خليق ٻگهيو
بدر انصاريءَ جي ڪتاب ”سانڍ سپنا سانوري“ جو مھاڳ
غنائي ۽ رُومانوي شاعر: بدر انصاري
سنڌي ادب جو اُهو هڪ وڏو فڪري سوال آهي ته سنڌي ادب ۾ عروضيءَ شاعريءَ جي بابت ته ڪافي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي، پر غنائي شاعريءَ Lyric Poetry متعلق ڪو به مسنتد تواريخي تجزيو ڇو نظر نٿو اچي!؟ موزون يا پابند شاعريءَ مان مراد اُها شاعري آهي، جنهن شاعريءَ جي سڀ کان وڌيڪ اهم ترجيح خود وزن بحر آهي. وزن بحر واري شاعريءَ تي اجائي سجائي نثر جا نه صرف اَکٽ ڀنڊار نظر اچن ٿا، پر شخصي ۽ غير شخصي ، جائز ۽ ناجائز تنقيد جا تيرَ به وسندي نظر اچن ٿا، پر اُن جي ڀيٽ ۾ غنائي يا نغماتي Melic شاعريءَ بابت ڪا به تنقيد پڙهڻ جھڙي موجود ڪانهي. اُنهيءَ سموري تناظر ۾ ٻه اهم حقيقتون نظرانداز به ٿينديون پئي رهيون. حقيقتن کان فراريت يا نظر اندازي دراصل عدم ڏاهپ جو نه صرف هڪ غير روايتي مثال آهي، پر سنڌي ادب جي ڪمزوريءَ جو به گواهه آهي. جيڪي حقيقتون نظر انداز ٿيون آهن، تن مان پهرين حقيقت هيءَ آهي ته اُهو ضروري ڪونهي ته عروضي شاعري معيار جي آخري ڪسوٽي هجي يا ائين چوڻ به درست ڪونهي ته وزن بحر تي پڌاريل پختي شاعري ئي مڪملتا کي ڇُهندڙ هوندي آهي. در اصل صورتحال اُنهيءَ کان ڪافي مختلف هوندي آهي ڇاڪاڻ ته ڪيتري ئي شاعري وزن بحر ۽ خيال توڙي فڪر کان ته سگھاري هوندي آهي، پر اُنهيءَ شاعريءَ ۾ وزن بحر جي باوجود ڳائجڻ واري صلاحيت موجود ڪانه هوندي آهي. ڪنهن به شاعريءَ جي موسيقيت جو سمورو دارومدار وزن بحر/ڇندوديا تي نه هوندو آهي، پر موسيقيت Music تي به هوندو آهي. موسيقيت Music جي هڪ پنهنجي جدا ڪائنات هوندي آهي ۽ اُنهيءَ موسيقي واري ڪائنات کي لفظن جي وجودن کان تراشي، هم آهنگ صوتياتي سٽاءُ بخشي، سِٽن جي اندروني آوازن کي ڳنڍي، راڳ جي لاهن چاڙهن جي مڌرتا ارپي، جيئن جو تيئن وسيع ڪيو ويندو آهي ۽ ائينءَ غنائي شاعري جنمي سگھبي آهي.
جيتوڻيڪ غنائي يا نغماتي شاعري ۾ به وزن بحر هوندو
آهي، پر غنائي شاعريءَ جي پهرين ترجيح، ڳائجڻ واري صلاحيت هوندي آهي ۽ اُها ڳائجڻ
واري صلاحيت آسان نه آهي، اُنهيءَ ڪري اُها حقيقت هاڻي نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي ته
شاعريءَ جي فن جو اعليٰ معيار رڳو وزن بحر يا ڇندوديا جي پختگي ڪانهي، پر فن جو
اعليٰ معيار هيءُ آهي ته وزن بحر جي فُٽ پٽيءَ تي ماپڻ جي برعڪس ڏسڻو هيءُ به آهي
ته پيش ڪيل شاعريءَ ۾ غنائيت به آهي يا نه!؟ يا اُن شاعريءَ کي آسانيءَ سان ڳائي
به سگھجي ٿو يا نه!؟
ٻي حقيقت جيڪا سدائين نظرانداز پئي ٿيندي رهي
آهي، اها هيءَ ته جڏهن سنڌي شاعريءَ جو ثقافتي مزاج ئي غنائيت وارو آهي ته پوءِ
تجزين ۽ فڪري ڇنڊڇاڻن جي اندر غنائيت جي جوهر کي ڇُهاءُ ڇو نٿو بخشيو وڃي؟ غنائيت
جي مختلف پاسن تي ڇو نه ٿو ڳالهايو وڃي؟ ۽ انهيءَ سموري فڪري لقاءَ ۾ سنڌي ادب کي
ڪيتري تنقيدي اميري ڏني وئي آهي؟ جھڙيءَ طرح هن سڄي کنڊ جي ثقافتي مزاج ۾ غنائيت ۽
نغمگي آهي، تهڙي طرح هن کنڊ جي اندر سنڌ هڪ اهڙو خطو آهي، جنهن جي روحَ ۾ غنايت
جون ڪَيئين ڏسائون آهن، ۽ انهن روحن جي غنايتن ۾ اهڙي ته ميلوڊي آهي، جيڪا نه صرف
جذبن جي اُڇل جنمي ٿي، پر وجداني سطحن کي به ڇُهاءُ بخشي ٿي. ادب جو بنيادي محرڪ
يا ڪارج به اُهوئي آهي ته ادب ماڻهوءَ جي احساسن ۽ جذبن جي سچيت هئڻ جو نه صرف
ساکي هجي، پر اُنهيءَ سان گڏوگڏ ادب ماڻهوءَ جي هاڪاري سمتن کي متحرڪ بڻائي،
حياتيءَ جي باعث مسرت لڪل احساسن کي به سُرور بخشي.
سنڌي ادب ۾ اُنهيءَ لاءِ غنائي شاعريءَ جي افادي
پهلوءَ واري اُتهاسي ڪردار کي، ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. سنڌي غنائي شاعريءَ
جو هڪ وڏو اُتهاسي اڀياس ڪري سگھجي ٿو، جنهن تواريخي اڀياس ۾ پهرين سنڌي غنائي
شاعر بابت پڻ تحقيق جي طلب سامهون ايندي ۽ اُنهيءَ تواريخي تجزيي کي ته رُڳو شاهه
لطيف ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن تائين ڦهلاءُ ڏئي سگھجي ٿو، پر جديد غنائي شاعرن تائين
پڻ اُن نوعيت جي پروڙ ڪري سگھجي ٿي، پر اڃا تائين غنائي شاعريءَ جو اهڙو تواريخي ۽
تنقيدي تجزيو ڪنهن لکڻيءَ جي رٿا جو ئي حصو بنجي نه سگھيو آهي.
جديد غنائي شاعرن ۾ نوجوان شاعر بدر انصاريءَ جو نانءَ به ڪڏهن تواريخي تجزئي مان نظرانداز نٿو ڪري سگھجي، جنهن
پنهنجي تخليقي پورهيئي سان نه صرف جلدي ئي شُهرت حاصل ڪئي آهي، پر ساهت جي کيتيءَ
۾ ڪي نوان تخليقي ٻج پڻ پوکي ورتا آهن:
رُٺل چاهتن جو پهر آهي پرتو،
اميدن جو مون سان شهر آهي پرتو.
ادب بنيادي طرح اسٽيج جي شيءِ آهي، پر ادب هاڻي بند ڪتابن ۽ بند ڪٻٽن ۾ قيد
ڪيو ويو آهي، جيڪا موجوده دور جي سڀ کان وڏي ٽرئجڊي آهي. غنائيءَ شاعريءَ جا پيرا
ڪٿان به کڻجن، پر اُها حقيقت آهي ته غنائي شاعري، راڳ جي وجودکان به وجود وٺي چڪي
هئي، جڏهن راڳ جو به باقاعدي جنم ئي نه ٿيو هو، تڏهن غنائي شاعري وڄت جي تال يا
سنگيت کان به آشنا نه هئي ۽ غنائي شاعريءَ جو وجود تنهن زماني ۾ انساني ڀاشا جي
صوتيات تي منحصر هو، پراڻي غنائي شاعريءَ ۽ نئين غنائي شاعريءَ جي وچ وارو فرق به
اُهو ئي آهي ته اڳ غنائي شاعري سنگيت جي تال کان به بي خبر هئي ۽ ’’آوازي پريڪٽس‘‘
تي انحصار رکندي هئي پر پوئين دور ۾ جيئن جيئن
غنائي ارتقا جا مختلف دَور
طئه ڪندي وئي، تيئن تيئن غنائيءَ شاعريءَ جو سٻنڌ سنگيت سان باقاعدي جُڙندو ويو ۽
لفظياتي آوازن کي وڄت سان هم آهنگ ڪرڻ جا ڪامياب تجربا سامهون اچي ويا، هاڻوڪي
زماني ۾ غنائي شاعريءَ جي لئي کي راڳ جي سُر ساز يا ٺُمڪي beat of time سان
هم آهنگ ڪيو وڃي ٿو. بدر انصاري جي شاعريءَ جي به تنقيدي ڇنڊڇاڻ ڪري اُنهيءَ نتيجي
تي پهچان ٿو ته سندس شاعري به غنائي يا نغماتي شاعري آهي، جيڪا گائڪيءَ جي وڄت سان
هم آهنگ لئي پيدا ڪرڻ ۾ ڪافي ڪاميابي حاصل ڪري وٺي ٿي. بدر انصاريءَ جو انهيءَ ڪامياب تجربي کي هن غزل
۾ به محسوس ڪري سگھجي ٿو. غزل ۾ پراڻي غنائيت جي تحت رڳو انساني آوازن تي غنائيت
پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي، پر لفظيات کي سنگيت جي beat of time سان
پڻ خوبصورتيءَ سان ڳنڍيو ويو آهي، اهڙيءَ طرح هن انساني ڀاشا جي صوتيات ۽ راڳ جي
وڄت واري لئي کي احسن اسلوب سان ڳنڍي نئين دور جي نئين غنائي شاعريءَ جو هڪ سندر
تجربو ڪيو آهي. ٻه ڀيرا فاعلن جي وزن تي سرجيل سندس هن غزل جي سٽن ۾ جتي خيال جي
رواني آهي، اتي رومانوي درد جو به پڙاڏو آهي، غزل جي تاڃي پيٽي ۾ جتي سگھارا قافيا
موجود آهن، اُتي رديف به هر سٽ ۾ نئين معنيٰ ڏيڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو.
ساٿ ڇڄندا رهيا،
درد وڌندا رهيا.
تون نه آئين اڃا،
ديپ ٻرندا رهيا.
تو پٺيان پنڌ ۾،
پير سڙندا رهيا.
هڪ زماني ۾ شاعر پنهنجي شاعري پاڻ ڳائيندا هئا،
پر جڏهن شاعري تخليق ڪندا هئا، تڏهن سندن من ۾ ڪو نه ڪو راڳ پرڙا پکيڙي ويهي رهندو
هو، هُو راڳ جي سُرتال يا سنگيت کان به آشنا هوندا هئا. ايئن چئجي ته هُو راڳ ڳائڻ جي لاءِ شاعري ڪندا هئا، ڌُن ۽ لئي سندن
لفظيات کي نئون ولولو بخشيندي هئي.
فرانس ۾ شاعرن جو اُهو دور يارهين صديءَ کان
تيرهين صديءَ تائين محيط هو، قديم يونان ۾ پڻ شاعرن جي اهڙي ئي ڪِرت رهي، ساڳيءَ
طرح اسڪاٽ جا به ڪيترائي شاعر پاڻ ئي ڪنهن راڳ لاءِ شاعريءَ جو ائٽ اُڻيندا هئا ۽
خود پاڻ ئي اُها ڳائي داد وصول ڪندا هئا، پر جھڙيءَ طرح بي سبب اکيون به ڪڏهن روئي
ويهنديون آهن، تهڙيءَ طرح بي سبب ڪي ڪلاسڪ دور به بنا پڄاڻيءَ جي ختم ٿي ويندا
آهن. ساڳيءَ طرح پاڻ شاعريءَ ڪري، پاڻ ئي ڳائڻ وارو ڪلاسڪ رواج به بنا ڪلائمڪس جي
ختم ٿي ويو ۽ دنيا جي سماجن ارتقا جي هڪ نئين دور ۾ پير پاتو. ارتقا جي هن نئين
دور ۾ هڪ نئين ساڃهه اُڀري، اُها ساڃهه هيءَ هئي ته شاعر جو تخليقي پورهيو هيءُ
آهي ته هُو لفظن جي و جودن اندر سمايل موسيقيت جي مهارت سِکي وٺي. نتيجي ۾ ڪيترن ئي شاعرن لفظن جي اندر پوشيده
موسيقيءَ کي نه صرف ڳولي ورتو پر لفظن کي هڪ الڳ سُر تال ڏيڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿيا. هن
دور ۾ غنائي شاعرن شاعري تخليق ڪرڻ وقت پنهنجي من ۾ سارنگي، گٽار يا ڪنهن ٻئي ساز
کي آڏو نه رکيو، پر سمورو زور لفظن جي صوتياتي سحر تي رکيو. ائينءَ غنائي شاعريءَ
جي لاهن چاڙهن واري تواريخ ٽن هزار سالن تي محيط آهي. اڄ جي زماني ۾ ڌن تي سرجيندڙ
شاعرن جي لاءِ اها ڪسوٽي موجود ڪونهي ته اُهي پاڻ ئي پنهنجي شاعريءَ کي ڳائي داد
وصول ڪن، پر اڄ جي غنائي/نغماتي يا ڌن تي سرجيل شاعري فقط لکي وڃي ٿي ۽ پوءِ فنڪار
اُن کي پنهنجي مڌر آواز بخشين ٿا. ساڳئي طرح نوجوان ۽ خوبصورت شاعر بدر انصاريءَ
جي غنائي شاعريءَ کي به ڪيترن ئي خوبصورت فنڪارن ڳايو آهي ۽ خوب داد وصول ڪيو آهي،
جن فنڪارن بدر انصاريءَ جي غنائي شاعريءَ کي راڳ جي سرتال ۽ لئي سان ملائي ڳايو
آهي، تن ۾ منظور سخيراڻي، عاشق نظاماڻي، الطاف سمون، ماسٽر فتح علي، ڪمال سمون،
ديدار سمون، اُستاد اُميد علي ڀٽ، عنايت منگي، عمران چنا، وقار سومرو، طاهر عباس،
راجا منظور، روبينه ڪاوش، عرفانه تبسم، ساجد شيخ، غلام شبير شاهاڻي ۽ غلام شبير
سمون وغيره جا نالا فخر سان ڳڻائي سگھجن ٿا.
بدرانصاريءَ جي غنائي شاعري جتي وزن بحر تي پوري
لهي ٿي، اُتي لفظن جي اندروني موسيقيءَ سان به هم آهنگ آهي. عروض يا ڇند وديا جي
پختگيءَ جي باوجود به غنايت جي سنگيت سان اهڙي چوياري سندس اضافي خاصيت آهي، ڇو ته
سندس شاعريءَ اندر لفظن جي موسيقي تارن جي جھرمر جيان ٽمڪي رهي آهي ۽ شاعري به
شاعري تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن شاعريءَ ۾ عروضي پختگيءَ کان پوءِ ڳائجڻ واري صلاحيت به
موجود هجي، اُنهيءَ ڪري عروض يا ڇند وديا آخري ڪسوٽي نه آهن. ڪنهن به شاعريءَ جي
فني خاصيت هيءَ به آهي ته اُها سُرتال، لئي يا سنگيت ۾ به پنهنجو آسٿان آساني سان
جوڙي سگھي. بدر انصاريءَ جي شاعريءَ ۾ اهڙي لفظياتي موسيقيت جي گوناگونيت /
ڊائيورسٽي جسم ۾ روح جيان آهي. جئين سندس هيءُ غزل آهي، جيڪو فعلن فعلن جي وزن تي
پڌاريل آهي، غزل ۾ جتي خيالن جي پختگي آهي، اُتي رومانوي غنايت به آهي. غزل جي
نغماتي لهر ڄڻ ته وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ويندي آهي، جڏهن هن غزل کي منظور
سخيراڻيءَ جھڙو خوبصورت گائڪ پنهنجي سُريلي آواز جي مڌرتا بخشي ٿو، ته بدر
انصاريءَ جي تخليق ڪيل ڌيمي ۽ پُرسوز لفظن ۾ ساهه پئجي وڃي ٿو ۽ جڏهن اهو غزل ڪنَ رسُ
سماعتن سان ٽڪرائي روح جي پاتال ۾ پيهي وڃي ٿو ته آءٌ سوچان ٿو ته اسان جي غنائي
رومانيت جو سحَرُ به ڄڻ هڪ الڳ ڪائنات آهي:
ڪنهن پنڇي وانگي اڏري وينداسي،
ڏور افق ڏي نڪري وينداسي.
تو نه سهيڙيو جي مون کي جانان!
گل جي پتين جيان وکري وينداسي.
تو نه ”بدر“ کي نيڻن ۾ سمايو،
ڳوڙهن جان ڳل تان گذري وينداسي.
جھڙيءَ طرح موزون يا پابند شاعريءَ کي عروضي
معيار تي ئي پرکيو ويندو آهي، تهڙيءَ طرح غنائي شاعريءَ کي غنايت تي چڪاس ڪيو
ويندو آهي. جهڙي طرح نج ادبي ماحول مان جنم وٺندڙ نج ادبي شاعريءَ کي پنهنجو الڳ
جھان ۽ الڳ ڏسائون هونديون آهن، تهڙيءَ طرح ليرڪ يا نغماتي شاعريءَ کي پنهنجي زمين
۽ الڳ رُخ هوندا آهن. اُنهيءَ ڪري ڪنهن نج ادبي شاعريءَ ۽ غنائي شاعريءَ جون الڳ
ڪائناتون آهن. الڳ زمينون به آهن ته الڳ آڪاش به آهن. الڳ ڊئريڪشنس به آهن ته الڳ
الڳ لوازمات ۽ الڳ الڳ سواد به آهن. بدر انصاريءَ جي شاعري نج ادبي ماحول مان
اُپائجي آيل لوازمات جي ڪسوٽي يا پئراميٽرس تي پرکڻ جي بجاءِ غنايت جي سُرور مان
ڦٽندڙ اهڙي شاعري آهي، جيڪا موسيقيءَ جي لهرن تي ماڻهوءَ جي وجود جي موسيقيءَ سان
ڳانڍاپو رکي ٿي، اُها ڀلي ڪيترن ئي ساڃهه وندن کي تحرير جي روپ ۾ اُهو سواد ۽ مٺاس
فراهم نه ڪري، پر جڏهن سُرتال جي هوائن ۾ سفر ڪندي دلين ۾ لرزش پيدا ڪري ٿي، تڏهن
من ئي من مان هڪ آهَه نڪري وڃي ٿي. شاعريءَ جو اُهو ئي ته ماهيتي ۽ افادي پهلو آهي
ته اُها سنگيت جي رقص تي وجدان کي ڇُهندي، ڪنهن اڄاتل روحاني سفر ڏانهن راهي ڪندي
آهي، بدر انصاريءَ جي غنائي شاعري جو به سمورو حُسن سنگيت جي تارن کي ڇيڙي پوءِ ئي
پنهنجو بسيرو اڏي ٿو ۽ پوءِ ئي ڪَنَن جي سماعتن کان ٽَڪِرائيندو وجود جي موسيقيءَ
سان هم ڪلام ٿي وڃي ٿو، موسيقيءَ جي اهڙي انمول ۽ بي بها دولت جو مُلهه رڳو غنائي
شاعريءَ ۾ ئي لڀي سگھجي ٿو، تڏهن ته شيڪسپئر چَيو هو ته:
The man
that hath no music in him self,
Nor is
not moved concord of sweet sounds
Is fit
for treasons stratagems and spoils.
The
motions of his spirits are dull as night
And his
affections dark as Erebus,
Let no
such man be trusted.
موسيقي نه صرف ماڻهوءَ جي انساني جذبن سان
واڳيندي رکي ٿي، پر ماڻهوءَ جي وجدان کي نئون رنگ ۽ آهنگ به ارپي ٿي، خود شاعري ئي
زندگي کي تڏهن پائيندي آهي، جڏهن موسيقيءَ جي خوشبوئن سان معطر ٿيندي آهي، موسيقي
جي قوت ماڻهوءَ کي معتبري ڏيندي آهي ۽ روح جي معراج سان سرشار ڪندي آهي.
غنائي شاعريءَ جو سڌو ۽ پهريون تعلق موسيقيءَ
سان هوندو آهي، غنائي شاعري ڌن تي هوندي آهي. غنائي شاعري تخليقڪار کي مڌر سُرن جي
آلاپڻ جي لاءِ لفظن جي مناسب چونڊ واري آزمائش مان گذاريندي آهي. بدر انصاريءَ جي
غنائي شاعري به اهڙيءَ فني خاصيت کان خالي ڪونهي. بدر انصاريءَ جي شاعري جي اُڻاوت
جيتوڻيڪ سادن لفظن ۾ اُڻيل آهي، پر اُها سادگي خوبصورتي خلقي ٿي ۽ اُنهيءَ
خوبصورتيءَ ۾ لوڪ ادب جو مزاج آهي. لوڪ ادب جو اهڙو مزاج سندس شاعريءَ کي عوامي
سطحن تي مڃتا ڏيڻ ۾ دير نٿو ڪري ۽ اُنهيءَ عوامي سطحن واري مڃتا جي سفر ۾ هُو هڪ
سچيت تخليقڪار جي حيثيت ۾، پنهنجي فن جي وسيلي فطرت ۽ عشق جو متلاشي بڻجي وڃي ٿو ۽
موسيقيءَ کي فطرتي ڇهاءُ بخشڻ ۾ ڪافي ڪاميابي حاصل ڪري وٺي ٿو. بدر انصاريءَ
اهڙيءَ طرح غنائيت جي چيچ پڪڙي گيت جھڙي صنف ۾ به ڪافي تخليقي اڳڀرائي ڪئي آهي.
سندس هيءُ گيت جڏهن عاشق نظاماڻيءَ جھڙو سندر فنڪار ڳائيندو آهي، تڏهن ادب تي
وڃايل ويساهه نئين سر جاڳي پوندو آهي. هي گيت جيڪو فاعلن فاعلن جي وزن تي آڌاريل
آهي، تنهن کي عام سطحي رومانوي درد تائين محدود نٿو ڪري سگهجي، پر هن گيت جي اسلوب
توڙي پيشڪش ۾ تخليقيت جا ٿڌا جھونڪا ادبي سحر جا ساکي بڻجي وڃن ٿا ۽ هن گيت مان
اندازو ڪري سگھجي ٿو ته بدر انصاري ادبي ٽيسٽ جو دامن ناهي ڇڏيو. سندس هن مشهور گيت کي عاشق نظاماڻي جي سريلي
آواز ۾ ڪافي مڃتا حاصل ٿي آهي:
باک پئي آ ڦُٽي، نيڻ جاڳن پيا،
ڪير ايندو سکي، نيڻ جاڳن پيا.
ياد جا ديپ ڀي نيٺ ويا هن وسي،
تون نه آئين ته جذبا ويا هن رُسي،
ڏي دلاسا اچي، نيڻ جاڳن پيا.
غنائي شاعريءَ جو قديم ادبي دؤر يونان کان شروع
ٿيو هو ۽ سڀني کان وڌيڪ قديم شاعر ٽاير ٽائس Tyrtaeus هو،
جيڪو 637 کان 640 قبل مسيح جو شاعر هو. اُنهيءَ کان پوءِ ممنرمس Memmer mus، سلون
Solon ۽ ٿيوگنس Theognis جا نالا نهايت اهم آهن. غنائي شاعريءَ جو اُهو سفر قديم يونان کان
قديم روم تائين جڏهن پهچي ٿو، تڏهن وچ تي ڇَهه صديون گذري وڃن ٿيون. اُنهيءَ دوران
غنائي ٻولي سرجيندڙ ٽي اهم شاعر هورس، ڪئٽلس ۽ سينيڪا ملن ٿا. ائينءَ غنائي شاعريءَ جو اُهو حسين نغماتي سفر ڪلاسيڪي
يوناني شاعريءَ کان ٿيندو، ڪلاسيڪي ثقافت ۾ جذب ٿيندي آريائي زبانون ڳالهائيندڙ
شاعرن وٽ پهچي ٿو، جڏهن غنائي اسپين جي سامي نسل جي شاعرن تائين رسي ٿي، تڏهن
غنائي شاعريءَ جي ملاقات عربي ٻوليءَ سان ٿئي ٿي. هيءُ زمانو تقريبن 1030ع کان
1077ع وارو آهي، جڏهن ابن زيدون جھڙو اهم غنائي شاعر سامهون اچي ٿو. قرون وسطيٰ جي
لاطيني ٻوليءَ واري سفر کان ٽي صديون پوءِ غنائي شاعري سنڌ جي صوفي شاعرن سان هم
ڪلام ٿيندي نظر اچي ٿي. جڏهن سنڌ ۾ غنائي شاعري ڪلاسيڪيت جي دور مان گذرندي جديد
دور تائين پهچي ٿي، تڏهن ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته جديد دور ۾ غنائي
شاعري ڪيسٽ ڪلچر ڏانهن راغب ٿئي ٿي، ڪيسٽ ڪلچر جو هڪ حصو اهڙو آهي، جيڪو بازاري
نوعيت جو آهي، هن بازاري نوعيت واري شاعريءَ ۾ سماجي، اخلاقي ۽ ثقافتي قدرن جا
بکيا اُڊيڙيا وڃن ٿا، جڏهن ته ڪيسٽ ڪلچر جو ٻيو حصو اهڙو آهي، جنهن ۾ نه صرف
سماجي، اخلاقي ۽ ثقافتي قدرن جي ساک بحال ٿئي ٿي، پر اُنهيءَ سان گڏوگڏڪيسٽ ڪلچر
جي اهڙي خوبصورت حصي ۾ ادبي سواد به نظر اچي ٿو. اُنهيءَ ڪري سنڌ ۾ هڪ طرف ڪيسٽ
ڪلچر جي هڪ غير ادبي غنائي شاعري آهي ته ٻئي طرف ڪيسٽ ڪلچر جي هڪ ادبي غنائي شاعري
به آهي. بدر انصاريءَ جي غنائي شاعريءَ جي سِٽَ سِٽَ ۾ ادبي ٽيسٽ آهي ۽ ڪلاسڪ
ثقافتي توڙي سماجي يا اخلاقي قدرن جي بلندي نظر اچي ٿي، بدر انصاريءَ جي اهڙي ادبي
شاعري ساهه ۾ سانڍڻ جھڙي آهي، سندس هيءُ غزل به انهيءَ جو هڪ شاندار مثال آهي، هن
غزل جي ادبيت ته نهايت ئي پُرڪشش آهي. غزل ۾ جتي قافين جي حسناڪي موجود آهي، اُتي
رديف به ٿڌڙي هير جيان من کي ڇُهندو گذري وڃي ٿو. هيءُ غزل فعولن فعولن وزن تي
سرجيل آهي. هن غزل کي جڏهن استاد اميد عليءَ جي آواز ۾ ٻڌبو آهي، تڏهن اِئينءَ
محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته ماڻهو ڪنهن روحاني سمنڊ ۾ ترندو هجي:
ڪچي تند هئي، تنهن لئه ڇڄندا رهياسي،
هوا ۾ لغڙ جيئن اُڏندا رهياسي.
ڇني پاڻ هٿ سان ڪيئه ڌار آخر،
ائين ئي دڳن منجهه رُلندا رهياسي.
خوشيءَ جي پهر ڪاڻ اڪثر سفر ۾،
پتو تنهنجي گھر جو ئي پُڇندا رهياسي.
سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي نس نس ۾
غنايت رت جيان ڊوڙي ٿي، پر جديد شاعريءَ جي ويجھي اتهاس تي هڪ نظر ڪجي ته جديد ادب
جي ادبي غنائي شاعريءَ کي جيتري لوڪ - مقبوليت حاصل ٿي آهي، ايتري لوڪ مڃتا اڄوڪي
دنيا ۾ بمشڪل ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي غنائي شاعريءَ کي حاصل ٿي سگھي هوندي! يورپ ته پنجن
کان ڇهن صدين تائين وارو سفر غنائي شاعريءَ کان ڪٽي ختم ڪري ڇڏيو آهي، پر سنڌي
ٻوليءَ جي ادبي غنائي شاعريءَ جو جهڙو شاندار ماضي رهيو آهي، اوترو ئي حال ۽
آئيندو مانائتو ۽ سگھارو رهيو آهي. غنائيءَ شاعريءَ جا ماضيءَ ۾ هونئن ته انيڪ موضوع هوندا هئا، پر
جديد ادبي غنائي شاعريءَ جي موضوعن ۾ وسعت پيدا نه ٿي سگھي آهي. آڳاٽي غنائي شاعري
پنهنجي موضوعاتي اُڻت ۾ پکين، جانورن، ديون، پرين ۽ بادشاهن جي نصيحيت آموز آکاڻين
کان وٺي فطرت، ٻارن ۽ بهادريءَ جي داستانن کي به اُڻي وٺندي هئي، پر ويجھي ماضي
واري غنائي ادبي شاعري رومانيت ۽ تصوف جي موضوعن کي پنهنجي دائري ۾ مسَ مسَ سمائي
سگھي آهي.
جديد ادبي غنائي شاعريءَ ۾ نوجوان شاعر بدر
انصاري جي غنائي شاعريءَ ۾ رومانيت آهي، پر ايئن چئجي ته بهتر آهي ته هُن جدت جي حوالي سان غنائي رومانيت
ڏني آهي. بدر انصاريءَ جي غزلن توڙي گيتن ۾ غنائي رومانيت نه صرف درد، الم ۽
هيڪلائين جي امين آهي پر جمالياتي ذوق کي به مسرور ڪندڙ آهي، اُن کان سواءِ سندس
ٻوليءَ جي استعمال ۾ جيڪا فصاحت ۽ رواني آهي، اُها گھٽ نوجوان شاعرن جي نصيب ۾ آئي
آهي. بدر انصاريءَ جي شاعري پڙهندي اُهو احساس شدت
سان اُڀري ٿو ته هُن رُومانوي درد ۽ پيڙائن کي پنهنجو همسفر بڻائي، نهايت ئي
خوبصورتيءَ سان رومانوي غنايت جو ڀرت ڀريو آهي. الطاف سمون جڏهن بدر انصاريءَ جي
هن غزل ۾ آواز جو جادو جاڳائيندو آهي ته مٿيون سڀ غنائي شاعريءَ واريون ادبي
خوبيون سامهون اچي نه صرف هم ڪلام ٿينديون آهن پر زبردست ڪنَ ـــ رَس به بخشينديون
آهن، سندس هن غزل ۾ پنهنجي ئي سماج مان ڦُٽندڙ اُها بي وفائي ڪرَ کڻي نهاري ٿي،
جيڪا موجوده دور ۾ رشتن جي شيشه گريءَ مان جنم وٺي چڪي آهي، بدر انصاريءَ جو هيءَ
غزل فعلن فعلن جي وزن تي جڙيل آهي، ۽ سُريلي فنڪار الطاف سمون جي آواز ۾ اصلي مزو
۽ سواد ڏئي ٿو:
ڄڻ آواره بادل آهيان،
توبن ڪيڏو هيڪل آهيان.
تنهنجي چاهت مُور نه وسري،
مان ڀي ڪيڏو پاڳل آهيان.
رشتا ويا سڀ رولي رڻ ۾،
گلڙن جو مان گھايل آهيان.
اتهاس جي آئيني ڏانهن ڏسجي ته انيڪ ادبي غنائي
شاعرن جا نالا نظر اچن ٿا، جن نج ادبي شاعري تخليق ڪرڻ جي باوجود غنائي ادبي شاعري
ڪئي آهي. شاهه
لطيف جي ڪلاسڪ غنايت واري شاعريءَ کان پوءِ شيخ اياز جي غنايت واري شاعريءَ کان
ڪيرُ انڪار ڪري سگھندو!؟ شيخ اياز کان پوءِ استاد بخاري سنڌي عوامي ادبي غنائي
شاعريءَ جو هڪ سگھارو ۽ شاندار مثال آهي. استاد بخاريءَ کان پوءِ اياز گل، ادل سومرو ۽ عبدالغفار ’تبسم‘ جا
غنائي ڪلام سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن.
نئين دور ۾ برڪت عليءَ جي آواز ۾ احمد خان مدهوش
جو ڪلام ”جڏهن کان اک لڳي توسان، تڏهن کان اک لڳي ناهي“، منظور سخيراڻي جي آواز ۾
ڳايل عبدالغفار ”تبسم“ جو ڪلام ”ها، مان تنهنجا بنا، ڪجهه به ته ناهيان.“ آئل مل
جو ڪلام ڀڳت ڪنور رام جي آواز ۾ ”نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو“، ممتاز لاشاري جي
خوبصورت آواز ۾ اسحاق راهيءَ جو مشهور غزل ”گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو
ڪري، ڪو نه ٿو ڪري.“ عابده پروين جي مسحور ڪُن آواز ۾ امداد حسينيءَ جو انتهائي
خوبصورت ۽ گھرو ڪلام ”مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ“، صادق فقير جي آواز ۾ رچيل آڪاش انصاريءَ جي غمگين شاعري ”اسين بس
رهياسين اڌورا اڌورا“، جمن دربدر جو مزاحمتي ڪلام ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ
۾ ملبو،“
شبير سمون جي مڌر آواز
۾ جواد جعفريءَ جو ڪلام ”توکي چاهيوسي زندگيءَ وانگي“، ارشد محمود جو ڳايل امداد
حسينيءَ جو ڪلام ”واريءَ تي گھر ٺاهيوسي، توکي چاهيوسي.“ راشد مورائيءَ جو سهڻو
ڪلام ”دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا!“ جنهن کي سرمد سنڌي ڳايو هو. مائي ڀاڳي جو
ڳايل ”کڙي نيم ڪي نيچي هون مين هيکلي.“ سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ اياز گل جو ڪلام
”توکان ٿيندي ڌار ...“ يا شيخ اياز جو ”رات آئي وئي ...“/ ”ڏور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا“ جيڪي پڻ سرمد سنڌي
ڳايا. استاد بخاريءَ جا ڪلام، ”جيءُ جنهن کي چيم، جھڻڪ تنهن کان مليم.“ /اسان سان
ڪچهري ڪيو دوستو“ وغيره منظور سخيراڻي ڳايا. سائينداد ساند جو ”جڏهين ڀائين نه
پريتم ڪو، تڏهن مون ڏي هلي اچجان “ جنهن کي صادق فقير ڳايو يا بيدل مسرور/ علڻ
فقير کان وٺي زرينه بلوچ/حميرا چنه تائين بي شمار بهترين گائڪن بيشمار سنڌي شاعري
جا ادبي غنائي ڪلام ڳائي پاڻ سان گڏ کين به امرتا بخشي آهي. يا ايئن چئجي ته پنهنجي نئين دور جو ڪلاسڪ ورثو بڻجي
چڪا آهن. ايئن
ڪيترائي عوامي ادبي ۽ غنائي ڪلام منهنجي من جي آڪاش ۾ ستارن جيان چمڪي پون ٿا. ”جي
هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها“ يا هيءُ ڪلام ”منهنجي لاءِ مارو رُنا ڪئين نه
هوندا!‘‘ يا ”تنهنجي شهر ۾ آيس قسمت سان“ وغيره وغيره.
هونئن ته سڄي سنڌ جي سرجڻهارن غنائي ادبي شاعري
تخليق ڪئي آهي، پر اُتر سنڌ ۽ خصوصي طرح لاڙڪاڻي واري طرف غنائي عوامي شاعريءَ جي
کيتي وڌيڪ سرسبز نظر اچي ٿي.
هن طرف ٻن نهايت اهم ۽ سينيئر شاعرن استاد پيرل قنبر ۽ علي گل سانگيءَ جي غنائي
شاعري جي ماهيت ۽ افاديت کان ڪڏهن به انڪار نٿو ڪري سگھجي. سرڪش سنڌي، زخمي چانڊيو
جا ڪلام پڻ عام خاص ذهنن جي آبياري ڪندي ملن ٿا. نئين ٽهيءَ جي غنائي ادبي عوامي
شاعريءَ ۾ لاڙڪاڻي طرف واري ڪيترن ئي خوبصورت شاعرن پنهنجي غنائي ادبي شاعريءَ کي
مڃتا جي مقام تائين رسايو آهي، جنهن ۾ جواد جعفريءَ، جاويد شبير ۽ وشال جا نالا به
فخر سان ڳڻائي سگھجن ٿا. وشال جو ڪلام ”رچي لال ميندي“ هينئر به ڄڻ منهنجين ساروڻين ۾ ڪنهن خواب جيان ٻُري
رهيو آهي. يا نويد ناز ڀٽي جو ڪلام ”شام جا لمحا“ جيڪو نديم ميراڻيءَ ڳايو آهي، پڻ
سماعتن ۾ هُري رهيو آهي. ايترن سارن خوبصورت غنائي عوامي، ادبي شاعرن ۾ بدر انصاري
نه صرف لاڙڪاڻي پر پوري سنڌ ۾ پنهنجي نئين اسلوب سان غنائي شاعريءَ ۾ به مقبوليت
حاصل ڪري رهيو آهي. بدر انصاريءَ جي فن ۾ رچيل هيءُ گيت به هڪ منفرد نوعيت جي
علامت آهي، جنهن کي عمران چنه ڳايو آهي:
وڇڙي وڃڻ جو صدمو آ دل کي،
ڏور رهڻ جو صدمو آ دل کي.
بدر انصاريءَ جو هڪ ٻيو گيت به جمالياتي سواد بخشيندڙ
آهي، جنهن کي ماسٽر فتح عليءَ جي آواز ۾ جڏهن به ٻڌبو ته دل جي دردن ۾ نرملتا مَن
کي ڇهي وٺندي آهي.
سکي سونهن پنهنجي سنواري ٿَڪي آ،
يڪي راهه ڪنهن جي نهاري ٿَڪي آ.
بدر انصاريءَ جي غنائي شاعري نه صرف ادبي آهي،
پر عوامي به آهي. سندس ڪلام جيڪي مختلف سُريلن فنڪارن ساجد شيخ، غلام شبير شاهاڻي،
غلام شبير سمون، روبينه ڪاوش، عرفانه تبسم، راجا منظور به ڳايا آهن، سي پنهنجي دور
جا سدا بهار غزل ۽ گيت آهن. اُنهيءَ کان سواءِ منظور سخيراڻي، ماسٽر فتح علي، اُستاد اميد علي ۽ عنايت منگي
وغيره جي سندر آواز ۾ بدر انصاريءَ جا ڪلام مختلف ٽي وي چئنلس تي توڙي ايف ايم
ريڊيو جي پاران روز بروز نشر ٿين ٿا يا پيش ڪيا وڃن ٿا، جن ڪلامن بدر انصاريءَ کي
نه صرف ادبي، عوامي ۽ غنائي شاعريءَ ۾ هڪ مختلف مقام بخشيو آهي پر بيحد شُهرت به
بخشي آهي. غنائي ادبي شاعريءَ تخليق ڪندڙ ڪيترا ئي تخليقڪار وزن بحر جي بهتر
پابندي نه هئڻ جي ڪري غنائي شاعريءَ ۾ ٻن ٽن ڪلامن کان سواءِ وڌيڪ ادبيت ڏئي نه
سگھيا، پر جن شاعري غنائي شاعريءَ ۾ نه صرف وزن بحر جي بهتر پابندي ڪئي پر ادبي
سواد کي به بحال رکيو، تن جي تواريخ وقت جي دز ڪڏهن به لٽي نه سگھندي. بدر انصاريءَ جي غنائي شاعريءَ ۾ وزن بحر جو نه
صرف بهتر خيال رکيو ويو آهي، پر اديبت جي خوشبوءِ به سندس شاعريءَ کي چار چنڊ
لڳائي ٿي. بدر انصاريءَ جي هن خوبصورت ڪتاب ”سانڍ سپنا سانوري“ واري شاعري بحر متدارڪ، بحر متقارب، بحر رمل بحر هزج ۽ ڪجهه ٻين
بحرن تي رچيل آهي، جيڪي اڄ ڪلهه عام طور شاعر استعمال ۾ آڻين ٿا. جيتوڻيڪ غنائي
شاعري وزنن ۾ اڳ ڪافي رعايت پئي ورتي آهي پر ڪن اهم غنائي وزن بحر جي پُختن شاعرن
جيان بدر انصاريءَ جي شاعريءَ ۾ جيتري اهميت غنائيت جي آهي، اوتري ئي اهميت هُن
وزن بحر کي به ڏني آهي، باقي ڪنهن غنائي شاعر تي وزن بحر جي تنقيد پهرين ترجيح ۾
نه هئڻ کپي، ڇو ته غنائي ادبي شاعريءَ جو پهريون واسطو موسيقيءَ جي آلاپن سان هم
آهنگي پيدا ڪرڻ آهي، بدر انصاري جي هن ڪتاب واري غنائي، عوامي ادبي شاعريءَ
موضوعاتي حوالي سان هڪ رومانوي غنايت تخليق ڪري ٿي، جنهن ڪري آئون سندس هن ڪتاب واري
شاعريءَ کي غنائي رومانيت جي اهڙي شاعري سمجان ٿو، جيڪا پنهنجي هم عصر غنائي
شاعريءَ کان نه صرف لهجي ۽ اسلوب ۾ منفرد آهي پر اُها سادن سودن لفظن ۾ پاڻ
اظهاريندڙ اهڙي شاعري آهي، جيڪا موسيقي جي ڌن تي پنهنجو هڪ الڳ تخليقي ۽ غنائي
جھان جوڙي ٿي، اُهو سادگيءَ وارو حسن ۽ هُنر ئي سندس شاعريءَ کي عوامي سطحن تي
مقبوليت عطا ڪري ٿو ۽ سندس شاعريءَ کي عوامي جذبن سان سلهاڙي رکي ٿو، هُن غزل ۽
گيت جي هيئت ۾ جيڪي به جدتون ڏنيون آهن، تن هيئتي جدتن توڙي خيال جي جدتن جو حافظو
هيءُ ڪتاب تواريخ ۾ ضرور سانڍي رکندو بدر انصاريءَ جو اهڙو هڪ گيت آئون آخر ۾ پيش
ڪندي، توهان کي ڪتاب جي شاعريءَ سان ملائڻ چاهيندس، جنهن گيت ۾ نه رڳو هيئتي جدت
به آهي، پر مزو ۽ سُرور به آهي!
دل پڪاري پئي،
لڙڪ هاري پئي،
ڪنهن کي ساري پئي.
ويا لنگھي قافلا،
ٿي ويا فاصلا،
ديپ ٻاري پئي.
No comments:
Post a Comment