا آهي، جنهن کي دنيا جي علم سان نه پر دل جي ديد ۽
روح جي اکين سان پروڙي سگھجي ٿو.
ان سڄي پس منظر ۾ جڏهن اسان هن ڪتاب جو
مطالعو ڪريون ٿا ته اسان جي ذهن ۾ سوچ جا نوان دروازا کُلڻ لڳن ٿا. دنيا جون
يونيورسٽيون جديد علم جو اهڙو آب آڇين ٿيون جنهن سان ڪيئي بنجر دليون سيراب ٿي
سگھن ٿيون. دنيا جون درسگاهون الڳ الڳ شعبن ۾ علم جو اڻ ميو خزانو ارپڻ لاءِ تيار
آهن ۽ وٺڻ وارا اتان پنهنجون جھوليون ڀريندا رهن ٿا. مان سمجھان ٿو ته پروفيسر
مختيار سمي هي ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ (جنهن جو ٻيو واليم اوهان جي هٿن ۾ آهي)
لکي، نه رڳو اسان کي دنيا جي درسگاهن سان متعارف ڪرايو آهي پر هي ڪتاب ڪيترن ئي
نوجوانن کي علم جي حصول واري پنڌ ۾ اڳتي ۽ گھڻو اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ هڪ اتساهه جو
سبب به آهي. مختيار صاحب هن ڪتابَ جي هڪ مضمونَ ۾ ڪيڏي نه سٺي ۽ درست ڳالهه لکي
آهي ته: ”سجاڳ قومون تعليمي اداران کي ان ڪري به هر ڳالهه کان وڌيڪ
اهميت ۽ اوليت ڏينديون آهن ڇو ته انهن کي درسگاهن جي ڇانو ۾ امن، آزادي، خوشحالي ۽
پنهنجي نئين نسل جو روشن مستقبل ڪَرَ موڙيندي نظر ايندو آهي. باشعور معاشرن ۾ علم
کي انسان جي ٽين اک سمجهيو ويندو آهي. جيڪي ماڻهو يا قومون اها ٽئين اک حاصل ڪرڻ
جي فضيلت تي پهتيون آهن انهن دنيا جا ڪي ئي اهم راز ۽ رمزون، ڳُجهه ۽ اسرار پسي
ورتا آهن جنهن ڪري اهي گھڻين ڳالهين ۾ ٻين کان اڳتي بيٺل نظر اچن ٿيون.“
هن ڪتاب تي ڪجھ ڳالهائڻ کان اڳ مناسب
سمجھان ٿو ته پروفيسر مختيار سمي جي شخصيت ۽ علمي ادبي ڪارنامن بابت به مختصر طور
اوهان سان ڪجھ ويچار ونڊيان، ڇوته هن صاحب جي شخصيت پڻ انيڪ انسانن لاءِ اتساهه جو
سبب بڻي آهي. خاص طور اُهي نوجوان جن وٽانئس پڙهيو، پُرجھيو ۽ پرايو آهي، انهن
لاءِ ته سندس شخصيت بَڙ جي گھاٽي وَڻَ وانگر ئي آهي، جنهن جي ڇانوَ ۾ ويهي زندگيءَ
جو سُکُ ماڻي سگھجي ٿو.
پروفيسر مختيار سمي هڪ اعلى سماج جي اڏاوت
۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هو هڪ ئي وقت هڪ شاعر ۽ نثر نويس طور سڄي سنڌ
۾ سڃاتو وڃي ٿو. هن جي شاعريءَ جو مجموعو ”وفائون منتظر آهن“ ٻه ڏهاڪا اڳ ڇپجي چڪو
آهي. هو سماجي ڀلائي وارن ڪمن ۾ به ڀرپور حصو وٺي ٿو ۽ ڪيترن ئي سماجي ڀلائي وارن
ادارن سان جڙيل به آهي. چائيلڊ رائٽس ڪامٽي لاڙڪاڻي جي فائونڊر ڪواڊينيٽر، سنڌ
ايگريڪلچر سوسائٽي جي سينڊيڪيٽ جي ميمبر ۽ سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي قائم ڪيترين
ئي سماجي ڪاميٽين جي ميمبر ۽ سرگرم ڪارڪن طور مختيار صاحب اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
انهيءَ حوالي سان هو صوبائي ۽ ملڪي سطح تي ٿيندڙ ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيڻ
کان سواءِ سريلنڪا ۾ وومين رائيٽس اسيمبلي ۽ آمريڪا ۾ سانا طرفان منعقد ڪيل
سالياني ڪانفرنس ۾ پڻ شريڪ ٿي چڪو آهي. گڏ و گڏ هن عورتن جي حقن جي حوالي سان هڪ
ڪتاب ”عورت ــ حق حيثيت ۽ تشدد“ پڻ ترتيب ڏنو آهي. ان کان علاوه لاڙڪاڻي جي تاريخ
تي ڪم ڪندڙ لاڙڪاڻي جي اهم اداري ”لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جي چيئرمين
طور ذميداريون نڀائي رهيو آهي. انهن سڀني ڪمن باوجود پروفيسر مختيار جي سڃاڻپ جو
حاوي حوالو هڪ تعليمدان ۽ استاد وارو ئي آهي. هن جو علم سان اڻ ميو چاهه آهي. هو
1987ع کان زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ۽ پوءِ شهيد زي اي ڀٽو ائگريڪلچر ڪاليج ۾ هڪ
محنتي استاد طور ته پڙهائيندو رهيو آهي پر 1992ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيل سندس اداري
ناليج سينٽر ۾ به هو ساڳي طرح علم جي ونڊ ڪندو رهي ٿو. هو هن وقت به هڪ پرائيويٽ
آرگنائيزيشن ”سنڌ ايڊيوڪيشن ڊولپمينٽ سوسائٽي“ جي صدر جي حيثيت ۾ تعليم جي بهتريءَ
لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. کيس جڏهن به موقعو مليو آهي ته هن تعليم جي خدمت جي سلسلي ۾
پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي. هن هڪ ليکڪ طور به گھڻو تڻو تعليم سان جُڙيل مضمون لکيا
آهن. هن جو اهڙو پهريون مضمون جيڪو منهنجي نظرن مان گذريو سو لاڙڪاڻي جي تعليمي
ادارن تي لکيل هيو، جنهن بعد هن دنيا جي درسگاهن تي لکڻ شروع ڪيو.
پروفيسر مختيار سمي جي هن ڪتاب لکڻ پويان
بنيادي محرڪ آهي ’سنڌ جي نوجوانن کي اعلى تعليم لاءِ دنيا جي درسگاهن سان متعارف
ڪرائي کين اتساهه ڏيڻ ته جيئن هو به انهن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري سگھن.‘ هن پاڻ هن
ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”منهنجي هميشه اها خواهش رهي آهي ته دنيا جي اهڙن
ناميارن معياري تعليمي ادارن جي ڄاڻ سنڌ جي نوجوانن تائين به پھچي ته جيئن اهي به
پنھنجي ذهانت ۽ محنت وسيلي انھن ادارن ۾ پھچي اعليٰ تعليم حاصل ڪري دنيا سان ڪلھوڪلھي ۾ ملائي
هلن.“ سمي صاحب جي ان ارادي ۽ نيت ۾ هڪ سوشل ريفارمر واري سوچ موجود آهي. هي ڪتاب
پنهنجي موضوع جي لحاظ کان منفرد آهي ۽ ان موضوع تي هن کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ شايد
ڪوئي ڪتاب نظر نه ايندو.
پروفيسر مختيار سمي جي هن کان اڳ آيل ڪتابَ
يعني هن سلسلي جي پهرين جلد ۾ هن يورپ جي 44 يونيورسٽين بابت معلومات مهيا ڪئي هئي
۽ هي ڪتاب ان سلسلي جو ٻيو جلد آهي جنهن ۾ آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا جي يونيورسٽن
۽ اعليٰ تعليمي ادارن جو ذڪر موجود آهي. جن ۾ 24 آمريڪا جون يونيورسٽيون، 7 ڪئناڊا
جون يونيورسٽيون، 5 آسٽريليا جون يونيورسٽيون ۽ 1 ميڪسيڪو جي يونيورسٽي شامل آهن.
اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ ڪُل 37 يونيورسٽين ۽ اعلى تعليمي ادارن جو تذڪرو شامل آهي.
مختيار صاحب جي چوڻ مطابق ”هڪ اعتبارجوڳي اندازي مطابق دنيا ۾ ڪل نو هزار
يونيورسٽيون ۽ ان جي ليول جا ٻيا ادارا موجود آهن. پاڪستان ۾ يونيورسٽين جو ڪل
تعداد هڪ سو پنجٽيھ آهي، جڏهن ته آمريڪا ۾ ٻه هزار ڇھ سو اَسي يونيورسٽيون يا ان ليول جا ٻيا ادارا موجود آهن.“ انهن
سمورن انگن اکرن کي ڏسندي اندازو ٿئي ٿو ته دنيا ۾ علم جي آبياريءَ لاءِ ڪيڏيون
ڪوششون ٿي رهيون آهن. ڇوته علم جهالت جو ٽوڙ آهي، تنهن ڪري جيتريون وڌيڪ
يونيورسٽيون قائم ٿينديون ماڻهو اتروئي باشعور بڻبو ۽ جيترو شعور عام ٿيندو، دنيا
اوتري ترقي ڪندي. سڄي دنيا ۾ سائنس ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ ٿيندڙ سموري ترقيءَ جو
مدار انهيءَ علم تي آهي. مختيار صاحب انهيءَ علم ۽ علمي ادارن جتان ذهنن ۾ شعور جي
روشني پيدا ٿئي ٿي بابت هي ڪتاب لکي سچ ته هڪ ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
مان منڍ ۾ اها ڳالهه چئي آيو آهيان ته هن
وقت انٽرنيٽ جي سهولت سبب دنيا سُڪڙجي وئي آهي ۽ علم پکڙجي رهيو آهي، ان صورتحال ۾
دنيا جي يونيورسٽين بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ به ڪو ڏکيو مرحلو نه آهي، پر ان مان اها
مراد هرگز نه وٺڻ کپي ’ته پوءِ هن ڪتاب جي ڪهڙي اهميت ٿي...!‘ منهنجي نظر ۾ هن
ڪتاب جي چئن حوالن سان تمام وڏي اهيت آهي. اهي چارئي نڪتا آئون مختصر طور هيٺ پيش
ڪري رهيو آهيان.
پهريون ته هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي
۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جي درسگاهن بابت اهڙي ڪابه معلومات نه ته ڪنهن ڪتاب ۾ ملندي
۽ نه ئي وري انٽرنيٽ تي موجود آهي. تنهن ڪري هي ڪتاب خاص طور انهن پڙهندڙن لاءِ
ڄاڻ جي کاڻ آهي، جيڪي انگريزي يا اهڙي ٻي ڪا ٻولي پڙهي نه ٿا سگھن جنهن ۾ اهڙي
معلومات انٽرنيٽ تان يا ڪنهن ڪتاب مان حاصل ٿي سگھي.
ٻيو هن ڪتاب ۾ جن يونيورسٽين ۽ ادارن بابت
ٻڌايو ويو آهي، انهن جي سموري معلومات جو وسيلو رڳو انٽرنيٽ ناهي پر ان ۾ ليکڪ جي
پنهنجي تحقيق ۽ گھڻ رخي معلومات موجود آهي، جيڪا هن ڪتابن ۽ مختلف شخصيتن کان ورتل
انٽرويوز وسيلي به حاصل ڪئي آهي، يعني هي ڪتاب لکندي ليکڪ انٽرنيٽ کان سواءِ به
کوڙ وسيلا ڪتب آندا آهن. اهڙي وضاحت ڪندي هُن، ڪتابَ ۾ شامل پنهنجي هڪ مضمون ۾
لکيو آهي ته ”حقيقت هي آهي ته مان دنيا جي درسگاهن تي لکڻ لاءِ معلومات
سهيڙڻ ۽ سنڌي نوجوانن لاءِ اعليٰ تعليم ۽ تربيت جا موقعا تلاش ڪرڻ جي سلسلي ۾ دنيا
جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين سان رابطو ڪندو رهندو آهيان.“
ٽيون هن ڪتاب ۾ رڳو درسگاهن جا انگ اکر ڏنل
ناهن پر انهن ادارن مان پڙهي ويل يا اُتي پڙهائيندڙ پروفيسرن توڙي دنيا جي اهم
سياسي، سماجي، علمي، ادبي شخصيتن ۽ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ طبَ وارن شعبن ۾ نمايان مقام
ماڻيندڙ ماڻهن بابت به اهم معلومات موجود آهي.
چوٿون اهو ته هي ڪتاب لکندي محترم مختيار
سمي ڪوشش ڪري هر يونيورسٽي ۽ اداري مان پڙهي ويل يا انهن
ملڪن ۾ مستقل طور رهندڙ ڪيترين ئي اهم سنڌي يا پاڪستاني
شخصيتن بابت به ڄاڻ ڏني آهي. جن ۾ بينظير ڀٽو، پرويز
مشرف، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ايم ايڇ پنهور، ڊاڪٽر پرويز هود ڀائي
وغيره شامل آهن. اهڙي طرح هن الڳ الڳ مضمونن ۾ سنڌ جي ٻين اهم پروفيشنل شخصيتن
جهڙوڪه ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شيخ، ڊاڪٽر عبدالقادر
مغل، ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت، ڊاڪٽر
عمر ملاح، پروفيسر ڊاڪٽر صابن شاهه، ڊاڪٽر
فتح محمد سومرو، ڊاڪٽر ڀيرُو لال، ڊاڪٽر
محمد يامين ميمڻ، امداد علي رضا سيهڙ، انجنيئر علي حسن ڀٽو، ڊاڪٽر محمد اقبال، نورالنسا
گهانگهرو، معشوق ملاح، منصور سمون،
ستار مڱڻهار، عزيز سومرو، فواد منگي، ڊاڪٽر امير علي ميمڻ، ڊاڪٽر خليل ميمڻ،
مقصود احمد (مئڪس ميمڻ)، ڊاڪٽر الطاف سيال، محمد نواز پنهور، صبغت الله ڦلپوٽو، عبدالصمد، آصف پنهور، عمران شيخ، محمد اڪرم نظاماڻي، جميل احمد ڪولاچي، ذوالفقار شيخ، اسحاق تنيو، جيڪمار، ڊاڪٽر راشد پيرزادو، فياض سومرو، ڊاڪٽر زبير واحد بلوچ، درشن لال، مقصود ميمڻ، ذوالفقار خواجه، آصف علي پنهور، حميره چانڊيو، ڊاڪٽر
عبدالروف سومرو وغيره جو به ذڪر ڪيو آهي، جن مان ڪي
آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ مئڪسيڪو جي مختلف شهرن ۾ رهائش پذير آهن ته ڪي وري هن
ڪتاب ۾ ذڪر هيٺ آيل مختلف يونيورسٽن مان اعلى ڊگريون حاصل ڪري پنهنجي ملڪ واپس اچي
پنهنجي قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪيترين ئي شخصيتن سان مختيار صاحب جي
ذاتي ڄاڻ سڃاڻ به آهي ۽ هن انهن شخصيتن سان پنهنجي تعلق کي به مضمونن ۾ ظاهر ڪيو
آهي.
اهي چارئي ڳالهيون هن ڪتاب کي منفرد ۽
اهميت وارو بڻائين ٿيون. هن ڪتاب جي ٻولي صاف سٿري ۽ هر ماڻهوءَ کي سمجھ ۾ اچڻ
واري آهي. هن ۾ ادبي ٻوليءَ واري چاشني ڪونهي، جنهن جي هي مضمونَ لکڻ لاءِ ضرورت
به ناهي. هونءَ به هي ادب لطيف جو ڪو ڪتاب ناهي پر هڪ اهم معلوماتي دستاويز آهي ۽
اها معلومات شاگردن کان وٺي هر عام ماڻهو حاصل ڪري سگھي ٿو، ان ڪري اها سهنجي ٻولي
هن ڪتاب جي هڪ اضافي خوبي آهي.
سجاڳ قومن وٽ تعليم جي تمام گهڻي اهميت
آهي. هن ڪتاب ۾ الڳ الڳ يونيورسٽين تي لکندي مختيار سمي انهن يونيورسٽين جي قيام
جو جيڪو پس منظر ٻڌايو آهي، ان ۾ کوڙ اهڙن شخصن جو ذڪر اچي ٿو جن پنهنجي سڄي حياتي
ان هڪ اداري يا يونيورسٽي جي نذر ڪري ڇڏي يا پنهنجي سموري دولت ان تعليم اداري تي
خرچ ڪري ڇڏي. مثال طور هاپڪنس يونيورسٽي جي قيام جي سلسلي ۾ جانس هاپڪنس جي خدمتن
جو ذڪر ڪندي سمون صاحب لکي ٿو ”جانس هاپڪنس پنهنجي جان ۽ مال کي
انسانذات جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هيو. هن جو نظريو اهو هيو ته انساني ڀلائي
لاءِ خرچ ٿيندڙ رقم ئي ڪارج ڀري هجي ٿي......
جانس هاپڪنس پنهنجي باقي زندگي ۽ وٽس موجود اڻمئي ناڻي کي
انساني ڀلائي لاءِ وقف ڪري جيئڻ جو پهه ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ان جي نتيجي ۾ اهو ٿيو جو
سندس شهر بالٽيمور ۾ جانس هاپڪنس جي دولت مان عام ڀلائي جا ادارا جهڙوڪ جانس
هاپڪنس هاسپيٽل، جانس هاپڪنس نرسنگ اسڪول، جانس هاپڪنس اسڪول آف ميڊسن، جانس
هاپڪنس بلومبرگ اسڪول آف پبلڪ هيلٿ ۽ جانس هاپڪنس يونيورسٽي جنم وٺي منظر عام تي
اچي ويا.“ اهڙي ريت ڪئليفورنيا انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي جو پس منظر بيان ڪندي ان اداري جو بڻ بڻياد وجهندڙ
ماڻهو ائموس ٿروپ جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي: ”ڪيئليفورنيا رياست جي هڪ ننڍڙي شهر
پئسڊينا جي هڪ تعليم دوست مخير شخص ”ائموس ٿروپ“ جي ذهن ۾ هڪ خيال جنم ورتو ته ڇونه
پنهنجي حياتيءَ جي باقي بچيل وقت کي وڌيڪ ڪارج ڀريو بڻائڻ لاءِ پنهنجي هن شهر ۾
اعليٰ تعليم جو ڪو درسگاهه جوڙجي. 1891ع ۾ هن پنهنجي انهيءَ خواهش کي عملي جامو
پارائڻ لاءِ اڳتي وڌي وڃي شهر جي هڪ مناسب علائقي ۾ هڪ عمارت مسواڙ تي حاصل ڪري
ورتي ۽ اتي هڪ يونيورسٽي قائم ڪري ڇڏي. هن ان يونيورسٽي جو نالو پنهنجي نالي پٺيان
”ٿروپ يونيورسٽي“ رکيو..... ٿروپ يونيورسٽي
1920ع ۾ ڪئليفورنيا انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي جو روپ ڌاري دنيا جي ٽاپ معياري درسگاهن ۾ داخل ٿي وئي.“
ماضيءَ ۾ سنڌ ۾ به اهڙا مخير ماڻهو موجود
هيا جن انيڪ فلاحي ڪم ڪيا، خاص طور تعليمي ادارن جي قيام ۾ سندن اهم ڪردار رهيو.
ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، نوشهروفيروز ۽ سنڌ جي اهڙن ٻين شهرن
۾ اڄ به اهڙا ادارا قائم ٿيل آهن، پر افسوس جو اڄ جي دور ۾ تعليم جي بهتريءَ لاءِ
درد رکندڙ انسان اَٽي ۾ لوڻ برابر آهن.
هن ڪتاب ۾ اوهان کي ذڪر هيٺ آيل يونيورسٽين
۽ الڳ الڳ درسگاهن جي اهم ڪارڪردگي مثلاً سائنس، ٽيڪنالاجي، معاشيات، ڪيميا،
فلاسافي ۽ اهڙن ٻين شعبن ۾ نمايان ڪارنامن جو ذڪر پڻ ملندو. گڏوگڏ انهن يونيورسٽين
مان جن شخصيتن کي نوبل انعام يا اهڙا ٻيا وڏا اعزاز مليل آهن تن جو به مختيار صاحب
پنهنجن مضمونن ۾ خصوصي طور ذڪر آندو آهي. جنهن سان پڙهندڙ جي معلومات ۾ تمام گھڻو
اضافو ٿئي ٿو. مثلاً: هاورڊ يونيورسٽيءَ جا چوئيتاليھ اڳوڻا ۽
موجوده استاد نوبل انعام يافته آهن......
ڪئيلفورنيا
انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي استادن، سائنسدانن ۽ پراڻن شاگردن پنهنجي معياري
تحقيقن، دريافتن ۽ ايجادن جي نتيجي ۾ ٻٽيهه نوبيل انعام ۽ ستونجاهه بهترين
ڪارڪردگيءَ جا ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس نيشنل ميڊلس“ ۽ ڪي ئي ٻيا قومي ۽ بين الاقوامي اعزاز حاصل ڪيا آهن.
اڄڪلهه پڻ پنج نوبيل انعام يافته استاد انسٽيٽيوٽ جي ٽيچنگ فئڪلٽي ۾ شامل آهن....... اسٽئنفورڊ يونيورسٽيءَ جي 25 استادن پنهنجي نمايان تدريسي ۽ تحقيقي ڪارڪردگيءَ جي عيوض نوبل انعام
حاصل ڪيا آهن جن مان پندرنهن نوبل انعام يافته استاد اڄ به هن يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهن..... شڪاگو يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل
اٺهتر اسڪالرن، سائنسدانن، عالمن ۽ استادن کي پنهنجن
پنهنجن شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي عيوض نوبل انعام ملي چڪا
آهن. انهن مان اٺ نوبل انعام يافته اسڪالر اڄ به هن يونيورسٽيءَ ۾ استاد ۽ محقق جي حيثيت سان خدمتون سر انجام
ڏئي رهيا آهن.... هاپڪنس
يونيورسٽي سان سلهاڙيل شاگردن، استادن ۽ محققن پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۽ تحقيقن جي عيوض
هن وقت تائين ستٽيهه نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن جن مان ٽيويهه نوبيل انعام يافته هن
يونيورسٽيءَ جي مختلف فئڪلٽين جا استاد هيا.... وسڪانسن يونيورسٽي
سان لاڳاپيل استادن، سائنسدانن ۽ اڳوڻن شاگردن پنهنجي نمايان تحقيقن، دريافتن ۽
ڪارڪردگي جي عيوض اڻويهه نوبيل انعام حاصل ڪيا.... برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي سان وابسطه استادن ۽ شاگردن پنهنجي بهترين تحقيقي ڪم ۽
ڪارڪردگي جي عيوض ست نوبيل پرائيز، پنجهٺ
اولمپيڪ ميڊلس ۽ رائيل سوسائٽي آف ڪئناڊا جون 195 فيلوشپس ماڻيون... ڪئناڊا جي مڪگل يونيورسٽي جي اهميت جو اندازو ان
ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن يونيورسٽي سان لاڳاپيل استادن، ريسرچرس ۽ اڳوڻن
شاگردن پنهنجي نمايان تحقيق، دريافتن ۽ ايجادن جي عيوض ٻارنهن نوبيل پرائيز، ڏيڍ
سئو روڊيس اسڪالرشپس، ۽ اهڙا ڪي ئي ٻيا اعزاز ماڻيا آهن... ميلبورن يونيورسٽي جي ستن اڳوڻن شاگردن ۽ استادن پنهنجي
ڪارڪردگي جي عيوض نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن.... نيشنل آٽونامس يونيورسٽي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن جا ٽي اڳوڻا شاگرد
مختلف شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي جي ڪري نوبيل
انعام حاصل ڪري چڪا آهن، اهي اڳوڻا لائق شاگرد جيڪي هاڻي نه رڳو ميڪسيڪو پر دنيا
جا ناميارا سائنسدان ۽ سماج سڌارڪ آهن انهن ۾ الفانسو گاريشيا روبلس (امن جو نوبيل
انعام يافته)، آڪٽيويوپاز (ادب جو نوبيل انعام يافته) ۽ ماريو مولينا ( ڪيمسٽري جو نوبيل انعام يافته)
شامل آهن.
هن وقت سڄي دنيا ڄاڻ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جي
ڊوڙ ۾ آهي. معلومات حاصل ڪرڻ جو پهريون ڏاڪو تعليم آهي، بنيادي تعليم جنهن ۾ لکڻ
پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جو مڪمل هنر شامل آهي، کان پوءِ الڳ الڳ شعبن ۽ موضوعن تي معلومات
حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ شروع ٿي وڃي ٿي. اسان وٽ اهڙي ڊوڙ مقابلي وارن امتحانن جي شڪل ۾
نظر ايندي آهي، پر ان کان علاوه به ماڻهو سڄي زندگي جيتري معلومات ۽ ڄاڻ حاصل ڪندو
رهي اوتري ٿوري آهي، ڇوته ماڻهو جيئن جيئن ڄاڻيندو ويندو آهي، تيئن تيئن کيس
پنهنجي اڻڄاڻائي جو احساس وڌندو ويندو آهي. سقراط جو اهو جملو به انهيءَ ڪري
ورجايو ويندو آهي ته ”مان ڄاڻان ٿو ته مان ڪجھ به نه ٿو ڄاڻان.“ ان سڄي صورتحال ۾
ڏسجي ته هن وقت انٽرنيٽ وسيلي ڄاڻ جا ذريعا وڌي چُڪا آهن. اتان يقيناً گھڻ رخي ۽
گھڻ موضوعي معلومات حاصل ٿئي ٿي، پر اڄ جي هن جديد دور ۾ به اسان مان کوڙ ماڻهو ان
معلومات جي خزاني مان ڪجھ حاصل ڪرڻ جي قابل نه آهن، تنهن ڪري اڄ به معلومات حاصل
ڪرڻ لاءِ انيڪ ماڻهن کي ڪتابن تي ئي انحصار ڪرڻو پوي ٿو. ان سڄي صورتحال ۾ مختيار
سمي جي هن ڪتاب جي اهميت هيڪاندي وڌي وڃي ٿي. مختيار صاحب هن ڪتاب ۾ مختلف
يونيورسٽين ۽ درسگاهن بابت گھڻ رخي معلومات ڏني آهي. مثلاً: شڪاگو
يونيورسٽي جي لئبريرين ۾ پنجاسي لک ڪتاب ۽
ريسرچ جنرل موجود آهن.... آمريڪا ۾
رهندڙ سنڌين جي سماجي تنظيم ”سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا“ (سانا) جو بنياد 1989ع ۾ ڪيس ويسٽرن يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ
سنڌي شاگردن جي ڪوششن سان پيو هو... ڪولمبيا يونيورسٽي جي لئبريري سسٽم ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڪتاب ۽ جرنل
شاگردن ۽ محققن جي علمي اڃ اجهائن ٿا... اسان جي ملڪ وانگر اسڪول معني صرف پنجين پرائمري يا سيڪنڊري
ڪلاسن وارو ادارو نه آهي پر دنيا
۾ انهيءَ کان مٿي يونيورسٽيءَ جي ليول واري تعليم لاءِ پڻ اسڪول هوندا آهن.... يئل يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن ۾ آمريڪا جا پنج صدر جهڙوڪ
جارج ايڇ ڊبليو بش، بل ڪلنٽن، جارج ڊبليو بش، جيرالڊ فورڊ ۽ وليم هائورڊ، آمريڪا
جا اڳوڻا گھرو وزير يا سيڪريٽري آف اسٽيٽ هليري ڪلنٽن ۽ جان ڪيري، ميڪسيڪو جو
اڳوڻو صدر ارنيسٽو زيڊلو، اٽليءَ جو اڳوڻو وزير اعظم ماريو مونٽي، فلپائين جو
اڳوڻو صدر جوسي پاسيانو لائورل، فيڊرل ريپبلڪ آف جرمني جو اڳوڻو صدر ڪارل
ڪارسٽينس، ترڪي جو اڳوڻو وزير
اعظم تانسو سلر، آمريڪي سپريم ڪورٽ جا اڳوڻا سترنهن چيف جسٽس، دنيا جا ڪي ئي
ناميارا سائنسدان، سياستدان، تعليمدان، اديب، فنڪار ۽ ٻين مختلف شعبن جون ڪيتريون ئي نامياريون
شخصيتون شامل آهن... يئل
يونيورسٽي جي لائبريري سسٽم ۾ اٽڪل سوا
ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ڪتاب، ناياب نسخا ۽ ڊجيٽل
انفرميشن سسٽم موجود آهي... ڪئليفورنيا انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ ٽن شاگردن تي هڪ استاد
وارو تناسب رکيو وڃي ٿو..... آئوا اسٽيٽ يونيورسٽي جي
خاص ايجاد ۾ پهريون اليڪٽرانڪ ڊجيٽل ڪمپيوٽر پڻ شامل آهي، جيڪو اينٽاسوف بيري ڪمپيوٽر (Atanasoff-Berry Computer ) يا سندن نالي جي پهرين اکرن يعني ABC جي نالي سان مشهور ٿيو.... ڪئناڊا وارا سنڌي، رائرسن يونيورسٽي کي ڪئناڊا جي ”سنڌ يونيورسٽي“ سڏيندا آهن ڇو ته هتان کوڙ سارا سنڌي تعليم حاصل ڪري چڪا آهن، ۽ بيهڪ جي حوالي سان به رائرسن يونيورسٽي سنڌ يونيورسٽي جيان ئي آهي جيڪا هڪ
عمارت ۾ نه بلڪه ڊنڊاس اسڪوائر ۽ ٽورانٽو جي مشهور شاپنگ مال ئيٽن سينٽر جي آس پاس
وارين ڪيترين ئي عمارتن تي ٻڌل آهي... ويسٽرن يونيورسٽي آف اونٽاريو لنڊن جي نامياري سائنسدان ”آئوِن سمٿ“ جي
نگراني هيٺ 1951 ۾ دنيا ۾ پهريون ڀيرو ”ڪوبالٽ بم“ (Cobalt Bomb) تيار ڪيو جيڪو ڪينسر جي بيماري
واري علاج ۾ وڏو ڪارگر ثابت ٿيو.... آسٽريليا جي يونيورسٽي آف سڊني ۾ ساڍا
ٽي هزار ماڻهن تي مشتمل تدريسي عملو آهي. هن يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل پنجن ڄڻن کي
مختلف شعبن ۾ ريسرچ ۽ نين دريافتن تي نوبل انعام ملي چڪا آهن. آسٽريليا جا اڳوڻا
پنج وزير اعظم ۽ ٻه گورنر جنرل هن
يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد ٿي رهيا آهن...
هن ڪتابَ ۾ يونيورسٽين تي لکندي لکندي
مختيار سمون انهن يونيورسٽين وارن شهرن ۾ موجود سنڌين بابت به چڱي خاصي معلومات
فراهم ڪري وڃي ٿو ۽ گڏ و گڏ سندن سماجي ڪمن جو به ذڪر ڪري ٿو. هڪ مضمون ۾ لکي ٿو
ته ”هيوسٽن
۾ رهندڙ سنڌين جي سماجي ڀلائي واري تنظيم سنڌي ڪميونٽي آف گريٽ هيوسٽن متحرڪ طرح
ڪم ڪندي رهي ٿي.“ اهڙي طرح هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ”آمريڪا ۾ سنڌين جي عام ڀلائي واري تنظيم سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا ”سانا“ پاران
هڪ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن جو نالو آهي ”سنڌ اِسڪل ائنڊ ڪيريئر ڊيولپمنٽ پروگرام“ (Sindh Skill and Career Development
Program). هن پروگرام تحت ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۾
گريجوئيشن ڪندڙ نوجوانن کي ملڪ جي سٺن
ادارن توڙي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ روزگار سان لڳائڻ لاءِ نيٽ ورڪنگ، وڊيو ڪانفرنس، معلوماتي ۽ تربيتي
سيمينارن ذريعي سندن ڪيريئر ڪائونسلنگ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾
ڏيهي ۽ پرڏيهي ٽيڪنيڪل شعبن جي ماهرن جي مدد سان
سنڌ جي مختلف ٽيڪنيڪل ۽ انجنئيرنگ وارن تعليمي ادارن ۾ تربيتي ڪلاس ۽ وڊيو
ليڪچر ڪرايا وڃن ٿا ته جيئن سنڌي نوجوانن ۾ ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل مهارتن جو اضافو
ٿئي. انهيءَ سان گڏ اها به ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مستقل طور
رهندڙ سنڌي ماڻهن کي به ان ڳالهه تي آمده ڪيو وڃي ته اهي به ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل
تعليم ۾ تازو گريجوئيشن ڪندڙ سنڌ جي نوجوانن کي ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪري تلاش ڪرڻ ۾
مدد ڪن. انهيءَ حوالي سان انٽرنيٽ تي ڏنل معلومات
موجب هن وقت تائين ٽيڪنيڪل تعليم ۾
ڊگري ۽ سٺي ڄاڻ ۽ مهارت رکندڙ اٽڪل پنج سئو سنڌي نوجوانن کي آمريڪا، آسٽريليا،
برطانيا، وچ اوڀر وارن ۽ ٻين ملڪن ۾ نوڪرين سان لڳرايو ويو آهي. سانا جو اهو
پروگرام انجنئير علي حسن ڀٽو جي نگراني ۾ هلي رهيو آهي.“
هي ڪتاب گھڻن حوالن سان شاگردن لاءِ
رهنمائي فراهم ڪري ٿو مثلاً مختيار سمون هنن يونيورسٽين تي لکندي شاگردن کي انهن
يونيورسٽين ۾ داخلا جو طريقيڪار به ٻڌائي ٿو ته اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جو ڏس به ڏئي
ٿو. هاورڊ يونيورسٽي واري مضمون ۾ هن لکيو آهي ته ”ڪهڙي به
ملڪي توڙي غير ملڪي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ان يونيورسٽيءَ جا ڪجھ شرط ۽
فارملٽيز پوري ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. مثال طور پنهنجي ملڪ ۾ داخلا لاءِ صرف
بنيادي تعليمي سرٽيفڪيٽ ڏجن ٿا پر يورپ، آسٽريليا ۽ آمريڪا جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ بنيادي تعليمي سرٽيفڪيٽن سان گڏوگڏ انگريزي
ٻوليءَ جي مهارت جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ پڻ ضروري هوندو آهي. انگريزي ٻولي جي مهارت جاچڻ
لاءِ ”ٽوفل“ جو مخصوص اسڪور گھربل هوندو آهي. ”ٽوفـل“ جو مقصد
آهي ٽيسٽ آف انگلش ائز فارين لئنگوج. آمريڪا جي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ جا اهڙا خواهشمند اميدوار جن جي مادري ٻولي
انگريزي نه آهي پاڪستان ۾ ئي ٽوفل جي ٽيسٽ ڏئي داخلا لاءِ گھربل اسڪور جو سرٽيفڪيٽ
حاصل ڪري درخواست ٻين تعليمي سندن سان گڏ
هاورڊ يونيورسٽي اماڻي داخلا حاصل ڪري سگھن ٿا.“ هڪ
ٻئي مضمون ۾ لکي ٿو ته ”پاڪستان جي ٻين نوجوانن سميت سنڌي نوجوانن
لاءِ پڻ آمريڪي تعليمي ادارن ۾ اعليٰ تعليم لاءِ کوڙ موقعا موجود آهن. انهن موقعن ۾ فل برائيٽ اسڪالرشپ، ڪميونٽي ڪاليج
پروگرام، گلوبل انڊر گريجوئيٽ پروگرام، ڪينيڊي لوگر يوٿ ايڪسچينج پروگرام وغيره
شامل آهن. آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين مان ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري پروگرامن
لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ خاص طور تي فل برائيٽ اسڪالرشپ جو موقعو موجود آهي.“
اهڙي طرح مختيار سمي ڪوشش ڪئي آهي ته هر
يونيورسٽيءَ تي لکندي سنڌ جي نوجوانن کي انهن يونيورسٽين تائين رسائيءَ جي
طريقيڪار کان به آگاهه ڪري. ان حوالي سان هن ڪجھ مضمونن ۾ ته يونيورسٽين جي ويب
سائيٽن جون خاص خاص لنڪون به ڏنيون آهن، جن تي وڌيڪ معلومات ملي سگھي ٿي. تنهن ڪري
مان سمجھان ٿو ته مختيار صاحب جو هي پورهيو، رڳو هڪ ڪتاب ناهي پر سنڌي نوجوانن کي
دنيا جي يونيورسٽين جي آگاهي ڏيڻ سان گڏ کين انهن يونيورسٽين تائين رسائڻ جي سلسلي
۾ هڪ مشن به آهي. ان ڪري مان ذاتي طور هن ڪتابَ کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو.
مختصر طور اهو چوندس ته هي ڪتاب انوکي
معلومات جو خزانو آهي. اها معلومات رڳو يونيورسٽين ۽ مختلف درسگاهن تائين محدود
ناهي پر هِنَ ۾ انهن سان لاڳاپيل گھڻ رخي معلومات آهي، جنهن سان اسان جي علم ۾
اضافو ٿئي ٿو. علم ۾ اضافو يعني روشنيءَ ۾ واڌارو.... روشني اک ۾ هجي ته زندگي پُر
نور ۽ ذهنن ۾ هجي ته علم ۽ شعور جي ميدان ۾ ترقي جي اکٽ راهن جو سفر شروع ٿي
وڃي.... ”ننڍي لاءِ استادن کان انيڪ ڀيرا ٻڌو ته علم روشني آهي....“ مان
مختيار سمي جي هن ڪتاب کي سنڌي ماڻهن لاءِ روشنيءَ جو آبشار سمجھان ٿو، جنهن مان
شعور جون لاٽون ڦٽن ٿيون. هي ڪتاب هر ان ماڻهو کي پڙهڻ گھرجي جنهن جي من ۾ علم جي
پياس موجود آهي.
No comments:
Post a Comment