23/02/2013

ٻولي ۽ ڪلچر ڪيڏانھن پيو وڃي؟ - عابد حسين شر (Abid Hussain Shar)


اسان جي ٻولي ۽ ڪلچر ڪيڏانھن پيو وڃي؟
عابد حسين شر
گھڻو عرصو اڳ جڏھن سنڌي ٽي وي چئنل اسان وٽ نه ھيا ۽ سنڌي پروگرام صرف پي ٽي وي ذريعي ڏسڻ نصيب ٿيندا ھيا تنھن زماني ۾ سنڌي پروگرام ھفتي ۾ ھڪ دفعو ايندو ھيو ته پروگرام شروع ٿيڻ کان ڪجھ گھڙيون اڳ ٽي وي اسڪرين جي اڳيان ڪنھن سينئما گھر جھڙي رش ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. پروگرام شروع ٿيڻ بعد وچ ۾ ماڻھن جا ڳالھايا ويندڙ لفظ اھي عام ھوندا ھيا ته بابا ٿورو مٿو ھيٺ ڪر، ٻانھن پاسي تي ڪر، نظر نه ٿو اچي. سچ پچ ته تنھن دور جو ته مزو ئي پنھنجو ھوندو ھو. تڏھن ڊرامن ۾ ڏيکاريون ويندڙ ڪھاڻيون به دل سان لڳنديون ھيون ۽ ھر ماڻھو پنھنجي ڪٽنب سان اھي پروگرام گڏ ڏسڻ ۾ ڪين ڪيٻائينديو ھو.

22/02/2013

ڪجهه سنڌي ناولن ۾ جهاتيون - شوڪت لوهار (Shoukat Lohar)


ناول نويسي جي تاريخ ۽ ورهاڱي کان پوءِ ڇپيل ڪجهه سنڌي ناولن ۾ جهاتيون
شوڪت لوهار
تاريخ ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو پيدا ٿيا آهن جن جي حوالي کان سواءِ ڪي ڳالهيون ممڪن ڪونه ٿي سگهنديون آهن،
يونان اهو ملڪ آهي جتي هر علم جي پاڙ ملي ٿي، آءٌ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسين جيترين سائيڊ افيڪٽ ۽ خراب اثرن کان پاڪ يوناني دوائن جو استعمال ڪريون ٿا ۽ جيترا انهن بابت ڀتين تي اشتهار پڙهون ٿا، جيڪڏهن ان جي جاءِ تي يوناني فلسفي، ڏاهپ ۽ علمن جا عرق پنهنجي ذهن کي سرسبز ڪرڻ لاءِ استعمال ڪريون ها ته اسان جي حالت ڪجهه ٻي هجي ها ترقي جي انهي چوواٽي تي هجون ها، جتان منزل ويهي ڏسڻ ۾ اچي ها.

اديب بڻجڻ جو ڪارگر نسخو - شوڪت لوهار (Shoukat Lohar)

اديب بڻجڻ جو ڪارگر نسخو
شوڪت لوهار
حيدرآباد ۾ ايترا ڪوچنگ سينٽر آهن جيترا مٿي ۾ وار، جتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي جارن، ٻرالن ۽ ڳڙکين مان ڪيئي پاٺڪ ”ابنِ بطوطه، پَهن ڪي جوتا“ ڳائيندا پهچندا آهن ۽ علم جي اُڃ کي اِي ڪيٽ، ايم ڪيٽ ۽ الائي ڪيترن ئي نالن جي ٻلين جي برانڊن جي منرل واٽر سان اجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر افسوس، ڏک، روڄ راڙو، درد تڪليف اها آهي ته هتي اديب بڻائڻ لاءِ هڪ به ڪوچنگ سينٽر، ٽيوشن سينٽر ڪونه آهي. هر گهٽي ۾ هڪ نه ٻئي گهر ۾ پوڙهين ماين جي منهن تي مڻ اٽي جو ٿڦي ڪئين مشل اوبامائن، ڪيٽ ونسليٽ ۽ ڪترينا ڪيف جهڙو بڻائڻ جا ڏٽا ڏيڻ لاءِ کوڙ بيوٽي پارلر به موجود آهن. پر اديب بنائڻ، اديب جو ميڪ اپ، هار سينگار ڪرائڻ لاءِ هڪ به بيوٽي سيلون نه هجڻ واقعي قلمڪارن، قلمدانن ۽ قلم ڌڻين سان وڏي زيادتي آهي، وڏي ويساهه گهاتي آهي، وڏي ويڌن آهي.

امر سنڌوءَ جي ڪتاب ”اوجاڳيل اکين جا سپنا“ تي اڀياس - حسن مجتبيٰ (Hasan Mujtaba)


امر سنڌوءَ جي ڪتاب ”اوجاڳيل اکين جا سپنا“ تي اڀياس
ننڊ جي گھٽين ۾ جاڳ جي شاعري
حسن مجتبيٰ
”حيرتناڪ، خوبصورت ۽ جرئت ڀريي“ اهي آهن پهريان ٽي لفظ جيڪي امر سنڌوءَ جي هيءَ شاعري پڙهي انهيءَ بابت  خيال ۾ اچن ٿا. 1990 جي  ڏهاڪي جا شروعاتي ۽ وچوٽا سال سنڌ ۾ وڏي هڪ اٿل پٿل جو زمانو هو. گوڙ گھمسان ۽ وٺ وٺان جو زمانو هو. آڌي رات جي گدڙن جو زمانو (اهي آڌي رات جا گدڙ اڄ به ساڳيا آهن) سنڌ کي گدڙ ۽ سنڌ جي جواني کي سياست، اخبارون کائي کپائي رهيون هيون. حڪومتون ڊهيون ٿي، ٺهيون ٿي. سنڌي اديب ۽ نوجوان 80 واري ڏهاڪي جي قاصائي واري ڪار مان بچي نڪرڻ کان پوءِ رومانيت جي ڳهر ۾ ورتل هئا، پوءِ اهو رومانس ڪنهن شخص، ڇوڪري، ڇوڪريءَ سان هجي يا انقلاب سان. ويڙهاڪ ڪردار زنده يا مرده ، پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي رهيا هئا. ٻوليواراڻا هنگاما سنڌ جي شهرن کي سنڌين لاءِ پيراڊائز لاسٽ بڻائي رهيا هئا.

21/02/2013

سون سريڪا هٿڙا - شوڪت لوهار (Shoukat Lohar)


سون سريڪا هٿڙا
شوڪت لوهار
زندگي به پيانو جي ڪي بورڊ جيان آهي، جنهن تي آڱريون رکندي ئي عجيب ڪيفيتن وارا سر ڇڙي پون ٿا. ساڳي ريت زندگي پوپٽن جي پٺ تي پينٽ ٿيل فطرت طرفان هڪ خوبصورت موهه پيدا ڪندڙ رنگن جو ڪو گلدستو آهي انهيءَ سان گڏ هي زندگي ماکي گلاس ۾ ڪريل ڪو ڪِول جو لاشو به ته آهي. هي زندگي روڊ تي پٿر ڪٽندڙ مزدور جي هٿ جي ڇيڻي ۽ مترڪي به ته آهي. زندگي مون کي ڪڏهن ڪڏهن ڪوريئڙي جو ڄار محسوس ٿيندي آهي ڪڏهن ڪڏهن جڳ مشهور ڊراما نگار شيڪسپيئر جو لافاني سٽون بڻجي سامهون اچي بيهندي آهي ته:
Life a breaf candle a poor player that frets and struts hour upon a stage and heard no more in that is life, it is a tale told by and idot full of sound and funny signifying nothing.

”چنڊ-ڳليون“ جو مهاڳ - شيخ اياز (Shaikh Ayaz)


”چنڊ-ڳليون“ جو مهاڳ
شيخ اياز
جنهن وقت مون ڪنهن بزرگ دانشور کي ٻڌايو ته مون ’چنڊ ڳليون‘ جي نالي سان پوري ڪتاب ۾ ’ترائيل‘ لکيا آهن ته هن جو ردِ عمل توقع جي خلاف نه هو ۽ هن پنهنجي ترقي پسندانه انداز ۾ چيو:
”هائڪو تو ته چڱا لکيا آهن، پر هونءَ هائڪو غير سنڌي صنف آهي. ساڳيءَ ريت ترائيل به غلاميءَ جي نشاني آهي.“
مون هن کي ادب سان چيو:
”ترائيل ته فرينچ شاعريءَ جي صنف آهي، اسين فرينچ قوم جا به غلام هياسين ڇا؟ فرينچ قوم جي حڪومت هندستان ۾ رڳو پانڊيچريءَ ۾ هئي. سنڌ تي ڪاهه به پورچوگيزن ڪئي هئي ۽ نه فرينچ قوم وارن. نه وري اسان جپان جي غلاميءَ ۾ ڪڏهن رهيا آهيون. ٻي جنگِ عظيم ۾ هو برما تي قابض ها، جڏهن سباش چندربوس سندس ساٿي هو، پوءِ آسام ڏي امفال تائين وڌيا هئا. ناگا ساڪيءَ ۽ هيروشيما جي تباهيءَ کان پوءِ جنگ بند ٿي وئي هئي.

امر کهاوڙ جي شاعري - مشتاق گبول (Mushtaq Gabol)


امر کهاوڙ جي شاعري
تو ۾ ديپ امر
مشتاق گبول
شيخ اياز هڪڙي هنڌ لکيو آهي ته: ”ڄام نندي کي پپل جي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ اک لڳي وئي هُئي، دولهه دريا خان هُن کي غافل ڏسي، مياڻ مان پنهنجي تلوار ڪڍي هُن جي ڀرسان رکي پاڻ پپل جي پُٺيان لِڪي بيٺو. ڪجهه وقت کان پوءِ ڄام نندي جي اک کُلي ۽ هُن پنهنجي ڀرسان رکيل تلوار ڏانهن ڏسي، سڏ ڪيو، ”دولهه دريا خان!“ دولهه دريا خان پپل جي پٺيان نڪري آيو ۽ ڄام نندي کي چيائين، ”اوهان کي ڪيئن خبر پئي ته مان پپل جي پُٺيان لڪل آهيان دولهه دريا خان!“

20/02/2013

ناول ”کاٻي اک جو خواب“ جي حوالي سان - امر لغاري (Amar Laghari)


منور سراج جي لکيل ناول ”کاٻي اک جو خواب“ جي حوالي سان
Love Conquers All
امر لغاري
مان منور سراج کي ان ڳالهه تي شاباس ڏيندس ته هُن هِن وقت تائين جيڪي ڪجھه لکيو، اهو ڇپائي اسان جي سامهون آندو، نه ته اسان مان ڪيترا ئي اهڙا آهن جيڪي ڪافڪا بنجڻ جي چڪر ۾ جيڪي ڪجھه لکيو اٿئون سو ڇپرائڻ لاءِ تيار ناهن. منور پنهنجن ٽن ڪتابن آڌار اڄ اسان جي سامهون آهي. ان سفر ۾ نه ڪا وڏي هام هنئي اٿس ۽ نڪا دانشوري! جيڪو آهي اسان جي سامهون آهي. پنهنجن ڪردارن ”جوڳيءَ جي ٻئي جنم“ کان وٺي کاٻي اک جي خواب ڏسندڙ، war against terror واري زماني ۾ جيئندڙ، خوف ۾ ورتل، پوري اڻپوري، رومينٽڪ راڻي تائين هن چڱو خاصو پنڌ ڪيو آهي. عمر جو پنڌ، ادب جو پنڌ- تجربو ۽ لکڻ پڙهڻ! ان عرصي ۾ هن ڪيئي خواب ڏٺا هوندا؛ خواب-خوف ۽ اميد ۾ ويڙهيل؛ پلصراط تان گذرندڙ،  دوزخ جي ڀؤ ۾ ورتل.

18/02/2013

اياز جانيءَ جو ھمرچو - امر پيرزادو (Amar Pirzado)


اياز جانيءَ جو ھمرچو
جائزو: امر پيرزادو
همرچو ميگزين جي پهرين ۽ اهم خاصيت اها آهي ته همرچو هڪ نج ادبي ميگزين آهي ۽ جيڪڏهن ان ۾ سياسي مداخلت هوندي به آهي ته اها ادبي پيرائي ۾ ئي هوندي آهي، ڪنهن سياسي پارٽي جي ايجنڊا، نعري بازي يا ڪنهن ليکڪ جي مشروط سياسي حمايت نه هوندي آهي.

17/02/2013

کاٻي اک جو خواب ڏسڻ کان پوءِ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


کاٻي اک جو خواب ڏسڻ کان پوءِ
رکيل مورائي
منور سراج جي ناول ” کاٻي اک جو خواب“ کي کڻي مان اڳواٽ ئي هڪ ڳالهه چٽي ڪرڻ گهرندس.
 اها هيءُ ته جيڪڏهن، هن جيتامڙي سنڌي ٻوليءَ جي، جيتا مڙن ناولن تي،
 ٽالسٽاءِ جي، ”اينا ڪرينينا“،
 دوستو وسڪيءَ جي ”ايڊيٽ“،
ارنيسٽ هيمگويءَ جي”اولڊ مين اينڊ سي“،
 البرٽ ڪاميو جي ”آئوٽ سائيڊر“،
 پاسٽر ناڪ جي” ڊاڪٽر زواگو“،
 سولزي نسٽن جي ”ڪينسر وارڊ“،
 ڊي ايڇ لارنس جي” ليڊي چٽرلي لورس“،
 گستاوءَ فلابئير جي ”مادام بوواريءَ“
۽ ٻين اڻ ڳڻين پهاڙ جيڏن ناولن تي ڪيل، پهاڙ جيڏي تنقيد رکبي ته هنن جو ساهه منجهندو ۽ اهي پنهنجي فطري واڌ ويجهه کان اڳ ئي، ننڍڙيءَ عمر ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪري ڇڏيندا، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ناولن تي اوتري ئي ننڍڙي تنقيد جڳائي، جيترا ننڍڙا اهي ناول آهن ائين منور سراج جي ناول تي به !