20/04/2023

شيخ اياز جا اردو ۽ سنڌي ٻولين بابت تقابلي ويچار - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr. Riazat Buriro)

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

شيخ اياز جا اردو ۽ سنڌي ٻولين بابت تقابلي ويچار

(مختصر جائزو)


 شيخ اياز جو شمار ويھين صديءَ جي سنڌي شاعرن ۾ انتھائي مٿاهين درجي تي ٿئي ٿو. کيس ويھين صديءَ جي عظيم سنڌي شاعر جي حيثيت به حاصل آهي، جنھن جا نه صرف پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي همعصرن تي اثر رهيا، پر هن جي سرجيل سنڌي شاعريءَ ۽ نثري ادب، سنڌي ادب جا به نوان ۽ مثبت رخ متعين ۽ مقرر ڪيا. ان جي شاهدي هن جا سرجيل ۽ ڇپيل شعري مجموعا ڀَليءَ ڀَتِ ڏين ٿا جن جو ڳاڻيٽو 40 کان مٿي آهي ۽ جن جي شروعات ”ڀونر ڀري آڪاس“ کان سن 1962ع ۾ ٿئي ٿي، جڏهن ته سندس سنڌي افسانا پڻ ڇپجي مشھور ٿِي چڪا هئا جيڪي اول ”سفيد وحشي“ (1946ع) ۽ ان بعد ”پنهل کان پوءِ“ (1954ع) مجموعن ۾ ڇپيا هئا. ان ڪتاب کان اڳ شيخ اياز اردوءَ ۾ به ڀرپور شاعري ڪئي هئي، جنھن جو پھريون مجموعو ”بوئے گل نالهء دل“ سندس سنڌي مجموعي کان 8 سال اڳ سن 1954ع ۾، آفاق صديقيءَ سھيڙي ڇپرايو هو. صديقي صاحبُ ان ڪتاب جي پيش لفظَ بعنوان ”پس منظر“ ۾ لکي ٿو: ”اياز کي اردو شاعري کي عمر صرف آٹھ نو سال هے۔ اردو شاعري کا چسکا تو اسے کراچي هي ميں لگ گيا تھا ليکن اپني عديم الفرصتي اور کراچي کي روا روي کے پيش نظر  وه اس طرف کوئي خاص توجه نه دي سکا۔ کراچي کے دورِ قيام ميں اس نے صرف کچھ هي نظميں کهي هيں۔ باقي تمام نظميں سکھر ميں کهي گئي هيں۔ ان نظموں ميں نه صرف اس کي اپني زندگي کا مکمل عکس هے بلکه ايک ايسا فلسفهء حيات بھي هے جو ’تپتي هوئي دھوپ‘ ميں ’سايهء ديوار‘ کا کام دے۔ اس کا يه فلسفهء کائنات اور اس کے دلچسپ مظاهر کو بڑي خوش اصلوبي سے اپنے دامن ميں سميٹے هوئے هے۔“[ کاظمي، 27:2010]  ان راءِ منجهان اياز جي اردو ٻوليءَ تي مھارت ۽ سندس شاعريءَ جي فڪري اڏار کي پرکي سگهجي ٿو. هُو تسلسل سان سنڌيءَ ۽ اردو ٻوليءَ ۾ ويھين صديءَ جي چوٿين ۽ پنجين ڏهاڪي ۾ شاعري ڪندو رهيو هو ۽ ڪجهه اردو مشاعرن ۾ اهميت سان حصو ورتو هو. هُن 1960ع جي ڏهاڪي جي وچيَن ورهين ۾، 200 کن غزلن تي مشتمل پنھنجي اردو شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ”کفِ گل فروش“ جي نالي سان ترتيب ڏنو هو [اياز، 130:2021]، پر اهو ڪجهه سببن جي ڪري ڇپجي نه سگهيو هو. البت شيخ ايازَ ”شاهه جي رسالي“ جو منظوم اردو ترجمو ”رسالهء شاه عبداللطيف“ نالي سان ڪيو هو جيڪو سنڌ يونيورسٽي پاران سن 1963ع ۾ ڇپجي چڪو هو. شيخ اياز جي اردو شاعري ايتري ته اهميت ماڻي چڪي هئي جو ترقي پسند نامياري شاعر فيض احمد فيض کي به شيخ اياز بابت چوڻو پيو ته ”وادئ سندھ ميں تو ان کا کلام عوام و خواص کي زبان پر هے هي، ليکن اردو زبان بھي ان کے فيض سے خالي نهيں رهي۔ ان کي اردو ميں کهي جانے والي نظموں کے علاوه شاه عبداللطيف بھٹائي کے رسالے کا اردو ترجمه بھي اپني جگه پر اردو ادب ميں ايک قابلِ قدر اضافه هے۔“[ فرخي، 13:1998]

اردو شعر ۾ اهميت، قبوليت ۽ مڃتا باوجود، شيخ اياز اردو ٻوليءَ بدران سنڌيءَ ۾ شاعري سرجڻ کي اوليت ۽ اهميت ڏني. ان لاءِ وٽس هڪ نُڪتي نظر هو، جنھن جو اظھار هُن، 1970ع ۾ ”جشنِ سنڌ“ ۾ ڪيل تقرير ۾، هِن ريت ڪيو آهي: ”مون لاءِ اردو شعر و ادب ڪائي ڏُکي ڳالهه نه هئي. مون ٽي مھينا اردوءَ ۾ شاعري ڪئي ته مون کي انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان جو نائب صدر چونڊيائون ۽ جو اردو شعر مون ان وقت لکيو هو، اهو جڏهن اردو رسالن ۾ دير سان شايع ٿيو، تڏهن سال 62ع ۾ رائيٽرز گلڊ مون کي ن.م. راشد سان گڏ سال جو بھترين اردو شاعر تسليم ڪري ’هم قلم‘ ايوارڊ ڏنو. پر مون ٿوري وقت ۾ محسوس ڪيو هو ته اردو پنھنجيءَ ڌرتيءَ تان اکڙجي ڪڏهن به سنڌ ۾ ڦلي ڦولي نه سگهندي. مون محسوس ڪيو هو ته کڙي ٻوليءَ، برج ڀاشا راجستانيءَ، پوربيءَ، ميواتيءَ وغيره کان ڪٽجي، اردو انت ٻوساٽجي ويندي ۽ پارسي ۽ عربي لفظن جي پئٽ پئٽان ان ۾ نئون ساهه وجهي نه سگهندي ۽ هتي اردو جي حالت نيٺ وڃي سنسڪرت واري ٿيندي. مون محسوس ڪيو ته سنڌ جي زبان فقط سنڌي آهي ۽ فقط ان ۾ ئي ڪوئي به سنڌي شاعر يا اديب پنھنجي ذهانت کي منطقي نتيجي تي پھچائي ٿو سگهي. مون محسوس ڪيو ته هن ڌرتيءَ جي پنج هزار سال پراڻي زبان ۾ هڪ بي انتھا وسعت آهي، جنھن جو مثال ننڍي کنڊ جي ڪنھن به زبان ۾ نه آهي. مون محسوس ڪيو ته اردوءَ ۾ شاعري ڪري ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي مان پنھنجو وقت وڃائي رهيو آهيان.“ [شيخ اياز، 249-250: 1999]

ٻئي طرف، شيخ اياز پنھنجي غزليه شاعريءَ کي به فارسي (يا اردو) آميزيءَ مان ڪڍي، گيڙو ويس اوڍايو. ”ڀونر ڀري آڪاس“ ۾ ڇپيل سنڌي غزلن ۾ فارسيءَ آميزيءَ جي رنگ کان هُن ”ڪُلهي پاتم ڪِينرو“ (پھريون ڇاپو: ڊسمبر 1963ع) ۾ ڪاميابيءَ سان جِندُ ڇڏائي ورتي.

شيخ اياز سنڌي نثر ۾ به لکڻ جو سلسلو برقرار رکيو ۽ افسانن کان سواءِ خطن ۾ پنھنجي مطالعي ۽ فِڪري اڏارن جا ڏيک پسايا ۽ سنڌي تھذيب جِي عظمتن جا ڳُڻ ڳايا. اهي خط سندس پھرئين نثري ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ (ڇاپو پھريون: ڊسمبر 1963ع) ذريعي تمام گهڻو پڙهيا ۽ پسند ڪيا ويا. ان ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ”نوٽ بڪ جا ورق“ به ڏنل آهن، جن ۾ ادبِ لطيف جو لفظ به ماڻي سگهجي ٿو. اهو ڪتاب ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي ڇپجڻ کان ستت ئي پوءِ، ورندڙ سال ڇپيو هو.

ڀونر ڀري آڪاس“ جي ”پيش لفظ“ ۾ شيخ ايازُ مختلف شعري صنفن ۾ زير اضافت، همزهء اضافت، واو عطفي وغيره جي محدود استعمال کي اڻ اعتراض جوڳو مڃڻ جي حوالي سان لکي ٿو: ”گذريل ٻن سؤ سالن ۾ فارسي ۽ اردو زبان ۽ شعر جو سنڌي زبان ۽ شعر تي ڪافي اثر پيو آهي، ۽ اُن کان منحرف ٿيڻ اسان جي ٻوليءَ ۽ شعر لاءِ مضر ثابت ٿيندو.“ [شيخ اياز، 3:1995] يعني هڪ طرف سَٺ جي ڏهاڪي جي ابتدا تائين، شيخ اياز سنڌي شعر تي پيل فارسي ۽ اردو زبان جي اثر کان انحراف کي نقصانڪار ته سمجهي ٿو، پر ٻئي طرف، فڪري طور، هُو اردو شعر جي تقليد کي هاڃيڪار سمجهي، ان کان بچڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. ان بابت هُو ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ لکي ٿو: ”اهو دؤر ختم ٿي ويو، جڏهن ’ناسخ‘ ۽ ’انشا‘ جا چار غزل پڙهي، اسان جا شاعر انهن جي قافين ۽ رديفن تي طبع آزمائي ڪندا هئا ۽ اردو زبان جون ورهين کان لتاڙيل ترڪيبون، تمثيلون ۽ تشبيھون هنن جي سڄي ادبي دنيا هوندي هئي. منھنجي ادب جي ابتدا انهيءَ دقيانوسي قسم جي شاعريءَ ۽ ادب سان بغاوت سان ٿي هئي. مون کي اهو ڏسي تعجب ٿو اچي ته انهيءَ دؤر جي ختم ٿيڻ بعد، اسان جا اديب انهن جديد اردو شاعرن جي محاورن ۽ خيالن جي تقليد ڪري رهيا آهن، جي شاعر اردو زبان جي تاريخ ۾ ’ناسخ‘ ۽ ’اِنشا‘ جي پايي تي به نه پھچي سگهندا.“ [شيخ اياز، 60:1987] ۽ ٿورو اڳڀرو، وڌيڪَ لکي ٿو: ”اردو ادب جي تقليد سنڌي اديبن جي ذهني ارتقا لاءِ مھلڪ ثابت ٿيندي. جيستائين اسان جا اديب خصوصاً يورپ ۽ آمريڪا جي جديد ۽ قديم ادب جو مطالعو نه ڪندا، تيستائين هنن کي چڱي ۽ بُري ادب جي صحيح پرک نه پوندي.“ [شيخ اياز، 61:1987] اياز جي ان راءِ منجهان پڌرو آهي، ته هُو اِن حوالي ۾ ادب جي پرک لاءِ معيار طور بين الاقوامي ادب جي اڀياس جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.

شيخ اياز کي اردو ٻوليءَ کان ساڙ يا تعصب نه هو. نه ئي هُو اردوءَ کان نفرت ڪندڙ هو. هُن 1964ع ۾، پنھنجي دوست لعل پشپ کي ان حوالي سان هڪ خط ۾ لکيو: ”“مون کي اردوءَ کان نفرت نه آهي. اهو ان مان ظاهر آهي ته مون هزارها سٽون اردوءَ ۾ لکيون آهن، جن جي اهميت اردوءَ جا اديب تسليم ڪري چڪا آهن، پر ان جي معنى اها نه آهي ته مان ان جي اثر جو نفعو ۽ نقصان نه جاچيان.“ [اياز، 450:2021] شيخ اياز ته اردوءَ ۾ شاعري ڪرڻ سميت پنھنجي سنڌي شاعريءَ جو اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو به ڪرائڻ پئي چاهيو، جيڪو پوءِ منظوم ترجمي جي صورت ۾ ”حلقه ميري زنجير کا“ جي نالي سان سن 1979ع ۾ ڇپيو ۽ جنھن جو ترجمو نامور شاعره فھميده رياض ڪيو هو. جڏهن ته اياز جي تخليقي اردو شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ”نيل کنٹھ اور نيم کے پتےسن 1988ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. شيخ اياز روزاني ”برسات“ ۾، سن 1994ع ۾ لکيل پنھنجي هڪ ايڊيٽوريل بعنوان ”ڌرتيءَ سان وابستگي ۽ اردو شاعريءَ“ جي شروعات ئي، اردو ٻوليءَ سان متعصب نه هئڻ واري پنھنجي اهڙي چِٽي پٽي اظھار سان ڪئي آهي. هُو لکي ٿو: ”ايئن نه آهي ته مون کي اردوءَ سان تعصب آهي. مان خود اردو زبان جو شاعر به آهيان... مون کي اردوءَ سان ڪوئي بغض يا حسد نه آهي. مان اُن کي ايئن ئي ذريعهءِ اظھار سمجهان ٿو جيئن ٻيءَ ڪنھن زبان کي ۽ اُها ايتري ئي احترام جي لائق آهي جيتري ٻي ڪائي زبان.“ [شيخ اياز، 189:2010] اياز جھڙي گهڻ-پڙهئي شاعر منجهان اها ئي اميد ڪري سگهجي پئي. هُو پاڪستان ۾ اردوءَ جي حيثيت ڄاڻڻ باوجود، ان زبان جي محدوديت کان به آگاهه هو ۽ ان جو اظھار به ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ“ ۾ ڪري چُڪو هو ته: ”مان يقين سان چوان ٿو ته اردو زبان هڪ تخريبي دؤر جي زبان آهي ۽ اُن ۾ اها وسعت ۽ صلاحيت نه آهي، جا سنڌي زبان ۾ آهي.“ [شيخ اياز، 60:1987] هن کي اردوءَ کان انڪار نه هو، نه ئي هُو ان ٻوليءَ جي خلاف هو، پر هُو ان ٻوليءَ کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ هاڃيڪار سمجهي پيو، جنھن لاءِ وٽس دليل موجود هو، جھڙوڪ: ”مون کي اردو ته ڇا ڪنھن به ٻوليءَ سان ڪا دشمني نٿي ٿي سگهي. جيستائين اردو ٻوليءَ جو سوال آهي ته ورهاڱي کان پوءِ، هن هندستان جي ڌرتيءَ جي ٻولين جھڙوڪ ميوتي، برج ڀاشا، کڙي ٻوليءَ، راجسٿانيءَ ۽ پوربيءَ وغيره سان ناتو ٽوڙي، عربيءَ ۽ پارسيءَ سان اچي رشتو ڳنڍيو، جنھن سندس اصليت کي ڌڪ رسايو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اردو فقط ڪتابي ٻولي ٿي پئي آهي. اهو به نٿو چئي سگهجي ته ٻولين جي اوسر واري فطري عمل ۾ اڳتي هلي ڪھڙي صورت وڃي بيھندي؟ انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ کي اهڙي ڪنھن به ٻوليءَ جي اثر کان محفوظ رکڻ ضروري آهي، نه ته اهو خود سنڌي ٻوليءَ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو.“ [شيخ اياز، 164:1999] اياز جي ان راءِ منجهان معلوم ٿئي ٿو ته هُو ٻولين واسطي سندن اصليت کي مقدم سمجهي ٿو. هُو ٻوليءَ جي جَڙُن کان سندن تعلقن جي ٽٽڻ کي، ٻولين لاءِ گهڻي ۾ گهڻو نقصانڪار ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان سان ٻولين جي فطري اوسر نه ٿي سگهندي آهي ۽ اهي پنھنجي قدامت کان ڇِڄي پونديون آهن ۽ محدوديت جو شڪار ٿي وينديون آهن.

شيخ اياز کي ڌرتيءَ، ٻوليءَ ۽ قوميت جي لاثاني ڳانڍاپي جي چڱيءَ پَر پرک هئي. هُو قوميت لاءِ ٻوليءَ کي لازم سمجهندو هو. هن ته هُو پنھنجي سنڌُو تھذيب جي قدامت ۽ اثرگيريت جي پروڙ رکندڙ هو. اهڙو اظھار هُن پنھنجي ڪتاب ”خطَ، انٽرويو ۽ تقريرون (ڀاڱو-1)“ ۾ هِن ريت ڪيو آهي: ”ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ ۾ قوميت جون جَڙون ٿينديون آهن. ڌرتيءَ کان سواءِ به قوميت تَڳي سگهي ٿي، پر ٻوليءَ کان سواءِ اُن جو وجود برقرار رکڻ ناممڪن آهي... اِها اسان جي سنڌ هئي، جنھن پوري برصغير کي مھذب زندگي ڏني هئي. برصغير جي تاريخ جو هر ڪتاب موهن جي دڙي جي تمدن سان شروع ٿئي ٿو. اسان جي ٻولي به دنيا جي قديم ترين ٻولين مان آهي. ان جي عمر گهٽ ۾ گهٽ پندرهن هزار سال آهي. موهن جي دڙي جي پنج هزار سال پراڻي تمدن تائين پھچڻ لاءِ، اسان جي ٻوليءَ ڪيئي هزار سال ارتقا جون منزلون طيءِ ڪيون هونديون.“ [شيخ اياز، 264:1999] اهڙي ئي قسم جو هڪ اظھار شيخ اياز ”سنڌ ۾ اردوءَ تي عبور“ عنوان هيٺ، 27 -فيبروري 1994ع تي روزاني ”برسات“ ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل ۾ به هن طرح ڪيو آهي: ”اها تسليم ٿيل ڳالهه آهي ته 5-هزار سال اڳي سنڌي ٻولي ملي ٿي، جيتوڻيڪ ان جو رسم الخط عربي نه هو. جنھن تمدن سان اها ٻولي ساٿ رکي رهي هئي، انهيءَ تمدن ايتري ترقيءَ لاءِ ڏهه هزار سال ٻيا به ورتا هوندا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سنڌي ٻولي اٽڪل 15-هزار سال پراڻي آهي ۽ عراق جي ٻوليءَ کان به جهوني آهي، جا دنيا جي قديم ترين ٻولي تسليم ڪئي وئي آهي.“ [شيخ اياز، 216:2010] اياز جي ان حوالي ۾، صحيح طور تي، سنڌي ٻوليءَ جي عربي رسم الخط کي ثانوي حيثيت ڏنل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنھن به ٻوليءَ واسطي مختلف رسم الخط الڳ الڳ سببن جي ڪري ممڪن ٿي سگهن ٿا جيڪي ان ٻوليءَ جو الڳ الڳ قسم جو لباس ٿين ٿا ۽ لکپڙهه توڙي يادداشت واسطي بنيادي طور تي ڪتب اچن ٿا، جيئن سنڌي ٻولي خداوادي، ديوناگري يا عربي رسم الخطن ۾ الڳ الڳ دؤرن ۾ لکجندي رهي آهي، پر مختلف رسم الخطن ۾ لکجڻ سان اها مختلف ٻوليون نه بڻجي وئي آهي. پر اردوءَ سان اهڙو معاملو ناهي. اردوءَ جو ناميارو محقق ۽ لسانيات جو ماهر گيانچند جبين ته اردوءَ ۽ هنديءَ کي هڪ ئي ٻولي سمجهي ٿو جنھنڪري هن پنھنجي ڪتاب جو نالو ئي رکيو ”ايک بھاشا: دو لکھاوٹ، دو ادب“.

پاڪستان ۾، ايازُ اردو ٻوليءَ کي ’رابطي جي زبان‘ چوي ٿو ۽ فيض احمد فيض جي تجويز تي ان کي ’مشترڪه زبان‘ کان انڪار نه ڪرڻ باوجود، اردوءَ کي قومي زبان مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. هُو ان بابت لکي ٿو: ”رابطي جي زبان يا مشترڪه زبان هروڀرو قومي زبان نه هوندي آهي.“ [شيخ اياز، 191:2010] اياز اردوءَ جي اصليت کان به واقف آهي، ته ان جي بي پناهه ترويج سان هوري هوري بڻجي ويل بين الاقوامي اهميت جو به انڪاري ناهي. جيئن لکيو اٿائين: ”اردو برصغير لاءِ رابطي جي ٻولي ٿي قلعهء معلى ۾ پيدا ٿي هئي. اُها آئين ۾ اسان جي قومي زبان ۽ هونئن اسان جي رابطي جي زبان آهي، پر اردوءَ کي به بين الاقوامي اهميت ۽ وسعت حاصل آهي.“ [شيخ اياز، 204:2010]

شيخ اياز واضح طور تي پاڪستان کي گهڻ-قومي ۽ گهڻ-ٻوليائي ملڪ سمجهي ٿو، تڏهن ئي ته هو ٻاهران آيلن کي پاڪستان جي چئني صوبن سان سلهاڙجي وڃڻ جي صلاح ڏئي ٿو، ته جيئن نه صرف سڀني قومن ۽ انهن جي ٻولين سان ٽڪراءَ کان بچي سگهجي، پر انهن صوبن جي تھذيبن ۽ ثقافتن سان به ويجهڙائي ٿي سگهي. ان بابت هُو انهن خيالن جو آهي ته: ”مان جڏهن ٻاهران آيلن کي چوان ٿو ته: سنڌ ۾ سنڌي، پنجاب ۾ پنجابي، بلوچستان ۾ بلوچي ۽ سرحد [هاڻي ”خيبر پختونخوا“] ۾ پختون ٿي وڃو، ته اردو پريس ککر وانگر چڙي وڃي ٿي ۽ منھنجي اُنڊ وٺي، پوريءَ سنڌ ۽ ان جي زبان، تھذيب ۽ تاريخ تي آڪڙجي، اُڀري اچي ٿي. اهو هڪ خطرناڪ وطن دشمن ٽولو آهي، جو سنڌي، پنجابيءَ، پختون، بلوچي ۽ بنگالي تھذيب کان وٺي ايراني ۽ عرب تھذيب تائين، هر تھذيب جي قومي وجود جو دشمن آهي.“ [شيخ اياز، 270:1999] پر ايازُ سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن ڏانھن وڌيڪ حساس هو، ڇاڪاڻ ته اهي سڌيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ، سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌي ماڻهن کي متاثر ڪري رهيا هئا ۽ سنڌين جي هر حوالي سان حق تلفيءَ جا ذميوار هئا. هُو پوريءَ ريت ڄاڻي پيو، ته هندستان ڇڏي آيلن جو مستقل مفاد سنڌ سان ڳنڍيل آهي، جنھن جا اهي رهواسي بڻجي چڪا آهن، ان ڪري هُو کين سنڌ سان سلهاڙجي وڃڻ جي صلاح نيڪ نيتيءَ سان ڏئي رهيو آهي ته ”مان فقط ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙن کي هِي چوندس ته هُو لکنؤ، الھه آباد، دلي ۽ دکن هميشه لاءِ ڇڏي آيا آهن ۽ انهن کي واپس موٽي نه وڃڻو آهي. هاڻي سنڌ هنن جو ديس آهي ۽ سنڌ جي زبان ۽ ثقافت هنن کي پنھنجي زبان ۽ ثقافت سمجهڻي پوندي.“ [شيخ اياز، 251:1999]

شيخ اياز، مٿي ڄاڻايل ايڊيٽوريل ”سنڌ ۾ اردوءَ تي عبور“ ۾، سنڌيءَ ۽ اردوءَ کي بين الاقوامي ٻوليون تسليم ڪري ٿو پر اردوءَ کي ان ڪري برتر لکي ٿو ڇاڪاڻ ته اها ”پاڪستان جي آئين ۾ قومي زبان جي حيثيت ۾ تسليم ڪئي وئي آهي.“ [شيخ اياز، 216:2010] هُو اردوءَ کي، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، ته رابطي جي زبان ٻيھر به مڃي ٿو پر ان سان گڏ اردوءَ کي ”تقسيم ڪندڙ ٻولي“ به چوي ٿو ۽ ان حوالي سان لکي ٿو ته ”اردو زبان هندوستان جي ورهاڱي ۽ بنگلاديش جي علحدگيءَ جو هڪ ڪارڻ هئي ۽ هاڻ سنڌ جي ورهاڱي لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي.“ [شيخ اياز، 216:2010] اها اياز جي تشويش بجا آهي. اسان کي خبر آهي، ته اردوءَ جي ان استعمال وانگر، پنھنجيءَ سڄي تاريخ ۾ سنڌي ٻولي ڪڏهن به ورهائڻ لاءِ ڪتب نه آئي آهي، اها سدائين ڳنڍپ ۽ ميٺ محبت جي ڪم آئي آهي ۽ پنھنجو مثبت/هاڪاري ڪارج ادا ڪندي رهي آهي.

1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سان، اردو به ورهائجي، نئين ٺھيل ملڪ پاڪستان ۾ اچي پھتي، پر ان ورهاڱي جا اثر اردوءَ تي به گھرا پيا آهن. شيخ اياز ”پاڪستاني اردوءَ“ کي ”هندستاني اردوءَ“ کان مختلف سمجهي ٿو، ان ڪري ان کي اردو سڏڻ بدران ”پاڪستاني“ ٻولي، هنن لفظن ۾ سڏي ٿو: ”حقيقت اها آهي ته اسان جي رابطي جي زبان پاڪستاني آهي، پوءِ ان کي ڪوئي اردوءَ جو نالو ڏئي ته ان جي مرضي آهي.“ [شيخ اياز، 217:2010] شيخ اياز جا اهي خيال بيحد ڪارگر آهن، ڇاڪاڻ ته هُن انهن ۾ پاڪستاني اردوءَ کي بحث هيٺ آڻي، اردوءَ بابت هٿ ٺوڪين روين کي بدلائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ايازَ ان جو هڪ مثال ”فيروز اللغات“ جو ڏنو آهي، ته ”فيروز اللغات جا اڌو اڌ لفظ پنجاب ۾ متروڪ ٿي چڪا آهن ۽ انهن جو لب و لھجو ايترو بدلجي چڪو آهي، جو دهليءَ، يُو پيءَ [اُتر پرديش]، مالوا ۽ بھار وارا ان کي اپنائڻ مھل ڪِيٻائيندا.“ [شيخ اياز، 218:2010]

اردو ٻوليءَ جي واڌ ويجهه بابت، پاڪستان جي قيام سان ئي، سرڪاري ۽ غير سرڪاري، انيڪ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان جون لغتون جوڙي رهيا آهن، پر انهن ۾ فارسيءَ جي موجوديءَ کي ڏسڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي جيڪو ان کي علمي زبان بڻائڻ بدران عوام کان پري ڪري رهيو آهي. در حقيقت اهڙي قسم جا اڀياس اڃا اردو ٻوليءَ ۾ سچيءَ نيت سان نه ڪيا ويا آهن. اردو بنيادي طور لشڪري ٻولي آهي، پر هاڻ اردوءَ جي اها اصليت بدلائڻ جي ڪوشش پڻ ٿي رهي آهي. ان ڪري، اردوءَ کي ان جي هڪ عملي ڪردار يعني رابطي جي ٻوليءَ طور سمجهڻ جي گهرج آهي. شيخ اياز جي تجويز ان حوالي سان هنن لفظن ۾ پيش ڪيل آهي: ”پاڪستاني اردوءَ تي اسان جو به ايترو ئي حق آهي جيترو ٻئي ڪنھن پاڪستانيءَ جو. اها اسان جي ايتري ئي پنھنجي آهي جيتري ٻئي ڪنھن پاڪستانيءَ جي. ڇا اسان پراڻا سنڌي انهيءَ اردوءَ تي عبور حاصل ڪري، مھاجر يا اردو پرديش جي نعري کي بي معنى بڻائي نه ٿا سگهون؟“[شيخ اياز، 219:2010] اياز جو اٿاريل اهو سوال اهم آهي، يعني هُو هڪ ڀيرو ٻيھر اردوءَ جو انڪاري ڪو نه ٿو ٿئي، پر ان جي حيثيت جو درست تعين چاهي ٿو، تڏهن ئي ته ان ايڊيٽوريل جي پڇاڙيءَ ۾ پڻ ٻوليءَ بابت روين کي عموميت سان لکي ٿو ته ”ٻولي ڪنھن جي ميراث نه ٿيندي آهي ۽ ان سان تعصب اجايو آهي.“ [شيخ اياز، 219:2010]

مون هن ننڍي مضمون ۾ شيخ اياز جا ٻنهي ٻولين اردوءَ ۽ سنڌيءَ بابت ته خيال پيش ڪيا ۽ تجزيي هيٺ آندا آهن، پر حقيقت ۾ اياز جي لکيل اردو شاعريءَ جي اڀياس جي به اشد ضرورت آهي، ته اها ڪيتري قدر اصل قلعهء معلى واري اردوءَ يا پاڪستاني اردوءَ موجب آهي ۽ اُن اردو ٻوليءَ ۾ فڪري ۽ فني طور، ۽ لساني ۽ تخليقي حوالي سان سگهه ۾ ڪيئن واڌارو ڪيو آهي. باقي سنڌي ٻوليءَ ۾ ته شيخ اياز جي شاعريءَ تي سندس حياتيءَ ۾ به مطالعاتي ڪم ٿيندو رهيو هو ۽ 1997ع ۾ سندس وفات کان پوءِ به تسلسل سان ٿي رهيو آهي. ان اڀياس ۾ اياز جي لسانياتي مطالعي کي به شامل ڪرڻ جي تمام گهڻي گهرج آهي، ڇاڪاڻ ته شيخ اياز جي ڪتب آندل ٻوليءَ، سنڌي ٻوليءَ جي اڀار ۽ زرخيزيءَ ۾ ناقابلِ يقين حد تائين واڌارو آندو آهي. شيخ اياز جي هڪ وڏي عاشق ۽ شارح سائين محمد ابراهيم جويي، اياز جِي سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان اهڙِي ذهني زرخيزي پرکي ورتي هئي، جنھنڪري ئي هُن اياز جي ٻوليءَ جي خوبين جي اُپٽار دوران هيءُ پڻ لکيو هو ته ”اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ڪَرِشمو آهي. ٻولين جا اهڙا ڪرشما جُڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن، ۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اُهي، ٻولين سان گڏ، پنھنجي پنھنجي دور جي ڪايا پلٽ جا داعي ۽ اٽل سبب بنبا آهن.“ [جويو، 208:1973]

پنھنجي ٻوليءَ ۾ ميان! جي تون چوندين ماءُ،

تو کي اهڙو ساءُ، ڏيندي ٻِي ٻولي ڪٿي! (اياز)

مددي ڪتاب:

1.      جويو، محمد ابراهيم (1973): ’جل جل مشعل جل جل جو مھاڳ‘، وِڄون وَسڻ آئيون، شيخ اياز، حيدرآباد: زيب ادبي مرڪز

2.      شيخ اياز (1964) 1987: ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، الھاس نگر: ساهت سڀا پبليڪيشن، انڊيا

3.      شيخ اياز (1992) 1995: ڀونر ڀري آڪاس، حيدرآباد-ٽنڊو ولي محمد: نيو فيلڊس پبليڪيشنس

4.      شيخ اياز (2010): شيخ اياز ۽ صحافت (نثر-4)، مرتب: ذوالفقار هاليپوٽو، ثقافت کاتو حڪومتِ سنڌ

5.      شيخ اياز: خطَ، انٽرويو ۽ تقريرون (ڀاڱو-1) (1987) 1999: حيدرآباد-ٽنڊو ولي محمد: نيو فيلڊس پبليڪيشنس

6.      شيخ اياز (2021): محمد ابراهيم جويي ۽ لعل پشپ ڏانھن خط، مرتب: ڊاڪٽر فياض لطيف، مون سان منھنجا سپرين (شيخ اياز جي خطن جو ڪليات)، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن

7.      فرخي، آصف و شاه محمد پيرزاده (1998): دانشِ اياز (تحقيق و ترجمه)، کراچي: فضلي سنز لميٹڈ

8.      کاظمي، فهيم شناس (2010): بوئے گل نالهء دل (ترتيب و تدوين)، محکمهء ثقافت و سياحت حکومتِ سندھ

riazatburiro@gmail.com

No comments:

Post a Comment