ميرچند اوڏ
احساس جي شاعره - شبانه نواز پنهور
توڙي جو هر عام ماڻهو شاعر ۽ تخليقڪار نه هوندو آهي ۽ نه ئي وري
شاعر ۽ تخليقڪار عام ماڻهو هوندو آهي. شاعر محسوسات ۽ فڪر جي گهرائي جومحتاج هوندو
آهي. زندگيءَ ۾ جڏهن ڪو اهڙو واقعو پيش ايندو آهي جنهن سان سندس دل ۽ دماغ تي اهڙا
ته نقش چٽجي ويندا آهن جيڪي سموري زندگي لاءِ نه مٽجندڙ نقش بڻجي ويندا آهن ۽ انهن
جي اظهار لاءِ هو ڪو نه ڪو ذريعو ڳولي وٺندو آهي. ان جذبي تحت ئي ماڻهوءَ جي اندر
جو آرٽسٽ، فنڪار، تخليقڪار، مصور ۽ شاعر جنم وٺندو آهي.
سنڌي ادب ۾ جتي مرد شاعرن جو تعداد گهڻو آهي ان جي بر عڪس عورت
شاعرائن جو تعداد تمام گهٽ آهي ڇو ته اسان جو سماج هڪ عورت جي شاعره ھئڻ کي هڪ عيب
۽ غيرت جو مسئلو پڻ سمجهي ٿو. سنڌ جي ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ عورت شاعرائن وانگر
دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ مانواري شاعره شبانہ نواز پنهور صاحبه کي به جس هجي جو
هوءَ ثابت قدم رهي شاعري ڪري رهي آهي ۽ هيترو سارو ادبي سفر طئي ڪري سنڌي ادب ۽
ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهي آهي. شبانه صاحبه پنهنجي محنت جو ثمر ڪتاب (وفائون ماٺ ٿي
ويون) مجموعي جي صورت ۾ هڪ خوبصورت گلدستو سنڌي ادب کي ارپيو آهي. کيس مبارڪ باد
پيش ڪجي ٿي.
شاعري ڪو فن يا
ڪاريگري نه پر خدا طرفان ڏنل هڪ ڏات هوندي آهي ۽ ان ڏات جي ڪري ئي شاعر ڏات ڌڻي
ليکيو ويندو آهي. ڏات ڌڻي هميشه هن سموري سنسار جا ڏک سور محسوس ڪندو آهي ۽ انهن
جو اظهار شاعريءَ جي صورت ۾ پيش ڪندو آهي. من اندر جي ان صورتحال کي محترمه شبانه
صاحبه واين، گيتن ، بيتن، غزلن ۽ نظمن جي صورت ۾ اظهاريو آهي. شبانه صاحبه خود به
شاعريء کي ڏات سمجهي ٿي ۽ وائيءَ جي هڪ بند ۾ سندس هي اظهار ڪيڏو نه خوبصورت آهي
چئي ٿي ته :
جنهن وٽ ڏاتر
ڏات آ،
سو ئِي من ماندو،
سور ڳڻي سنسار جا!
خوبصورتي، سونهن
۽ حسن هر شخص کي موهيو ڇڏي ۽ پنهنجي سحر ۾ جڪڙيو ڇڏي. خوبصورتي، سونهن ۽ حسن پسڻ
سان من خوشبو خوشبو ٿي ويندو آهي ۽ سُرور ملڻ سان گڏوگڏ ان حسن جو مشتاق ٿي پوندو
آهي. محسن ڪڪڙائي حسن ۽ سونهن پسڻ جي ڪيفيت کي ڏاڍو سهڻو بيان ڪيو آهي ته:
سونهن ڏسندي
سرور ملندو آ،
ڄڻ ته انڌي کي نور ملندو آ.
ساڳي ريت هي
شاعره به حسن تي موهجڻ تي هيراڪ ٿيڻ ۽ ان پٺيان رلڻ کي قلم بند ڪندي چيو آهي ته
:
ٿيا حسن جا هت
هيراڪ ھڙئي!
هڪ مان نه رڳو رولاڪ ھڙئي!
اڄوڪي هن
سرمائيداري دور ۾ جڏهن هر شخص مطلبي هجي ۽ موقعي تي پنهنجن منجهان جڏهن مطلب خاطر
ويري بڻجي پون ٿا ته پوءِ شاعره ڏک محسوس ڪندي چئي ٿـي ته:
نه ڪو به ڪنهن
جي خير ۾،
مري ٿو هر ڪو وير ۾.
جڏهن پنهنجا به
پراوا ٿي وڃن ۽ جڏهن رت ۽ روح جا رشتا به ڏُور ٿي وڃن ته پوءِ زندگيءَ جون سموريون
خوشيون ۽ راحتون بي معنيٰ بڻجي وينديون آهن. سندس شعر آهي ته :
چاهت جي ڇا
ڳالهه ڪيان مان،
راحت جي ڇا ڳالهه ڪيان مان،
عيدون، شاديون، ميلا اوجهل.
جڏهن ڪي اهڙا
گهاءُ ملندا آهن تن تي من تڙپي پوندو آهي ۽ خواھشن جي قتل ٿيڻ تي ارمان ظاهر ٿيندو
آهي اهڙي ارمان جو اظهار شاعره جي هنن سٽن ۾ به اسان کي ملي ٿو
:
جيون سارو رڃ نه
ٿئي ها،
مون لئه دنيا سڃ نه ٿئي ها.
شاعره پنهنجي
ڏک، تڪليف کان سواءِ پنهنجي ڌرتي لاءِ تڙپي پئي ٿي. ڌرتيءَ ڌڻين جي سورن کي ڏسندي
کائنس بي اختيار وائيءَ جون هي سٽون سرجي ويون آهن ته :
ڪنهن جا سور
لکان؟
سوڳ ۾ ساري سنڌڙي.
رڳو سنڌ ڌرتي جا
سور محسوس نه پيا ٿين پر سنڌ ڌرتي سان ظلم ڪندڙ ظالمن کي به للڪاريندي نظر اچي ٿي
،سندس اهڙا خيال به ٻڌو چوي ٿي ته :
ٿيندا دشمن ڍير
واسينگن سان مون وڌو
ڌرتيءَ خاطر وير
مسڪين ماروئڙن
جي استحصال ، غربت ۽ بي روزگاري کي ڏسندي، شاعره عوامي راڄ جا خواب ڏسندي نظر اچي
ٿي. ڇو ته قوم جا سمورا فيصلا اختيار ڌڻي ايوانن بجاءِ جڏهن بند ڪمري ۾ ڪن ٿا ته
چھنڊڙي ٿي لڳي جنهن جو ڇھاءُ شاعره جي دل به محسوس ڪري رهي آهي لکي ٿي ته:
ڪيڏو آ دوکو
قوم سڄي جو فيصلو
آ بند ڪمرن ۾ ڇو؟
شبانه نواز صاحبه جي سياست تي به گهري نظر رهي ٿي ۽ جڏهن سياست دان
پنهنجي ذاتي مفادن خاطر عوام سان دوکو ڪندي پارٽيون بدلائن ٿا اهي شاعره جي نگاهه
۾ رهزن بڻجي ٿا وڃن ۽ اهي ئي هارين، نارين، ڪمي ڪاسبين جي حقن تي ڌاڙا هڻن ٿا۽
انهن کان مانيءَ ڳڀو کسي ٿا وڃن.سندس هي ويچار پڙهو.
ماڻهو هي لوٽا
هارين جا تاڙيو وتن
ٽڪر ۽ ٽوٽا
شاعره هڪ عورت
هوندي ڪنهن عورت جي پاس خاطري نه ڪري اھو ممڪن ئي نه آهي، شبانه صاحبه پنهنجي قلم
ذريعي عورتن تي ٿيندڙ ظلمن ۽ ڪارو ڪاري کي هڪ ڪڌي رسم نه پر وحشت ۽ درندگي ڪوٺيو
آهي. هوءَ ان عمل تي لڇي پوي ٿي جنهن جو اظهار سندس هنن سٽن مان پسي سگهجي ٿو
:
تون ڌرتي جي
نياڻي آن،
فنا ٿيڻي نه آهين تون،
تون ڄمندي هت ڏهاڙي آن!
تون ڳاڙهي آن، تون ڳاڙهي آن.
شبانه نواز صاحبه جي شاعريء ۾ جيون جي کوڙ سارن ارمانن، اميدن، ۽
خواھشن جي ختم ٿيڻ بعد به کيس جيون جي جيوَ کي اڳتي وڌڻ ۽ پار پوڻ جي اميد ۽ آسرو
بخوبي ملي ٿو ۽ ڏکن جي خاتمي جي اميد پڻ ملي ٿي. وائيءَ جو بند ملاحظه ڪيو:
ساھئين ڇو ٿي
پيرڙا،
سامهون آ پرڀات،
ڪيسين ڏکندا جيئڙا!
شاعر ٻوليءَ جو
امين ۽ پاسدار هوندو آهي. هوٻوليءَ جي جاکوڙ ۽ ان جي واڌ ويجهه جو ضامن به هوندو
آهي. شبانه صاحبه جي محنت تحسين لائق آهي، مستقبل ۾ به شاعره مان ڪيئي اميدون رکون
ٿا ته شاعريءَ جي گلستان ۾ ڪيئي گل ارپيا ويندا.
لک مهربانيون، ڪروڙين قرب اوھان جا سائين.
ReplyDelete