09/01/2021

مٺل جسڪاڻي (‏Mithal Jiskani)

 مٺل جسڪاڻي

قربان گل جي سوچن جو سفر اڃا پنڌ ۾ آهي!

قربان گل سان ملاقات ئي نه، فاصلاتي رابطو به اڻ لکو رهيو آهي، ڇاڪاڻ تي اسان ٻئي، هڪ ٻئي کان ڪوهين ڏور رهون ٿا. جديد دور جي، رابطي جي جديد ذريعي، موبائيل ۽ فيس بوڪ به اسان کي اڃا گهڻو ويجهو نه آندو آهي. البت لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي سبب، ڪٿي نه ڪٿي، هڪ ٻئي کي نه صرف پڙهيو آهي، پر خيالن جي لفظي ڏي وٺ به ٿي آهي. اميد ته پنهنجائپون وڌنديون، هڪ ٻئي مان سکبو.

قربان گل جي شاعري جو پهريون مجموعو ”عشق بڻيو ڪينجهر“ سمبارا پبليڪيشن طرفان ڇپجي، ٻين پڙهندڙن سميت، منهنجي به هٿن تائين پهتو، ته پڙهڻ اڻ ٽر هو. پڙهڻ کان پوءِ رايو لکڻ، منهنجي نظر ۾ تمام ضروري آهي، ان ڪري به، ته مختيار ۽ قربان جي قرب سبب پڻ، پنهنجي راءِ قلمبند ڪرڻ لازمي ٿي پئي.

انور ڪليم جو ناول ”واپسي“ - ننگر چنا (Nangar Channa)

 ننگر چنا

انور ڪليم جو ناول ”واپسي“

ڀڄي ويندڙ نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي ڪٿا

مختصر راءِ

سنڌ ۾ چڱو ٽاڻو ٿيو آهي جو اسان صحافت جي معرفت اسان جي ٻولي، ادب ۽ سماج جي ٻين شعبن ۾ ”پريمي جوڙو“ جو اصطلاح جاءِ وٺي چڪو آهي. پسند جو پرڻو سنڌي سماج ۾ هڪڙي ڪِني ڳالهه ڄاتو ويندو رهيو آهي. هڪ پاسي جاگيرداراڻي اخلاقيات آهي جيڪا اسان مٿان حڪمران آهي ته ٻئي پاسي جديد ۽ ترقي پسند قوتون اِنَ پوزيشن ۾ ناهن جو نَوان قدر لاڳو ڪري سگهن. اِنَ جو ڪارڻ اهو به آهي ته سنڌي سماج مٿان سياسي اقتدار پُراڻ پسند قوتن وٽ آهي، جيڪي وري پنهنجي اِنَ پوزيشن لاءِ ملڪ جي استحصالي قوتن جا ڳيجهو بڻيل آهن ۽ اهي قوتون نه ٿيون چاهين ته سنڌ معاشي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حوالي سان اڳڀري ٿئٖي، پنهنجي قسمت جا فيصلا پاڻ ڪري. هڪ پاسي سياسي ۽ سماجي اختيار نه هجڻ ڪري سڄو سماج بيوسيءَ وچان ڦٿڙي رهيو آهي ته ٻئي پاسي جديد دنيا آهي، انهيءَ جا سياسي، سماجي اثر آهن. خاص ڪري ميڊيا (جنهن ۾ ڊراما، فلمون اهم آهن) اسان جي عام عوام کي ڌٻڻ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڌٻڻ ۾ هن معني ۾ ته سماج تبديليون قبول ڪري رهيو آهي پر معاشي حوالي کان اُها اوسر نه ڪري رهيو آهي جيڪا منجهس فڪري روَين جي حوالي کان به پختائي پيدا ڪري. ان ڪري اوسر جو ڪو روڊ ميپ به ناهي ۽ هڪڙي ڀڃ ڊاهه آهي جيڪا اسان کي سماجي روڳن ۽ نفسياتي مونجهارن جي ڄار ۾ ڦاسائي رهي آهي. سماج دشمن قوتون اسان کي زرعي دور کان به پوئتي ڌڪي قبيلائي دور جي نفسيات جو شڪار بڻائڻ گهرن ٿيون. ڳالهه ڊگھي ٿي وئي، ته ”پريمي جوڙن“ جي مامري اسان جي سماج جون پاڙون ئي لوڏي وڌيون آهن ۽ اهي گهران ڀڄي ويلَ پريمي ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي سماج جي ڌيانَ جو مرڪز بڻيا آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ قبائگي جهيڙن جو ڪارڻ به ٿيا آهن. اسان جو ادب ان مان ڪيترو متاثر ٿيو آهي، اصل ڳالهه اهائي ڪرڻي اٿم. ان موضوع تي ائين نه لکيو ويو آهي جيئن ”ڪارو ڪاري“ تي لکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ ”پريمي جوڙن“ واري ”مامرٖي“ ۾ ڪارو ڪاري جي ناسور جو به حصو آهي.

غنائي ۽ رُومانوي شاعر: بدر انصاري - خليق ٻگهيو (Khaleeq Bughio)

 خليق ٻگهيو

بدر انصاريءَ جي ڪتاب ”سانڍ سپنا سانوري“ جو مھاڳ

غنائي ۽ رُومانوي شاعر: بدر انصاري

سنڌي ادب جو اُهو هڪ وڏو فڪري سوال آهي ته سنڌي ادب ۾ عروضيءَ شاعريءَ جي بابت ته ڪافي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي، پر غنائي شاعريءَ Lyric Poetry متعلق ڪو به مسنتد تواريخي تجزيو ڇو نظر نٿو اچي!؟ موزون يا پابند شاعريءَ مان مراد اُها شاعري آهي، جنهن شاعريءَ جي سڀ کان وڌيڪ اهم ترجيح خود وزن بحر آهي. وزن بحر واري شاعريءَ تي اجائي سجائي نثر جا نه صرف اَکٽ ڀنڊار نظر اچن ٿا، پر شخصي ۽ غير شخصي ، جائز ۽ ناجائز تنقيد جا تيرَ به وسندي نظر اچن ٿا، پر اُن جي ڀيٽ ۾ غنائي يا نغماتي Melic شاعريءَ بابت ڪا به تنقيد پڙهڻ جھڙي موجود ڪانهي. اُنهيءَ سموري تناظر ۾ ٻه اهم حقيقتون نظرانداز به ٿينديون پئي رهيون. حقيقتن کان فراريت يا نظر اندازي دراصل عدم ڏاهپ جو نه صرف هڪ غير روايتي مثال آهي، پر سنڌي ادب جي ڪمزوريءَ جو به گواهه آهي. جيڪي حقيقتون نظر انداز ٿيون آهن، تن مان پهرين حقيقت هيءَ آهي ته اُهو ضروري ڪونهي ته عروضي شاعري معيار جي آخري ڪسوٽي هجي يا ائين چوڻ به درست ڪونهي ته وزن بحر تي پڌاريل پختي شاعري ئي مڪملتا کي ڇُهندڙ هوندي آهي. در اصل صورتحال اُنهيءَ کان ڪافي مختلف هوندي آهي ڇاڪاڻ ته ڪيتري ئي شاعري وزن بحر ۽ خيال توڙي فڪر کان ته سگھاري هوندي آهي، پر اُنهيءَ شاعريءَ ۾ وزن بحر جي باوجود ڳائجڻ واري صلاحيت موجود ڪانه هوندي آهي. ڪنهن به شاعريءَ جي موسيقيت جو سمورو دارومدار وزن بحر/ڇندوديا تي نه هوندو آهي، پر موسيقيت Music تي به هوندو آهي. موسيقيت Music جي هڪ پنهنجي جدا ڪائنات هوندي آهي ۽ اُنهيءَ موسيقي واري ڪائنات کي لفظن جي وجودن کان تراشي، هم آهنگ صوتياتي سٽاءُ بخشي، سِٽن جي اندروني آوازن کي ڳنڍي، راڳ جي لاهن چاڙهن جي مڌرتا ارپي، جيئن جو تيئن وسيع ڪيو ويندو آهي ۽ ائينءَ غنائي شاعري جنمي سگھبي آهي.

05/01/2021

سيف نياز جي ڪھاڻي ”هوءَ“ تي رايو - خليق ٻگهيو (Khaleeq Bughio)

 خليق ٻگهيو

سيف نياز جي ڪھاڻي ”هوءَ“ تي رايو

سيف نياز ويجھڙائيءَ ۾ منھنجي فرينڊ لسٽ ۾ شامل ٿيو آھي. ويجھڙائيءَ ۾ مون سندس ڪيترائي پورا اڻ پورا نثري نظم پڙھيا آھن تن مان ڪي وڻيا ته ڪي نه به وڻيا، پر فيس بڪي ڪلچر موجب، ان تي رايو ڏئي گذري وياسين!

ھُن فيس ـ بڪ ويھڪ 3 ۾ سيف نياز نھايت دلچسپيءَ سان، پنھنجا رايا به رکندو پئي آيو آھي، جنھن مان ڪھاڻيءَ ڏانھن سندس دلچسپيءَ جو اظھار ٿيندو ٿو رھي.

ڪتاب ”مِٽيءِ جا شاھڪار“ - خليق ٻگهيو (Khaleeq Bughio)

 خليق ٻگهيو

معصوم بخاريءَ جو ڪتاب

”مِٽيءِ جا شاھڪار“

معصوم بخاريءَ جي مضمونن جو ڪتاب ”مٽيءَ جا شاھڪار“ روميءَ پبليڪيشن حيدرآباد جي اداري طرفان شايع ٿيل آھي. ڪتاب ۾ ليکڪ جي پاران ٻہ اکر لکيا ويا آھن ، ڀلوڙ شاعر وسيم سومري جو تاثر ڏنو ويو آھي، جنھن ۾ ليکڪ سان محبتن/ قربن جو اظھار ڪيو ويو آھي، ۽ ڪتاب جو مھاڳ پي، ٽي وي ڪراچيءَ جي سينئر پروڊيوسر ۽ اديب ڊاڪٽر غلام مصطفي سولنگيءَ لکيو آھي. مھاڳ فڪري سطح تي ڪافي پُر مغز آھي، ائينءَ ٿو لڳي تہ مھاڳ ۾ معصوم بخاريءَ جي مضمونن جي اصلي جوھر تائين ڪجھ رسائي ضرور ڪئي وئي آھي. ڪتاب ۾ يارھن شاعرن جي شاعريءَ تي لکيل مضمون آھن. ھي سڀ مضمون ادبي تقريبن لاءِ لکيا ويا آھن ۽ تقريبن ۾ پڙھيا ويا آھن، ان ڪري ھي مضمون تقريباتي تنقيد جي دائري ۾ اچن ٿا. اردو ادب ۾ تقريباتي تنقيد، خود تنقيد جو خاص قسم قرار ڏنو ويندو آھي پر اھڙن مضمونن ۾ اڪثر تفريظ /ساراھ گھڻي ھوندي آھي ان ڪري تقريباتي تنقيد تي پڻ گھڻي تنقيد ٿيندي رھندي آھي. تقريباتي تنقيد واري ھن ڪتاب جو بئڪ پئيج پياري شاعر صفر ڪلھوڙي نھايت نفيس لھجي ۽ ٻاجھاري انداز ۾ لکيو آھي. ڪتاب جي ڪارنر سائيڊ ۾ فقير تصور ابڙي ۽ فياض ابڙي جا مختصر ترين رايا پڻ آھن.

ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ تي ويچار جي ونڊ - آغا جان آغا (Agha Jaan Agha)

 آغا جان آغا

ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ تي ويچار جي ونڊ...

هُونءَ ته ڪائنات جي سِيني ۾، اَڻ ڳَڻ مواد موجود آهي، پر ان ”هر هڪ“ مواد جي هڪ جهڙي صورتحال ناهي هوندي. ڪئين ڪهڪشان جِلهملائن پيا، ڪئين بُرجَ سورج جي حصار ۾ نغمگي پيا ڪن، ڪئين تارا ساڪنيت ۾ رهندي به، بسرِ اوقات پيا ڪن، ڪئين سَيارا گردش ۾ محوِ سفر آهن، هي اڻ کُٽ خلا خاموش آهي، ۽ سوچين ۾ ڪيڏو اُڌم آهي، هي اُفق جي رنگيني ۾، جيڪي رنگ ڀريل آهن، سَي بيَ در و ديوار قيد ۾ پابند سَلاسِل آهن. انهن ۾ هڪ انسانن جي ڀومي، هي ڌرتي به آهي، جتي حياتي ملي ٿي، اُتي! انسانن جِي تحقيق مطابق، هن ڌرتي کان علاوه، باقي ڪنهن به ڌرتي، ڪنهن به ”سياري“ تي،ڪنهن به قسم جو ڪو به جِيؤُ نِهار جي مطالعات ۾ نه آيو آهي!

25/12/2020

ادريس لغاريءَ جو ڪتاب ”مونکي ماريو سڄڻين“ - نور احمد نظاماڻي (Noor Ahmed Nizamani)

 نور احمد نظاماڻي

ادريس لغاريءَ جو ڇپيل ڪتاب

”مونکي ماريو سڄڻين“

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هجي يا شهيد بينظير ڀٽو هجي، هي ٻئي پيءُ ۽ ڌيءُ سنڌي ماڻهن جي اڪثريت لاءِ هڪ حد کان پوءِ ڄڻ ته ڪنهن وليءَ جو درجو رکن ٿا، ان ڪري هنن جي تعريف ته سدائين پئي ٿيندي آهي پر هنن سياست جي ميدان ۾ اقتدار کان ٻاهر هجڻ جي صورت ۾ ڇا پئي ڪيو؟ ۽ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ڇا پئي ڪيو؟ هنن جو اسٽيبلشمينٽ سان ڪهڙو سهڪار هو؟ ۽ هنن عوام جي ڪهڙي خدمت ڪئي؟ شهيد ڀٽي جو بنگال ڌار ٿيڻ وقت ڪهڙو ڪردار هو؟ آمريڪا لاءِ سندس اصل پاليسي ڪهڙي هئي؟ روس سان سندس اصل رويو ڪهڙو هو؟ سوشلزم لاءِ سندس سوچ ۽ عمل ۾ ڪهڙو تضاد هو؟ هو آمريڪا لاءِ ڪيترو خطرناڪ هو؟ عوامي طاقت تي کيس ڪيترو يقين هو؟ سنڌ لاءِ هن ڇا ڪيو؟ بلوچ ڀائرن سان هن ڪهڙا ڪلور ڪيا؟ ولي خان وارن سان هن ڪهڙو رويو اختيار ڪيو؟ اهي ۽ ٻيا به انيڪ سوال آهن جن جي جواب ۾ ڪو حقيقت کي ويجهو تجزيو اسان کي نٿو ملي، بس گهڻو ڪري هنن جي تعريف پڙهبي ۽ ٻڌبي آهي، پر هنن ٻنهي پيءُ ۽ ڌيءَ جيڪي سياسي بلينڊر ڪيا ان تي تنقيد تمام گهٽ ٿي آهي. ان جو هڪڙو سبب ته اسان کي اصليت جي آگاهي به ڪانهي ٻي ڳالھ ته سچ لکڻ ۾ جان ۽ مال جي نقصان جو هر وقت انديشو رهي ٿو ۽ ٽيون نمبر ڳالھ هي آهي ته هنن جي سياست تي تنقيد ڪري پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن کي ڇيهو ڪير رسائي؟

سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان ليکڪ، محقق، تجزيه نگار، تنقيد نگار ۽ ڪيئي ڪتابن جي مصنف سائين ادريس لغاري صاحب انهن سمورن مفادن ۽ امڪاني خطرن کان بالاتر ٿي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد بينظير ڀُٽو جي سياست تي وڏي تحقيق ۽ جاکوڙ کان پوءِ هڪڙو تنقيدي جائزو پيش ڪندي، ”مونکي ماريو سڄڻين“ جهڙو زبردست ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ توهان کي مٿين سوالن جي حقيقي جوابن سان گڏ ٻين انهن سوالن جا جواب به ملي ويندا، جن جي باري ۾ يا ته اسان هوائي ڳالهيون ڪندا آهيون يا ان باري ۾ اسان جي معلومات ذيرو آهي. جيڪڏهن پڙهڻ وارا عقيدي پرستيءَ کي هڪ طرف رکي، هن ڪتاب کي پڙهندا ته آئون سمجهان ٿو ته ليکڪ جو پورهيو سجايو ٿي پوندو.

سياست سان دلچسپي رکندڙن ۽ خاص طور تي شهيد ڀُٽي جي سياست سان دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو کي پهرين فرست ۾ هن ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.

22/12/2020

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اٺ جو ذڪر - ڊاڪٽرعلي اڪبراسيرقريشي (Dr Ali Akber Aseer Qureshi)

 ڊاڪٽرعلي اڪبراسيرقريشي

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اٺ جو ذڪر

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ڪيترن ئي جانورن جهڙوڪ: مينهن، ڏاند، خچر، گڏھ، گهوڙو، ڪتو، سانُ، رڍون، ٻڪريون، مرون، ھرڻ ۽ اُٺ سان گڏ ڪجھ پکين جو ذڪر مذڪور ملي ٿو. اهڙن جانورن ۽ پکين مان شاھ لطيف جي ڪلام جي حوالي سان اٺ جو ذڪر ڪجي ٿو. اٺ کي شاھ ڀٽائيءَ ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ پنهنجي شاعريءَ جو محور ۽ مرڪز بڻايو آهي. مڙني جانورن ۾ اُٺُ نهايت طاقتور ۽ قداور جانور جي حيثيت رکي ٿو. اُٺ کي بار ڍوئڻ جو بادشاھ چيو وڃي ٿو. اٺ لاءِ جابلو پنڌ کان وڌيڪ سولو ريگستاني پنڌ آهي. اٺ هڪ ئي وقت پنهنجي پٺيءَ تي اٽڪل ڏهاڪو مڻ وزن کڻي سگهي ٿو، پر جڏهن اٺ کي ڪنهن گاڏي ۾ جوٽبو ته هڪ سئو مڻن کان ويندي 150 مڻن کان زياده وزن کڻي ٿو. باقي عام ڪري هونئن ته ڏهن مڻن جي وزن کڻڻ جي سگھ رکي ٿو.

04/12/2020

وائي: ڪلاسيڪيت کان جديديت تائين - عباس ڪوريجو (Abbas Korejo)

 عباس ڪوريجو

وائي: ڪلاسيڪيت کان جديديت تائين

 

وائي لاڙ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي سرائتي صنف آهي، جيڪا سنڌي شاعريءَ جي ٻه صديون پراڻي دور کان شروع ٿي ۽ پنهنجي وچين ڪلاسيڪي دور ۾ اعلى مقام تي پهتي ۽ موضوعاتي انفراديت کڻي جديد دور ۾ لکجي رهي آهي. هن صنف لاءِ چيو ويندو آهي ته اها ڳائڻ مان سرجي آهي ۽ هن جو بنياد ڇند يا عروض جي لفظي ڪاريگري بجاءِ تنبوري جي تنوار تي رچيل آهي.

پروفيسر محرم خان لکي ٿو، ”وائي ميان عنات رضويءَ جي وقت ۾ نسري نروار ٿي، ۽ بلال شاهه ۽ لطيف سائينءَ جي دور ۾ وڃي اوج کي پهتي آهي. سندس اهو اوج خليفي نبي بخش ۽ قنبر علي شاهه جي زماني تائين به پوريءَ طرح سان قائم رهيو آهي. سنڌي شاعريءَ جو اهو سڄو ئي دور وائيءَ جي وجود تي ناز ڪندو پئي آيو، تان جو ڪافيءَ اچي اهو ميدان والاريو آهي.“(1)

02/12/2020

ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ تي تبصرو - استاد لغاري (Ustad Laghari)

 استاد لغاري

ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ تي تبصرو

منصور فقيرن جو مسڪن مکي. مکي ٻيلي، مکي ڍنڍ، توڙي مکيءَ واري علائقي بابت، جڏهن به قلمڪارن قلم کنيو آهي، ته انهن پنهنجين تحريرن ۾ گوهر گل آندا آهن. منهنجو پنهنجو بچپن مکيءَ واري مرڪزي علائقي پڪسري بئراج ۽ ان جي آس پاس گذريو آهي. پڪسريءَ مان ڏکڻ اوڀر طرف ڦٽي نڪرندڙ بقار شاخ جي پهريين ۽ چوٿين واٽر تي، اسان جا وڏڙا هارپو ڪندا هئا. منهنجو والد صاحب ڪڏهن ڪڏهن مکيءَ ڍنڍ مان، ملاحن جي ٻانڌن تي ويهي، مڇيءَ جا ڳاڙها ڪُرڙا ۽ سِرهيا ڦاسائي کڻي ايندو هو. اسان جا وڏڙا، پنهنجن ڪکائن گھرڙن ۽ جُهريل جُهونين جُهوپڙين ٺاهڻ جي لاءِ، مکيءَ ٻيلي مان لڙها (ڪايا)، ورا، تُڪا، ٿُوڻيون، ڪانڃڻيون، ڪانن ۽ سرن جا بند ۽ ڪانهن ۽ ڪُوندر جا ڳنڍا وڍي کڻي ايندا هئا.

مون کي مکيءَ ڍنڍ تي، سَير حاصل مقالي لکڻ جو خيال آيو، ته مون پير سيد صبغت الله شاھ شهيد بوائز ڊگري ڪاليج سانگھڙ ۾ وڃي، محترم نواز ڪنڀار، پروفيسر مبين وساڻ، ممتاز علي لغاري، عباس علي لغاري ۽ ولي محمد خاصخيلي صاحبن سان ملاقاتون ڪيون. هن ملاقات ۾ محترم نواز ڪنڀار صاحب ٻڌايو، ته منهنجو تحقيقي ۽ تاريخي ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ تمام جلد ڇپجي پڌرو ٿيڻ وارو آهي. اهو ٻڌي منهنجي اُڃ ۽ تجسس ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيو. شايد ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ، سندس شاندار ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ ڇپجي پڌرو ٿي ويو، ته آئون وري ٻيهر پير سيد صبغت الله شاھ شهيد بوائز ڊگري ڪاليج سانگھڙ هليو ويس. ان موقعي تي محترم نواز ڪنڀار صاحب، پنهنجي شاندار ڪتاب جي اعزازي ڪاپي عنايت فرمائي. سندس خلوص ۽ قرب جا وڏا وڙ!

تحقيق جا ڪيترائي اصول، فن ۽ طور طريقا ٿيندا آهن. گھڻو ڪري تحقيق ڪيترن ئي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن کي آڏو رکي، انهن کي اٿلائي پٿلائي، پوءِ لکي ويندي آهي. اهو به تحقيق جو هڪ بنيادي جز آهي، ڇو جو قديم آثارن ۽ ماڳ مڪانن بابت ته هونئن به حوالن ۽ مددي ڪتابن کان سواءِ، ٻيو ڪو به رستو باقي بچيل ڪو نه هوندو آهي. البت آئون ان تحقيق کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو آهيان، جيڪا قديم آثارن، ماڳ مڪانن، شخصيتن يا علائقن بابت روبرو يا اکين سان ڏسي، عقلي اصولن ۽ سائنسي بنيادن تي لکي وڃي.

محترم نواز ڪنڀار صاحب جا ٻيا به ڪجھ ننڍا وڏا ڪتاب منهنجي مطالعي هيٺ رهيا آهن. جهڙوڪ: اڇڙو ٿر، سانگھڙ ضلعي جو ماحولياتي جائزو ۽ آفتن بابت بنيادي ڄاڻ وغيره. ته نواز ڪنڀار صاحب جيڪا تحقيق ڪندو رهيو آهي، اها گھڻو ڪري نج، پيور ۽ اصلي هوندي آهي. هو گھڻو ڪري ٻين جي ڪتابن ۽ ڪهاڻين مان حوالا اخذ ڪرڻ کان اجتناب ڪندو رهندو آهي. پاڻ علائقي واسين سان روبرو ملي، انهن سان احوال اوري، نج، حقيقي ۽ تُز تحقيق کي ترتيب ڏيندو رهندو آهي. سندس موجوده ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ اهڙن تحقيقي ۽ تاريخي ڪتابن ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو. هن ڪتاب لکڻ جي لاءِ، پاڻ ڪيترن ئي ماڻهن سان روبرو مليو آهي، ڏاهن ڏانهن ڏھ ڏھ ڀيرا ويو آهي ۽ انهن سان قرب ڪچهريون ڪيون اٿس. انهن کان ٻڌل، آزمايل ۽ اکين ڏٺل احوال ۽ ڳالهيون نوٽ ڪري، پوءِ ڪتاب ۾ شامل ڪندو آيو آهي.

ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾، ”مَکيءَ جو ماتم“ ڪندي لکي ٿو، ته ”افسوس! جو اسان پنهنجي ذاتي، شخصي، انفرادي ۽ عارضي فائدي لاءِ، تباهي ۽ برباديءَ ۾ وسان ڪو نه گھٽايو آهي. جيڪو علائقو اڳ ۾ ”سونَ جي دَکي“ سڏبو هيو، اهو هاڻي ”سُورن جي دُکي“ يا ”سُورن جي سُتي“ ٿي چڪو آهي. درياھ تي بئراج ٺاهي، ان کي ڏانوڻ ڏيندڙن اهو ڪڏهن به ڪو نه سوچيو، ته ان سان دنيا جي هن ناياب ۽ منفرد مقام کي نقصان پهچڻ سان گڏوگڏ، ماحوليات، آبهوا، جھنگلي جيوت، آبي حيوانات ۽ نباتات جو ڪيترو نقصان ٿيندو“.

مکي ماضيءَ قريب توڙي ماضيءَ بعيد ۾، هڪ اهڙو علائقو هيو، جنهن ۾ ننڍا ننڍا شهر، ڳوٺ، حويليون، ماڙيون، واهڻ، وستيون ۽ وسنديون آباد هيون، جيڪي هن وقت ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي چڪيون آهن. مکيءَ ڍنڍ واري حصي ۾ هلي ڏسبو، ته ان جي اندر ماڙيون، محلات ۽ بنگلا به بيٺل نظر اچن ٿا، جيڪي انساني امنگن ۽ عاليشان ترقيءَ جا مکيه مينار هوندا هئا. جيڪي انساني آدرشن جا جئرا جاڳندا ثبوت ۽ سرٽيفڪيٽ پيش ڪري رهيا آهن. انهن خالي پيل ماڙين، محلاتن ۽ بنگلن ۾، هاڻي چمڙا چرڙاٽ ڪري رهيا آهن. عقابن ۽ ابابيلن اچي آکيرا اڏيا آهن. رات جو گدڙ اوناڙيون ڪن ٿا، چٻرا چٻاڙا ڪڍن ٿا ۽ ڏينهن ڏٺي جو ڌُوڌُو ڳيرا گُهوڪن ٿا. واءِ انساني ترقي! هن وقت مکيءَ ڍنڍ کي، چوٽياري ڊئم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ان مان جيڪو فائدو حاصل ٿيندو، ته اهو بعد ۾ ڏٺو ويندو، البت ان مان جيڪو نقصان ٿيو آهي، ٿي رهيو آهي يا اڃا ٿيندو، ته اهو فائدي جي بنسبت هزار درجا وڌيڪ خطرناڪ هوندو.

ڪيڏانهن ويا مالوند مارو ماڻهو، جن جو چوپايو مال اڻ ڏڌو ڇڙندو هيو؟ ”ڪيڏانهن وِئا سَنگھارَ؟ جي هُئا هِنِي ڀيڻِيين.“ (شاھ) ماڻهو جھرجھنگ ۾چنگ وڄائيندا هئا. نڙ بيت، ڏور ڳجھارتون، لوڪ داستانون، قصا ڪهاڻيون، بوڙينڊا، بينا، بانسريون، مُرليون، يڪتارا ۽ چپڙيون وڄائيندا هئا. شادين مرادين ۾ سِهرا ۽ ڳيچ ڳائبا هئا. جھمريون پائبيون ۽ مينديون لڳائبيون هيون. ڳوٺاڻا ٻارگھاڻ گوگڙو، لڪ لڪوٽي، اک ٻوٽ، انڌڙا ڪاسائي، ونجھ وٽي، ملھ، ٻيلهاڙو، ڦرڦر سَونٽو، چيڪل، پينگھ، ڏڙهو، گِلي ڏڪر، بلور، تِجي ۽ ٻيون رانديون کيڏندا هئا. اوڙوڙاڻا، ڦُلِي ڦُلاڻا، جُود نانوان، ڏي سڀئِي، ڪُنِر اَئِي، ڏُڌ پڪو، اُڌ پڪو، چمڙوڪو چِيلِي اَئِي، ڇُٽڙُڪ... اِرچڪ مِرچڪ، ڌاڻا ڌِرچڪ، آڳ پٽيهر، ٽويو ٽيهر، لوهو لاٽُون، چنڻ گھاٽُون، نانگڻ، جوڳڻ، خيران، کُٽِي، ٻُٽِي، ڇُٽِي... هي اسان جي لوڪ راندين جا ٻول هئا. جنهن جو پير پڇاڙيءَ ۾ ڇُٽندو هيو، ته اهو ٻار ڪُوڪ ڪرڻ وارن کي آڳ ڏيندو هيو. هاڻي اهي رانديون ويون، رمزون ويون، ڳالهيون ويون، گام ويا، گس ويا، ڳوٺ ويا، ماڳ ويا، مڪان ويا، ٻيلا، ڍنڍون، ڍورا، ڀٽون ڊرٻون ۽ ميدان به ويا. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي ته: ”جھوڪُون نه جُهڻڪَنِ، وَڳَ نه پَسان وَٽِ ۾”. يا “جِهڄان پَسِئو جھوڪَ، آيلِ! سَنگھارَنِ جِي“.

محترم نواز ڪنڀار صاحب کي، تحقيقي ۽ تاريخي ڪتاب ”مَکي: سونَ جي دَکي“ لکڻ تي، اسين ملڪي ايوارڊ ملڻ جا متمني آهيون. اسان جي قومي اداري ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي“ کي به جس هجي، جو ”دير آيد، درست آيد“ جي مثال وانگر، جيڪو ڪتاب ڌيرج ۽ ڌيمي وقفي سان ڏنو آهي، ته اهو بلڪل بهتر ڏنو آهي. دعا آهي ته شال! نواز ڪنڀار صاحب جو تحقيقي ۽ تاريخي پورهيو جاري و ساري رهي. سندس قلم مان مس ڪڏهن نه سُڪي ۽ ڪاغذ جي ڪايا تي، قيمتي ڪتاب قطار در قطار ايندا رهن.