31/10/2020

د مظهر جي ڪتاب ”محبت ۽ مايا“ جو اڀياس - وحيد محسن (Waheed Mohsan)

 وحيد محسن

عابد مظهر جي ڪھاڻين جي ڪتاب

”محبت ۽ مايا“ جو اڀياس

عابد مظهر جو تعارف ڪھاڻيڪار ; شاعر ۽ محقق جي حوالي سان ڪرايو وڃي ٿو. اڄ منهنجي مطالعي ھيٺ سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ”محبت ۽ مايا“ آهي. ڪتاب کي نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو 128 صفحن تي ڦھليل آهي. سندس ملھ 200 روپيا رکيو ويو آهي. جنهن ۾ 10 فليش ڪھاڻيون ۽ 25 مختصر ڪھاڻيون شامل آهن. پبلشر نوٽ سنڌي انعام لکيو آهي ۽ مھاڳ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب بابت ضياء ابڙي ۽ ساجده جبين پنھنجا رايا لکيا آهن. پنهنجي پاران ۾ ڪھاڻيڪار عابد مظهر لکي ٿو ته ”ھن مجموعي ۾ منھنجون نينو ۽ فليش ڪھاڻين سان گڏ دعا جي چمي کان وٺي محبت ۽ مايا تائين نيون ڪھاڻيون آهن جن ۾ محبت، تصوف، دھشتگردي ۽ مايا جي اڻت ۾ اڻيل جديد جذبن جو رنگ شامل آهي.“

28/10/2020

مٺل جسڪاڻيءَ جي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ جو پيش لفظ - انجنيئر عبدالوهاب سهتو (Engr. Abdul Wahab Sahito)

 انجنيئر عبدالوهاب سهتو

مٺل جسڪاڻيءَ جي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ جو پيش لفظ

ڇر ۽ ليٽ

 

انسان ظاھري اک سان دنيا جا مظھر ڏسي ٿو، ڪنن سان ڳالھيون ٻڌي ٿو. اھي منظر ۽ ڳالھيون سندس ذھن ۾ ويھجي وڃن ٿا. اڳتي ھلي اھڙن منظرن بابت ٻين جي واتان ٻڌي ٿو. ٻُڌي ٻُڌي ۽ ڏِسي ڏِسي، ڳالھين سان سندس پيٽ ڀرجي وڃي ٿو. انت اندر مان اڌما ڏئي ڳالھيون، ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ سندس ذھن جي پردي تي اچي، زبان جي نوڪ تي چڙھي، آواز جو روپ اختيار ڪري، ٻين تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. گھڻِ ۾، ڪير نه ٿو ٻڌي ته کين متوجہ ڪرڻ لاءِ ترڪيبون جوڙي ٿو ۽ حيلا ھلائي ٿو. لفظن جي جادوگري سکي ٿو. لفظ ۽ گفتا چٻي چٿي ڪڍي ٿو. بيان جا نرالا انداز ورتائي ٿو. ڪھاڻيءَ، داستان، شعر، مضمون، مقالي، رپوتاز وغيره جي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي سعي ڪري ٿو. آخر سندس قلم جي ائنٽ تي ڪا صنف چڙھي ٿي ۽ ان ۾ ڀڙ ٿي، ٻين جي ذھن کي جنجھوڙڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ٿو.

23/09/2020

نامور شاعر غلام نبي ”گل“ جي شاعريءَ جو اڀياس - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr Riazat Buriro)

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

نامور شاعر غلام نبي ”گل“ جي شاعريءَ جو اڀياس


 

·         رات کان پو ڏينهن ٿيندو،

رات کان پو رات ناهي.                  (رات باقي آ: ص 72)

سهڻيءَ سنڌ کي لاڙڪاڻي ضلعي علمي، ادبي ۽ ثقافتي طرح ڪيترائي ماڻڪ موتي ڏنا آهن جن پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ ڪارائتيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. شاعريءَ جي شعبي ۾، جيڪڏهن ڏسنداسين ته اسان کي ڪيترائي اهم نالا لاڙڪاڻي جي افق تان اُڀرندي ۽ چَوڏسا روشني پکيڙيندي نظر ايندا، جن جا رڳو ٻه ٻه چار چار شعري اسم به سهيڙجن ته هڪ ضخيم ڪتاب جُڙي پوي. انهن نالن مان، گذريل ٽيهن ورهين دوران، جيڪو شاعر پنهنجيءَ ڀرپور سگهه سان، مقدار توڻي معيار ۾، فڪر ۽ فن جا شعر سوچيندي، سرجيندي ۽ آڇيندي نظر اچي ٿو، اهو بنا شڪ جي، غلام نبي ’گل‘ آهي.

30/07/2020

احساس جي شاعره - شبانه نواز پنهور - ميرچند اوڏ (Mir Chand Oad)


ميرچند اوڏ
احساس جي شاعره - شبانه نواز پنهور

توڙي جو هر عام ماڻهو شاعر ۽ تخليقڪار نه هوندو آهي ۽ نه ئي وري شاعر ۽ تخليقڪار عام ماڻهو هوندو آهي. شاعر محسوسات ۽ فڪر جي گهرائي جومحتاج هوندو آهي. زندگيءَ ۾ جڏهن ڪو اهڙو واقعو پيش ايندو آهي جنهن سان سندس دل ۽ دماغ تي اهڙا ته نقش چٽجي ويندا آهن جيڪي سموري زندگي لاءِ نه مٽجندڙ نقش بڻجي ويندا آهن ۽ انهن جي اظهار لاءِ هو ڪو نه ڪو ذريعو ڳولي وٺندو آهي. ان جذبي تحت ئي ماڻهوءَ جي اندر جو آرٽسٽ، فنڪار، تخليقڪار، مصور ۽ شاعر جنم وٺندو آهي.

ڪهاڻي ڪتاب ”ڀانڊارو“ جو اڀياس - مختيار چنو (Mukhtiar Chano)


مختيار چنو
ڪهاڻي ڪتاب ”ڀانڊارو“ جو اڀياس

نيٺ انتظار ختم ٿيو. ڀانداري ڀڄڻ سان سڀ راز پڌرا ٿي پيا.
ڀانڊارو ياسمين چانڊيو جي ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب آهي. سَو سٺ صفحن تي مشتمل ڪتاب ۾ ننڍيون وڏيون 27 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب سنسار پبليڪيشن اينڊ پرنٽرس ڪراچي ڇپرايو آهي.
ڪتاب جو مهاڳ نامياري ڪهاڻيڪار
طارق قريشي لکيو آهي. بيڪ پيج ڪهاڻي جي شهزادي ضراب حيدر لکيو آهي. ڊاڪٽر عابد مظهر، فرزانہ شاهين، سامي ميمڻ، مير عباس ٽالپر، جمشيد زهراڻي ۽ مرتضى ناريجو ڪتاب، ڪهاڻي جي فن فڪر ۽ ڪهاڻيڪار جي شخصيت مطلق لکيو آهي.
روايتي طور تي ڪتاب جي پبلشر، ”پبلشر نوٽ“ جي شروعات پراڻي بحث کي ڇيڙڻ سان ڪئي آهي.
اسلم کٽياڻ پبلشر نوٽ ۾ لکي ٿو ته ”سنڌي ڪهاڻي مري وڃڻ وارو بحث هاڻي وقت جي دز ۾ لٽجي چڪو آهي. ڪهاڻي کيتر ۾ هر آئي ڏينهن نت نوان تجربا ٿي رهيا آهن. جيڪي ڪهاڻي کي نہ رڳو ڏيھ پرڏيھ ۾ بہ پاڻ مڃائڻ جو جوهر ۽ سگھ رکن ٿا.“

28/07/2020

مشتاق گبول جي شاعريءَ تي ھڪ نظر - مير حاجن مير (Mir Hajan Mir)


مير حاجن مير
مشتاق گبول جي شاعريءَ تي ھڪ نظر
مشتاق گبول جي شاعريءَ جو رنگ الڳ ۽ منفرد آهي، جنهن مان هميشه گلاب جي گل جي خوشبو ايندي آهي. جديد دؤر جي تقاضائن موجب مشتاق گبول شاعري جي هر صنف کي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان خوشبودار بڻايو آهي، جنهن ۾ فن ۽ فڪر جي گهرائپ ۽ ڳوڙهاڻ آهي.
مشتاق جي شاعريءَ ۾ اُهي احساس محبوب جي مرڪ جهڙا آهن، ته ڌرتي جهڙا سهڻا به آهن، غزل، بيت، وائي، ڏيڍڻو، ترائيل، دوهو، ٽيڙو، ٻين صنفن سان گڏ گيت کي نواڻ ڏني آهي، جنهن ۾ جدت به آهي ته سادگي، سچائي به آهي ته سونهن به آهي. مشتاق گبول اهي سمورا رنگ خوبصورت نموني نِکاريا آهن، جيڪي هڪ سٺي شاعر ۾ خوبيون هونديون آهن. گهاڻيٽا، هيئتون، تشبيهون، تمثيلون، استعارا ۽ ڪنايا توجهه طلب آهن. مشتاق مشاهدي ۽ مطالعي جي نظر ۾ رکي انهن کي خوبصورت نموني استعمال ڪيا آهن جن ۾ محبوب جا ماڻا به آهن ته صبح جي باک به آهي.

27/07/2020

اجمير ڀُٽي جي ناول”ڪجلا سَر“ جو جائزو - بخشل باغي (Bakhshal Baghi)


بخشل باغي

اجمير ڀُٽي جي ناول”ڪجلا سَر“ جو جائزو
”ڪجلا سَر جي ڪنڌيءَ کان اورتي“

لکڻ جو عمل، زندگيءَ سان پيار ڪرڻ جي عمل وانگر هُجڻ گُهرجي. لفظ لفظ جي لَڄ توڙي مريادا رکڻ بِنهه ضروري آهي. ۽ اُنهن لفظن جي منظر توڙي پس منظر جي سموري سچائي پنهنجي احساسن جي گهرائيءَ سان اُنهن مان اُجاڳر ٿي دل ۽ دماغ کي هڪ تحرڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏي. لکڻ مَهل ڪنهن به صنف ۾ ليکڪ جو پنهنجي پوري ذميواريءَ سان لاڳاپيل هُجڻ لازمي آهي، نه ته اُها غير واسطيداري يا عَدم دلچسپي اُن لکڻيءَ جي روح کي رهڙي ڪمزور ڪري مَنجهس تخليقي تَرنگ ۽ آهنگ کان خالي ۽ سَطعي لفظن جو مجموعو بڻائي، پڙهندڙ لاءِ بي دليءَ جي بور ڪندڙ ڪيفيت طاري ڪري لکڻيءَ کان بيزار ڪري وجهندي. شاعري، ڪهاڻي، ناوليٽ،ناول يا ٻيون ادب جون صنفون پنهنجي پنهنجي گُهربل ضرورتن جي گُهر ڪنديون آهن، جن سان اُنهن ۾ موجود مواد جي فني ادائگيءَ، ٻولي، تسلسل، روانگي، تخليقي قوت ملي هڪ نِج تخليق کي تحرير ڪنديون آهن. خاص طور تي جڏهن ناول جهڙي ڪُشادي، مُشڪل، انتهائي نازڪ نفيس صنف هُجي ته ليکڪ کي اُن جي لاءِ بُنيادي تياري، طريقڪار، اُن جي ڪهاڻي يا ڪهاڻين جو هڪ ٻئي سان فني ڳانڍاپو، ۽ آرٽسٽڪ رَچاءُ، ڪهاڻين جي ڪيئنواس جي هُنرمنديءَ سان جوڙجَڪ، اُنهن جي ڪردارن جي تخيلاتي سطع تحت بَناوٽ، اُنهن جي پيشڪش، اسلوب جي انوکائپ، سڀ باريڪ باريڪ ۽ اهم ڪڙيون پاڻ ۾ ڳنڍجي هڪ اهڙي زنجير کي جَڙي وجهن، جو پڙهندڙ اُنهن کي پڙهندي پاڻ کي تخليق جي سحر ۾ گهرائيءَ سان مَنڊجندو محسوس ڪرڻ لڳي.
سُٺي ناول لکڻ لاءِ، نه رڳو زندگيءَ جو عظيم ۽ عجيب تجربو ضروري آهي پر مَتن، ٻولي، ماحول، ڪردارنگاري ۽ مَڪالمي جي بيساختگيءَ جو هُجڻ به اَڻٽر آهي، ڇاڪاڻ ته ناول صبر آزما ۽ وقت وٺندڙ پورهيو آهي.

23/07/2020

ڪھاڻي-ڪتاب ”ھٿي جي وڍي“ جو مقدمو - ڊاڪٽر انور ‘فگار’ هَڪڙو (Dr Anwar Figar Hakro)


ڊاڪٽر انور ‘فگار’ هَڪڙو
انجنيئر عبدالوھاب سھتي جي ڪھاڻي-ڪتاب
”ھٿي جي وڍي“ جو مقدمو

ادب انساني زندگيءَ ۽ سماج جي آرسي آهي، ته ’ڪھاڻي‘ ان آرسيءَ جي چمڪندڙ سطح آهي. سماج جي تبديليءَ ۾ شعر ۽ ڪھاڻي، نھايت اثرائتيون صنفون آهن، جن جو سماجي ڪارج به مثالي ٿئي ٿو. سنڌي سماج جي اخلاقي، علمي، روحاني، مذهبي ۽ اقتصادي قدرن کي، جنھن قوت سان سنڌي ڪھاڻيءَ مثبت رخ ڏنا آهن، تنھن جا گهڻا ئي مثال تاريخ ۾ موجود آهن. هتي ضرورت ان جي آهي ته مان ”بلو دادا“ (اياز قادري)، ”پشو پاشا“ (جمال ابڙو)، ”چھڙي“ (بشير مورياڻي) کان وٺي ”ڪافر“ (نسيم کرل) ڪھاڻيءَ تائين هر هڪ جو سماجي ڪارج پيش ڪريان. منھنجي نظر ۾ سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۾، حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪندڙ ڪھاڻين جو جيترو به تعداد ٿيندو، اوترو ئي انھن جو مثبت سماجي ڪارج به نظر ايندو. حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪندڙ چوڏهن ڪھاڻين جو هڪ مجموعو ”هٿ جي وڍِي“ جي نالي سان منھنجي اڀياس هيٺ آهي. جنھن جو ليکڪ انجنيئر عبدالوهاب سھتو آهي. ڪھاڻي ڪَلا جي اتھاس ۾ اهو اسم اڳ ۾ به موجود آهي. ڇاڪاڻ جو آڪٽوبر ۱۹۸۹ع ۾ سندس چوڏهن ڪھاڻين جو مجموعو ”هراس“ جي نالي سان مُرڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو ۽ نومبر ۱۹۹۲ع ۾ سندس ڏهن ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ”جڏهن بت ئي چوي ڪافر“ جي نالي سان سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو پاران ڇپايو ويو آهي. مٿين ٻنھي مجموعن جي اشاعت جي وچ ۾ ٽن سالن ۽ ٽن مھينن جي وڇوٽي رهي. مگر ڇھن سالن جي مدي کان بعد، هيءُ ٽيون مجموعو منظر عام تي اچڻ وارو آهي. ڏسجي ٿو ته ملڪي ۽ سياسي، سماجي ۽ ادبي حالتن جي اثر ڪري، هونءَ به ڪھاڻيءَ جي اشاعت ايتري تيزيءَ سان ٿي نه سگهي آهي، جيتري رفتار سان ڪھاڻي اڳ ۾ اشاعت هيٺ آيل آهي. سھتي صاحب جي ڪھاڻين جي اشاعت تي به اهو اثر پيل ٿو ڏسجي.

ناصر علي پنھور جو ڪتاب ”اڇو پاڻي لُڙ ٿيو“ - امر لغاري (Amar Leghari)


امر لغاري
ناصر علي پنھور جو ڪتاب ”اڇو پاڻي لُڙ ٿيو“

سنڌ ۾ ماحولياتي حوالي سان تمام ٿورڙا نالا اهڙا آھن، جن ماحوليات جھڙي وڏي تناظر واري موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ انتھائي شاندار لکيو آھي. انهن نالن منجهان ناصر علي پنھور پڻ هڪ آهي. هو ماحولياتي حوالي سان نه فقط هڪ ماهر پروفيشنل آهي، پر گڏو گڏ ماحولياتي مينيجمينٽ توڙي صحافت جهڙن شعبن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ڪم ڪندو پيو اچي. انهي سڃاڻپ هيٺ هن گهڻو ڪجهه پڻ لکيو آهي. ناصر جو سڀ کان اهم ڪم قلم ذريعي ماحولياتي سجاڳي پکيڙڻ، پائدار ترقيءَ بابت ڄاڻ ڏيڻ، عالمي ماحولياتي تبديلين بابت خبردار ڪرڻ، آب هوا جي تبديلي، سنڌو درياهه ۽ ان جي وهڪرن، ڊئمن، بئراجن، پاڻيءَ جي ڍنڍن، درياهه جي ڇوڙ واري علائقي ڊيلٽا توڙي انهن تي انحصار ڪندڙ جهنگلي جيوت، زراعت ۽ عام آدم بابت ماڻهن کي معلومات ڏيڻ آهي. ويجهڙائيءَ ۾ هن جو جيڪو نئون ڪتاب ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، تنهن ۾ پڻ انهن ئي مسئلن کي سائنسي، سماجي ۽ تاريخي ڄاڻ جي حوالن سان اجاگر ڪيو ويو آهي.

ڳالھيون ڳُجھ اندر جون! - عاشق چانڊيو (Ashiq Chandio)


عاشق چانڊيو
ڳالھيون ڳُجھ اندر جون!
(ڪتاب ”مانوارن سان ملو“ جو جائزو)
پاڻ ڪجھ ڏينھن کان انٽرويو پڙھڻ شروع ڪيا آهن جو ان ۾ ڪيئي مزيدار ۽ ڳجھين ڳالھين جي پروڙ پئجي وڃي ٿي. اسان جو سنڌي ادب به شاھڪار آهي جو ان ۾ پڙھندڙ جي چونڊ ملي وڃي ٿي، کڻي جو ان جو مقدار ٿورو ئي ھجي پر پڙھندڙ پنھنجي خواھش کان محروم نه ٿو رھي. ڪھاڻيون، ناول، مضمونگاري، انٽرويو، فلسفو سڀ ڪجھ موجود آهي، بس ڳالھ آھي ته مقدار جي، ڪا شيءِ ججھي آھي ته ڪا ٿورڙي. سو پاڻ کي به انٽرويو پڙھڻ جي خواھش جاڳي ته پاڻ سنڌي ۾ انٽرويوئن جا ڪتاب جاچڻ لڳاسي.، ان ۾ پاڻ کي مايوسي پلئه ڪونه پئي. پھريون ته ھمسفر گاڏھي جو ڪتاب "سنڌ جي ڏاھپ کان انٽرويو" ھٿ لڳو. پڙھيوسين، گھڻيون ڳالھيون سکيونسين. امر اقبال جو ڪتاب "آءُ اسان وٽ ويھ" به ان ئي ڪڙي جو اسان کي ملي ويو. اوريان فلاشي جو ھڪڙو مشھور انٽرويوز جو ڪتاب "interviews with history" جو اردو ترجمو "تاریخ کا دریچہ" به پڙھي ورتوسين ۽ ان ئي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي پاڻ کي جڏھن سنڌي انعام پاران ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ عيوض ڪتابن ملڻ جي آڇ ٿي ته پاڻ ھي ڪتاب "مانوارن سان ملو" به چونڊيو آهي جيڪو پڻ انٽرويوز جو ڪتاب آهي جنهن جو انٽرويو ڪندڙ آهي نصير مرزا!