24/09/2012

سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جا فڪري دڳ - احسان دانش (Ahsan Danish)


 سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جا فڪري دڳ
احسان دانش

عام طور شاعرن لاءِ اها راءِ هوندي آهي ته اهي ”خلائن ۾ اڏندا آهن ۽ خلائن ۾ جيئندا آهن.“ منهنجي خيال ۾ جيڪي شاعر رڳو خلائن ۾ جيئندا آهن ۽ زميني حقيقتن جا منڪر هوندا آهن، انهن جي ڪا به دائمي حيثيت نه هوندي آهي. بقول شاعر:
ملي هوائون ۾ اڙني ڪي وو سزا يارو
ڪه مين زمين ڪي رشتون سي ڪَٽ گيا يارو

سو جيڪڏهن ڪو شاعر ايڏو اڏرڻ لڳي جو زمين جي رشتن کان ئي ڪٽجي وڃي، ته سندس شاعريءَ جو ڪهڙو ڪارج رهندو؟ اٽليءَ جي مشهور شاعر سَيلوا توري ڪو اسي مودُو لکيو آهي ته ”شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي قوت لڪل آهي جيڪا کيس خلائن ۾ اڏرڻ کان روڪي ڇڏيندي آهي. ان جون جڙون پنهنجي دور جي تاريخي شعور ۾ ان طرح پيوست هونديون آهن جو انهن کي کانئن جدا نه ٿو ڪري سگھجي. انهيءَ ڪري هڪڙي قوم پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي ٻي قوم ۾ پنهنجي ججھي تهذيبي سرمايي سميت پنهنجو گھر ٺاهي وٺندي آهي.“ سيلوا توري جي راءِ وزنائتي آهي. اهو سچ آهي ته هڪ شاعر پنهنجي سماج جو اٽوٽ انگ ٿئي ٿو، هو پنهنجي فڪر کي جيستائين پنهنجي دَور جي تاريخي شعور سان نه ٿو ڳنڍي تيسيتائين ڄڻ هو خلائن ۾ سفر ڪندو ٿو رهي.
سنڌي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ سان ائين سلهاڙيل آهي، جو ان مان هن ڀونءِ جي چيڪي مٽيءَ جي سڳنڌ ڌار نه ٿي ڪري سگھجي. سنڌ جو هر باشعور شاعر پنهنجي اردگرد جي ناتن رشتن توڙي تهذيبي روايتن کي گڏ گڏ کڻي هلي ٿو. هن وٽ ماضي جو تاريخي سرمايو به آهي ته عظيم تهذيبي ورثو پڻ. ان ڪري هن وٽ جيڪا اظهار جي طاقت آهي اها سندس ڌرتيءَ سان مضبوط تعلق جي گواهي ڏئي ٿي. موجوده دَور ۾ به سنڌ ۾ اهڙن شاعرن جي ڪَمي نه آهي جيڪي پنهنجي دَور جي تاريخي شعور سان هم آهنگ آهن. بيشڪ سنڌ جي اهڙن شاعرن ۾ سعيد ميمڻ جو نالو اهميت رکي ٿو.
سعيد ميمڻ جديد سنڌي شاعريءَ جي انهن ڳاڻ ڳڻين سگھارن نوجوان شاعرن مان هڪ آهي جن سنڌي شاعريءَ کي فڪري تازگي ۽ نئون لهجو ڏنو آهي. سعيد جي شاعري ان شفاف چشمي وانگر آهي جنهن مان ڪئي ٿڪل مسافرن پنهنجي پياس اجھائي آهي. هن اظهار جو جيڪو دڳ ورتو آهي اهو هر صورت ڪاميابين جي ماڳ تي رسي ٿو. سعيد جي شاعري اها امرت ڌارا آهي جنهن کي ڪو به ٿوڪاري نه ٿو سگھي.
مان سمجھان ٿو ته سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جي فني پهلوئن کان وڌيڪ سندس فڪري ۽ احساساتي پاسن تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. هن جي ڪوتائن ۾ تشبيهن، محاورن، استعارن ۽ اهڃاڻن جي خوبصورتين ۽ نج ٻوليءَ جي حسناڪين کان ڪوبه انڪاري ناهي، پر هن جي شاعريءَ مان ان ڀوڳنا کي دريافت ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا سندس لفظن ۾ دفن ٿيل آهي. اسين سندس شاعريءَ مان هن جي داخلي ۽ خارجي دنيا ڏسي سگھون ٿا. ان درد کي محسوس ڪري سگھون ٿا جنهن کي هن پنهنجي دل جو روڳ بڻائي ڇڏيو آهي. ان تنهائيءَ ۽ سڪوت کي سمجھي سگھون ٿا جنهن کي سالن کان هن پنهنجو ساٿي بڻايو  آهي.
سعيد ميمڻ جي شاعري اهڙي ٽه واٽي وانگر آهي جنهن جي هڪ واٽ فطرت جي هنج ۾ وٺي وڃي ٿي ته ٻي سندس محبوب جا نقشِ قدم ڏسي ٿي ۽ ٽين وري ناسور بڻجي ويل سماجي سورن جو ڏسُ ڏئي ٿي.
سعيد جي جنم ڀومي عاقل فطري حسن جو کليل ميوزم آهي. هڪ پاسي زيتونن جا باغ آهن، ته ٻي پاسي وهندڙ واھ. هو روز قسمين قسمين گل ۽ پکي به ڏسي ٿو ته سج ۽ چنڊ جي فطري نظارن کي به نيڻن ۾ اوتي ٿو. تڏهن ئي ته هن اهو اقرار ڪيو آهي ته:
مان هان فطرت جي هنج ۾ نپنو،
شــــاعريءَ ۾ تــڏهن نکـــــار آهي.   (خواب چارا)

سعيد جي شاعريءَ جي ان نکار کي سندس هيٺين شعرن ۾ به محسوس ڪري سگھجي ٿو:
چوڏس ڳاڙهي روشني،
ڌنڌلا ساوا وڻ،
             سج لهي ٿو جھنگ ۾.  (خواب چارا)

        ª... ـــــــــ ...ª

اڇا اڇا ڪنگ،
            نيري نيري اڀ ڏي.
ڪارين ڪاريون ڪڪريون،
مينهون بنا ونگ،
              نيري نيري اڀ ڏي.   (درد جو آيتون)
      
        ª... ـــــــــ ...ª

نڪتو سورج لال،
اڃان تائين ماڪ ۾،
آلو آھ پلال.        (خواب چارا)

مرزا غالب جو هڪ فارسي شعر آهي ته؛
نبود سخن سرائي ما رايگان که دوست
دل مي برد ز ما و زبان مي دهد عوض
يعني، منهنجي شاعري ڪا بيڪار شيءِ ناهي، اها ته منهنجي پرينءَ جي عنايت آهي جو هن منهنجي دل وٺي ان جي بدلي مون کي زبان ڏني آهي.
سعيد جي شاعريءَ جو معاملو به ڪجھ اهڙو ئي آهي. هو به هڪ حسينا جي نيڻن جي ناوڪ جو شهيد ٿيل آهي، ۽ ان قربانيءَ جي نتيجي ۾ هن کي شاعريءَ جي طلسمي اظهار جو ڏانءُ مليو آهي. ان ڳالھ جو اظهار هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪافي جڳهن تي ڪيو آهي. اهو به حسين اتفاق آهي جو وري هن جي پرينءَ جي چاهنا جو سبب به سندس شاعري آهي.
شاعـري تـون اڃـا به چـمڪـي پئه،
هوءَ اسان کي نه توکي چاهي ٿي.   (نيڻ سفر ۾)
 سعيد جي شاعريءَ جو ٽيون دڳ جتي هو هڪ سماجي حقيقت نگار طور نظر اچي ٿو، حقيقت ۾ اهو ئي اهڙو دڳ آهي جيڪو ڪنهن شاعر کي خلائن ۾ ترڻ کان روڪي زمين جي رشتن سان ٻڌي ڇڏي ٿو. جيڪڏهن ڪو شاعر جيءَ کي جڪڙيل حساسيت جي ڏور ڇني ماڻهپي جي اڌ مئل لاش کي لتاڙي آسمانن تي اڏرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڌرتي هن کي ڪڏهن به قبول نه ڪندي. سعيد جئين فطرت جي هنج ۾ نپني، سرتيءَ جي سونهن کي سمجھيو آهي، تيئن ئي ڌرتيءَ جي دکن کي به ڳلي لاتو آهي. هو پنهنجي مٽجندڙ تهذيبي حقيقت کان به چڱيءَ پر واقف آهي ته هتان جي جلادي سياست کان پڻ.
ڪنهن کي ڏيکاريان هاڻ کنڊر هلي،
پنهنجي تهذيب ساري مٽي ٿي وئي.   (خواب چارا)

              ª... ـــــــــ ...ª

ها جـلادي آ سيـاست هتـان جي پرين،
داغ ڳاڙها ته ڏس هن جي چادر مٿان.   (درد جون آيتون)

ٽي ايس ايليٽ لکيو آهي ته ”ڪوبه شاعر ۽ فنڪار، چاهي اهو ڪهڙي به فن سان تعلق رکندو هجي، ان جي اهميت ۽ وڏائي انهيءَ ڳالھ ۾ آهي ته پوين شاعرن ۽ فنڪارن سان هن جو ڪهڙو رشتو آهي؟ انهن کان الڳ ڪري سندس اهميت متعين نه ٿي ڪري سگھجي.“ ان حوالي سان سعيد جي شاعري ڏسجي ٿي ته هو پنهنجي پيش رو جي دڳ تي هلندي محسوس ٿئي ٿو. هن جي شاعري شاھ ۽ شيخ جي ڇانوَ ۾ پلي، اسري ۽ نسري آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جي شاعريءَ ۾ جو هڳاءُ آهي اهو روح جي گهرائين تائين محسوس ٿئي ٿو. اياز کان سعيد تائين جن به ڀٽائيءَ جي آڱر پڪڙي آهي تن عجيب ڪائناتون پسيون آهن.
سعيد آڱر وٺي ڀٽائيءَ جي
ڪائناتون گھمي ويا آهيون   (نيڻ سفر ۾)

ڪجھ ڪائناتون انسان جي اندر ۾ ٿين ٿيون، جن جي حسن توڙي ڪرب کي هر ڪو محسوس نه ٿو ڪري سگھي. شاعرَ پنهنجي اندر ۾ عجيب ڪائناتون دريافت ڪندا آهن. هر لمحي مَٽجندڙ ڪيفيتون انهن ڪائناتن کي عجب رنگ ارپينديون آهن. ڪڏهن انهن ۾ من چليون موسمون رقص ڪندي نظر اينديون آهن ته ڪڏهن اداسيءَ جي هيڊ هاريل محسوس ٿيندي آهي. ڀٽائي ان رنگ ۽ رقص کي پنهنجي اندر جي گھرائين تائين محسوس ڪندي چيو هو: ”ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن.“ سعيد جي شاعريءَ مان به اندر جون اهي ڪائناتون تسخير ڪري سگھجن ٿيون:
پاڻ ۾ مان نه ٿو سگھان ماپي،
جـــــيءَ ۾ ڪـــــائـنــات آئــــــي آ.    (درد جون آيتون)

        ª... ـــــــــ ...ª

پائي تنهنجي پريت،
لُنءَ لُنءَ ۾ سنگيت،
                ساز وڄن ٿا ساھ ۾.   (درد جون آيتون)

        ª... ـــــــــ ...ª

عشق جو ڪو گواھ ئي ڪونهي
دل چريءَ جـــو بيـــان ڊاهي ڇـــــڏ       (نيڻ سفر ۾)

شاعر هونءَ به آس ۽ نراس جي سير مان گذرندي زندگي گھاريندا آهن. ڪڏهن سندن من ۾ محبت جا چنگ وڄندا آهن، ڪڏهن نراشا جي ريت اڏندي آهي. سعيد جي شاعريءَ ۾ به اهي ڪيفيتون جڳھ جڳھ نظر اچن ٿيون. هڪ لمحي هو پنهنجي اندر ۾ ڪائنات جي وشالتا کي سمايل محسوس ڪري ٿو ته ٻي پل محبت جي حصول کان پوءِ سندس من ۾ ساز ۽ سنگيت وڄندي ڀاسن ٿا.... چوندا آهن ته جڏهن دل ٽٽندي آهي ته ڪو آواز نه ايندو آهي، پر حقيقت اها نه آهي. ان سڪوت ۾ به هڪ آواز، هڪ گونج ٿئي ٿي جنهن کي هر ڪو سڻي نه سگھندو آهي. سعيد جي شعر ”دل چريءَ جو گواھ ئي ڪونهي....“ مان اهو درد ۽ پڙاڏو محسوس ڪري سگھجي ٿو.
حضرت سلطان باهو جڏهن عشق نماز نيتي هئي ته سندس لبن تي هي لفظ ڇوليون هڻندا آيا هئا:
اسان عشق نمازان جدو نيتي هي،
تــــدو ڀـــل گئي منـدر مسيتي هي.

سعيد وري جڏهن عشق عبادت ۾ غرق ٿي وڃي ٿو ته چوي ٿو :
مسجد جوڙي سون، تنهنجي نيڻن ۾ پرين،
عشق امامت ٿو ڪري،  پويان سڪ صفون،
ســـامهون آهين تون،  آهيــون پــــاڻ نمـاز ۾.  (خواب چارا)

محبوب جي نيڻن ۾ مسجد جوڙي عشق جي امامت ۾ نماز ادا ڪرڻ بنهه نئون ۽ انوکو خيال آهي ۽ ان انوکي تصور جو جنم سعيد جي محبت واري رياضت آهي. عشق جي نماز هونءَ به وجود کان بي خبر ڪري ڇڏي ٿي. زمان ۽ مڪان جا سنڌا ۽ سيڙها ختم ڪري ڇڏي ٿي ۽ ماڻهو پنهنجي اندر ۾ ”مي رقصم“ جي تال تي جھومي پوي ٿو. سعيد نه رڳو جھوميو آهي پر تڙپيو به آهي. اها تڙپ ڪٿي سندس داخلي درد جو نتيجو آهي ته ڪٿي خارجي حالتن جي سبب.
دل ۾ جو ڪجھ هيو، سڀ دفن ٿي ويو،
جـــــو اڻيو زندگي سو ڪفـــن ٿــي ويـــو.     (خواب چارا)
                    
                    ª... ـــــــــ ...ª

تازو ڄاول ٻار، ڪنهن اڇليو گنــد مٿــان،
پيلو ٿي ويو چنڊ جو چهرو خوف وچــان،
ڪاري بادل سان، چهرو چنڊَ ڍڪي ڇڏيو. (درد جون آيتون)

حقيقت اها ئي آهي ته ماڻهو حياتيءَ ۾ پنهنجي ئي درد جو کاڄ بڻجي ٿو، جنهن جي جھلڪ سعيد جي پهرين شعر مان محسوس ڪري سگھجي ٿي ”جو اڻيو زندگي سو ڪفن ٿي ويو“ واري سٽ ۾ سعيد نه رڳو پنهنجي انفرادي پيڙا کي ظاهر ڪيو آهي پر ان ۾ هن زندگي جي فلاسافي به سمجھائي آهي. جڏهن ته سندس مٿين بيت ۾ گند پيتيءَ تي اڇلايل تازي ٻار کي ڏسي چنڊ جو چهرو زرد ٿي وڃڻ ۽ بادلن ۾ منهن لڪائڻ، ماڻهپي جي ڳل تي چماٽ وانگر محسوس ٿئي ٿو.
سعيد هر ان خارجي درد کي محسوس ڪري ٿو جنهن سان ڪنهن حساس شاعر جي دل رت ڳوڙها روئيندي هجي. بشير بدر جو شعر آهي ته :
ان هوائون سي تــو بــــادور کي بــــــو آتي هي
ان فضائون مين تو مر جائين گي ساري بچي
۽ سعيد چيو ته :
ڪنهن نه ڌماڪن ۾ ٻڌيون، ٻارن جون چيخون،
اکــيون شاعـــر جون لڙڪـــن ســان ڀـرجي ويون.  (درد جون آيتون)
سعيد ميمڻ اهو شاعر آهي جنهن ايڪويهين صدي جي ڪرب کي پوري شدت سان محسوس ڪيو آهي. هن رڳو پنهنجي اندر جي ٽوڙ ڦوڙ کي محسوس نه ڪيو آهي پر دنيا ۾ وڌندڙ انتشار تي به نظر رکي آهي. هن کي عالمي امن جي بگڙجندڙ صورتحال به نظر ۾ آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ جي مسئلن کان به آگاھ آهي. هن جي شاعريءَ ۾ نئين صديءَ جو چهرو به نظر اچي ٿو ۽ ان مان سنڌ جي ڏتڙيل حالتن جي به واقفيت ملي ٿي. هو منزل جي جستجو ۾ ٿڪل مسافرن کي مايوسي بدران حوصلو ڏئي ٿو:
ڪــيـو دل نه ماندي اڃان پنڌ پيـو آ
اجــــالن جــا پانڌي اڃــان پنڌ پيـــو آ

نه ائين پاڻ پوريو سڙيل ٻج وانگر
کڻي ڳاٽ گھوريو نئين سج وانگر
ٿيو ڪين سانجھي اڃان پنڌ پيـو آ
اجـــالن جـا پــانڌي اڃــان پنــڌ پيــو آ    (درد جون آيتون)
سعيد ميمڻ جي سڄي شاعري درد جي ڏور سان اڻيل آهي، هن جي دل تي نه رڳو خارجي درد تيزاب بڻجي ڪري ٿو پر کيس سماجي رشتن ۽ ناتن مان به رڳو پيڙا ئي مليل محسوس ٿئي ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ ڪافي جڳهن تي ان پيڙا ۽ ڀوڳنا جو رفليڪشن نظر اچي ٿو.
درد جـــاڳي پيـــو نــيــڻ ڀــرجــــي ويـا،
رات جو ماڪ ۾ خــواب ڌوپــــي پيا.

هي جُڳن جو سفر جو کٽي ئي نه ٿو،
مان مُڙي ٿو ڏسان دوست ڪاڏي ويا! (درد جون آيتون)

”دوست ڪاڏي ويا!“ وارو احساس ڪيڏو نه تڪليف ڏيندڙ آهي.... جن رشتن ۽ ناتن سان ماڻهوءَ جون اميدون وابسته ٿي وڃن ٿيون ۽ اهي اوچتو ڇڄي وڃن ٿا ته ماڻهوءَ جي اندر ۾ هزارين حيرتن جا ٿوهر ڦٽي پون ٿا. مون جڏهن سعيد جو اهو شعر پڙهيو ته منهنجي ذهن تي امالڪ گلزار جي هيءَ تروين اچي وئي:
وه ميـــري ســـاتهه هـي ٿا دور تڪ، مگــر اڪ دن
جو مڙ ڪـــي ديکا تو وه دوست ميري ساٿ نه ٿا

ڦَٽِي هو جيب تو ڪڇ سِڪي کو ڀي جاتي هين

سعيد هڪ عرصي کان بيماريءَ سان جنگ جوٽي رهيو آهي. بيماري جنهن کيس جوانيءَ ۾ ئي پيري ارپي آهي، پر ان جي باوجود هو لفظن سان ڪيل عشق (شاعريءَ) تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. هڪ شاعر تيستائين لفظن سان عشق ڪري ٿو جيستائين هو سوچي ٿو. هونءَ به جيڪو ماڻهو تڙپي ٿو سو سوچي ٿو.... ته سعيد به سوچي ٿو. هن کي پنهنجي اڄ تي نه فخر آهي، نه شرمندگي. هو پنهنجا احساس، پنهنجي شاعري آئيندي جي شهر ڏي اماڻي ٿو. آئيندو جيڪو هميشه پنهنجي تاريخ ۽ ماضيءَ سان محبت ڪندو آهي.

ڳنڍڙيءَ منجھ ٻڌان پيو، ميڙي سڀ صفحا،
آئيندي جي شهـــر جــي، ٽــريـن وڃـي ٿي جا،
ان ۾ سڀ پنهنجا،  شعر اماڻي ٿـــو ڇـــڏيان.

3 comments:

  1. واھ ... واھ ! مون ڪڏهن سعيد ميمڻ جي شاعري نه پڙهي آهي ۽ ايترو غافل آهيان جو ڪڏهن معلوم به نه ڪري سگھيو آهيان ته اهي ڪهڙا شاعر آهن جن اسان جي جديد شاعري ۾ ساھ ڦوڪيو آه.... سچ پچ دانش سائين جو اهو مضمون پڙهي ڄڻ سعيد ميمڻ جون جھلڪيو منهنجي آڏو اچي ويون. جيئن هر هڪ انسان وٽ ڳالھ بيان ڪرڻ هڪ پنهنجو ڍنگ هوندو آهي اهڙيءَ طرح دانش جو پنهنجو الڳ انداز آهي ... پڙهي ڏاڍو لطف مليو .

    ReplyDelete
  2. Very nice Ehsan danish..Saeed memon tamam khobsurat shair ahy sindhi zaban jo. sandas kitab 'Nain Safar Me 'behtreen kitab ahy.. (Ay khuda asman dahy chhad,,,dil tuti aa jahaan daahy chhad)

    ReplyDelete
  3. بهترين اداحسان دانش
    مون سعيد جو طويل غزل پڙهيو آهي جيڪو”جيءُپيغمبري اجھو آهي“ جي عنوان سان آهي دل کي ڇهندڙ غزل آهي شايد ايترو طويل غزل ڪنهن لکيو هجي؟
    ان تي ڪنهن سڄاڻ دوست تنقيدي تبصرو نـ لکيو آهي

    ReplyDelete