ڊاڪٽر محبت
ٻرڙو
آهي ته چُڪ ننڍڙي،
پر...
جِيڻا =
جينا = جيناه =
جيناح = جنِاح
سنڌيءَ ٻولي
مٿان جِتي ٻيون هچائون مڙهيون ويون آهن اتي ڪجهه اهي به آهن ته سنڌي جي تاريخي
ماڳن، وستين ۽ وڙن سان گڏ خود سنڌي ماڻهوءَ جو نالو ۽ سندس ذات جو به اچار غلط ڪڍيو وڃي. ڪنهن وسنديءَ جو نالو مٽائڻ ته سڌي سئين زوراوري آهي
جيئن ”خان ڳڙهه“ کي ”جيڪب آباد“ ڪري ڇڏڻ يا ”نيرون ڪوٽ“ کي
”حيدرآباد“ ڪرڻ وغيره پر نالو بگاڙڻ به خراب آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو بگاڙو ڏاڍو خراب
ٿيو وڃي، جيئن ”ڪلهوڙا“ کي ”ڪا لوڙا“
سڏڻ يا ”ٺٽو“ کي...
هڪ ڀيري ڄام شوري ڦاٽڪ وٽ بس جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هوس منهنجي ڀرسان هڪ ”لئنڊ
ڪروزر“ (ڀُون-چيٿي، ڌرتي چٽيندڙ) جيپ اچي بيٺي جنهن ۾ هڪ ٺاهوڪو
يورپي مرد ۽ ڪپهه جهڙي يورپياڻي ويٺل هئا. مرد سَٽ ڏئي در کولي، لهي اچي منهنجي
ڀرسان بيٺو، سندس هٿ ۾ نقشو هو ۽ ڦرڙاٽ ڪندڙ ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ هڪ لفظ پويان مون
کي رڳو ”ٺاٺا“ ٻڌڻ ۾ آيو. کيس ورجائڻ لاءِ چيم. ورجائيندي ساڳيو ئي ڦرڙاٽ
ڪندڙ ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ لفظ چئي ”ٺاٺا“ چيائين ۽ ان سان گڏ نقشي تي
هڪ هنڌ آڱر رکيائين. نقشي تي ڏٺم، سندس آڱر ”Thatta“ لفظ ڏي
اشارو ڪري رهي هئي جنهن جو اچار ٿيندو ”ٿَٽا“ ۽ هُن اچاريو پئي ”ٺاٺا“، جڏهن ته حقيقي لفظ آهي ”ٺٽو“ (جيڪو انگريزي سميت دنيا جي هر ٻولي ۾ سولائيءَ سان اچاري سگهجي ٿو). تڏهن
سمجهيم ته اهو ڦرڙاٽ ڪندڙ ۽ سمجھ ۾ نه ايندڙ لفظ هڪ نه پر ٻه هئا يعني where is ۽ ”ٺاٺا“ جو مطلب هو ”ٺٽو“ يعني ”ٺٽو ڪٿي آهي؟“ ۽ هن سموري ڳالهه جو مطلب هو ته ٺٽي ڪهڙي رستي سان وڃي سگهجي ٿو. مون دل
ئي دل ۾ شڪر ڪيو ته هن وري به ”ٺاٺا“ چيو. جيڪڏهن ”ٺٽو“ جي ”ٺ“ بدران ”ٽ“ جو اچار
ڪڍي ها، جيئن ڪيترائي ڀڄي-آيل-ڀارتي
اچاريندا آهن، ته به مان ڇا ڪري پئي سگهيس!
جيئن ”ٺٽو“ ڦري
۽ بگڙي ”ٿٽو“، ”ٺٺو“ ”.....“، ”ٿٽا“، ”ٺٺا“ ۽ ”ٺاٺا“ پئي ٿيو آهي تيئن
”موئِن جو ڊارو“، ”ڪوٽڊيجي“، ”لارڪانا“ يا ”لڙڪانا“ ”سَڪر“، ”سِنڌِ“ (Scindhe) ۽ ”سِنڊ“ (Sind) پڻ زبردست ۽ زوريءَ بگڙيل لفظ آهن. (سنڌ بابت لکيل ڪجهه پراڻن انگريزي
۽ جرمن ڪتابن ۾ ”سنڌ“ جو اچار Scindh لکيل آهي
جيڪو ٺيڪ آهي.) تازو ئي سرڪاري طور مڃيو ويو آهي ته ”سنڌ“ آئينده Sind (سِنڊ) نه لکبو پر Sindh (سنڌ) لکيو ويندو. انگريزي ۽ ”قومي“ ٻولي ۾ سنڌي ۽ سنڌين جون
ڪيتريون ئي شيون، جيئريون توڙي اجيو، خاص طور جن ۾ ”ٻ“، ”ڄ“، ”ڃ“، ”ڏ“، ”ڳ“، ”ڱ“،
۽ ”ڻ“ اکر آهن اهڙو ته بگاڙيون وڃن ٿيون جو ڪيترن ئي موقعن تي کِل
سان گڏ شرم به اچيو وڃي. انهن اچارن ۾ مجبوري سمجهندي اسين کڻي ”ڪوٽڊيجي“، ”راءِ ڊِياچ“، ”ڊاهر“، ”الله ڊنو يا ڊينو“ ”جام“ وغيره تي ماٺ
ڪري به وڃون پر سَسِي پُنُو (پُنُون)، عمر مارِي، ”موئن جو ڊارو“ وغيره جيڪي ٺيڪ
اچاري سگهجن ٿا، انهن کي ڇو ٿو بگاڙي وڃي؟
اهو ساڳيو حشر خاص طرح جڏهن ماڻهو جي نالي يا ذات سان ٿئي ٿو تڏهن مورڳو اندر سڙيو وڃي.
”جُنيجو“، ”برڙو“، ”کوڙو“، ”ڀَٽُو“، ”مَگنيجو“ تالپُور وغيره جهڙا بگڙيل اچار ڪنهن
جا ٻُڌل ناهن! پر وڏي ڏک جي ڳالهه اها آهي ته جنهن فرد کي اپکيڊ جي مسلمانن جو
قائداعظم ۽ پاڪستانين جو حقيقي رهبر سمجهيو وڃي ٿو ان جي ذات کي گذريل پنجاهه سالن
کان لاڳيتو بگاڙيو پئي ويو آهي.
محمد علي جي جنم
جاءِ جِهرڪن ۾ سمجهي وڃي يا لياريءَ ۾ پر ان تي ڪو به
اختلاف ناهي ته سندس ذات ”جِيڻا“ هئي جيڪا انگريزي ۾ Jina يا Jinah لکي ويندي هئي جنهن کي اپکنڊ جي غير سنڌي آباديءَ ته بگاڙي ”جينا“، ”جيناهه“، ”جيناح“ يا ”جناح“ چوڻ
شروع ڪيو پر جن ٻولين ۾ ”ڻ“ اچاري سگهجي ٿو، جيئن سرائيڪي، پنجابي، هندڪو وغيره
انهن ۾ به ”جناح“ ئي سڏجڻ لڳو ۽ حد درجي خراب ڳالهه اها هئي ۽ آهي جو سنڌيءَ ۾ به
”جناح“ چيو، لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. اسان جيڪڏهن ائين ڪندا رهياسون ته
پوءِ سوين لفظن جي بگاڙي ۾ پاڻ به شامل هونداسون ۽ اها، بهرحال، سنڌي ٻولي سان
هٿچراند آهي، جنهن ۾ اسين پاڻ گڏ رهي ڪورس جي ڪتابن وسيلي پنهنجي
ايندڙ نسلن کي به بگڙيل صورت ۾ منتقل ڪري رهيا آهيون.
جيئن ”ڀَٽُو“، ”جُنيجو“ ۽ ”جام“ کي ٺيڪ اچارڻ جو جتن ڪندي اڄ
ڪلهه ريڊيو ۽ ٽي وي تي غير سنڌي انائونسر به ڀُٽو، جوڻيجو ۽ ڄام چٽو ڪري اچاري
سگهن ٿا تيئن جنهن کي ”قوم جو ابو“ سمجهيو وڃي ٿو ان جي ذات پڻ ٺيڪ اچارڻ گهرجي.
بظاهر ته چڪ
ننڍي آهي پر پوءِ به اهڙيون سوين چُڪون گڏجي ٻوليءَ جي مزاج ۽ ميٺاڄ کي بگاڙيو ڇڏين.
چُڪ ڀلي ننڍي يا
ننڍڙي هجي پر ٺيڪ ڇو نه ڪئي وڃي؟
No comments:
Post a Comment