28/01/2023

اوھان ”شنڪر ڀيل“ جي شاعري پڙھي آھي؟ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

مٺل جسڪاڻي

اوھان ”شنڪر ڀيل“ جي شاعري پڙھي آھي؟

 

شنڪر ڀيل کي مون سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو الھيار جي دستوري گڏجاڻين ۾ ڏٺو. سندس شاعري، سندس زباني ٻُڌي. کيس گهڻو نہ سڃاڻان. جڏھن کان سنڌي ادبي سنگت بہ عام رواجي سياسي سنگت مثل ٿي، ڌڙابندي ٿي، تہ گڏجاڻين ۾ منھنجو نہ برابر وڃڻ ٿيو، نہ وڃڻ جھڙو ٿيو. جڏھن کان ٽنڊو الھيار ۾ بہ ٻہ ڌار ڌار گڏجاڻيون ٿيڻ شروع ٿيون آھن، تہ بلڪل بہ وڃڻ نہ ٿيو آھي. سڀني سان تہ فاصلاتي رابطو ڪڏھن رھيو ئي نہ آھي، جن سان بہ ھو، انھن سان بہ ڄڻ تہ ھاڻي رابطو نہ آھي. شنڪر ڀيل سان سڌو رابطو نہ ھو، نہ آھي، پر اڄ اوچتو ذھن تي تري آيو، تہ ”ڪجهہ تہ ھيو“ رديف سان سندس ھي غزل ذھن تي تري آيو، ڳولا ڪيم، تہ سڄو پڙھي ورتم. اوھان بہ پڙھو:

ھانءُ جي ڀر ۾ ھيڏو ٻارڻ، ڪجهہ تہ ھيو،

روز نئين ڪَوتا جو ڪارڻ، ڪجهہ تہ ھيو.

ائين نہ ٿيو ھو سر جو سودو اي صاحب!

واڄي تي ائين سر جو وارڻ، ڪجهہ تہ ھيو.

فضول گهٽي ۾ ڦيرا ڪيئن نہ فقير ڏنا،

تُنھنجي خوشبوءَ جو کيڪارڻ، ڪجهہ تہ ھيو.

ڪيئن نہ بنجر ٿي من جي مٽي ھئي سائين،

اندر ۾ احساس جو آرڻ، ڪجهہ تہ ھيو.

ڪين نہ ڪڏھن درٻاري ٿيو آ دان جي لئہ،

چت ۾ ھڪڙو چوکو چارڻ، ڪجهہ تہ ھيو.

س ا س ۾ بہ ”ڪجهہ تہ ھيو“، جيڪو جيئن پوءِ تيئن وڌ بہ نظر اچي پيو، ان ڪري ھڪ ئي شھر ۾، ٻہ ٻہ ڌار ڌار دستوري گڏجاڻيون ٿين پيون. ڪنھن ۾ سڀ ڄاتل سڃاتل تہ ڪنھن ۾ ھڪ ٻہ ڄاتل سڃاتل، ھڪ ٻہ اَڄاتل، اڻ سڃاڻ، پر گڏجاڻيون ٿين ٿيون. شنڪر ڀيل بابت اڃا ڪنھن گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ جي خبر نہ اٿم. اھڙا ڪي ٻيا بہ ھوندا. آئون جنھن شنڪر جو ذڪر پيو ڪريان، ان جو ھڪ ٻيو غزل بہ اک چڙھيو آھي، اوھان بہ پڙھو:

وري سو واس ڳولهيان ٿو،

عجب احساس ڳولهيان ٿو.

اچي ٿي خواب ۾ ناني،

مان دٻلي ناس ڳولهيان ٿو.

جڏهن ڀي پاڻ ٿو ڳولهيان،

ته تنهنجي پاس ڳولهيان ٿو.

رهڻ ڏيو پنهنجي ڌرتيءَ تي،

ڪٿي آڪاس ڳولهيان ٿو.

غزه جي ڳوٺ ۾ اڄ ڪلهه،

مان پنهنجو ماس ڳولهيان ٿو.

ڏٺم ڪجهه ڦول ڪَوَتا ۾،

مگر مان خاص ڳولهيان ٿو.

امن سان ڀونءِ اُجري ٿي،

اها بس آس ڳولهيان ٿو.

شنڪر ڀيل جي ڳولا يا ڳولھا، صرف ان غزل ۾ شامل حوالن سان نہ رھي ھوندي. ھاڻي تہ ھو اڳوڻي س ا س بہ ڳوليندو ھوندو، ڀلي ڳولي. جيستائين ڳولي، تيستائين سندس ھڪ ٻئي غزل وانگر ”مَنَھه ۾ مچ ٻاري“ ويھي سيءُ بہ لاھيون ۽ نتيجن جو انتظار بہ ڪريون، يا اوھان سندس اھو غزل بہ پڙھڻ چاھيندا؟ چاھيو تہ پڙھو:

اڄ ڊسمبرَ جو سحر من ۾ اُتاري ٿا ويهون،

اچ مٺي! منهنجي مَنَهه ۾ مچ ٻاري ٿا ويهون.

هي ڪکاوان جهوپڙا ساڳيا، هوا ۽ چنڊ رات،

ڪنهن سمي سهڻي جي ٻيهر سارَ ساري ٿا ويهون.

تون ورين آن شام جو ڪاٺين ڀريءَ سان ڪامڻِي،

پگهريل ڪجلين اکين تان جان واري ٿا ويهون.

اڄ نديءَ جي نينڍ آ، چنڊ رات آ ٿا گڏ هلون،

چنڊ تڙڳي ٿو نديءَ ۾، ۽ ڪناري ٿا ويهون.

سنڌ ٿي جهومي سڄي اڄ ڀٽ ڌڻيءَ جي راڳ ۾،

پاڻ صوفيءَ جو سراپا ويس ڌاري ٿا ويهون.

ويٺن تان واري وري“ شايد شاھہ لطيف چيو. لطيف تہ ”ھلو ھلو ڪورئين“ بہ چيو، ”محبت پائي من ۾“ بہ چيو، ”محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي ھيڪڙو“ بہ چيو، گهڻو ڪجهہ چيو، مون کان وڌيڪ ”ڌار ٿيندڙن ۽ ڌار ڪندڙن“ پڙھيو، ٻُڌو، سمجهيو، سندن جُتِيءَ ۾ منھنجو تہ نہ، گهڻن جو پير نہ پوندو، ان ڪري ڇو نہ شنڪر ڀيل جو ھڪ ٻيو غزل پڙھجي؟ جيڪي سھمت ھجن، اھي ھي غزل پڙھن:

وڻ وڌيو جيئن ڏار وڏا ٿيا،

واچوڙن جا وار وڏا ٿيا.

اڄ به امڙ کي الڪو ساڳيو،

توڙي گهر ۾ ٻار وڏا ٿيا.

گهلي گهلي ٿڪجي پيو آ،

جيون تنهنجا بار وڏا ٿيا.

مس ٿاريلي مرڪيو آ ڏس،

آگم جا آثار وڏا ٿيا.

پيٽ بکيا ٿو ٻار سمهاري،

پاڙي ۾ ڌن دار وڏا ٿيا.

لوڏ لڱن جي لوساٽيل آ،

پيري تنهنجا پار وڏا ٿيا.

وقت وڇوٽيون ايڏيون آنديون،

مون کان منهنجا يار وڏا ٿيا.

غزل جي آخري بند پڙھڻ کان پوءِ... بس، گهڻي ڊيگهہ چڱي نہ آھي. اھو شنڪر ڀيل سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي الهيار جو بھترين شاعر، ساڳئي وقت سٺو ڪهاڻيڪار بہ آھي. اوھان شنڪر جون ڪھاڻيون بہ خبر نہ آھي تہ پڙھيون يا نہ، اڳ ۾ ڀلا نہ ئي سھي، ڇو تہ سندس شاعري جو مجموعو بہ ڇپيل ڪونھي، پر اڄ ڀلا منھنجي ھن تحرير وسيلي ئي سھي، اوھان ”شنڪر ڀيل“ جي شاعري پڙھي آھي؟

1 comment:

  1. واھ واھ زبردست شنڪر سان اڳ ۾ ملاقات هوندي به نه هئي باقي ڪالھ بشير سولنگي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پهتاسين ته شنڪر ڀيل تمام سٺو ڳالهيو بشير تي. سندس شاعري وڻي

    ReplyDelete