07/09/2013

رخسانه پريت جي شخصيت ۽ شاعري - بخشل باغي (Bakhshal Baghi)


رخسانه پريت جي شخصيت ۽ شاعري
درد جي پنهنجي دلڪشي آهي
بخشل باغي
مون کي ياد ٿو اچي ته اهو سال 89 يا 90 جو هو جڏهن نوابشاھ ۾ پُراڻي ناڪي جي ڀرسان موجود ميدان تي جيئي سنڌ جو جلسو ٿي رھيو ھو، جنهن ۾ ھڪ ننڍڙي ڪارڪن جي حيثيت سان مان به شريڪ ٿيو ھُئس. جيئي سنڌ جي ان ڇوليون هڻندڙ جلسي ۾ هڪ عجيب و غريب اُتساھ جو ڀرپور احساس، ڪُهاڙيءَ وارن ڳاڙھن جھنڊن جي ڳاڙھاڻ ۾ ڪڪورجي ريٽو ٿي پيو ھو. وڏي آواز سان هلندڙ سرمد سنڌيءَ جي پُرجوش ۽ آفاقي آواز ۾ ڪُھاڙيءَ وارا ڳاڙھا جھنڊا، روح ۾ کڻندڙ انقلاب جي آرزو کي اڃا به پُختو بڻائي رهيا هئا. اُن روح کي جهنجهوڙيندڙ ماحول ۾ پروگرام هلندي هڪ خوبصورت ڇوڪري اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض سر انجام ڏيندي پنهنجي پُراعتماد آواز ۾ منهنجو نالو وٺي مون کي اسٽيج تي شعر پڙهڻ لاءِ سڏيو ۽ پوءِ مون ڏٺو ته هيءَ منهنجي پاڙيسري، خوبصورت شاعره ۽ قومي تحريڪ جي متحرڪ ڪارڪن رخسانه پريت آهي.
رخسانه پريت سنڌ جي عورت شاعرائن ۾ اها تخليقي شاعره آهي جنهن جي شاعريءَ جا موضوع پنهنجي ديس جي سُونهن کان وٺي هن سموري ڪائنات جي هر ذري جي جمال تائين پنهنجي شاعراڻي نگاھ سان هِن انتھائي آرٽسٽڪ انداز سان پنهنجي شاعري ۾ فوڪس ڪيا آهن. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو رخسانه پريت سنڌ ۾ عورت شاعرائن جي پهرين قطار ۾ پنهنجو نالو تحرير ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي سيني ۾ عورتاڻي حساس دل رکندڙ هي شاعره سنڌ جي بي باڪ ليکڪائن ۾ شمار ٿئي ٿي. هُوءَ پنهنجي مسيحائي پيشي ۾ هڪ ڊاڪٽر طور دُکي انسانن جي آهُن ،دانهُن ۽ حالتن جو انتهائي انسان دوستيءَ واري رويي تحت تدارڪ پڻ ڪندي رهي ٿي. اها مسيحائي واري پيڙا، ڪرب ۽ اضطراب واري ڪيفيت پڻ هن جي تخليق لاءِ سراڻ جو ڪم ڏئي ٿي.
رخسانه پريت جي شاعريءَ ۾، شاعريءَ متعلق ٽي ايس ايليٽ واري شاعري لاءِ اها بي ساختگيءَ واري راءِ بلڪل ٺهڪي اچي ٿي، جيڪا بي ساختگي اڄ جي سنڌي شاعريءَ ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي، جنهنڪري سنڌي شاعريءَ ۾ سطحي پڻو به وڌندوپيو وڃي آهي، پر رخسانه پريت جهڙين شاعرائن پنهنجي تخليقي جوت سان سنڌي شاعري جي ڇڙواڳيءَ واري اوندھ ۾ سُهائيءَ جو سُهانو سفر جاري رکيو آهي.
رخسانه پريت جي شاعريءَ واري تخليقي ڪائنات جي پنهنجي حُسناڪي ۽ ڇِڪ آهي جيڪا پڙهندڙ جي باذوق سماعتن ۾ پيهي، روح ۾ هڪ رسيلي راحت کي جنمي ٿي. اهڙو تخليقي شاعريءَ جو معراج ماڻڻ شاعري جي تپسيا جو انوکو ڪمال ئي آهي، جنهن ڪمال جي ڪسوٽيءَ تي رخسانه پريت جي شاعري کي پرکبو ته ان ۾ تخليقيت وارو اُهو پُر ڪيف تسلسل ٽُٽندي به محسوس ٿيندو. ڇاڪاڻ جو ”پياسي ساڀيان جل ٿل خواب“ واري تڙپ ۽ اُڪير وارو اڙانگهو احساس پريت جي شاعريءَ جي آڱُر ڇڏائي، وقت جي مصروفيتن جي  تپندڙ صحرا ۾ اڪيلائيءَ جو بنواس ڀوڳيندو رهجي ويو آهي. پر، پريت جي اُداس دل جي اڪيلي ڪُنڊ ۾ شاعريءَ جو نفيس، مُلائم ۽ امرت نُما احساس اکيون پوري گوتم جيان گِيان ۾ گُم ٿي پريت جي شاعريءَ جي گُلابي ڇڏائجي ويل آڱر جي حاصلاتِ جي آگهي لاءِ بي چين آهي، ۽ جنهن جو سنگم اوس ٿيڻو آهي، ڇاڪاڻ جو وقت ۽ حالتن جي بي رحم هٿن ۾ انسان رانديڪي وانگرکيڏندو رهي ٿو، پر انسان ۾ موجود اعليٰ صلاحيتون ڪڏهن به ختم نه ٿيون ٿين بلڪ اُهي ته اهڙين دل سوز حالتن جي ٻارڻ جُون مُنتظر هونديون آهن، جن ۾ اُهي پچي ڪُندن ٿي پونديون آهن. رخسانه پريت جي شاعريءَ ۾ اجائي روايتن کان ڀرپور بغاوت ٿيندي نظر اچي ٿي، جيڪو رويو هن جي شاعراڻي شعور جي ساک ڏئي ٿو.
وري آيا اُڀ تي ڪڪر هِن پرين!
وري آلا ٿي پيا ڇپر هِن پرين!
شاعريءَ جي حسين سوغات پنهنجي فڪر ۽ فهم ۾ اعليٰ شعور کي سلهاڙي ساڻ هلي ٿي ۽ هڪ مقصد جي محاذ تي اڏول بيٺل نظر اچي ٿي جنهن جو اندازو هر ڪو پڙهندڙ پنهنجي پنهنجي شعوري سطح مُطابق ئي ڪري سگهي ٿو. رخسانه پريت پنهنجي سيني ۾ عورتاڻي دل رکندي هن مردن جي جاگيرداراڻي سماج دور ۾ به بهادريءَ سان جيئي ٿي ۽ پنهنجي دلي اظهار کي دٻائڻ بجاءِ کلم کلا اظهاري ڇڏي ٿي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مون کي سنڌ جي هن بهادر ليکڪا جو نالو ذهن تي اچڻ سان ئي بولڊ ۽ جينيئس ليکڪائون سارا شگفته، اجيت ڪور، خيرالنسا جعفري منهنجي ذهن تي ڪونجن جيئن اُڏامي اچن ٿيون، ڇو ته گهڻا سال اڳ ڪينجهر رسالي جي آتم ڪٿا نمبر ۾ رخسانه پريت پنهنجي ڪهاڻي ڏاڍي بهادريءَ سان، خوبصورت ۽ دل آويز ڪري لکي هئي جنهن کي پڙهي پڻ هن جي با شعور ۽ انساني اظهار جي آزاديءَ واري اُمنگ جي چڻنگ ڀنڀٽ بڻجندي محسوس ٿي هئي.
هونءَ به ڏٺو وڃي ته رخسانه پريت جو گهراڻو پڙهيو لکيو، علمي، ادبي شعور سان سرشار رهيو آهي. مان پريت جي والد محترم سان جڏهن به ملندو آهيان ته هي فقير منش طبيعت رکندڙ ماڻهو مون سان بنا ڪنهن ننڍ وڏائيءَ جي ڏاڍي پنهنجائپ سان ملندو آهي ۽ آءٌ به سندس بي انتها عزت ۽ احترام ڪندو آهيان. رخسانه جا ڀائر عزيز ۽ رحمان به منهنجا دوست آهن ۽ ٻئي علم ۽ ادب سان گهري رغبت رکن ٿا. عزيز ۽ مان ته 1991ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ گڏ هوندا هئاسين. پريت جي ڀيڻ ريحانه چنـڙ پڻ سنڌي نظم جي نالي واري شاعره آهي. مطلب ته رخسانه پريت جو خانداني پس منظر ڏاڍو زرخيز آهي جنهن ۾ هن شاعره جي ڀرپور پرورش ٿي آهي. اهڙيون حالتون ۽ ماحول سنڌي سماج ۾ تمام گهٽ ڇوڪرين کي ميسر ٿئي ٿو ۽ جنهن ڏينهن اهو اعلٰي شعور سنڌ کي مُڪمل طور تي راس آيو ته يقينن اها سنڌ ڀٽائيءَ ۽ سائين جي.ايم سيد واري سنڌ بڻجي پوندي.

No comments:

Post a Comment