ڪامران رند
مرزا قليچ بيگ جي
ناول ”زينت“ جو تنقيدي جائزو
ڪنهن بہ سماج جي ترقيءَ ۾ جيترو ڪردار تعليم جو ھجي ٿو اوترو ئي
رھنما ڪردار ھڪَ ليکڪ پڻ ادا ڪري ٿو. ليکڪ پنهنجي دؤر جي سماجي، معاشي، ۽ سياسي
حالتن جو اظھار ڪرڻ سان گڏ ان وقت موجود سمورن اصولن، ضابطن، قائدن ۽ سماجي قدرن
کي بہ وائکو ڪري ٿو. ھڪ تحرير نہ فقط ڪنھن ليکڪ جي خيالن جي آئينادار ٿئي ٿي پر ان
دؤر جو سمورو تاڃي پيٽو بہ پڌرو ڪري ٿي.
ڪتابن جي اھميت کان ڪو بہ سوچيندڙ ذھن انڪار نہ پيو ڪري سگهي، ڇو
تہ تاريخ جي دريءَ ۾ ڪتابن جي اک سان ئي جهاتي پائي پئي سگهجي. تيئن ئي اگر سنڌ جي
اوائلي تاريخ ۽ ادب تي نظر ڦيرائبي تہ ان دؤر ۾ سرجيل ادب ڏانهن ئي نھاربو. سنڌ جي
ادبي تاريخ تي جڏھن ڪرڙي اک رکي مطالعو ڪجي ٿو تہ جو نالو نکٽن جيئان نڪري نروار
ٿي ٿو بيهي سو آھي مرزا قليچ بيگ. مرزا قليچ بيگ
سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ھڪَ اهڙي چمڪندڙ ستاري جيئن اھميت ٿو رکي جنهن پنهنجي علمي
روشنيءَ ذريعي ھزارين اونداھن ذهنن کي روشن ڪيو ۽ ڏيئي ڏيئي لاٽ مثل ھڪَ وسيع ادبي
عمارت جو بنياد وڌو.
مرزا قليچ بيگ ھونئن تہ ادب جي ھر صنف ۾ طبع ازمائي ڪئي ۽ بي بھا
ڪتاب لکيا. پر ڪجھ صنفن ۾ سندس ڪم تمام شاندار ۽ سگهارو رھيو آھي. ٻي صنفن جيان
ناول نگاريءَ ۾ بہ مرزا قليچ بيگ تمام بهترين ۽ عمدو ڪم ڪيو آھي. ھن وٽ ناول لکڻ
جون مڙئي فني خوبيون موجود ھيون. مرزا قليچ بيگ جو طبعزاد ناول ”زينت“
سنڌي ٻوليءَ جي شروعاتي ناولن مان ھڪ آھي. مون اڻ مشھور ناول جو تنقيدي جائزو وٺڻ
جي ڪوشش آھي جيڪا معزز پڙھندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو.
مرزا قليچ بيگ نومبر 1890ع ۾ زينت ناول لکي پورو ڪيو. ھن ناول جي
ڪهاڻي نهايت ئي سشيل، سندر ۽ سلجھيل عورت جي چؤگرد ڦري ٿي، جيڪا نہ صرف سونهن ۽
سوڀيا ۾ سرس آھي بلڪ سيرت ۾ پڻ سرھائي بخشيندڙ آھي. جنهن زماني ۾ زينت ناول سنڌي
ادب جي ادبي باغ ۾ ھڪَ نئين گل جو واڌارو ڪيو سو زمانو ٽوڻن ڦيڻن، دعا درمل، خير
خيرات، قصاگوئي، جادوئي آکاڻين جو زمانو ھئو. جنهن زماني ۾ حقيقت کان ڪوھين ڏور
تصوراتي قصا گھڙيا بہ ويندا ھيا تہ اڪثر ڪري انھن جي انڌي تقليد پڻ ڪئي ويندي ھئي.
شهزادي ممتاز دمساز جو قصو، ڪوھ ڪاف جي حسينہ، حاطم طائي ۽ دجال جا قصا وغيره ڏاڍي
چاھ ۽ شوق سان پرھيا ويندا ھئا. پر جيئن تہ اھي قصا ڪهاڻيون حقيقت کان ڪوھين ڏور
محض تصوراتي ھئا تنهنڪري انھن مان ذھنن جي آبياري جي اميد رکڻ اجائي ۽ فضول ھئي.
جڏھن درگاھن تي باسون باسڻ ۽ وڻن ۾ وارن جي چوٽيءَ ٻڌڻ روزاني معمول واريون رسمون
ھيون تنهن وقت ۾ حقيقت جي ڦرھي کڻي پرچار ڪرڻ ڪا معمولي ڳالھ ڪين ھئي. مرزا قليچ بيگ
نہ فقط ان فرسودگي ۽ دقيانوسيت کان ڪناراڪشي ڪئي پر پنهنجي ناول ۾ ٿيڻ جوڳي ڳالهين
تي ڪردارن جي سڃاڻپ ٺاھي. ھن ناول ۾ پڻ اهڙا ڪردار ڏيکاريا اٿس جن جو واسطو حقيقي
دنيا سان وڌيڪَ ميل کائي ٿو. جيتوڻيڪ مرزا قليچ بيگ ناول ۾ پاڻ لکي چڪو آھي تہ
زينت ناول سندس تخيل جي پيداوار آھي ۽ ھي ھڪ خيالي قصو آھي. زينت ناول پڙھڻ دؤران
پڙهندڙ پاڻ کي ان ڪهاڻيءَ جو حصو محسوس ڪري ٿو ۽ ڪردارن سان گڏ ھلندو ھلي ٿو.
مرزا قليچ بيگ ناول جي ٻولي تمام سادي ۽ سليس رکي آھي جا پڙهندڙ کي
ڏاڍو لڀائي ٿي. اجائي ۽ غير ضروري لفاظي کان پاسو ڪيو اٿس ۽ تمام عام فھم ۽ سادن
مثالن سان ڳالھ سمجھائي اٿس. ناول ۾ ڪردارن کان جيڪي ڪم وٺڻ چاھيا اٿس تنهن ۾ گهڻي
حد تائين ڪامياب بہ ويو آھي. پر جيئن تہ ناول جي صنف ھن لاءِ پڻ نئين ھئي تنهن
لاءِ گھڻن ئي جاين تي ناول ۾ جھول پڻ نظر اچن ٿا. مثلن ڪردارن جي گفتگو ڪجھ اهڙي
انداز ۾ ڪرائي وئي آھي جو ناول ڪنھن ڊرامي جو ڏيک ڏئي رھيو آھي. مختلف ڪردار پان ۾
ھمڪلام تہ ٿين ٿا پر ٻولي ۽ لهجو تقريبن سڀ جو ساڳو بيهاريو اٿس. جو پڻ ھڪ جھول ئي
تصور ڪرڻ کپي. ھڪ سٺي ناول ۾ ڪردار جي مرحلي وار ارتقا مختلف قصن آڌار ڪرائي ويندي
آھي تہ جيئن پڙهندڙ ڪردارن بابت پنهنجي ھڪ رائي جوڙي سگهي. مرزا قليچ بيگ پنهنجي
ڪردارن کي شروعات ۾ ئي مڪمل تعارف سان متعارف ڪرايو آھي جن جي سڃاڻپ بلڪل بہ
ارتقائي نہ آھي. تنهن لاءِ چئي ٿو سگهجي تہ ناول مان ارتقائي پهلو بلڪل ئي غائب
آھي. جيئن ناول جي مرڪزي ڪردار زينت جي تعارف وقت شروع ۾ ئي سڀ ڪجھ بيان ٿو ڪري
ڇڏي. زينت جو تعارف ڪمري ۾ قرآن پڙھڻ دؤران ٿو ڪرائي ۽ سندس سموريون خصلتون ھڪ ئي
ويرم ۾ بيان ٿو ڪري ڇڏي. مثلن زينت ھڪَ نيڪ سيرت ۽ صورت واري نهايت ئي سهڻي ڇوڪري
آھي. سليقي ۽ سگھڙپائيءَ ۾ سندس ڪو ثاني نہ آھي. ھو صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکي
ٿي. اٿ ويھ ۽ لٽي ڪپڙي ۾ ڏاڍي محتاط آھي. چھري تي مسڪراھٽ سدا سجائي رکي ٿي. ڪنهن
لاءِ بہ حسد ۽ ساڙ نہ اٿس. پنج وقت جي نمازي ۽ پردي جو خاص خيال رکڻ واري آھي.
فارغ وقت ۾ لکڻ ۽ پڙھڻ تي ڌيان ڏئي ٿي. زينت جو اھڙو تعارف کيس ڪا الهامي ۽ آسمان
کان لٿل عورت ٿو بڻائي جيڪا ھر عيب کان پاڪ ۽ صاف ڇوڪري آھي. جا حقيقت ۾ ڪنهن بہ
ڪردار لاءِ اڻ ٿيڻي ڳالھ آھي.
مرزا قليچ بيگ ناول ۾ جنهن ڳالھ تي زور ڏيندي محسوس ٿئي ٿو سا آھي
سندس نصيحت ڀريو انداز. ناول پڙھڻ دؤران ڪنهن ڪنهن ويرم محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ڪا نصيحت
آموز ڪهاڻي پئي پڙھجي. ھن عورت جي تعليم کي خاص اھميت ڏني آهي جا ھڪَ بهتر ڳالھ
آھي پر ناول جي ھر حصي ۾ اھڙي ڳالھ کي آڻي بيهارڻ پڻ ھڪَ فني خرابي آھي. تنهن کان
علاوه مرزا قليچ بيگ پردي جي اهميت کي پڻ گهڻو ظاھر ڪيو آھي پر حقيقت اھا آھي تہ
پردو جسم جي ڍڪ کان وڌ اکين جي پرداداري تي زور ٿو ڀري. ھن وٽ عورت جو باپردا ھجڻ
کان وڌ، دل جو پاڪ ھجن وڌيڪ اھم آھي. جنهن جو اظھار پڻ پڙهندڙ بار بار محسوس ڪري
سگهي ٿو. تنهن کي پڻ فني نقص جي ڳاڻيٽي ۾ آڻجي ٿو. زينت جي مڙس علي رضا جو تعارف
پڻ ڪجھ ان ئي انداز ۾ ڪرائي ٿو. جيڪو باھمت بہ آھي تہ بهادر پڻ،
باضمير بہ آھي تہ غيرتمند بہ، زال سان پيار ڪندڙ بہ آھي تہ فرض شناس بہ، قدردان بہ
آھي تہ سلجھيل ۽ سشيل پڻ. ڪردار جي ايتري چڱائي ۽ پاڪيزگي ناول کي حقيقت جي پهلو
کان ڪوھين ڏور آڻي ٿي بيهاري. پر تنهن باوجود فتح خان سرائي جو قصو ۽ مڊل ڪلاس علي
نواز مغل جي مسلم خاندان جي جيڪا تصوير ڪشي ڪئي اٿس سا ڪمال آھي. ميرن جي صاحبي جي
ختم ٿيڻ جو وڌ ۾ وڌ اثر بہ وچولي طبقي جي مسلمانن تي نمايان پيو. جنهن جو بهتر
اظهار پڻ ھن ناول ۾ ڪيل آهي، جو ناول جي خوبصورتي کي وڌائي پيو. جنهن انداز ۾ مرزا
قليچ بيگ ھنن خاندانن جي عڪاسي ڪئي آھي تنهن مان ايئن ٿو ڀائنجي تہ ھوند پنهنجي ئي
خاندان جو ذڪر ڪندو ھجي. جنهن لاءِ ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي درست لکيو آھي تہ،
”انھي ڪتاب ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي آڪھ جو ٿورو احوال ڏاڍي اٽڪل سان آندو اٿس.“ تنهن
کان علاوہ حامد جي کرجي پوڻ بعد شيربانو پاران سٺل تڪليفن جي بہ بهترين عڪس بندي
ڪئي اٿس.
ناول تي جيڪڏھن تفصيلي نظر وجهبي تہ ناول جا ڪردار، پلاٽ، قصا،
ماحول ۽ ٻولي بهترين ۽ جاندار محسوس ٿئي ٿي. البتہ ڪافي ھنڌن تي جھول پڻ اٿس. تنهن
بعد بہ مرزا قليچ بيگ طرفان شروع واري دؤر ۾ سنڌيءَ ۾ طبعزاد ناول لکڻ جي اها ڪوشش
تمام بهترين ۽ وقتائتي آھي. سندس ناول کوڙ سارن جھولن ۽ فني خامين ھوندي بہ سنڌي
ادب ۾ تمام اھم جاءِ والاري ٿو. اھو چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ ”زينت“
ناول اوائلي قصہ گوئـي ۽ جديد سنڌي ادب جو سنگم آھي، جنهن ذريعي سنڌي ڏاھپ قدامت
پسنديءَ مان جدت طرف پير پاتو.
No comments:
Post a Comment