20/08/2022

سردار ٻرڙي جي ڪتاب ”آڪٽوبر انقلاب“ تي هڪ نظر - رياض ابڙو (Riaz Abro)

 

رياض ابڙو

 

سردار ٻرڙي جي ڪتاب ”آڪٽوبر انقلاب“ تي هڪ نظر

 


ادب جيڪو ٻين ٻولين مان انگريزي ۾ ترجمو ٿيندو هجي يا جيڪو ادب انگريزي ٻولي ۾ سرجندو هجي ته اهو دنيا جي سڌريل يا اڻ سڌريل ملڪن ۾ هڪ ئي رجحان سان پڙهيو ٿو وڃي، ان ڪري ته دنيا جي 60 سيڪڙو آبادي انگريزي ٻولي پڙهي، لکي ۽ ڳالهائي سگهي ٿي يا سمجهي به سگهي ٿي. ان ڪري انگريزي ٻوليءَ ۾ سرجيل ادب مان ٻيون سڀ ٻوليون لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿيون. ان ۾ هڪ ڪتاب جون ملين ڪاپيون کپائي به سگهجن ٿيون، ان ادب مان پبلشر به ڪمائي ٿو ته رائيٽر به ڪجھه لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿو. ٻين ٻولين مان جيڪو ادب روسي، فرانسيسي، جرمن، اطالوي، عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيندو رهي ٿو ان اسپيڊ سان انگريزي، عربي ۽ اردو ڪتاب وڏي اسپيڊ سان سنڌيءَ ۾ ترجمو به ٿيندا رهن ٿا (جيڪي ادب دوست خريد به ڪن ٿا يا پڙهن به ٿا) ان ڪري انهن جو ڪاپيون گھڻيون وڪرو به ٿينديون رهن ٿيون، پر اسان وٽ اهڙيون پريڪٽسز نه ٿيون ٿين، ڇو ته اسان وٽ پڙهندڙن جو ريشو نسبتن گھٽ آهي، ان ڪري ادب اسان وٽ پيٽ پوڄا قطعن ناهي يا ڪو ”آسڪر ايوارڊ يا نوبل پرائيز“ نه ٿو کڻي اچي پر مڙئي هڪ ”هابي“ ضرور آ يا ڪجھ پارٽ ٽائيم يا ڪا ڪرت ضرور آ پر جس لهڻن اهي ادب دوست جيڪي پوءِ به خدمت ۾ پيش پيش آهن.

انگريزي مان سنڌيءَ ۾ ڪوالٽيءَ وارا ادبي ڪتاب ترجمو به ٿيندا رهن ٿا جن ۾ ناول، ڪهاڻيون، شاعري، تاريخي ڪتاب، مذهبي لٽريچر، سائنٽفڪ فڪشن يا ٻيا درسي ڪتاب به ترجمو ٿيندا رهن ٿا ان ڪري جس آ انهن لکندڙن کي جيڪي اهي ڪتاب ترجمو ڪن ٿا ۽ اسان وٽ پڙهندڙن کي اهڙن ادبن ۽ انمول ڪتابن سان محظوظ به ڪن ٿا. سوال اهو به آهي ته ادب جا ترجما ڇو ڪجن؟ هڪ وڏو سوال ضرور آ، يا اهڙي ڪهڙي ضرورت آ جنهن ۾ ديسي ادب کي تياڳي وديسي ادب پڙهجي؟ ان جوسبب اهو آهي ته اسان ٻاهرين ادبن کان واقفيت ماڻيون ۽ خبر پوي ته ٻين ٻولين ۾ ادب ڪيئن سرجي ٿو، ان ڪري جس لهڻن اهي اديب جيڪي اسان جي هٿن تائين ٻاهريون ادب پڄائن ٿا ان ڪري ترجما ڪجن، ترجما ڪري پڙهندڙن تائين اهي ڪتاب پڄائجن، ان ڪري جو اسان جي ادب ۾ به فارين لٽريچر جي سڳنڌ اچي.

محترم سردار ٻرڙو به انهن مترجمن جي ڳڻپ ۾ اچي ٿو جيڪي ڪوالٽي وارا ڪتاب آڻن ٿا (۽ هي ليکاري مسلسل ترجمن ۾ دل ۽ جان سان لڳل آ ۽ ڪم ڪري پيو ۽ ڪجھ ترجما هن جي هٿ هيٺ آهن). وري اسان وٽ هڪ وڏو الميو اهو به آهي ته وڏو پڙهيل لکيل اهو آهي جنهن کي انگريزي اچي يا سهڻو اهو آ جنهن جي کلَ اڇي اجري هجي (يا وصفين سهڻو به هجي) پر هڪ ٻي ڳاله به نهايت اهميت جي حامل آ ته اسان وٽ گھڻي ڀاڱي جيڪي به ادب سرجي ٿو اهو خالص پنهنجي ٻولي ۾ ئي سرجي ٿو، جنهن جي اسان کي وڏي ضرورت به آهي ۽ اسان کي فخر به آهي ته اسان پاڻ پنهنجي ٻوليءَ جي بهترين خدمت ڪرڻ وارا آهيون ۽ مسلسل ڪيون پيا پر وري ٻي ڳالھه به نهايت اهميت جي حامل آهي ته ديسي ادب به پڙهجي جنهن ۾ روسي، انقلابي ادب، جرمن ادب، اطالوي (اٽلي) ادب، فرانس جو ادب ۽ عربي ادب پڙهجي پر گھڻي ڀاڱي اهو ادب جيڪو انگريزي ۾ ترجمو ٿي پڄي ٿو، جن کي پوءِ ڪجھه ڏاها پنهنجي بي لوث خدمتن سان انهن سڀني ادبن کي سنڌي پڙهندڙن جي لاءِ سولو بڻائين ٿا جنهن ۾ سردار ٻرڙو به اچي وڃي ٿو جنهن جي ادبي قدڪاٺ جي اها ئي سڃاڻ آهي ته هو روسي ادب سان گڏ ان انتها درجي جي ڪوشش ۾ رڌل آهي ته هو ڀرپور پڙهي ۽ لکي ۽ پڙهندڙن وٽ پنهنجو پورهيو پڄائي ۽ پنهنجي پورهيي کي سفلتا به بخشرائي.

سردار ٻرڙي جي هڪ ڳالھه ڏاڍي ڀلي لڳي ته هو ڪتاب جي ٻولي ۽ ڏنل ڊسڪورس سان ڀرپور نڀائي ٿو، ان ڪري اسان مڃون ٿا ته ترجمو ڪرڻ انتهائي مشڪل ڳالھه هوندي آ ۽ وڏي محبت طلب ڪم آ جنهن ۾ ٻوليءَ سان گڏ ڪتاب اندر بيان ڪيل پيغام جي رسائي به ممڪن بڻائڻ ليکاري جو فرض هوندو آهي ته هو ليکاري ان ڊسڪورس سان نڀاءُ ڪري ڏيکاري ۽ اهو سڀاءُ ۽ ڏيکاءُ به برقرار رکي جنهن ۾ پڙهندڙ ٽَهي ڪتاب کي پاسي تي نه اڇلائي ڇڏي، ان ڪري ليکاري جي اها به ڀرپور ڪوشش هوندي آهي ته پڙهندڙ ان جي لکڻين مان بور يا ڪَڪِ يا تنگ نه ٿئي يا اهو ڪتاب ڇپجڻ سان ئي ڊسٽ بِنِ ۾ هليو وڃي.

روسي ادب جي تعريف جا بند ٻَڌي سگهجن ٿا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن کان شروع ڪري سگهجن ٿا جن ۾ ليئو ٽالسٽاءِ کان وٺي ميڪسم گورڪي تائين اچي ڳاله کي پڄائجي يا وري شروع ڪجي. ازم وقت سِر مٽبا رهن ٿا يا وقت جي ضروت هجن ٿا جيڪي ڦرندا رهن ٿا مثال سوشلزم يا ڪميونزم يا ڪيپٽلزم هر دور ۾ مٽبا رهن ٿا، ان ڪري سوشلسٽ رياستون هاڻي گاڏڙساڏڙ سرمائيداري ڏي سرنديون وڃن ٿيون يا ڪميونسٽ رياستون به پاڻ سرمائيداري ڏي وڌن ٿيون، پر سردار ٻرڙي جي ڪتاب مان هڪ ڳالھه سمجهي سگهجي ٿي ته جيتوڻيڪ اسٽالن پاڻ مارڪسسٽ نظريي جي نفي پيش ڪندو هيو تيئن هن وري روسي قوم کي نئين دور جي لاءِ جاڳايو به جنهن ۾ اسٽالن ٻي مهاڀاري لڙائي، جرمني جي جارحيت کي منهن ڏيڻ واري حرفت يا روسي عوام کي متحد ڪرڻ واري ڳالھ يا هڪ نظريي جي پويان هلڻ واري ڳالھه تي بيهاريو توڻي جو جاپان جي مٿان 3 آگسٽ 1945 تي ٿيل حملا يا ان جي ڪا کُڻڪ اسٽالن جي ٽيم وٽ نه هئي، پر هو جيڪي به ان دور ۾ تقريرون ڪري روسين کي جاڳائي ٿو اهي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ وٽان آهن يا جنهن ازم ۽ ارادي يا نظريي يا آڊيولاجي جي ڳالھ ڪري ٿو اها سمجهڻ وٽان آهي، ان ڪري ان سڄي تناظر يا پيش منظر ۾ رڳو ان اراديت واري ڳالھه سمجهڻ گهرجي يا ان جي ان ٽائيم اندر پيدا ٿيل معروضيت جي گهرجن کي به سمجهڻ گهرجي. هن ڪتاب ۾ سرمائيداري واري شروع واري دور جي ۽ ان جي روس اندر ارتقا ۽ مُلي جُلي وڃڻ واري صورتحال کي پنهنجن مضمونن ۾ آساني سان بيان به ڪري وڃي ٿو. هڪ هنڌ ڏاڍي ڀلي ڳالھ پڙهڻ ۾ آئي ته ”مختلف سرمائيدار ملڪن اندر سوشلزم هڪ ئي وقت ڪاميابي ماڻي اهو ضروري ناهي.“ ان ڪري ڳالھ ساڳي ٿي بيهي ته ازم وقت سر مٽبا رهن ٿا جيڪي اڳتي هلي وري ٻي شڪل اختيار ڪري ويندا.

سردار ٻرڙي جي هن ڪتاب ۾ آمريت جي نظرين کان وٺي شروع جي ڪميونزم ۽ گاڏڙساڏڙ سوشلزم جا بنياد به وائکا ٿيل آهن جيڪي اسٽالن جي ڀرپور ڪيل تقريرن مان پڙهڻ جهڙا آهن، روسي انقلاب جي ضرورت يا طاقت وقت جي مائينڊسيٽ يا ضرورت کي سمجهي سگهجي ٿو، انقلابن، تقريرن، مائينڊسيٽ، حاڪميت جي اصولن ۽ اندروني ۽ بيروني حالتن کي سمجهڻ جي لاءِ سردار ٻرڙي جي ڪتاب پڙهجي، ته جيئن نوجوان جي همت افزائي ڪري سگهجي. 

1 comment:

  1. آئون سائين رياض ابڙي جو ٿورائتو آھيان جنھن منھنجي ترجمي کي باريڪ بينيءَ سان پڙھيو ۽ ان تي جاندار تبصرو ڪيو

    ReplyDelete