رئوف نظاماڻي
ميري دنيا: ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي آتم ڪٿا
تازو ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا جي ٻي جلد ”ميري دنيا“ پڙهڻ جو موقعو مليو.
پهرين جلد ”در در ٺوڪر کائي“
گھڻو عرصو اڳ پڙهي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي 1952ع ۾ يارنهن سالن جي عمر ۾ ڀارت جي
ٽونڪ شهر مان حيدرآباد اچي رهڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت هن سنڌ يونيورسٽي ۾
تعليم حاصل ڪرڻ ۽ اتي تاريخ جي استاد طور پڙهائڻ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هن يونيورسٽي
جي ماحول، شاگردن جي ساڻس ورتاءُ ۽ خاص طور ٻن وائس چانسلرن
غلام مصطفيٰ شاهه ۽ شيخ اياز سان سندس ناتن جو ذڪر ڪيو آهي. ٻي جلد ۾ هن پنهنجي
زندگيءَ جي مختلف موضوعن کي کنيو آهي.
سندس چوڻ آهي ته ننڍپڻ ۾ سندس مذهب ڏانهن گھڻو لاڙو هو. هو پابنديءَ سان نماز پڙهندو هو. رستي پنڌ هلندي نماز جي وقت کيس جيڪا ويجھي مسجد ملندي هئي، ان ۾ نماز پڙهڻ لاءِ هليو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻيا کيس ٻڌائيندا هئا ته هو ٻيءَ مسجد ۾ وڃي نماز ادا ڪري. هڪ ڀيري هو ڪوئيٽا ۾ احمدين جي عبادت گاهه ۾ هليو ويو جتي کيس پيار سان سمجھايو ويو ته اها جاءِ سندس لا نه هئي ۽ هو ٻي مسجد ۾ وڃي نماز ادا ڪري. وقت سان گڏ هو مذهب کان پري ٿيندو ويو.
ڊاڪٽر مبارڪ 1989 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان رٽائرمنٽ وٺي مستقل طور
لاهور ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي پر حيدرآباد سان سندس هڪ جذباتي تعلق ۽ واسطو باقي
رهيو.
هو وقت بوقت مختلف موقعن تي حيدرآباد ايندو رهيو آهي. کيس ان
ڳالهه جو ڏک آهي ته شهر اڳ جيان نه رهيو آهي. اڳ ڪشاده روڊ ۽ رستا هوندا هئا، شام
ٽاڻي هير پئي گھلندي هئي ۽ منگھن وارا هوادار گھر هوندا هئا. هن وقت شهر ۾ رش وڌي
ويئي آهي، پنڌ هلڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ منگھ ختم ٿي ويا آهن. کيس هڪ ٻي اها به شڪايت
آهي ته حيدرآباد کي ڪراچي کائي ويو آهي. ان جو هڪ ڪارڻ ته هُو اهو ٻڌائي ٿو ته
ويجھڙائي جي ڪري شهر جي سڄي تفريح ۽ رونق ڄڻ ڪراچيءَ منتقل ٿي ويئي آهي. جڏهين ته
ٻيو ڪارڻ اهو آهي ته هتي جيڪي سندس دوست هوندا هئا ۽ جن سان ويهي روح رهاڻ ڪبي هئي،
انهن مان گھڻن ڪراچي وڃي مستقل رهائش اختيار ڪئي آهي.
پنهنجن پراڻن دوستن ۾ هو خاص طور ظفر حسن جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو ان
وقت يونيورسٽيءَ جي جاگرافي شعبي ۾ استاد هو. اهي ٻئي علمي ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ شريڪ
ٿيندا هئا. پر سندس چوڻ آهي ته جڏهن هو جرمنيءَ مان موٽيو ته ظفر حسن بلڪل ئي
بدليل هو. هو پڪو قوم پرست ٿي ويو هو. حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻيءَ جو ذڪر ڪندي هو
ٻڌائي ٿو ته ان ۾ سيد سبط حسن ۽ غلام مصطفيٰ شاهه به شريڪ هئا. ان گڏجاڻيءَ ۾ ظفر
حسن تقرير ڪندي چيو ته اڙدو هڪ پرماري ٻولي آهي ۽ ان سنڌيءَ جو استحصال ڪيو آهي.
ان تي سيد سبط حسن جو چوڻ هو ته ٺيڪ آهي ته اڙدوءَ جيڪڏهن اهو ڪردار ادا ڪيو آهي
ته پو اڄ کان اسان اڙدوءَ جا
مخالف ٿي ٿا وڃون، پر ڊاڪٽر مبارڪ ان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي، اسٽيج تي ويٺل
غلام مصطفيٰ شاهه ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته سنڌيءَ کي اڙدوءَ نه پر سنڌ جي اهڙن
وڏيرن نقصان پهچايو آهي، جڏهن ته غلام مصطفيٰ شاهه هڪ روايتي تقرير ڪئي.
ڊاڪٽر مبارڪ ان آتم ڪٿا ۾ ٻين گھڻن دوستن جو ذڪر ڪيو آهي پر
انهن ۾ حمزه علويءَ کي هو خاص طور ياد ڪري ٿو. حمزه علويءَ کيس ٻڌايو هو ته اڙدو ۾
ڪمزور هئڻ ڪري اڙدوءَ جي استاد کيس زور سان ديوار سان هنيو هو جنهنڪري کيس اڙدوءَ
کان نفرت ٿي وئي هئي. هو ڄڻ ڊاڪٽر مبارڪ جي گھر جو فرد هو. هن کيس پنهنجين لکڻين
کي اڙدوءَ ۾ ترجمي ڪرائڻ لا چيو هو. ان ڪم جي نگرانيءَ لا هن کيس معاوضو ڏيڻ چاهيو
ٿي جيڪو هن وٺڻ کان انڪار ڪيو، پر هن جي بيروزگار هئڻ ڪري هو وقت بوقت سندس کيسي ۾
پئسا وجھندو رهندو هو ۽ سندس ڌيئرن کي به ڏيندو هو. هو لاهور جي عبدالله ملڪ ۽ ٻين
ڪجھه دوستن جو به ذڪر ڪري ٿو.
جرمن ٻوليءَ ۽ ڪلچر سان واقفيت هئڻ ڪري کيس لاهور جي گوئٽي
انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو هو. هُو نوڪريءَ کي هونئن ئي هڪ غلامي سمجھي
ٿو ۽ برابريءَ جي سطح تي ورتا جو قائل آهي. پر اها ڳالهه پاڪستان ۾ ته ممڪن
ناهي جنهن جو تجربو کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيو هو پر هو چئي ٿو ته جرمنيءَ ۾ به
باس اها توقع ڪندو آهي ته سندس تابعداري ڪئي وڃي ۽ هر حڪم مڃيو وڃي. جيستائين
ڪراچي ۾ شرر ڊائريڪٽر هو تيستائين معاملو خوشگوار نموني هلندو رهيو. سندس وڃڻ کان پو نئين ڊائريڪٽر سان ناتن جي
اها نوعيت نه رهي کيس اتان استعفا ڏيڻي پئي، جڏهن ته لاهور جو گوئٽي انسٽيٽيوٽ به
ڪجھه عرصي کان پو بند ٿي ويو. ان کان پو هن مختلف ادارن ۾ ڪم ڪيو
پر پنهنجن اصولن تي ٺاهه نه ڪرڻ جي عادت جي ڪري هو ڪٿي ٽڪي نه سگھيو ۽ گھڻين جاين
تي سندس خيالن جي ڪري کيس ٽڪڻ نه ڏنو ويو. هو مختلف اڙدو ۽ انگريزي اخبارن ۾ پڻ
لکندو رهيو. سندس چوڻ آهي ته کيس ”ڊان“ پاران ته سندس مضمونن جي باقاعدي ادائيگي
ٿيندي هئي، جڏهن ته جنگ گروپ پاران ائين نه ٿيندو هو.
هن پنهنجن مختلف ملڪن جي ياترا جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. ڀارت جي
حوالي سان هُو ٻڌائي ٿو ته شروع ۾ ٻنهي ملڪن ۾ اچ وڃ تي گھڻيون پابنديون نه هيون.
هتي اچڻ کان پو سندس ما هڪ ڀيرو پنهنجن مائٽن سان
ملڻ لا اتي ويئي هئي ۽ خيريت سان
موٽي آئي هئي. اها صورتحال 1965 جي جنگ کان پو بدلجي ويئي. جيتوڻيڪ کيس اتي ڪانفرنسن وغيره جي
دعوت ملي ٿي پر هاڻي ڀارت جو ويزا ملڻ هڪ ڏکيو مسئلو آهي. جڏهن سندس ڌي عطيه کي
جواهر لال يونيورسٽيءَ جي تاريخ جي شعبي ۾ داخلا ملي هئي ته هو ۽ سندس زال ۽ ٻار
پڻ ڀارت ويا هئا. کيس پاڻ جواهر لال يونيورسٽي جي فيلوشپ جي آڇ ٿي هئي، پر بِي جي
پِي جي حڪومت ۾ اها منظور نه ٿي سگھي ۽ ٻنهي ملڪن جي تنازعن جو شڪار ٿي ويئي. سندس
ٻه ڌيئرون آمريڪا ۾ آهن ۽ هو ٽي ڀيرا اتي ويو آهي. انگلينڊ به سندس اکين جي چڪاس
وغيره لا وڃڻ ٿيو آهي.
آتم ڪٿا مان هڪ ته اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته هو پنهنجي مزاج ۽
خيالن جي ڪري خاص طور هتان جي ماحول سان مطابقت پيدا نه ٿو ڪري سگھي جنهنڪري کيس
تڪليفون به سَهڻيون پون ٿيون ۽ فرسٽريشن به ٿئي ٿي. ٻي ڳالهه ته کيس اهو احساس به
آهي ورهاڱي کان پو جيڪي ماڻهو هتي لڏي آيا آهن انهن کي قبوليت نه
ٿي ملي ۽ هتان جا ماڻهو انهن کي پنهنجو نه ٿا سمجھن. آتم ڪٿا جي پهرئين جلد ۾ به
هن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته پنهنجي وطن مان ته نڪتا آهيون، هاڻي الائي اسان
کي ڪٿي ڪٿي ڌڪا کائڻا پوندا. ان ساڳي ڳالهه جو اظهار هُن هِن جلد ۾ مولانا آزاد جي
حوالي سان ڪيو آهي ته جڏهن سنڌ ۽ پنجاب جي ماڻهن ۾ قوم پرستي زور وٺندي ته اهي
اوهان کي ناپسند ڪرڻ لڳندا. سندس چوڻ آهي هن وقت به پنجاب ۾ مهاجرن کي ’ڀيا‘ ۽ سنڌ
۾ انهن کي نفرت وچان ’مڪڙ‘ چيو وڃي ٿو.
هڪ ذهين ۽ قابل ماڻهو پر ساڳئي وقت ڏک ۽ مسئلن ۾ ورتل ۽
فرسٽريشن جو شڪار. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر مبارڪ لا اها ڳالهه اطمينان جو باعث هئڻ گھرجي ته کيس هڪ
عوامي تاريخدان جو رتبو حاصل آهي ۽ کيس جيڪڏهن مقتدر طبقن پاران رد ڏنو ٿو وڃي ته
ٻئي پاسي کيس نوجوان ۽ عام ماڻهو عزت ڏين ٿا. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته تاريخ جي
حوالي سان سندس ڪم ساراهڻ جوڳو آهي.
No comments:
Post a Comment