بخشل باغي
سنڌي ادب جي اديبن جا جاگيرداراڻا روَيا
مون کي ٻين ٻولين جي اديبن/ليکڪن جي حقيقي زندگيءَ جي
روين جي ته ڪا گهڻي ڄاڻ ناهي پر سنڌي اديبن/ليکڪن جي تخليقي توڙي حقيقي روش جي
تجربن ۽ مشاهدن کي چڱيءَ پر ڏٺو توڙي پرکيو اٿم۔ شايد ان صورتحال کي عام طور تي
قول ۽ فعل جي ڪسوٽيءَ جي معيار طور سمجهي سگهجي ٿو۔ اديب/ليکڪ جيڪي پنهنجن تحريرن
۾ روشن خيال، پيار، محبت، دوستي، امن توڙي خوبصورتيءَ جا چاهيندڙ هوندا آهن، سنجيده
۽ فهميده هوندا آهن، پر اهي عملي زندگيءَ جي اُن رُخ ۾ اڪثر طور تي گهڻي قدر مختلف
هوندا آهن۔ اهڙي دل سوز روش ادب جهڙي حساس ماحول ۾ متاثر ٿيندڙ ليکڪ فردن کي ڀُڃي
ڀوري وجهندي آهي۔ سينيئر ۽ جونيئر واري سطحي نفسيات کي ادب جي روشن خيالي به روڪي
نه سگهي آهي، توڙي جو اسان پنهنجين لکڻين يا خيالن ۾ جاگيرداراڻي سماج توڙي خيالن
جي نفي ڪندي ترقي پسند ٿيڻ جي ڪوشش ته ڪندا آهيون پر بنيادي طور تي اسان پنهنجي
اندر ۾ انهن ئي روايتن جا امين هوندا آهيون، جڏهن ته جاگيرداراڻي سوچ سنڌي سماج ۾
رڳو اديبن ۾ نه آهي پر سياست، صحافت يا سماج جي ٻين شعبن ۾ به موجود آهي، پر مان
هت ادب جي دنيا ۾ احساس جي ڳالهه ڪندڙ اديبن جي ڳالهه ٿو ڪيان ته اهي اديب/ليکڪ
نوان هجن يا پراڻا اهي ڪنهن نه طرح يا سطع تي اها نفسيات رکن ٿا جيڪا خاص طور تي
هڪ اديب کي اپنائڻ نٿي سُونهي۔
مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ته سنڌي سماج ۾ جيتري ڀڃ ڊاھ
يا افراتفري موجود آهي ان کان وڌيڪ ادب جي دنيا ۾ اديبن جي روَين ۾ ملي ٿي۔ مڃجي
ٿو ته اديب/ليکڪ به هن سماج جو حصو/فرد آهي۔ اهو به انهن سڀني حالتن کان متاثر ٿئي
ٿو ۽ سماج جي ٻين فردن جيان هُو به انهن مَنفي حالتن جا نفسياتي اثر وٺي ٿو، پر
عام ماڻهو ۽ هڪ بظاهر سنجيده، تخليقڪار به ان ڀڃ ڊاھ جي ور چڙهي وڃي ته پوءِ باقي
سماج جو ڇا ٿيندو؟ يا ايئن ڇو آهي ته اسان زندگيءَ جو ادب لکندڙ يا ان جي ڳالهه
ڪندڙ حيقيقي زندگيءَ ۾ ادب صرف ادب لاءِ واري سوچ تي عمل ڇو ڪندا آهيون؟ ادبي دنيا
۾ مختلف هنڌن تي اسان هڪ جاگيرداراڻين روين کي اختيار ڪندي شعوري يا لاشعوري طور
پنهنجي اندر جي ڪروڌ کي ڪنهن تي به ۽ ڪنهن وقت به ڇنڊي پاڻ کي هلڪو ڪندا آهيون يا
اسان ان نفسياتي وبا ۾ پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ڪجهه به نه سمجهندا آهيون ۽ پاڻ
کي هر شعبي ۾ چڱو مڙس سمجهڻ لڳندا آهيون۔ سينيئر، جونيئر کي جونيئر، سينيئر کي
پنهنجو پنهنجو جائز مقام، عزت ۽ احترام ڏيڻ لاءِ آماده ئي نه آهي۔ جيڪو جتي آهي
اهو اتي ڪنهن نه ڪنهن طرح اهڙي نفسيات کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ظاهر ڪري ٿو۔ اسان
ٻين لاءِ ته ڪي قانون ۽ قاعده جوڙيندا آهيون پر پاڻ ئي وري پنهنجي انائن ۽ اندر جي
ڪروڌ ۾ انهن جي خلاف ورزي ڪندي دير نه ڪندا آهن۔ ان حوالي سان ته اهڙا گهڻا ئي
اديب/ليکڪ ڪنهن نه ڪنهن طرح اهڙين ريتن کي اپنائيندا رهن ٿا۔ جيئن ڪجه مئگزينن جا
روشن خيال ناميارا اديب/ليکڪ پنهنجن مئگزينن ۾ پنهنجي ليکي هر لکڻي نئين ۽ معياري
ڪري ڇپيندا آهن۔ ائين ڪنهن حد تائين هوندو به آهي۔ پر گهڻي قدر اهي ليکڪ ادب ۾
سفارش ڪلچر کي هٿي ڏيندي پنهنجي من ماني ڪرڻ کان به ڪين ڪيٻائيندا آهن ۽ اهي
جاگيردار ايڊيٽر بڻجي پنهنجي پسند ناپسند کي ايڊيٽنگ جي نالي ۾ پيا اپنائيندا آهن۔
هو عالمي ادب مان کنيل يا ترجمو ڪيل لکڻين کي يا پنهنجي
پسند جي يا وري ڪنهن نه ڪنهن جي سفارش تي اهڙيون به لکڻيون ڇپيندا آهن، جيڪي
حقيقيت ۾ ڪي ايتريون اهم نه هونديون آهن۔ جڏهن ته اڪثر طور تي ان جاءِ تي ڪي معياري
لکڻيون، اهم نه تڏهن به انهن مئگزينن ۾ ڇپجندڙ مواد جيتريون ته ضرور معياري
هونديون آهن، جيڪي ايڊيٽر جي ذاتي معيار جي بلي چڙهي وينديون آهن. يا ڪڏهن ڪڏهن
غير ضروري طور تي ڪي لکڻيون طويل هوندي به ايڊيٽر صاحب ڇپي ڇڏيندا آهن پر اڪثر طور
تي اهم يا خاص لکڻيون ڊسٽ بن جو کاڄ ٿي وينديون آهن يا جي ڪڏهن ڇپبيون به آهن ته
انهن جي عجيب قسم جي ڪٽ ڪوٽ ڪري ڇپيندا آهن جو ليکڪ سَڪتي ۾ اچي ويندو آهي، جنهن
سان ليکڪ جو اصل مقصد ۽ مفهوم متاثر ٿي ويندو آهي يا اهو به قاعدو رکيل هوندو آهي
ته سندن مئگزينن ۾ ڇپيل مواد اڳ ۾ ڪٿ ڇپيل نه هجي يا سوشل ميڊيا تي به رکيل نه هجي
پر وري پوءِ پاڻ ئي اهڙيون لکڻيون وڏي طمطراق سان ڇپيندا آهن۔ منهنجي هڪڙي ليکڪ
دوست هڪ مئگزين ۾ ڪا ڪويتا ڇپجڻ لاءِ موڪلي۔ مئگزين جي ڇپجڻ کان ٻه يا ٽي ڏينهن اڳ
اها ڪويتا ان دوست فيس بوڪ تي به رکي ڇڏي، پوءِ ته ان ويچاري شاعر سان ان مئگزين
جي جاگيردار ايڊيٽر فيس بڪ جي ميسيج باڪس ۾ وڏيروڪو سخت رويو اختيار ڪندي کيس اهڙي
عمل جي اهڙي ته لفظي سزا ڏني، جو اُن سادي سودي مزاج واري دوست ان غلطيءَ جي کانئس
معذرت ڪرڻ لاءِ ايڊيٽر صاحب کي فون به ڪئي ته پريان فون تان روشن خياليءَ جي چڱي
مڙس ايڊيٽر جون رڳو ڳالهيون ڪندڙ اديب ان تخليقي شاعر سان ڏاڍو اڻ ڍنگو ڳالهايو ۽
پوءِ سندس مئگزين ۾ هلندڙ ڪويتا به مئگزين مان ڪينسر جي ڪنهن ٽڪري جيان ڪٽي ڪڍي
اڇلائي ڇڏي ۽ ڪافي ڏينهن تائين اهو شاعر دوست تمام گهڻي ڏک جي ڪيفيت ۾ مُبتلا
رهيو۔ ڳالهه رڳو ان حد تي ڪو نه کُٽي پر ان ڳالهه کان پوءِ ان ايڊيٽر ان شاعر کي فيس
بوڪ تي اَن فرينڊ به ڪري ڇڏيو بلڪ هن دوست ڏک ڪندي ان ڳالهه کان اڳ ۾ اهو ڏک به
مون سان اوريو هو ته ان مهان ايڊيٽر ڏي هن ڪڏهن هڪ ڀيرو ڪا لکڻي فيس بوڪ تي کيس
ٽيگ ڪئي هئي ته هن کيس ميسيج باڪس ۾ سخت رويو اختيار ڪندي لکيو هو ته تون آئينده
مون ڏي ڪا به شيءِ ٽيگ نه ڪندو ڪر۔ جڏهن ته ان دوست جي بقول هُو ان ايڊيٽر صاحب
سان ڪڏهن به نه مليو هو۔ بس هڪ ٻئي کي لکڻين ذريعي ئي سڃاڻيندا هئا۔ ان کان اعلاوه
اُن مئگزين جي ان جاگيردار اديب ان شاعر جي اڄ تائين وري ڪابه تخليق نه ڇپي.
اها ڪا نئين ڳالهه ڪو نه هئي ته ڪو پهريون ڀيرو سندس مئگزين
۾ اها ان شاعر دوست جي پهرين لکڻي ڇپجڻ واري هئي جيڪا ڇپجڻ کان پهرين ان مئگ ۾
ڇپجڻي هئي، جيڪا ڇپجڻ کان روڪي وئي پر پوءِ جڏهن ان ڳالهه تي غور ڪيو ويو ته ان
کان اڳ توڙي پوءِ به اڄ تائين اهڙيون کوڙ ساريون لکڻيون ان مئگزين جي ايڊيٽر صاحب
ڇپيون هيون يا آهن جيڪي اڳ ۾ ڪٿي ڇپيل يا فيس بوڪ تي يا سوشل ميڊيا تي رکجي ۽ ڇپجي
چڪيون هيون۔ سو ڳالهه ڪئي سين پئي ته سنڌي ادب جي دنيا ۾ اهڙي سطحي ۽ جاگيرداراڻي
سوچ ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ ادب ۾ جونيئر، سينيئر جي وڇوٽي واري وٿي ڪڏهن وصل ۾ تبديل
ٿيندي ۽ تخليقي ۽ غير تخليقي معيار کي طيءِ ڪرڻ واري ايمانداراڻي سوچ ڪڏهن پيدا
ٿيندي!؟
No comments:
Post a Comment