17/02/2013

کاٻي اک جو خواب ڏسڻ کان پوءِ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


کاٻي اک جو خواب ڏسڻ کان پوءِ
رکيل مورائي
منور سراج جي ناول ” کاٻي اک جو خواب“ کي کڻي مان اڳواٽ ئي هڪ ڳالهه چٽي ڪرڻ گهرندس.
 اها هيءُ ته جيڪڏهن، هن جيتامڙي سنڌي ٻوليءَ جي، جيتا مڙن ناولن تي،
 ٽالسٽاءِ جي، ”اينا ڪرينينا“،
 دوستو وسڪيءَ جي ”ايڊيٽ“،
ارنيسٽ هيمگويءَ جي”اولڊ مين اينڊ سي“،
 البرٽ ڪاميو جي ”آئوٽ سائيڊر“،
 پاسٽر ناڪ جي” ڊاڪٽر زواگو“،
 سولزي نسٽن جي ”ڪينسر وارڊ“،
 ڊي ايڇ لارنس جي” ليڊي چٽرلي لورس“،
 گستاوءَ فلابئير جي ”مادام بوواريءَ
۽ ٻين اڻ ڳڻين پهاڙ جيڏن ناولن تي ڪيل، پهاڙ جيڏي تنقيد رکبي ته هنن جو ساهه منجهندو ۽ اهي پنهنجي فطري واڌ ويجهه کان اڳ ئي، ننڍڙيءَ عمر ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪري ڇڏيندا، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ناولن تي اوتري ئي ننڍڙي تنقيد جڳائي، جيترا ننڍڙا اهي ناول آهن ائين منور سراج جي ناول تي به !

ها! ان ڏينهن صبح جو جڏهن مان ننڊ مان جاڳيو هوس. پاسو ورائڻ سان ڏٺو هوم ته منهنجي بيڊ ٽيبل تي ”کاٻي اک جو خواب“ رکيو هئو. مون کي ذهن تي گهڻي زور ڏيڻ کن پوءِ ياد آيو ته رات اهو ”کاٻي اک جو خواب“ مون ئي اتي رکيو هئو، ان لاءِ ته صبح جو جاڳڻ کان پوءِ ان کي ڏسندس!
۽ هاڻ جاڳ ۾ ان کي ڏسي رهيو آهيان ۽ ڏسڻ کان پوءِ محسوس ڪري رهيو آهيان ته، جيڪو چيلاٽو آهي، جيڪو هن شخص جي پٺيان آهي يا ان جي آس پاس آهي، دراصل ائين آهي ڪو نه.
اهو فقط هو محسوس ڪري ٿو.
پر سچ پچ چيلاٽي جي محسوس ڪيل ان اذيت جي شدت کان پوءِ هن يعني منور سراج ان کي ”کاٻي اک جو خواب“ ۾ جيڪو اظهار ڏنو آهي، اهو اهڙو ڇتو آهي، جو جيڪڏهن منهنجي کاٻي پاسي واري فليٽ جي کلندڙ دريءَ جو شيشو بند نه هجي ها ته، شايد اهو چيلاٽو مون کي پنهنجي ڪنڌ تي ويٺل محسوس ٿئي ها ۽ مان پڪ سان هڪ ڊگهي رڙ ڪري، پنهنجي ڪمري کان ٻاهر ڊوڙ پايان ها ۽ ائين گهر وارن جي پريشانيءَ ۽ کل جو سبب بڻجان ها.
۽ هاڻ مان اهو سوچيان ٿو ته ”کاٻي اک جو خواب“ ۾ ايتري احساس جي شدت، منور سراج اظهاري، ان خواب جي ساڀيا کي اونداهيءَ غفا مان ڪڍي، اکين جي دائري ۾ ئي بند رکڻ چاهيو آهي.
۽ ان ئي دائري ۾ هن 180 ڪاڳر جي صفحن کي مخصوص ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هو ائين سمجهي ٿو ته هن، ”کاٻي اک جي خواب“ کي ڪاڳر ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، پر ٿيو ان جي ابتڙ آهي، ڇاڪاڻ  جو هن جي اظهار ۾ آيل اهي سڀ احساس ڄڻ ته انهن ڪاڳرن جي چَوديواري ٽپي/يا چوڻ گهرجي ته چوديواري جو تقدس پائمال ڪري رستن تي نڪري آيا آهن. رستن تي اچڻ تائين به قناعت نه ڪري، اهي هڪ ڊگهي جلوس جي صورت ۾ ان شخص/ليکڪ جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، جنهن انهن کي پنهنجي احساس جو لباس اوڍائي، دراصل انهن جي سچائيءَ ۽ پوترتا کي اگهاڙو ڪيو آهي. حسن درس جي هن املهه سٽ جيان-
سج، سرمد ۽ هي ننڍڙا ٻارڙا،
سڀ اگهاڙپ جي ڍڪيل پوشاڪ ۾.
۽ چوڻ لڳا آهن ته اسين سندس دل جي پناهه گاهه اندر وڌيڪ محفوظ هئاسين. هن شخص، جيڪو  پاڻ کي لکندڙ ٿو سمجهي، ان اسان کي اصل لباس کان ٻاهر ڪڍي، ڪاڳر جي ڪئنواس تي ننگو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا هڪ وڏي زيادتي آهي اسان سان.
۽ تخليق جي ان متي کي کڻي چئي سگهجي ٿو ته تخليق زندگيءَ کان ڀاڄ آهي يا ڪا به ڪلا زندگيءَ جي سچاين کي منهن نه ڏئي سگهڻ کان پوءِ شخص/ليکڪ/آرٽسٽ جي پناهه گاهه بڻجي ٿي؟
پر اڄ هنن کڻن ۾ تخليق، ليکڪ/تخليقڪار جي پناهه گاهه بدران، ان جي اندر توڻي ٻاهر جي اوگهڙ جو سبب بڻي آهي.
(اوگهڙ لفظ کي فحاشيءَ جي معنيٰ ۾ نه ورتو ويندو ته مهرباني ٿيندي.)
ڏٺو اهو ويو آهي ته اسهمتي عام طور اسان جي ليکڪن کي پسند ڪانه ايندي آهي، اها اڪثر شخص/ليکڪ جي عارضي انا کي ڦٽيندي آهي، ليڪن سجاڳ/ذهين شخص/ليکڪ کي ڪا الڳ/ يا نئين ڪنڊ ضرور ڏيندي آهي ۽ ويچار ائين اڳتي وڌندو آهي. ۽ منور سراج احساسن جي ان زيادتيءَ جو عذاب لڪائڻ لاءِ، کاٻي اک جي خواب ۾ پناهه ڳولڻ جي جستجو ڪيتري سڦلتا ماڻي چڪي آهي يا ماڻي سگهندي !
ميرانجهڙو ماضي، دونها ٽيل حال ۽ اڻ چٽو مستقبل ” کاٻي اک جو خواب“ آهي.
خواب! جيڪو اکين جي دائري ۾ ئي رهندو آهي ۽ جڏهنِ اهو اکين جي ڪنارين کان ٻاهر نڪرندو آهي ته ساڀيان جي پيچري تي پنڌ پوندو آهي. اهو پنڌ، جنهن جو مفاصلو طئه نه آهي ته اهو ڪيترو وڏو آهي يا اهو ڪيترو ننڊو آهي.
اهو مفاصلو گهر کان نڪري، ڳوٺ جي پوئين پاسي واري ميدان تي اڏيل ان خانه بدوشن جي  جهوپڙين تائين به ٿي سگهي ٿو،
ته ڳوٺ کان ٻه اڍائي ميل پري ٻڪرين جي پيٽ ڀرجڻ واري ٽائيم اسپيس جيترو به ٿي سگهي ٿو،
ته سمونڊ جي ٻئي پار لهندڙ سنجها جي سورج ۽ مومل-راڻي جي پيرن هيٺان ستل ڪراچيءَ جي سِي ويو سائيڊ جي وچ وارو به ٿي سگهي ٿو،
ته ڳوٺ ڀرسان وڏي شهر ڏانهن ويندڙ راجا جي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي، اسڪول پهچڻ وارو به ٿي سگهي ٿو.
پنڌ جيڪو سدائين رهڻو آهي، فقط مسافر پنهنجي ماڳ تي پهچي ان کي پڄاڻيءَ جو نالو ڏيندو آهي. ٻيءَ طرح اها پنڌ جي پڄاڻي نه هوندي آهي، دراصل جتي ان جي پڄاڻي ٿيندي آهي، اتان ئي ان جي نئين شروعات ٿيندي آهي. جنهن ڪري سمجهڻ ائين گهرجي ته منور سراج جو هيءُ اهڙو خواب آهي، جنهن جي شروعات ته آهي (جيڪا هو خود آهي) پر جنهن جي پڄاڻي نه آهي ۽ جڏهن ان جي پڄاڻي ٿي ته پوئتي ڪجهه به نه رهندو.
يقينيءَ ۽ بي يقينيءَ جي وار کان سنهي ۽ ترار کان تکي پل صراط تان هلندي لکيل منور سراج جو هيءُ ناول، ان احساس جي ڦر جي وڃڻ جو الميو آهي، جنهن کي ٻارهن سالن جو ٻارڙو ماڻڻ کان اڳ ڦرائي ويٺو هئو/آهي، اهو سڀ ڦرجڻ، جنهن ۾ ان ٻارڙي جو ڪو به ڏوهه نه  هئو/ ڪا به غلطي نه هئي ۽ ان غلطي نه هجڻ جي احساس جو عذاب هو اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهي. ٻارهن سالن جي اوسٿا/عمر ۾ ٽٽل ان آتم کي جوڙڻ لاءِ منور چاليهه سال ڀوڳيو آهي. تنهنڪري مون کي ائين چوندي وڌيڪ سنتوش ٿو ملي ته هيءُ ناول جي نالي ۾ لکيل ٻن سون کان ڪجهه گهٽ صفحا، ان ڀوڳنا جي نه کٽندڙ سفر جي ڪٿا ئي آهن ۽ اهي جنهن رچنا تمڪ سطح تي ناول جي روپ ۾ اڀري آيا آهن. مان ساهي کڻي چوان ٿو ته انهن جي ليول ننڍي کنڊ ۾لکيو ويندڙ سنڌيءَ جي انهن ٻن هٿن جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ناولن ۾ شامل ناول جي آهي، جن کي مان پنهنجي ٿوريءَ ڄاڻ آهر هند ۾،
هن جي آتم جو موت  لال پشپ- “
هڪ شخص جي واسنا“ انند کيماڻي،
۽ سنڌ ۾
ساهه مٺ ۾“ ماڻڪ،
اڏوهي“ اخلاق انصاري،
(جيستائين انهن ناولن جي اوريجنلٽيءَ تي آڱر نٿي کڄي)
جهڙن ناولن ۾ شامل ڪرڻ جي جرعت ڪري، نظرياتي، تاريخي، رومانوي، سياسي، سماجي ۽ عام ناولن تي ڄڻ ته  منڌيئڙو گهمائڻ جهڙي گستاخي ڪري رهيو آهيان.
پر سچ پڇ ته مان اهڙو ڪو به عمل نه ڪري رهيو آهيان ۽ نه ئي اهڙي منشا اٿم.
فقط هن کڻ جي تسڪين ماڻڻ لاءِ مان ٻين سڀني ناولن کي عارضي طور پاسي تي رکان ٿو پر انهن جي اهميت کي آءٌ چيئلينج نه ٿو ڪريان.
مون کي سُڌ آهي ته ادب جي ديس مان ڊگهي جلاوطني جي سزا ڀوڳڻي اٿم.
جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ان جو سبب منور سراج جي ناول ”کاٻي اک جو خواب“ کي سمجهندس. هيءَ ڳالهه رڪارڊ تي رکي وڃي.
ناول ۾ راڻي جي ڪردار کي کڻي مان پريشان اصل نه آهيان، ان ڪري جو ڄاڻان ٿو ته هر معمولي سوسائٽيءَ ۾ غير معمولي شخص ائين ئي پنهنجي پاڇي جي ڊپ ۾ جيئندو آهي ۽ ان کي جيئڻ چوندو ۽ سمجهندو آهي. هن جي ذهن جو غير معمولي پڻو، هن کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهيندو آهي ۽ معمولي سوسائٽي هن کي پُٺ تي ڌڪڻ چاهيندي آهي، ۽ هو انهن ٻنهي دٻائن جي وچ ۾ پيڙبو رهندو آهي.
 جيئن هن ڪتاب/ناول جو ڪردار راڻو!
ها! مان ڪي قدر پريشان آهيان ته فقط مومل جي ڪردار کان، جيڪا الڳ الڳ نالن ۾ هن جي زندگيءَ مان ايتريءَ تيزيءَ سان نڪري ٿي وڃي، جيتري تيزيءَ سان هو خود چيلاٽي جي احساس کان ڀڄڻ ٿو چاهي.
ٻنهي  صورتن ۾ هن جي آتم جو ٽٽڻ اوس ٿيڻو آهي ۽ ٿئي ٿو.
راڻي جي شاندار اڪيلائي، خود هڪ آهين شخص جي اڪيلائي آهي، ۽ هيءَ اهڙي اڪيلائي آهي، جيڪا ميلي ۾ به پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن خلوت ۾ انجمن بڻجي پوندي آهي، جيئن ڳوٺ جي ڀرسان پيل ويران ايراضيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اچي خانه بدوش ڪجهه ڏينهن لاءِ انجمن لڳائيندا آهن.
يقين ڪرڻ گهرجي ته راڻي جي سنساري اڻ پورڻتا ثانوي آهي، هن جي جسماني اڻ پورڻتا ئي هن جي ڀوڳنا جو سبب بڻيل آهي. مومل پورڻتا چاهي ٿي، پر ان شخص وٽان جيڪو خود اڻپورو آهي ۽ پورڻتا جي تلاش ۾ آهي.
سنڌي نئين ادب بابت منهنجو سهي يا غلط ويچار اهو آهي ته اهو شخص جي آس پاس آهي، مون کي اهو چوندي فخر سان گڏ بيحد خوشي ٿي رهي آهي ته منور سراج جو هيءُ ناول شخص جي آر پار آهي.
اهو شخص منور سراج پاڻ به ٿي سگهي ٿو.
پر اهو ضروري نه آهي.
اهو ته سچ آهي ته تنقيد جي مضبوط روايت ممڪن ئي تخليق جي مضبوط روايت هيٺ ٿيندي، جنهن دور ۾ اسين جِي رهيا آهيون، ان ۾ دنيا جي ادب جي زبردست ترقيءَ کي ڏسي، صرف تاريخ جي وهڪري جي آسري ويهي رهون، اهو ٺيڪ نه آهي. ائين سمجهڻ به غلط آهي ته تخليق يا تنقيد جيئن ٻين ٻولين ۾سلسليوار ترقي ڪئي آهي، تيئن اسان جي تخليق ۽ تنقيد به ڪندي.
اسين ان اوسيئڙي ۾ ويهي نٿا سگهون. ان ڏس ۾ ڪن ذهين ۽ تنقيدي قوتون رکندڙ نوجوانن کي اڳيان اچڻو پوندو ۽ مخالفت جي نون لاڙن کي جاچڻو پوندو. دنيا جي تخليق ۽ تنقيد کي ڌيان ۾ رکي، سنڌي ادب جي تخليقن تي تنقيدي راءِ کي مٿي اڀارڻو پوندو.
ائين ئي اسان ڪجهه سچ بابت اعتبار حاصل ڪري سگهنداسين.
شخصي/ادبي طور اڄ جڏهن منور سراج جو ناول منهنجي آڏو آيو آهي ته مون کي سندس هيءُ ڪيل اهم ڪارنامو  محسوس ٿئي ٿو ۽ منهنجو وري هڪ نهايت ئي مضبوط تنقيد ۾ ويساهه موٽي آيو آهي. ڳالهه ساڳي مضبوط تخليقي روايت جي آهي ۽ هيءُ ناول نالي ”کاٻي اک جو خواب“ ان مضبوط نئين تخليقي روايت جو بنياد آهي يا بنيادي حصو آهي، يا هڪ ڪڙي آهي.
چاهيندس، ته هيءُ لکت پوري ڪري منور جي اُنهن آڱرين کي چمان، جن جي وچ ۾ قلم جهلي هن هيءُ ناول لکيو آهي. اها چمي شايد هڪ دوست کي هڪ دوست پاران ڀيٽا هجي! ٻيءَ طرح هن ناول تي ڳالهائڻ ۽ لکڻ جو وڌيڪ ذمو مان سنڌ جي ذهين نقادن تي ڇڏيان ٿو ته اهي هن ناول کي ڪيئن ٿا ڏسن! ؟…

No comments:

Post a Comment